آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

حضرت پير سائين پاڳارو مرحوم

سيد سڪندر علي شاهه ثاني المعروف پير صاحب پاڳارو نه صرف سنڌ بلڪه پوري پاڪستان جو هڪ مٿاهون سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ سخي انسان هو. مرحوم پير صاحب پاڳاري سان منهنجي دوستيءَ جي دعويٰ ته ڪو نه آهي پر منهنجي سيد هجڻ ۽ پاڻ کان ننڍي هجڻ جي ڪري ڪافي عزت ۽ پيار سان ڏسندو هو. سياست کي ڇڏي ڪري پير صاحب مرحوم سان سماجي تعلقات سندس آخري دَم تائين قائم رهيا ۽ شاديءَ غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ٻين سوشل ڪمن ۾ مونکي ڪو نه وساريندو هو.
پير سائين پاڳاري کي هڪڙو خاص فون نمبر هيو، جن به ماڻهن کي اهو نمبر مليل هوندو هو ان نمبر تي گهنٽي وڄڻ کان بعد فون پاڻ کڻندو هيو ۽ ان وچ ۾ٽيليفون آپريٽر جو ڪو به عمل دخل نه هوندو هيو.
مون کي ته ازراهه ڪرم عزت ڏيڻ جي خيال سان مائٽ ڪري سڏيندو هيو ۽ جڏهن به سائين مرحوم وٽ ملاقات لاءِ وڃبو هيو ته وڏي پاٻوهه، عزت ۽ سِڪ سان ملندو هيو. سائينءَ جو والد صاحب مرحوم سيد صبغت الله شاهه پاڳارو جنهن انگريزن جي تسلط ۽ راڄ کي ختم ڪرڻ لاءِ زبردست سياسي تحريڪ هلائي ۽ بعد ۾ انگريزن جي جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف تنگ ٿي ڪري مسلح جدوجهد به ڪئي ۽ سنڌ ۾ انگريزن جي راڄ کي ٽوٽا چٻايا ۽ انهن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ مجبور ٿي انگريز سرڪار ”حرن“ جي آزاديءَ جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ مارشل لا لڳائي ۽ پير صاحب پاڳاري مرحوم کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپيشل ٽريبونل قائم ڪيو ۽ ان ۾ ڪيس هلائي کيس موت جي سزا ٻڌائي.
پير صاحب پاڳارو ايڏو ته مضبوط اعصاب جو مالڪ هيو جو ڦاسي ڏيڻ واري رات سپرنٽنڊنٽ جيل جيڪو هڪ انگريز هيو تنهن شاهه صاحب جي مضبوط ارادي کي چڪاس ڪرڻ لاءِ ساڻس شطرنج راند ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ کيڏي، ايڏي سخت سزا جي ٻڌڻ کان بعد به پير سائين پاڳاري انگريز جيل سرنٽنڊنٽ کي شطرنج جي راند ۾ شڪست ڏني.
پير سائين پاڳاري مرحوم ڪچهري ڪندي اهو ٻڌايو هيو ته پاڻ ٻارنهن تيرنهن سالن جي عمر جو نوجوان صاحب زادو هيو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ مرحوم نادر علي شاهه کانئن ٻه، ٽي سال ننڍو هيو. ان ننڍي عمر ۾ کين ايڏو وڏو حادثو پيش آيو جو سندن والد کي سازش ڪري ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. بقول پير سائين پاڳاري سيد سڪندر علي شاهه مرحوم جي ته سندس والد صاحب تي ان وقت جي سياستدانن ڪوڙا شاهد بيهاريا ۽ مرحوم پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه جي چُرپُر تي نظر رکندي جاسوسي ڪري انگريز حاڪمن کي ٻڌايو ۽ پير صاحب کي گرفتار ڪرايو. اهڙي طرح ڪيس هلندي سرڪاري عام شاهدن ڪيس جي پوئواري ڪرڻ ۾ سرڪار جي مدد ڪئي، ان جي عيوض ۾ انگريز سرڪار انهن سياستدانن کي ڪيترا هزار ايڪڙ ٻني انعام ۾ بخشش طور ڏني جيڪا درياهه سنڌ جي کٻي ۽ سڄي پاسي وارن ضلعن نوابشاهه ۽ دادوءَ ۾ هئي.
