آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

اردشير ڪائوسجي جو منهنجي خلاف لکيل ڪالم ۽ ان کانپوءِ جو تاثر

هن کان اڳ مان پي آءِ اي ۽ سعودي عرب جي هڪ ٽريول ايجنسيءَ جي سول سوٽ جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، سعودي عرب جي ٽريول ايجنسي جيڪا ڪنهن اثر رسوخ واري شيخ صاحب جي هئي، جيئن ته قانون ۽ انصاف کي نظر ۾ رکندي، مون اسٽي آرڊر جج جي حيثيت ۾ واپس ورتو هو، ان جي ڪري ٽريول ايجنسي جي اثر رسوخ وارن مالڪن ۽ ٻين واسطيدارن جي چوڻ تي اخبارن ۾ غلط رپورٽون ڪرايون ويون. حقيقت اها آهي ته جون 1994ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سنڌ جي آباديءَ کي مد نظر رکندي صحيح ۽ واجب سمجهي لوڪل ماڻهن کي سٺي نمائندگي ڏيئي ڪري جج طور مقرر ڪيو هو، جنهن ۾ عورتن کي پڻ نمائندگي ڏني وئي هئي ۽ محترمه ماجده رضويءَ کي مهاجر هوندي به پوري اهليت هجڻ جي ڪري ميرٽ تي ٻين ججن وانگر منتخب ڪيو ويو.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”رٺي اڳي ئي ويٺي هئي، ويتر آيس پيءُ ماءُ جو نياپو ته هڪدم برقعو پائي گهران نڪتي“ اهڙي طرح محترمه جي پاران مقرر ڪيل ججن جي خلاف اردو توڙي انگريزي اخبارن ۾ طوفان بدتميزي برپا ڪيو ويو.
جج صاحبن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ڏسڻ ۽ سندن پاران صحيح نموني ڌرين کي انصاف مهيا ڪرڻ جي جذبي کي ڏسڻ کانسواءِ، تعصب کي اڳيان رکي اهو مشهور ڪيو ويو ته، سڀ جيالا جج ڀرتي ڪيا ويا آهن، ماحول کي خراب ڪرڻ لاءِ ڀرپور پروپيگنڊا ڪئي وئي. انهيءَ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ سعودي عرب جي ٽريول ايجنسيءَ خلاف مون فتويٰ ڏني هئي، جنهن تي سپريم ڪورٽ تائين به اپيل وئي، اتي به منهنجو آرڊر بحال رکيو ويو، پر مخالفت ۾ لکندڙن کي ڪير پئي روڪي سگهيو. روزاني ڊان ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار، جنهن کي سڄي پاڪستان توڙي ٻاهر عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ان ۾ لکندڙ ڪالم نگار به تمام سٺا ۽ تجربيڪار آهن. مسٽر اردشير ڪائوسجي به هر آچر تي هڪڙو ڪالم لکندو هو، هاڻي ڪائوسجي صاحب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، مان سندس تدفين ۾ پڻ شريڪ ٿيو هيس.
بيماريءَ دوران به مان سندس عيادت ڪرڻ ويو هئس. اردشيرڪائوسجي جا وڃي ڪنهن ماڻهوءَ ڪن ڀريا ته جسٽس ديدار حسين شاهه پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پاران جج مقرر ٿي آيو آهي، ٻين ججن وانگر هيءُ به جيالو جج آهي ۽ بي انصافي ڪري سعودي عرب جي ٽريول ايجنسيءَ جي خلاف فتويٰ ڏني اٿس، انهن سان وڏي بي انصافي ٿي آهي. مرحوم اردشير ڪائوسجي بغير ڪيس ڏسڻ، پڙهڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ جي، ڊان اخبار جي آچر واري پرچي ۾ پنهنجو سڄو ڪالم منهنجي خلاف لکي ڇڏيو، جنهن جي هيڊنگ ڏنائين ته ”جسٽس آف اي جيالا جج“ Justice of a Jiala Judge مون ۽ منهنجي دوستن آرٽيڪل پڙهيو، ڏاڍو ڏک ٿيو، ته هن جهان ۾ صحيح ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي، سواءِ صبر ڪرڻ جي ٻيو چارو ڪو نه هو.
