ذاتي زندگي
ٻيو فرزند سيد ظفر علي شاهه B.A پاس آهي، هن وقت پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي. ظفر علي شاهه شروعات ۾ مقابلي جي امتحان ۾ ويهي ڪري A.S.I ٿي ڀرتي ٿيو هيو پوءِ وري ضروري ڪورس ڪرڻ کان بعد ۽ سٺي سروس ريڪارڊ هئڻ ڪري، ان کي سب انسپيڪٽر جي عهدي تي پنهنجي ڪم جي آڌار تي ترقي مليل آهي. ان کي به الله تعاليٰ صاحب اولاد عطا ڪيو آهي.
مٿي ذڪر ڪيل ٻن پٽن کان پوءِ الله تعاليٰ مون کي هڪڙي نياڻي جي اولاد سان نوازيو. ٽئين ٻار، نياڻيءَ جو نالو طتهير ناز آهي. جنهن سائنس ۾ انٽرميڊئيٽ ڪرڻ کان پوءِ سٺن نمبرن ۾ امتحان پاس ڪيو ۽ M.B.B.S ڪرڻ لاءِ چانڊڪا ميديڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اتان M.B.B.S جو امتحان پاس ڪيائين. هائوس جاب JPMC ۾ ڪرڻ بعد PTCL جي محڪمي ۾ درخواستون گهرائڻ سبب اتي امتحان پاس ڪيائين ۽ ميڊيڪل آفيسر جي طور تي ان ۾ ڀرتي ٿيس. هن وقت سينيئر ميڊيڪل آفيسر جي عهدي تي PTCL جي محڪمي ۾ فائز آهي. سندس شادي انجنيئر ڪاشف شاهه سان ٿيل آهي، جيڪو سول ايوي ايشن ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. انجنيئر ڪاشف شاهه به لکت ۽ زباني واءِ واءِ ۾ پاس ٿي محڪمي ۾ شامل ٿيو آهي. ڊاڪٽر طتهير ناز ۽ ڪاشف شاهه کي به الله تعاليٰ صاحب اولاد ڪيو آهي.
چوٿون نمبر اولاد سيد اسد علي شاهه M.A ۽ M.B.A آهي. هن جي تعليم پنجين درجي کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر ڪئپٽن S.M. Yousuf جي قابل رهنمائيءَ ۾ ٿي. انٽر ميڊئيٽ پاس ڪري، ڪوشش ڪيائين ته آرميءَ ۾ سليڪٽ ٿيان پر آرميءَ ۾ سليڪٽ نه ٿي سگهيو، بعد ۾ ان بئنڪنگ ڪئريئر ۾ پنهنجي شروعات ڪئي. شروع ۾ هن کي Picic نالي هڪ مالياتي اداري ۾ نوڪري ملي. بعد ۾ Picic ڪمرشل بئنڪ ۾ MBA جو امتحان پاس ڪرڻ جي ڪري MY BANK ۾ ويو ۽ پوءِ سنڌ بئنڪ کلڻ ڪري ان ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. اسد علي به شادي شده آهي ۽ ان کي به اولاد جي نعمت سان الله سائين نوازيو آهي.
پنجون نمبر اولاد به مون کي الله تعاليٰ نياڻيءَ جي صورت ۾ ڏنو، جنهن جو نالو آمنه آهي. اها ايم اي پاس ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ليڪچرر مقرر ٿي وئي. ان جي شادي سيد عباس پاشا سان ٿيل آهي. جيڪو بئنڪ ۾ ملازم آهي. ان جوڙي کي به الله تعاليٰ اولاد جي نعمت سان نوازيو آهي. ڇهون نمبر اولاد مريم نياڻي آهي جيڪا ايم، اي ۽ بي ايڊ، ايم. بي. اي ايگزيڪٽيو پاس آهي.
