مسٽر ادريس راجپوت ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جي خلاف سنڌ اسيمبليءَ، دانشورن، اديبن ۽ پرنٽ ميڊيا لکيو ۽ ٻڌايو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. پاڻيءَ جي گهٽ هجڻ جي ڪري ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي جو وهڪرو بلڪل ڪونه آهي جنهن جي ڪري انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ۽ سمنڊ مٺي پاڻيءَ جي روڪ ٽوڪ کان سواءِ ٺٽي، بدين ۽ ٻين علائقن جون ذرخيز زمينون ڳڙڪائي ويو آهي. ان مسئلي کي وڌ کان وڌ اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪتاب لکڻ، اخبارن ۾ مضمون ۽ مقالا شايع ڪري ۽ ٽي وي ٽاڪ شوز تي شرڪت ڪري سنڌ جو صحيح نموني ۾ موقف پيش ڪرڻ ۾ مسٽر ادريس راجپوت، جيڪو سيڪريٽري اريگيشن سنڌ به رهي چڪو آهي، ۽ کيس ڪافي تجربو آهي، تنهن انگن اکرن سان ثابت ڪيو آهي ته پاڻي ايترو آهي ئي ڪونه جو ڪالاباغ ڊيم ٺهي، پر جيڪڏهن ٺهي ۽ ان جي کٻي ۽ سڄي پاڻي کڻندڙ ڪئنال ڪڍيا ويا ته پوءِ سنڌ ۾ پاڻي پوک ڪرڻ ته پري، پر پيئڻ لاءِ به نه ملندو. مسٽر ادريس راجپوت ٻه، ٽي ڪتاب به لکيا آهن ۽ روزاني ڪاوش ۾ به ڪافي ڪالم لکيا اٿئين، اها به سنڌ صوبي ۽ ان جي رهاڪن جي وڏي خدمت آهي.