انگرير سرڪار ”حر تحريڪ“ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قانون نافذ ڪيا ۽ ڪيترن سرگرم ۽ بهادر ڪارڪنن کي سخت سزائون ڏنيون. انوقت ”حرن“ جي آمدو رفت کي محدود ڪرڻ لاءِ ”حر لوڙها ايڪٽ“ نافذ ڪيو ويو. حرن کي انهن علائقن مان ٻاهر ضروري ڪم ڪار سان وڃڻ جي وقت واسطيدار ايس پي ۽ ڊي سيءَ کان اجازت وٺڻي پوندي هئي ۽ حرن کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ جي لاءِ مَکي ڍنڍ ۽ مَکي ٻيلي جي ڀرسان ڪيترا هزار ايڪڙ ٻني جاسوسي ڪندڙ ڌارين ۽ لوڪل هارين کي الاٽ ڪئي ويئي.
ان کان وڌيڪ هي به ڪيو ويو جو نواب اڪبر خان بگٽي جي والد کي سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيترا هزار ايڪڙ ٻني الاٽ ڪئي ويئي. بگٽي ٻروچ جيڪي هُئين ئي جهيڙن جهٽن ۾ مشهور رهيا آهن، انهن کي بلوچستان مان اسلحو ڏيئي آندو ويو ته جيئن هو حرن سان جهيڙو ڪري کين تنگ ڪن، هڪ طرف بگٽي ٻروچ ۽ ٻئي طرف ٽرينڊ ٿيل سابق فوجين کي پنجاب مان آندو ويو ته جيئن حرن جي حياتِ زندگيءَ کي زهر ڪري ڇڏجي پر حر مجاهد به ارڏا ۽ سکيا ورتل بهادر پٽ هئا، جن آزاديءَ جي راهه تي هلندي انهن جو مقابلو ڪيو ۽ وڏي حد تائين مقابلي ۾ دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ دشمن اڳتي وڌي نه سگهيا. اهڙي نموني ۾ حر مجاهد پنهنجي پنهنجي زمينن ۽ جائدادن تي بهادريءَ سان قابض رهيا ۽ پنهنجي مقصد ۽ صحيح راهه تي هلندي ڪامياب ويا.
پير سائين سڪندر شاهه ثانيءَ جي 1952ع ۾ گادي بحال ٿي ۽ ان کي پير پاڳاري جي پڳ ٻڌائي ويئي. حڪومت هندستان پنڊت جواهر لال نهرو جي دور ۾ اها ڪوشش ڪئي ته پير پاڳاري جي گادي هندستان ۾ بحال ڪجي ڇو ته جيسلمير ”جئپور، راجستان، الهه آباد ۽ هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سندس لکين مريد هيا. جيڪڏهن پير سائين پاڳاري جي تاج پوشي هندستان ۾ ٿئي ها ته پاڪستان واري حصي ۾ بارڊر سان لاڳيتو حرن جي آبادي پاڪستان سان گهڻو مخلص نه رهي ها، پر پير سائين پاڳاري پنهنجي عقل ۽ دانش کان ڪم وٺندي گادي پير جو ڳوٺ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ بحال ڪرائي.