انگلش ۾ ايم، اي ٿيل اٿس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري انگلش ليڪچرر مقرر ٿي آهي ۽ ان سان گڏ ايل ايل بي به پاس ڪيل اٿس. جوڊيشريءَ جي سول جج جي مقابلي جي امتحان ۾ ويهڻ لاءِ تياري ڪري رهي آهي. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان منهنجي اولاد نرينه يا نياڻيون تعليم يافته آهن. برسر روزگار آهن. ڪير به ڪنهن جو محتاج ڪو نه آهي. باقي رهيو دنياداريءَ سان هلڻ چلڻ. ان جي لاءِ رستا کليل آهن، نيڪ نيتي، چڱائي، بغير بغض ۽ قدورت رکڻ جي زندگيءَ جو سفر ڪاٽيندا ته الله تبارڪ وَ تعاليٰ کين سکيو ستابو رکندو.
جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته منهنجو مربي ڀاءَ ۽ مان يتيم هياسين. اسان جي تعليم ۽، تربيت، پرورش ۽ اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ اسان جي ناني مرحوم وڏيري غلام حيدر قادري ۽ اسان جي والده مرحومه امام زادي جو ناقابل فراموش ڪردار رهيو آهي. ان سان گڏ سائين سيد وريل شاهه مرحوم جو به اسان جي پرورش ۽ تعليم پرائڻ ۾ ۽ هن مقام تي پهچائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. ان سان گڏ اسان جي ٻين عزيزن جو به گهڻو ساٿ ۽ مدد رهي آهي. وڪالت جي پيشي اختيار ڪرڻ کان پوءِ مون مسٽر عبدالرزاق سومري صاحب جو چئمبر جوائن ڪيو، جتان به مون وڪالت ۾ محنت ڪري ۽ سومري صاحب جي محنت ۽ روش کي ڏسي پاڻ به پنهنجي لاءِ مقام ٺاهيو.
منهنجي شريڪ حيات به مون سان هر ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي ساٿ ڏنو. ڇا لاءِ ته وڪالت فل ٽائيم جاب آهي ۽ ان کي سخت توجهه ۽ محنت جي ضرورت آهي. ٽائيم تي ڪورٽ ۾ پهچڻ ۽ ڪيس هلائڻ لاءِ رتيديري مان لاڙڪاڻي، شڪارپور يا سرڪٽ بئنچ سکر هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ سوير وڃڻو پوندو هيو، مان به سوير تياري ڪري نڪري ويندو هيس. ان باقي سڄي ڪم ڪرڻ ۾ منهنجي شريڪ حيات منهنجو گهڻو ساٿ ڏنو ۽ منهنجو اهو ڪم ڪار ڪري ان کي تمام خوشي محسوس ٿيندي هئي. ان وقت گهر ۾ ڪم ڪار ڪرڻ واريءَ جي رکڻ جو رواج به ڪو نه هيو ۽ وري وسيلا به گهٽ هيا، پر هوءَ هر ڪم صبر ۽ شڪر سان ڪندي هئي. ڪنهن ڪم ڪار يا ٻارن جي بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ مان لاڙڪاڻي ڪورٽ ۾ پهچي گاڏي واپس موڪليندو هئس ته ٻارن کي کڻي پاڻ ان وقت ڊاڪٽر ڀڳوان داس وٽ، جيڪو ريشم گليءَ ۾ ٻارن جو مشهور ڊاڪٽر هيو، ان کي ڏيکاري، دوا درمل وٺي گهر ويندي هئي. مون کي ڪنهن به قسم جو فڪر يا انتظار ڪو نه هوندو هيو ۽ دلجمعيءَ سان ڪورٽ جي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندو هيس. ڪيسن تي گهڻي توجهه ڏيڻ جي ڪري ڪيسن ۾ نتيجا به سٺا ملندا هيا. هڪڙي ڀيري ڪنهن ماڻهوءَ وڪيل ڪيو ته ان کي محنت ڪري رليف وٺي ڏنم ۽ ان جو ڪيس کٽيم. پوءِ اهو پنهنجي حلقي احباب ۾ وڃي ٻڌائيندو رهيو. ماڻهن ۾ مشهوري ٿيندي رهي ۽ ڪيس ملندا رهيا. منهنجو پنهنجو تجربو آهي ته هڪ ڪيس کٽڻ جي ڪري ٻيا پنج ڪيس ملندا آهن، پر جي ڪڏهن ڪو ڪيس هارائجي پيو ته ڏهه ڪيس ملڻ وارا به نه ملندا. سخت مقابلي جو ميدان آهي، وڪالت صاف سٿرو ۽ عزت وارو پيشو آهي. ان ۾ وقت جي پابندي ڪورٽ ۾ فضليت سان ۽ سوچي سمجهي ڳالهائڻ، طئش ۾ نه اچڻ ۽ اصيل ( ڪلائنٽ) ۽ ٻين واسطيدار ماڻهن سان صحيح نموني ۾ ڳالهائڻ جي ڪري به ماڻهوءَ جي نيڪ نامي ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن ڪورٽ جي يا گهرجي ڪاوڙ ڪلائنٽ تي ڪڍبي ته ان جو خراب اثر ٿيندو.