مون وٽ جيئن ته اوريجنل سائڊ جو روسٽر هيو ۽ سول سائيڊ جا ڏکيا ۽ وڏا ڪيس هلندڙ هيا. ڪيسن هلائڻ ۾ ۽ وڪيلن کي ٻڌڻ ۾ وقت لڳندو هو، پر صبر ۽ اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪري ڪيس هلايم، ڪيسن کي مڪمل ڪرڻ وارين درخواستن کي پيار ۽ سڪ سان رد ڪري، وڪيل صاحبن کي آماده ڪيم ته ڊيوٽي حق ۽ حلال سان ادا ڪجي، توهان پنهنجو فرض ادا ڪيو، وڌيڪ اسان پنهنجو فرض ادا ڪنداسين. مان ڪوشش ڪندو هوس ته ڪنهن سان به بي انصافي نه ٿئي، اهڙي سٺي ماحول ۾ هلندي ۽ پنهنجي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ڪم آڻيندي فيصلا ڏنا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهو مشهور ٿي ويو ته جسٽس ديدار حسين شاهه ڪيس هلائي ٿو ۽ نبيرو ڪري فتوائون به ڏئي ٿو، جنهن ڪري ماڻهو انصاف جي حصول لاءِ پريشانين کان بچن ٿا.
ٿيو ائين ته ڊان ۾ آرٽيڪل لکڻ جي ڇهن ستن مهينن کان پوءِ مرحوم اردشير ڪائوسجي جو ذاتي ڪيس مون وٽ آيو، جنهن ۾ هو پاڻ مدعي هيو ۽ سنڌ سرڪار ٻي ڌر هئي، ڪيس اهو هيو ته اردشير ڪائوسجي جي زمين، شاهراهه فيصل تي ريجنٽ پلازه هوٽل جي ويجهو هئي ۽ سنڌ سرڪار لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تحت اها زمين کنئي هئي ته جيئن اتي سرڪار جي پاران اهڙو ادارو ٺاهجي جيڪو عوام جي خدمت لاءِ ڪم ۾ اچي.
زمين به سرڪار کنئي ۽ لينڊ ايڪيوزيشن آفيسر جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر ٿيندو آهي، ان کان زمين جو ايوارڊ به پنهنجي مرضيءَ تي تيار ڪرائي تمام ٿورا پيسا اردشير ڪائوسجي کي ڏنا ويا. ڪائوسجي تمام پڙهيل لکيل، تجربيڪار ۽ واپاري قسم جو ماڻهو هيو ۽ اها به حقيقت آهي ته پارسي ڪميونٽيءَ ڪيترا سٺا اسڪول، ميٽرنٽي هوم، اسپتالون ۽ ڪاليجَ ٺهرايا آهن، جيڪي اڄ به اونچو ڳاٽ ڪري ڪراچيءَ جو مان مٿانهون ڪري رهيا آهن.
اردشير ڪائوسجي به ڪراچيءَ جي لينڊ مافيا، لينڊ گريبرز ۽ ماحوليات جي آلودگيءَ خلاف ۽ ڪراچيءَ جي پلي گرائونڊز ۽ باغن کي بچائڻ لاءِ وس ڪيو، اخبارن ۾ لکيائين ۽ ڪورٽن ۾ به ويو، جتان ان ڪراچيءَ جي هر ٻرندڙ مسئلي کي کڻي ڪورٽن مان رليف ورتو، جنهن جو مثال ڪلفٽن ۾ جڳ مشهور گلاس ٽاور آهي جيڪو ڪلفٽن روڊ جي ڪافي ايراضي قبضي هيٺ آڻي ٺهرايو ويو هيو، پنهنجي پاران وڪيل مقرر ڪري ۽ بلڊر مافيا جي وڏي زور بار کي نظر انداز ڪندي، سپريم ڪورٽ مان ان کي ڊاهڻ جو آرڊر وٺي آيو ۽ سڄي ڪراچيءَ ڏٺو ته اهو روڊ طرف وڌايل حصو جيڪو حقيقت ۾ گلاس ٽاور جو منهن هيو ان کي ڊاهيو ويو.
