آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

جي ايم سيد جي حمايت باوجود پير علي محمد راشدي، سيد عبدالله شاهه کان اليڪشن هارائي ويو

1990 جي چونڊن کانپوءِ مرڪز ۾ نواز شريف جي حڪومت قائم ٿي. نواز شريف به بي واجبي ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ سيف الرحمن جي سربراهيءَ هيٺ احتساب بيورو قائم ڪيائين. محترمه بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي ٻين ڪيترن ئي ليڊرن تي احتساب آرڊيننس جا ڪيس داخل ڪرايائين، جن ۾ پير مظهرالحق، مير منور ٽالپور، آغا سراج دراني، نادر علي خان مگسي، سردار محمد مقيم کوسو ۽ ٻيا شامل آهن. جيئن ته ميان نواز شريف جي طبيعت جھڳڙالو هئي، تنهن ڪري حڪومت هلندي صدر غلام اسحاق خان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جناب آصف نواز جنجوعا سان سندس اختلاف پيدا ٿي پيا. محترمه بينظير ڀٽو به نواز شريف حڪومت جي خلاف سياسي تحرڪ پيدا ڪيو. لانگ مارچ جو سڏ ڏنائين. گھڻي سياسي ڇڪتاڻ کانپوءِ صدر غلام اسحاق خان نواز شريف جي حڪومت کي دستور جي آرٽيڪل 58-2B تحت برخاست ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون. نواز شريف سپريم ڪورٽ ۾ (3)184 ۾ سڌي پٽيشن داخل ڪئي، جيڪا چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي سربراهيءَ ۾ هلي ۽ نواز شريف جي حڪومت بحال ڪئي وئي. جسٽس سجاد علي شاهه جيڪو ان وقت سپريم ڪورٽ ۾ جج هيو، تنهن انهيءَ فيصلي سان اختلاف ڪندي اها درخواست رد ڪئي ۽ ان ۾ ذڪر ڪيائين ته هت پاڪستان ۾، سپريم ڪورٽ جي آڏو انصاف جا ٻه معيار آهن. جيڪڏهن لاڙڪاڻي جو وزيراعظم آهي ته ان جي درخواست (3)184 ۾ ساڳين الزامن هوندي رد ڪئي وڃي ٿي، 1990 ۾ محترمه پنهنجي حڪومت جي ڊاهڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست وڌي ته اها رد ڪئي وئي. پر جيئن ته نواز شريف لاهور جو رهاڪو هيو، ان ڪري اها درخواست چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي سربراهيءَ ۾ بحال ڪئي وئي. جسٽس نسيم حسن شاهه اهو جج آهي جنهن شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڏنل ڦاسيءَ جي سزا بحال رکي هئي. هُن ڪجھه سالن کانپوءِ جيو چينل جي هڪ پروگرام جوابدهه ۾ اهو تسليم ڪيو هئو ته سرڪار جو ڪيس ڪمزور هيو. مرحوم ڀٽي کي ڇڏڻ گھرجي ها، پر جيئن ته مارشل لاء اختياريءَ وارن جو دٻاءُ هيو، تنهن ڪري اسان ڦاسيءَ جي سزا بحال رکي. سزا بحال ڪندڙ ججن ۾ چار جج پنجاب جا هئا. ڀٽي مرحوم جي اپيل بحال ڪرڻ ۽ ڇڏڻ جي حق ۾ ٽي جج هيا. هڪ مرحوم جسٽس عبدالحليم ٻيون جسٽس دوراب پٽيل سنڌ صوبي جا هئا ۽ ٽيون جسٽس غلام صفدر شاهه سرحد صوبي جو هيو. پر نواز شريف جي حڪومت بحال ٿيڻ کانپوءِ مهيني ڏيڍ جي اندر حالتون ايڏيون ته خراب ٿي ويون جو فوج کي مداخلت ڪرڻي پئي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف عبدالوحيد ڪاڪڙ نواز شريف کان استعيفا ورتي ۽ ان کانئس اهو به لکرايو ته قومي اسيمبلي ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايو وڃن. صدر غلام اسحاق خان کان به استعيفا ورتي وئي، ان جي جاءِ تي سينيٽ جو چيئرمين وسيم سجاد قائم مقام صدر ٿيو ۽ معين قريشي کي آمريڪا مان گھرائي نگران وزيراعظم ڪيو ويو. صوبائي اسيمبليون به ٽوڙيون ويون ۽ اتي به نگران حڪومتون ٺاهيون ويون. سنڌ ۾ مرحوم جسٽس علي مدد شاهه کي نگران وزيراعلي ڪيو ويو.