سنڌ جي سياست ۾ پير صاحب جو تمام گهڻو اثر رسوخ هميشه رهيو آهي. 53-1952ع جي سنڌ جي جنرل اليڪشن ۾ پير سائين پاڳاري جي پارٽيءَ جا ماڻهو ايم پي اي ٿيا هيا. مرحوم عبدالستار پيرزادي جي وزيراعليٰ هوندي مرحوم پير علي محمد راشدي، مرحوم خان صاحب غلام رسول ڪيهر ۽ سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ مرحوم وزير جي طور سنڌ ڪابينا ۾ شامل ٿيا هيا ۽ ون يونٽ جي ٺهڻ کانپوءِ اولهه پاڪستان جي اسيمبليءَ ۾ به پير صاحب پاڳاري جو اسيمبلي ميمبرن جو هڪ طاقتور گروپ هيو ۽ پير صاحب جي پاران اولهه پاڪستان جي وزارت ۾ مرحوم محمد خان جوڻيجو ۽ عبدالقادر سنجراڻي سندس نمائندي طور اولهه پاڪستان ۾ وزير ٿي رهيا.
1965ع جي جنگ ۾ پير سائين پاڳاري جا حر پاڪ فوج سان شانه بشانه هندستان جي فوج سان وڙهيا. اها هڪڙي مڃيل حقيقت آهي جنهن کان ڪو به ماڻهو انڪار ڪري نه ٿو سگهي. عام طور سان پير سائين پاڳارو مرحوم پاڪستان ۾ ڪنگ ميڪر مشهور ٿي گذريو آهي، ڇو ته 1985ع جي غير جماعتي بنيادن تي ڪرايل اليڪشن کانپوءِ جنرل ضياءَالحق جي اها خواهش هئي ته الاهي بخش سومرو پاڪستان جو وزيراعظم ٿئي. اهڙو اطلاع ان کي ڪيو به ويو هيو، ان جي عهدي جي حلف کڻڻ ۾ اڃا ٽي ڏينهن هيا ته پير سائين پاڳاري الاهي بخش سومري جي وزيراعظم ٿيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سندس سفارش تي مرحوم محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم طور مقرر ڪيو ويو. پير صاحب کي علم جفر (علم الاعداد) جي به گهڻي ڄاڻ هئي.
سائين پير صاحب پاڳارو مرحوم دوست نواز، سيد نواز ۽ هر غريب توڙي امير جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو. تمام ٿورن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته پير صاحب پاڳاري وٽ ضرورتمند ماڻهن، بيواهه عورتن، يتيم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لسٽ هوندي هئي جن کي هرمهيني جي ڏهين تاريخ تائين سندن گهرج جي حساب سان پئسا ملي ويندا هئا ۽ ان ڳالهه جي تشهير ڪو نه ٿيندي هئي. هونئن به حڪم ايئن ئي آهي ته: ”هڪ هٿ سخا ڪري ته ٻئي هٿ کي خبر نه پئي“ پير صاحب جو ان ڳالهه تي عمل هو.
جن حرن پير صاحب پاڳاري کي ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو، هن انهن جي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري، انهن کي وڏن وڏن عهدن تي پهچرايو. ڪي وزير ٿيا ڪي سفير ٿيا، ڪي ڪمشنر ٿيا ۽ ڪي وري آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي ٿيا.
پير سائين پاڳارو هر سال پنهنجي دوستن ۽ واقفڪارن کي انبن جي موسم ۾ پنهنجي فروٽ فارم تان انبن جا کوکا تيار ڪرائي بغير تعريف جي سڄي پاڪستان توڙي پرڏيهه به سوکڙي ڪري موڪليندو هيو. سياست جي ميدان ۾ به پنهنجي ويجهن ماڻهن ۽ دوستن کي نوازيندو هيو سندس ئي حڪم تي ان گروپ جا ميمبر سينيٽر چونڊرائيندا هيا. مثال طور مسٽر بوستان علي هوتي ڪراچي، مسٽر اصغر زيدي خيرپور، مرحوم جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جيڪب آباد جيڪو پوءِ پير صاحب پاڳاري جي نمائندي طور مرڪز ۾ پڻ وزير رهيو. سنڌ حڪومت ۾ به سندس فرزند سيد صبغت الله شاهه راشدي موجوده پيرپاڳارو ڪيترا دفعا نمائندي طور سنڌ حڪومت ۾ وزير رهيو آهي. صدرالدين شاهه راشدي سندس ٻيو فرزند پڻ سنڌ حڪومت ۾ سندس پارٽيءَ جي نمائندي طور وزير ٿي رهيو آهي.