هڪ ڏينهن ڪيس هلائيندي ڏٺم مرحوم اردشير ڪائوسجي فل سوٽ ۽ ميچنگ جي وڏي ناٽ واري ٽائي هڻي، پنهنجي مشهور اسٽڪ جيڪا عمر جي لحاظ کان هميشه ساڻ کڻندو هو، ڪورٽ جي آداب کي لحاظ ۾ رکندي اچي ڪورٽ ۾ ويٺو. ريڊر واري تي اردشير ڪائوسجيءَ جو ڪيس به منهنجي آڏو رکيو، جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته اوريجنل سائيڊ جي ڪيسن هجڻ جي ڪري تمام نالي وارا وڪيل ۽ واسطيدار ڌريون شاهدن سميت موجود هونديون هيون ته جيئن سڏ ٿئي ته ڌريون موجود هجن ته ڪيس هلن.
ڪائوسجي صاحب جي ڪيس سڏڻ سان ڪائوسجي صاحب ويهڻ واري جاءِ تان اٿي اچي ڪورٽ جي آڏو بيٺو. مون ڪائوسجي صاحب کي ڏسي کليل ڪورٽ ۾ وڪيل صاحبن ۽ تمام گهڻن ماڻهن جي روبرو چيو ته ڪائوسجي صاحب توهان هڪڙي جيالي جج جي آڏو ڪيئن پنهنجو ڪيس هلائڻ لاءِ کڻي آيا آهيو! توهان منهنجي خلاف ڊان اخبار ۾ هيڏو سارو ڪالم لکيو، جيڪو حقيقت جي بلڪل برعڪس هيو پر صبر ڪندي مون اهو صدمو برداشت ڪيو ۽ توهان کي ڪجهه به نه چيو نه چورايو ۽ نه ئي وري ڪا شڪايت ڪئي ته توهان ان جي ڪا ترديد شايع ڪريو. توهان جي نظرن ۾ مان انصاف ڪو نه پيو ڪريان ۽ جيالو جج آهيان، ته پوءِ توهان مون مان ڪهڙي انصاف جي اميد رکو ٿا؟
مان توهان جو ڪيس ڪو نه هلائيندس ۽ مان Not Before Me لکي ٿو ڇڏيان، توهان وڃي ڪنهن ٻئي هنڌان انصاف جي گهر ڪريو، توهان جي لکيل آرٽيڪل کي مون نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي پر خدا تعاليٰ انصاف ڪندو.
چوندا آهن ته نادر به نادر آهي پر قادر به قادر آهي. مرحوم ڪائوسجي صاحب کليل ڪورٽ ۾ وڪيلن ۽ سڀني ماڻهن جي روبرو اهو اعتراف ڪيو ته، منهنجو ڪالم غلط فهميءَ ۽ بغير تحقيق جي لکيل هيو، مون کي ان لکڻيءَ تي افسوس آهي ۽ مون کي هاڻي هاءِ ڪورٽ جي ڪيسن ۾ اچڻ وڃڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ محسوس ٿيو آهي ته توهان ڪيس به هلايو ٿا ۽ بغير پسند ناپسند جي قانون کي نظر ۾ رکندي انصاف به ڪيو ٿا. مون کي توهان تي مڪمل اعتماد آهي، توهان منهنجي ان ڪالم کي نظر انداز ڪيو، جنهن تي مان نادم ۽ شرمسار آهيان. مون کي معاف ڪيو، Not Before Me نه لکو ۽ ڪيس هلايو. مون ڪائوسجي صاحب جي ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ اهو محسوس ڪيو ته انصاف ڪرڻو آهي، پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو مسئلو نه آهي، سو مون ڪيس کڻي ايڊووڪيٽ جنرل بورڊ آف روينيو