صوبائي ۽ قومي سطح تي چونڊون ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ٿي ۽ سنڌ ۾ سيد عبدالله شاهه وزيراعليٰ منتخب ٿيو. سيد عبدالله شاهه صاحب مرحوم کي سنڌ جو سٺو وزيراعليٰ ڪري ياد ڪيو وڃي ٿو. شاهه صاحب مرحوم پنهنجو سياسي ڪيريئر 1960 ۾ يونين ڪائونسل بوبڪ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ شروع ڪيو. پاڻ ماشاء الله پڙهيل لکيل، هاءِ ڪورٽ جو وڪيل هيو. سندس آفيس بندر روڊ تي هئي. 1970 جي اليڪشن ۾ شاهه صاحب پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪٽ تي، سنڌ جي جھوني سياستدان مرحوم پير علي محمد شاهه راشديءَ کي، سيوهڻ جي صوبائي حلقي ۾ وڏي اڪثريت سان شڪست ڏني، جڏهن ته مرحوم علي محمد راشديءَ کي مرحوم جي ايم سيد جي ڀرپور حمايت حاصل هئي، پر شاهه صاحب سٺي اسر رسوخ وارو ۽ علائقي جو ماڻهو هيو. سون تي سهاڳ اهو ٿيو ته پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ هئس، ان ڪري شاندار ڪاميابي حاصل ڪيائين. پهرئين دفعي ئي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر منتخب ٿيو. ٿوري عرصي کانپوءِ سنڌ ۾ ممتاز علي ڀٽي صاحب، شهيد ذولفقار علي ڀٽي جي اجازت سان، سنڌ جو فوڊ ۽ ايگريڪلچر ڪوآپريٽو جو وزير ڪري رکيس، جتي سائينءَ سٺو ڪم ڪيو.
1985 جي نان پارٽي اليڪشن ۾ جيڪي چونڊون پيپلز پارٽي جي بائيڪاٽ ۾ ٿيون هيون، ان ۾ بهرو ورتائين ۽ سيد ڪوڙل شاهه مرحوم جي مقابلي ۾ هار کاڌائين. بعد ۾ سيد ڪوڙل شاهه محڪمه جيل جو وزير ٿيو. انوقت چيف منسٽر سيد غوث علي شاهه هيو. 1988 جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪٽ تي بهرو ورتائين ۽ صوبائي اسيمبلي تي سيوهڻ جي حلقي مان منتخب ٿي آيو. سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر به ٿيو. 1990 جي چونڊن ۾ سائين عبدالله شاهه صوبائي اسيمبلي جي سيٽ هارائي هئي ته، محترمه سندس عزت افزائي ڪري، کيس سينيٽ جو ميمبر چونڊرايو. 1993 جي اليڪشن ۾ سيوهڻ جي تڪ تان چونڊجي آيو ۽ سنڌ جو وڏو وزير ٿيو.