پير صاحب جي سخاوت جو هڪڙو واقعو ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو. پير صاحب هندو اقليت جو به تمام گهڻو خيال رکندو هيو ۽ انهن جي ڏک، سک ۾ مدد ڪندو هيو.
منهنجي دوست سيٺ جيٺانند ڪوهستانيءَ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته ٽنڊي آدم شهر جي هڪڙي يتيم ڇوڪري جيڪا ڍورو ذات جي هئي، ان جا چار دڪان ٽنڊي آدم جي شاهي بازار ۾ هئا ۽ ان سان گڏ ٻه اڍائي هزار ايڪڙ زمين به هئي جن تي پير صاحب سان لاڳاپيل ماڻهن زبردستي قبضو ڪيو. ان يتيم ڇوڪريءَ چونڊڪي جي مُکيءَ کي دانهن ڏني جنهن پير صاحب وٽ اچي سڄي ماجرا بيان ڪئي. پير صاحب پاڳاري مرحوم ان يتيم ڇوڪريءَ جي داد رسي ڪندي پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته دڪان ۽ زمينن جو قبصو خالي ڪري، ان يتيم ڍورو قوم جي ڇوڪريءَ کي واپس ڪن. اهو قبضو دڪان ۽ زمين جو ڇوڪريءَ کي واپس مليو ۽ ان ڇوڪريءَ بعد ۾ دڪان ۽ زمينون اتي وڪرو ڪري پنهنجي پسند تي پئسا وٺي اچي ڀريا روڊ ۾ دڪان ۽ زمينون ورتيون آهن ۽ اتي خوشحال زندگي گذاري رهي آهي.
بقول سيٺ جيٺانند جي ته: چونڊڪي ڳوٺ جو ديوان بدل مل، جو وڏو واپاري ۽ صاحب حيثيت هيو. ان جا قرض وارا پئسا ڪي مسلمان کائي ويا ۽ قرض واپس ڪو نه ڪيائون. مجبور ٿي ديوان بدل مل ڏيوالو ڪڍيو ۽ ڦاٽل ڪپڙا پائي نيم ديواني حالت ۾ هلندو رهيو.
مرحوم پير صاحب پاڳار کي جڏهن ان حال جي خبر پئي ته ديوان بدل مل کي گهرايائين ۽ ان کان احوال ورتائين، ان ٻڌايس ته سوا ٻه ڪروڙ رپيا منهنجي اوڌر مسلمان کائي ويا آهن، مان لک پتيءَ مان ڪک پتي ٿي ويو آهيان ۽ ڏاڍي بري حالت آهي مون تي رحم ڪريو، اوڌر جا پئسا وصول ڪرائي ڏيو.
بدل مل جي اهڙي رحم جوڳي حالت ڏسي پير صاحب پاڳاري بروقت پنهنجي منشيءَ کي گهرائي سوا ٻه ڪروڙ رپيا بدل مل کي ڏنا ته تون وڃي ڪاروبار ڪر ۽ خوشحال ٿيءُ ۽ توکي دعا ٿو ڪريانءِ ۽ جن ماڻهن ڏي قرض اٿئي ا نهن جي لسٽ ڏي انهن کان قرض مان پاڻ اوڳاڙيندس.