اينڊ لينڊ ايڪيوزيشن آفيسر کي نوٽيس ڏنو ته هو حاضر به ٿين ۽ سول سوٽ ۾ جواب دعويٰ، ڪمينٽس ۽ ڊاڪيومينٽس به جمع ڪرائين. مهيني کان پوءِ ڪيس هلڻ لاءِ پيش ٿيو، مون کي ياد اچي ٿو ته ان وقت ايڊووڪيٽ جنرل مرحوم مسٽر عبدالغفور منگي صاحب هيو جنهن سان گڏ سرڪاري ڪارندا، لينڊ ايڪيوزيشن آفيسر ۽ ٻيا حاضر ٿيا، اچڻ سان عبدالغفور منگي کليل ڪورٽ ۾ اعتراف ڪيو ته معاوضو زمين جو ڪراچيءَ جي حساب سان برابر گهٽ مليل آهي ۽ جيڪڏهن اردشير ڪائوسجي قبول ڪري ته ڪو بي رياءُ، ايماندار آرڪيٽيڪٽ ۽ سرويئر مقرر ڪجي جيڪو سروي ڪري، زمين جي پسگردائي جي صورتحال ڏسي ۽ گذريل سالن ۾ جيڪو وڪرو ٿيو آهي اهو به نظر ۾ رکي، ان جي جامع رپورٽ ٺاهي وڃي، جنهن جي اچڻ کان پوءِ ڪورٽ وس واري آهي، جيڪو آرڊر هجي اهو ڪري. مون ڪائوسجي صاحب کان پڇا ڪئي، جنهن به ان تجويز جي تائيد ڪئي ته مون کي اها ڳالهه پسند آئي.
مسٽر عبدالغفور منگي ايڊووڪيٽ جنرل، مسٽر پي ڪي شاهاڻي جيڪو مشهور آرڪيٽيڪٽ ۽ سرويئر هيو، ان کي اردشير ڪائوسجيءَ قبول ڪيو.
ٻنهي ڌرين جي رضامنديءَ سان ان کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ته ڌرين کي نوٽيس ڏئي، سائيڊ تي وڃي ڪري، سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي، انصاف ۽ حقيقت تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪري. ڪمشنر جي في ان وقت 50،000 رپيا مقرر ڪئي وئي، جيڪا سنڌ سرڪار ۽ اردشير ڪائوسجيءَ ڀري، مقرر وقت جي اندر مرحوم مسٽر پي ڪي شاهاڻي سچائي ۽ ايمانداريءَ تي ٻڌل رپورٽ ڏني، جيڪا ڪورٽ ۾ پيش ٿي ۽ مسٽر عبدالغفور منگي مرحوم فراغ دليءَ سان ان رپورٽ کي قبول ڪيو، بائي ڪنسينٽ By Consent رڪارڊ تي آئي ۽ مون ڊگري جاري ڪرڻ جو آرڊر ڪيو. مرحوم ڪائوسجي کي ٻڌايم ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ تو کي انصاف به هڪ جيالي جج ڏنو آهي
مسٽر اردشير ڪائوسجي فيصلي ٻڌڻ کان پوءِ کليل ڪورٽ ۾ اهو اعتراف ڪيو ته منهنجو ڪالم ڊان اخبار ۾ توهان جي خلاف لکيل ڪنهن غلط فهمي تي ٻڌل هيو. مون کي ان تي نهايت افسوس آهي، ان کان پوءِ مون به اردشير ڪائوسجي جي مخالفت تي ٻڌل ڪالم کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي فرض جي ادائيگي ۽ ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اڳ کان وڌيڪ تحرڪ ورتو ۽ پراڻن پينڊنگ پيل ڪيسن جي نبيري لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا.