1988ع جي صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ جيڪو ممتاز علي خان ڀٽي سان مقابلو هيو، اهو تمام ڏکيو هيو. سڄي پاڪستان جون نظرون ان سيٽ تي هيون. ڇا لاءِ ته ممتاز علي ڀٽو قد ڪاٺ ۽ سياسي اثر رسوخ ۾ مون کان تمام گهڻو مٿي هيو. پر هتي منهنجو ڪو ذاتي مسئلو ڪو نه هيو، پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ۽ پارٽيءَ جي سهڪار سان مقابلو ٿيو. ڇا لاءِ ته ڪو به ماڻهو ممتاز علي خان ڀٽي جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو. مون پنهنجي سٺي نيت تي هلي، شهيد بينظير ڀٽو کي صلاح ڏني ته هوءَ ميرپور هلي ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽي کي اها آڇ ڪري ته هو پنهنجي فرزندن، معشوق علي خان ڀٽي يا عاشق علي خان ڀٽي کي بيهاري ته پيپلز پارٽي ان سيٽ تي مقابلو نه ڪندي. سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ کان پوءِ نواب صاحب جو فرزند استعفي ڏيئي ۽ ان سيٽ تي ممتاز علي خان ڀٽو ڪامياب ٿي اچي. پر قدرت جا پنهنجا فيصلا هوندا آهن، ممتاز علي خان جي انڪار ڪرڻ ۽ محترمه کي، مائي بصران ( آباد ڀٽي جي ڳوٺ جي، ڀٽو فيمليءَ جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري) خاتون جي هٿ انڪار جو نياپو موڪلڻ تي سڄو پروگرام ڊهي ويو ۽ ممتاز علي خان ڀُٽي، مون جهڙي ورڪر جي هٿان شڪست کاڌي.
جتي پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن، ليڊرن ۽ منهنجي عزيز دوستن دل کولي اليڪشن ۾ مدد ڪئي، اتي منهنجي شريڪ حيات تڪ جي ڳوٺن ۾ تقريرون ڪري، ڳوٺاڻين عورتن کي آمادهه ڪري پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾ ووٽ ڏياريا. ڏينهن رات گرمي، سردي روڊ يا ڪچي ۾ هلي هن تمام گهڻو ڪم ڪيو، جنهن ڪري هت ان جي محنت جي تعريف نه ڪرڻ بخل ٿيندو. مون کي مرحوم عبدالرزاق ڀٽي نئين ديري واري پاڻ ٻڌايو هيو ته توهان اليڪشن جو ڪم ڪار ڪيو ٿا، پر توهان کان وڌيڪ ٽاڪ مجهند جو مٽيءَ ۽ دز ۾ هلي ڪري بي بي صاحبه ڳوٺن ۾ ٿي وڃي ۽ ميگافون تي سٺيون تقريرون ٿي ڪري، انشاءَ الله، ان جو نتيجو سٺو نڪرندو. اهو به ٻڌايائين ته نئين ديري کان ڪچي جي طرف هلڻ سبب مٽي ۽ دز جي ڪري اڳتي هلي توهان جي گهرواريءَ کي ڊسٽ الرجي ٿيندي ۽ واقعي ان کي اليڪشن کان پوءِ ساهه جي تڪليف شروع ٿي وئي هئي.