بدل مل ايئن ڪيو ۽ سندس مالي حيثيت بحال ٿي. هو هاڻي به چونڊڪي شهر ۾ وڏو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ۽ پير صاحب پاڳاري کي دعائون ڏيئي رهيو آهي. سيٺ جيٺانند ٽيون واقعو ٻڌايو ته: 2004ع ۾ هو پاڪستان ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن جو سڄي پاڪستان جو صدر منتخب ٿيو هيو. سيٺ جيٺانند هڪ ته اقليت جو ماڻهو ٻيو صوبي سنڌ جو رهاڪو، جيڪو 1952ع کان 2003ع تائين صدر رهيو. انوقت تائين ڪو به سنڌي ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن جو صدر ڪو نه ٿيو هيو. ان ڪري اها ڳالهه پير صاحب پاڳاري کي ڏاڍي وڻي ۽ خوش ٿي جيٺانند کي همت افزائي جي شيلڊ به ڏني ۽ ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن جي ميمبرن کي گهرائي هڪ پرتڪلف عشائيو به ڏنو.
انهن ڳالهين ڪرڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته پير سائين پاڳارو مرحوم نه صرف حرن مريدن مومنن، مسلمانن تي مهربان هيو پر اقليت جي ماڻهن کي پنهنجو سمجهي انهن کي عزت احترام ڏيندو هيو ۽ ڏک، سک ۾ انهن جي مدد ڪندو هيو.
پير صاحب جو حلقو ۽ اثر تمام گهڻو هيو. ان کي سٺي ۽ سهڻي نموني سانڍيندو آيو ۽ ڪنهن به پنهنجي ماڻهوءَ سان پويون پير نه ڏنائين. 1988ع جي اليڪشن کان پوءِ مرحوم سائين عبدالله شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر منتخب ٿيو ۽ مان به اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو هيس. سائين عبدالله شاهه مرحوم ان وقت سنڌ سيد ايسوسيئيشن جو منتخب صدر هيو. سائين عبدالله شاهه، مان ۽ سيد شهاب الدين شاهه حسيني موجوده سنڌ سيد ايسوسيئيشن جو صدر حيدرآباد ۾ گڏ هئاسين. اتي خبر پئي ته مرحوم پير صاحب پاڳارو سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي بنگلي سول لائنز ۾ ترسيل آهي.
پير سائين اڪثر ڪري جيڪڏهن حيدرآباد ۾ کيس ترسڻو پوندو هيو ته مرحوم سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي بنگلي تي ترسندو هيو جيڪو سندس بهترين ۽ وفادار دوست به هيو. پاڻ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي اهو اعتراف ڪيو هئائين ته ”منهنجو هڪڙو ئي دلي دوست آهي جيڪو سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ آهي.“ عبدالله شاهه، سيد شهاب الدين شاهه حسيني ۽ مان رابطو ڪري ٽائيم وٺي پير صاحب پاڳاري سان ملڻ وياسين. مطلب هيو ته سائين پاڳاري کي سنڌ سيد ايسوسيئيشن جو مربي ميمبر ٿيڻ جي لاءِ عرض ڪجي. ملاقات ٿي حال احوال وٺندي پير صاحب سيد عبدالله شاهه کان ملاقات ڪرڻ جو سبب پڇيو. عبدالله شاهه صاحب کيس ٻڌايو ته توهان مهرباني ڪري سنڌ سيد ايسوسيئيشن جا مربي ميمبر ٿيو. پير صاحب ميمبر ٿيڻ قبول ڪيو ۽ چيائين ته ”ايسوسيئيشن جي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ پئسن جي ضرورت هوندي، ان سلسلي ۾ منهنجي لاءِ ڇا حڪم آهي؟“ عبدالله شاهه صاحب وراڻيو ته سائين منهنجا پنجاهه هزار ڏيو. ان ٻڌڻ کانپوءِ پير صاحب ٽيبل جي خاني مان پنجاهه هزار رپيا ڪڍي سائين عبدالله شاهه جي حوالي ڪيا. پئسا وٺي عبدالله شاهه صاحب مونکي ڪن ۾ سرگوشي ڪئي ته صلاح نه ڪيم ۽ هڪدم پنجاهه هزار گهريم جيڪي سائين ڏنا پر جيڪڏهن پنج لک گهرؤن ها ته به ڏيئي ها. خير جيڪو ٿيو سو گذريو اسان ڪچهري ڪري ۽ لائيٽ ريفريشمينٽ وٺي کانئس موڪلائي آياسين.
حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن پير صاحب کي عرض ڪجي ها ته، پنج ته ڇا پر ڏهه لک به ڏيئي ها. سيد شهاب الدين شاهه حسينيءَ تازو ٻڌايو ته سندس انتقال کان سال کن اڳ ضلعي دادوءَ جي علائقي ۾ سيدن ۽ چانڊين جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هيو. چانڊين پنهنجي عددي طاقت ۽ اسلحي جي زور تي سيدن جا ٻه ماڻهو ماري وڌا، انهن جي زمين تي به قبضا ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي گهرن مان به ڪڍيو ويو. سيد شهاب الدين شاهه حسيني، سيد ايسوسيئيشن جو تاحيات صدر آهي. 1985ع جي اليڪشن ۾ ايم اين اي به رهي چڪو آهي ۽ هاڻي به سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن سيد گهراڻي کي تڪليف پهچندي آهي ته هڪ دم پنهنجي ٻن چئن عهديدارن سان گڏ مدد لاءِ پهچندو آهي. گاڏي ۽ پئٽرول به پنهنجو استعمال ڪندو آهي، ايسوسيئيشن جو هڪ پئسو به استعمال ڪو نه ڪندو آهي.
شهاب الدين شاهه هڪ وفد وٺي پيپلز پارٽيءَ جي مقامي ليڊرن هر هڪ پير مظهرالحق، سيد مراد علي شاهه ۽ دادوءَ جي ٻين چند سرڪردن وٽ دانهين ٿيو ته سيدن سڳورن سان چانڊين وڏو ظلم ڪيو آهي ۽ نه جوابدار ٿا گرفتار ٿين نه ئي وري سيدن جي زمينن ۽ گهرن تان قبضا خالي ڪيا ٿا وڃن. سيد مظلوم سخت پريشاني جي حالت ۾ آهن، انهن جي انصاف خاطر مدد ڪيو. پر پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرن کيس چيو ته چانڊيا ڏاڍا مڙس آهن ۽ پيپلز پارٽيءَ جا ورڪر به آهن تنهن ڪري خاطرخواهه مدد ڪو نه ڪري سگهبي. اهو ٻڌي شهاب الدين شاهه حسيني ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ پنهنجي عهديدارن سان گڏجي پير صاحب پاڳاري مرحوم کان وقت وٺي ملاقات ڪيائين ۽ ان کي سيدن صاحبن سان ٿيل ظلم ۽ زيادتيءَ جو سڄو احوال ٻڌايائين. پير صاحب اهو احوال وٺي، شهاب الدين شاهه حسينيءَ وارن جي روبرو سيد يوسف رضا گيلانيءَ کي ٽيليفون ڪري سڄو احوال ٻڌايو ۽ ان کي اهو به چيائين ته امن امان رکڻ ۽ ماڻهوءَ جي سلامتي ۽ ان جي مال ملڪيت جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جو اولين فرض آهي. دادوءَ ۾ هيڏو ڪيس ۽ قهر ٿيو آهي، جوابدار به گرفتار ڪو نه ٿا ٿين ۽ انهن جي جائدادن، گهرن ۽ زمينن تان قبضو به نٿو ڇڏايو وڃي. پيپلز پارٽيءَ جا ليڊر مظلوم سيدن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه آهن. وزيراعظم کي چيائين ته پندرهن ڏينهن جي اندر جوابدار به گرفتار ڪرايو ۽ سيدن جي جائدادن ۽ زمينن تان قبضو به خالي ڪرايو، جيڪي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. انهن سيدن جي بحاليءَ لاءِ هڪ خطير رقم سيد شهاب الدين شاهه حسينيءَ جي حوالي ڪيائين ته سيد سڳورن جي وڃي پرگهور لهو، مدد ڪريو ۽ کيس چيائين ته منهنجي فون جو اثر ٿيندو توهان ٽن هفتن کان پوءِ اچي مونکي ٻڌائجو ته ڇا ٿيو؟