اوريجنل سائيڊ تي تمام پراڻا ڪيس لڳل هئا، جن کي به هلائڻو هو ۽ ڌرين کي ٻڌي ڪري فتوائون به ڏيڻيون هيون. جج جي لاءِ ڪورٽ جو صحيح نموني ۾ وقت کي ورهائي هلائڻ تمام ضروري هوندو آهي، سو مون وڪيل صاحبن کي عرض ڪيو ته مهرباني ڪري تعاون ڪريو. ضروري درخواستون اڳ ۾ لڳرائي انهن جو فيصلو ڪرايو. ان کان بعد اسٽي آرڊر منظور ڪرائڻ لاءِ درخواستون لڳرايو. اهو سڄو ڪم 8:15 کان 10:30 چانهه جي وقفي تائين پورو ڪرايو. ان کان پوءِ پراڻا ريگيولر ديواني مقدما مهرباني ڪري هلايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رولز موجب سول مقدمن ۾ ڪورٽ ڪمشنر مقرر ڪري سگهي ٿي. ڌرين جي منظوريءَ سان جيڪي ڪمشنر، تجربيڪار ۽ رٽائرڊ سيشن جج يا آفيشل اسائني يا وري سينئر وڪيل سول دعوائن ۾ شاهدن جون شاهديون رڪارڊ ڪندا آهن، جن ۾ مک پڇا ۽ آڏي پڇا به هوندي آهي. اهي شاهديون رڪارڊ تي اچي وينديون آهن ۽ رڪارڊ جو حصو هونديون آهن.
اوريجنل سائيڊ تي پينڊنگ (رهيل) ڪيس به تمام گهڻا پراڻا لڳل هوندا آهن، مون جج جي حيثيت ۾ وڪيل صاحبن کي عرض ڪيو ته جن ڪيسن ۾ مدعي ۽ مدعا عليه ٺهي ويا آهن، انهن جا ڪيس تڪڙي درخواست ڏئي مون کان منظور ڪرائي، روسٽر برانچ ۾ ڏئي، ڪيسن جي تاريخ واسطيدار وڪيل صاحب پنهنجي مرضيءَ تي وٺن. مان اهي ڪيس به هلائيندس ته جيئن ڪيسن جو نبيرو ٿئي.
حقيقت هيءَ آهي ته ڪورٽ جي ڊگهي پروسيس جي ڪري ڌريون ڪورٽ ۾ حاضريون کائي کائي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري ٺهي وڃڻ کي بهتر سمجهن ٿيون. مون وڪيل صاحبن کي عرض ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي ريگيولر ڪيس ضررو هلايو ۽ باقي ڪيسن ۾ پنهنجي مرضيءَ تي تاريخ وٺو.
ڌرين ۾ ٺهي وڃڻ وارا ڪيس به گهٽ ۾ گهٽ ٽن کان چئن تائين ضرور لڳندا هئا. 2:30 وڳي کان 4:00 وڳي تائين اهي ڪيس هلندا هئا ۽ ماڻهن کي ڪيسن ۾ ترت ۽ جلد انصاف ملندو هيو. ان جو اهو اثر ٿيو ته مون وٽ اوريجنل سائيڊ جو روسٽر (ڪم) 1994ع کان فيبروري 2000ع تائين رهيو. چار فيبروري 2000ع تي مون کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪري مقرر ڪيو ويو، ان لاءِ 3 فيبروري 2000 تائين مون وٽ مسلسل اوريجنل سائيڊ جو روسٽر رهيو.