اليڪشن جي نتيجي کان پوءِ مون کي دوستن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ قاضي پيٽرول پمپ تي منهنجي کٽڻ جي خوشيءَ ۾ منهنجي استاد عبدالرزاق سومري صاحب جهمر به هنئين هئي، اها ان جي مهرباني.
مون کي اهو اعتراف ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته جتي منهنجي مربي ڀاءَ سيد نياز حسين شاهه مرحوم ۽ چاچي سيد وريل شاهه مرحوم جو منهنجي ترقيءَ ۾ وڏو هٿ آهي، اتي مون کي اهو اعتراف ڪندي به خوشي ٿي رهي آهي ته 1993 جي اليڪشن ۾ شڪست بعد، محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه مون کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ڪري رکيو، جيڪا ان جي مهرباني هئي. سياست ۾ آڻڻ به شهيد راڻيءَ جي مهرباني هئي ۽ جج جي پوزيشن ڏيارڻ ۾ به ان جو احسان آهي. باقي مون پاڻ محنت ڪري ۽ ايمانداريءَ تي هلي نيڪ نيتي سان بغير لوڀ ۽ لالچ جي سياست به ڪئي ۽ جج جا فرائض به خدا جي خوف کي مد نظر رکندي ادا ڪيا، الله تعاليٰ ان جو اجر ڏنو آهي.
محترمه جي شهادت کان پندرهن، سورهن ڏينهن اڳ منهنجي ۽ منهنجي گهرواريءَ جي محترمه سان ملاقات بلاول هائوس ۾ ٿي هئي. جتي محترمه تمام خنده پيشانيءَ ۽ عزت سان ملي هئي ۽، پاڻ اظهار فرمايائين ته ان کي خوشي ٿي آهي ته جهڙي صحت مند حالت ۾ مان توهان کي ڇڏي ٻاهر ويئي هيس، ماشاءَالله ائين ئي صحت مند آهيو ۽ سٺي ريپوٽيشن سان انصاف پسند جج جي حيثيت ۾ ريٽائر ٿيا آهيو. ٽيون ته مون انصاف جي ڀلائي جي لاءِ توهان کي ٻارنهن، تيرهن ڀيرا چورايو ۽ توهان مشڪل حالات ۾ به انصاف ڪيو. منهنجي گهرواري کيس دعائون ڪرڻ لڳي ته ان کي چيائين ته مون سان گڏ شاهه صاحب کي به دعا ڪريو ته الله ان کي صحت ۽ زندگي ڏيئي، مان هن کي ڪٿي ويهارينديس اها مون کي خبر آهي، پر اسان جي بد نصيبي يا ائين چئجي ته سڄي ملڪ ۽ قوم جي بدنصيبي جو اهڙي ذهين، هڏ ڏوکي (اورچ) گهڻي ڪم ڪرڻ واري، غريبن جو درد دل ۾ رکڻ واري، صحيح جمهوري ليڊر کي سياسي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ جي بجاءِ، ان تي بزدلاڻو حملو ڪري، ان جي زندگيءَ جو انت آندو ويو جنهن جو اثر اهو ٿيو ته :
”چارون صوبون ڪي زنجير، بينظير بينظير“ هلي وئي.
فيڊريشن جي هاڻوڪين چونڊن ۾ ظاهر ٿيو ته بينظير صاحبه کان پوءِ چئن صوبن کي متحد رکي هلائڻ ڪنهن جي وس ۾ ڪو نه آهي.
مان دعاگو آهيان ته الله تبارڪ و تعاليٰ جون مٿس رحمتون ۽ برڪتون نازل هجن، الله پاڪ سندس درجا بلند ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي آمين.