عبدالله شاهه صاحب جي لاءِ اهو مشهور آهي ته ڪم ڪرڻ جو تڪڙو، فائل پڙهڻ ۽ آرڊر ڪرڻ ۾ ڀڙ هيو. هڪ بهادر انسان، يارن جو يار، پارٽيءَ جو وفادار، سندس دور کي چڱي نموني ۾ ياد ڪيو ٿو وڃي، خاص ڪري امن امان بهتر رکيائين. ڪراچي شهر ۾ آپريشن به ان جي ڏينهن ۾ ٿيو هيو، جنهن ڪري ڪراچيءَ مان ٻوري بند لاش ملڻ جو سلسلو بند ٿيو ۽ سنڌ ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا، جن ۾ حيدرآباد کان سيوهڻ روڊ اڄ به زندهه مثال آهي. هٿن جي ڪنگڻن کي آئينو ڪهڙو ڏيکارجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سيوهڻ کان لاڙڪاڻي تائين 250 ڪلوميٽر انڊس هاءِ وي اڃان تائين ٺهي ڪو نه سگھيو آهي ۽ رستو هلڻ جھڙو ڪو نه آهي، ماڻهن جون دانهون ڪو به ٻڌڻ وارو ڪو نهي. نوڪريون به ان جي زماني ۾ بغير ڪنهن متڀيد جي، معيار تي مليون ۽ ڪنهن به طرف کان ڪابه شڪايت ڪا نه ملي. عبدالله شاهه مرحوم جنهن کي حضرت پير سائين پاڳارو سڪندر شاهه ثاني پيار مان لڪياري لال ڪري سڏيندو هيو. شاهه عبدالطيف ڀٽائي صاحب اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
شاهه صاحب سٺو دوست، سٺي ايڊمنسٽريٽر طور ڪم ڪندڙ ۽ چڱو نالو ڇڏي ويندڙن مان هڪ آهي. الله تعالي سندس مغفرت فرمائي، سندس درجا بلند ڪري ۽ جوارِ رحمت ۾ جڳهه ڏئي. ان جي وڃڻ جي ڪري جيڪو سياسي خال پيدا ٿيو آهي سو نه ڀرجي سگھيو آهي، جيتوڻيڪ سندس فرزند سيد مراد علي شاهه پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر مرحوم عبدالله شاهه جهڙو سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو، جنهن هيڏو نالو ڇڏيو آهي، ان جو نعمل بدل ملڻ مشڪل آهي.
1993 جي اليڪشن ۾ مون محترمه کي سائين قائم علي شاهه جي روبرو ٻڌايو هيو ته، مير مرتضيٰ ڀٽي جي لاڙڪاڻي جي اليڪشن ۾ بيهڻ ڪري، محترمه بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ان جي مدد ڪندي ۽ مسٽر ممتاز علي ڀٽي سان ان جو، اليڪشن جو جوڙ توڙ ٿيندو ۽ محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي اثر رسوخ وارا ماڻهو رتيديري ۾ کيس ووٽ ڏيندا ۽ لاڙڪاڻي ۾ ممتاز علي ڀٽي جا ماڻهو مير مرتضي ڀٽي کي ووٽ ڏيندا. بيگم نصرت ڀٽو جي مداخلت جي ڪري پيپلز پارٽي جي ووٽن ۾ گھٽتائي ايندي ۽ مان سڄو وقت مخالف بئنچ تي ويهي، حڪومت وقت جي مخالفت ڪندي ماڻهن جا ذاتي ڪم ڪار ڪري ڪو نه سگھيو آهيان، تنهن هوندي به محترمه چيو ته توهان اليڪشن وڙهو، ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ڪو نه بيهارينديس، الله ڀلي ڪندو. محترمه بيگم نصرت ڀٽو کي طاقتور ڌرين اهو اطمينان ڏياريو هو ته، اُهي مير مرتضي ڀٽي کي سنڌ جو چيف منسٽر ڪرائيندا، جنهن جي ڪري ان کي دمشق مان گھرائي اليڪشن ۾ بيهاريو ويو هيو. اليڪشن ٿيڻ کان بعد ٿيو اهو، جنهن جو مونکي خدشو هيو. بيگم نصرت ڀٽو جي چوڻ تي سومرن ۽ گهانگھرن صاحبن ووٽ ڪو نه ڏنا ۽ نئين ديري ۽ ان جي پس گردائيءَ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي چوڻ جي ڪري ووٽ نه مليا ڇو ته مير مرتضي، ممتاز علي ڀٽي کي اثر وارا ووٽ ڏياريا.