ڪم ڪرڻ ۽ ان ۾ دلچسپي وٺڻ جي ڪري مونکي به ڪم سکڻ جي ۽ صحيح ڪم ڪرڻ جي خبر پئي، مون ۾ پاڻ ڪم ڪرڻ جو اعتماد وڌيو. مون کي ياد ٿو اچي ته پاڪستان جي وڪالت جي شعبي ۾ وڏو نالو مرحوم خالد اسحاق صاحب جو هو، جيڪو هڪ ايماندار، اهل ۽ ڄاڻو وڪيل ٿي رهيو آهي. اهو صاحب هڪڙو سول سوٽ ڊڪلريشن ۽ دائمي اسٽي آرڊر جي لاءِ کڻي آيو، ان ۾ مدعي هئي ”ٽپال ٽي داڻي دار پرائيويٽ لميٽيڊ“ ۽ ٻي ڌر هئي ”لپٽن ييلو ليبل، داڻي دار ٽي ڪمپني لميٽيڊ.“ ڪورٽ ۾ جناب خالد اسحاق صاحب اهو دليل ڏنو ته داڻي دار لفظ کي جنم ۽ مشهوري ٽپال ٽي ڪمپنيءَ ڏني آهي. ٽپال ٽي ”داڻي دار“ جي ڪاميابي ۽ گهڻو وڪرو ڏسي، لپٽن ييلو ليبل وارن ”داڻي دار“ چانهه جي نالي سان هڪ برانڊ متعارف ڪرائي آهي، ان جي خلاف عارضي منع نامو ڏنو وڃي، نه ته ٽپال داڻي دار چانهه کي تمام گهڻو نقصان رسندو. مون مسٽر خالد اسحاق کي عرض ڪيو ته داڻي يا داني دار لفظ ڊڪشنريءَ جو آهي، ان تي توهان جي اها دعويٰ ته اسان ان لفظ کي ايجاد ڪيو آهي، سا غلط آهي، جي توهان داڻي دار لفظ جي پبلسٽي ڪرائي آهي ته توهان ايترو ڪمايو به آهي، مون کيس چيو ته مون کي توهان جي لاءِ عزت ۽ احترام آهي پر هت ڌرين جي وچ ۾ انصاف ڪرڻو آهي، توهان کي خبر آهي ته مان نوٽيس کان سواءِ ڪڏهن به ۽ ڪو به اسٽي آرڊر (عارضي منع نامو) جاري ڪو نه ڪيو آهي، ٻي ڌر لپٽن ييلو ليبل داڻي دار ٽي ڪمپنيءَ کي نوٽيس ڪڍون ٿا، تاريخ توهان پنهنجي مرضيءَ جي وٺو، ٽن ڏينهن کان پوءِ جي تاريخ خالد اسحاق صاحب ورتي ۽ مقرر وقت تي لپٽن ييلو ليبل داڻي دار چانهه وارن پاران به هڪ نالي وارو وڪيل مرحوم فتح علي ويلاڻي، جيڪو ٽريڊ مارڪ ايڪٽ ۾ ايڪسپرٽ تسليم ڪيو ويندو هو، ان وڪالت نامو لپٽن ييلو ليبل پاران پيش ڪيو. ڪيس ڏاڍو اهميت جوڳو هو، وڪيل به تمام اهل ۽ نالي وارا هئا، هڪ ڏينهن سڄو مسٽر خالد اسحاق مرحوم دليل ڏنا ۽ مختلف ڪورٽن جي ڪيسن کي بطور Precedent جي طور تي پيش ڪيو. ٻئي ڏينهن تي مسٽر فتح علي ويلاڻي پنهنجي ڪمپنيءَ پاران دليل ڏنا ۽ ان به ورجايو ته داني دار يا داڻي دار لفظ اردو ۽ سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ استعمال ٿيل آهي، ان کي ايجاد ٽپال ڪمپنيءَ وارن ڪو نه ڪيو آهي ۽ مارڪيٽ کليل آهي، ٻئي ڪمپنيون پنهنجون شيون مارڪيٽ ۾ پيش ڪن، جنهن ڪمپنيءَ جي چانهه سٺي هوندي! ان کي عام پبلڪ پسند ڪندي ۽ وٺندي، باقي هڪڙي ڪمپنيءَ جي حق ۾ آرڊر پاس ڪرڻ ٻي ڌر جو گلو ڪٽڻ جي برابر آهي. ٻنهي ڌرين جي دليلن ٻڌڻ کان پوءِ مون خالد اسحاق صاحب جي عارضي منع نامي جاري ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي. ٽپال داڻي دار ڪمپني ان آرڊر جي خلاف انٽر ڪورٽ اپيل DBA ۾ ڪئي. اتي به اها اپيل رد ٿي، ان کان پوءِ خالد اسحاق صاحب مرحوم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اپيل دائر ڪئي ۽ اها اتي به رد ٿي ۽ منهنجو آرڊر بحال رهيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاءِ اهو عام مشهور آهي ته ان جو دهلي هاءِ ڪورٽ وارو ورتاءُ ۽ نمونو آهي، جتي پاڪستان مان لڏي آيلن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. سنڌي وڪيل، جج بطور جيڪڏهن کنيو وڃي ٿو ته اهو تمام وڏي عمر جو، جنهن کي 62 سال پورا ڪرڻ ۾ ٽي يا چار سال هوندا ته ان کي جج ڪري کڻندا ته جيئن جلد ئي رٽائر ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن ڊسٽرڪٽ جج مان هاءِ ڪورٽ جج کڻڻو آهي ته، ميرٽ ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي اڳتي آهي ته ان کي پٺتي ڪري، پنهنجي پسند تي پنهنجي لڏي آيل ماڻهوءَ کي جج ڪرائيندا. نوجوان سنڌي وڪيلن کي ٿوري عرصي جي اندر گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ته متان گهڻي سروس کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا چيف جج يا پاڪستان ۾ چيف جج ٿين.
انهن کي پوري ملازمت ڪرڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي، جنهن جو زندهه مثال مسٽر جسٽس رٽائرڊ عبدالقادر هاليپوٽو، مسٽر جسٽس رٽائرڊ مشتاق ميمڻ، مسٽر جسٽس رٽائرڊ راجا قريشي (مرحوم) ۽ مسٽر جسٽس رٽائرڊ ايم ايل شاهاڻي قابل ذڪر آهن. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ به، هاءِ ڪورٽ جي ججز جي مقرري ڪرڻ ۾ لوڪل سنڌي ماڻهن سان ناروا سلوڪ رکيو وڃي ٿو ۽ انهن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. انهن ڳالهين کي مد نظر رکندي محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جون 1994ع ۾ ڇهه جج صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کنيا هئا، جنهن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هر آباديءَ کي نمائندگي ڏني وئي هئي ۽ وري محترمه اپريل 1995ع ۾ هيٺ ذڪر ڪيل وڌيڪ جج صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪيا.
مسٽر جسٽس حامد علي مرزا، مسٽر جسٽس آغا رفيق احمد، مسٽر جسٽس رشيد اي رضوي، مسٽر جسٽس عبدالحميد ڊوگر، مسٽر جسٽس عبداللطيف قريشي ۽ مسٽر جسٽس شاهنواز اعواڻ. انهن صاحبن جي حلف کڻڻ کان پوءِ ڄڻ ته ڪراچي ۾ باهه ٻري وئي ۽ اردو پريس ۽ مهاجر وڪيلن زور شور سان اخبارن ۾ آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيا ته جونيئر سيشن جج ۽ ٻيا نامناسب ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن. حقيقت اها آهي ته ”حب علي نه پر بغض معاويه“ واري پهاڪي تحت اهو سڀ ڪجه ٿي رهيو هو. جيئن ته محترمه جي پاران کنيل ججن ۾ لوڪل ماڻهن جي اڪثريت هئي، تنهن ڪري انهن جي تقرري اسان جي دوستن کان هضم نه ٿي سگهي، جنهن ڪري بي واجبي وڏو طوفان کڙو ڪيو ويو.
هاءِ ڪورٽ جي جج جي مقرريءَ لاءِ صرف اهو شرط آهي ته هن جو وڪيل جي حيثيت سان هاءِ ڪورٽ ۾ ڏهن سالن جي وڪالت جو تجربو هجي. ڊسٽرڪٽ جج جي ايليوسيشن لاءِ اهو شرط آهي ته اهو ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ 3 سال ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رهيو هجي. وزيراعظم واسطي دار هاءِ ڪورٽ جي چيف جج سان Consultation کان پوءِ ججن کي مقرر ڪري سگهي ٿو، سياسي وابستگي رکڻ يا نه رکڻ ڪو مسئلو ڪو نه رهيو آهي، مسلم ليگ سان واسطي دار ماڻهو هاءِ ڪورٽ جا جج ۽ چيف جج ٿي رهيا آهن ۽ انهن جي بائيو ڊيٽا ۾ اهو لکيل آهي ته هو مسلم ليگ جا عهديدار به رهيا آهن، جن ۾ قابل ذڪر نالا مسٽر جسٽس وحيدالدين احمد، مسٽر جسٽس نواب قدير الدين احمد، مسٽر جسٽس زيڊ ايڇ لاري، مسٽر جسٽس محمد ظهور الحق، مسٽر جسٽس غوث علي شاهه، مسٽر جسٽس عبدالرزاق ٿهيم ۽ ٻيا ڪيترائي نالا آهن، ڪنهن جا کڻي ڪنهن جا کڻان.
جسٽس سجاد علي شاهه سينيارٽي جي حساب سان چوٿين نمبر تي هيو، پر ان کي پنهنجو سمجهندي محترمه ٽن ججن کان سپرسيڊ ڪرائي. کيس چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو. شاهه صاحب آغا رفيق احمد جي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ تي خوش ڪو نه هو. الجهاد ٽرسٽ وارن ججن جي مقرريءَ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ اها پٽيشن غير مناسب سمجهي رد ڪئي ۽ وري جناب حاذق الخيري، وڪيل الجهاد ٽرسٽ جي چيئرمين کان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اپيل داخل ڪرائي، جيڪا تمام جلدي مقرر ڪرڻ لاءِ رکي وئي ۽ ڪراچيءَ ۾ اهو الجهاد ٽرسٽ ڪيس هليو. ججن صاحبن جا ريمارڪس اخبارن ۾ ايندا رهيا. محسوس اهو ٿي رهيو هو ته محترمه جي پاران مقرر ڪيل ججن کي گهڻو ڪري فارغ ڪيو ويندو ۽ ٿيو به ائين ته سڄي پاڪستان مان هاءِ ڪورٽ جا 23 جج ڪڍيا ويا، جن کي ٻڌو به ڪو نه ويو ۽ اهي ان ڪيس ۾ ڌر به ڪو نه هيا. فيڊريشن آف پاڪستان ڌر هئي، جنهن کي حڪم ڪيو ويو ته صحيح مقرري ڪو نه ٿي آهي، تنهن ڪري 23 ماڻهن کي فارغ ڪيو وڃي ۽ اهي فارغ ڪيا ويا. ڪراچيءَ ۾ ڪيس هلندي جيڪي ججن صاحبن ريمارڪس پئي ڏنا، انهن مان اهو محسوس ٿي رهيو هو ته ڪافي ماڻهن جي مٿان تلوار هلندي. مون هڪ دفعي ٽِي روم ۾ چانهه پيئڻ کان واپس ايندي مسٽر جسٽس حامد علي مرزا کي ٻانهن کان وٺي پاسي ۾ بيهاري چيو ته، سائين جسٽس سجاد علي شاهه تمام تڪڙو وڃي رهيو آهي، ڪافي جج صاحب نڪرندا ۽ منهنجي اها پيشن گوئي آهي ته سينيارٽي جي معاملي کي کڙو ڪري 19 يا 20 مهينن کان پوءِ سائين سجاد علي شاهه کي نوڙ ڳچيءَ ۾ وجهي، پنهنجا ئي جج لاهيندس ۽ ٿيو به ائين جيڪا هڪ تاريخي حقيقت آهي.
مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته جيئن قاضي مامون صاحب 1996ع ۾ ججز ڪيس اچڻ کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو ته، ان منهنجي فيصلي ٿيل ڪيسن جو رڪارڊ ڏسي ۽ بار جي سٺن عهديدارن کان راءِ وٺڻ کان پوءِ منهنجو ڪيس Confirmation لاءِ مٿي موڪليو.
سائين سجاد علي شاهه به پنهنجي حساب ڪتاب سان وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن کان منهنجي متعلق پڇيو، پر ڪنهن به طرف کان منهنجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ايمانداراڻي روش تي آڱر ڪو نه کنئي وئي. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ججز ڪيس جي وڪڙ کان به نڪري Confirm جج جي حيثيت سان حلف کنيم، اهو صلو مليو ايمانداري، محنت ۽ بي ريائي سان ڪم ڪرڻ جو!