وزيراعظم يوسف رضا گيلاني اهو درد جو داستان ٻڌڻ کانپوءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي حڪم ڪيو ته گهربل جوابدار هڪ دم ٻَڌو ۽ سيدن کي گهر، جائداد ۽ زمينون واپس وٺرائي ڏيو. حقيقت ۾ ٿيو به ايئن. سرڪار جي دٻ جو پئي ته سڀ معاملا سڌا ٿي ويا ۽ جوابدار به گرفتار ٿيا. تڏهن ته سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته: ”ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌو ڀلو“
جوابدار گرفتار ٿيا، انهن کي محسوس ٿيو ته ڪيس به هلندو ۽ حڪومت به سختي ڪئي آهي سو الائي ڇا ٿيندو؟ ان ڪري نه ڪيائون هم نه تم. پاڙي جا چار چڱا، نياڻيون ۽ قرآن پاڪ کڻي سيدن وٽ آيا ته اسان کان غلطي ٿي آهي، هاڻي مهرباني ڪري فيصلو ڪرايو، توهان رنج به ڪڍو، جيڪو به ڏنڊ ڏوهه اسان تي پيو اهو ڀرينداسين. فيصلو ٿيو، پير صاحب پاڳاري جي زور ۽ اثر بار جي ڪري سيدن کي حق انصاف مليو.
پير سائين پاڳاري جو سياسي اثر رسوخ، قدڪاٺ تمام وڏو هيو. چونڊن جي منصوبابندي ڪري وڙهڻ جي به مهارت هيس ان جي ڪري سنڌ مان صوبائي توڙي قومي چڱيون سيٽون کڻندو هيو ۽ سينيٽ ۾ به ان جا منتخب ماڻهو ميمبر ٿيندا هئا. مطلب ته پاڪستان جي سياست ۾ سندس نالو عزت احترام سان ورتو ويندو هيو.
پير صاحب جي وفات کانپوءِ سندس فرزند هر هڪ سيد صبغت الله شاهه راشدي موجوده پير پاڳارو ۽ پير سيد صدرالدين شاهه سياست ۾ سرگرم آهن. سندس ٽيون فرزند پير علي گوهر شاهه پيپلز پارٽيءَ سان منسلڪ آهي.
پير صاحب مرحوم هر سال ربيع الاول جي مهيني ۾ پير جي ڳوٺ ۾ لکين آيل مريدن کي زيارت به ڪرائيندو هيو ۽ اجتماعي دعا به ٿيندي هئي، جنهن ۾ پير صاحب پنهنجي مريدن کي تلقين ڪندو آهي ته پنهنجي اولاد پٽن ۽ ڌيئن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو ۽ امن امان سان رهو، ڪنهن سان به ظلم ۽ زيادتي نه ڪيو ۽ ڪنهن جو به حق نه کائو. سندس مريد ”حر“ دعا گهرڻ وقت يا خوشيءَ ۾ اڪثر ڪري نعره هڻندا آهن. ”ڀيڄ پاڳارا“
پير صاحب جي رحلت کانپوءِ سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجي نه سگهيو آهي. سندس اولاد ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سياست ۾ ڪو چڱو ڪردار ادا ڪجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته گذريل عام اليڪشن ۾ ۽ ان کانپوءِ ضمني ٿيل چونڊن ۾ ضلعي سانگهڙ مان قومي اسيمبليءَ جي هڪڙي سيٽ جيڪا گذريل ٽيهن، پنجٽيهن سالن کان پير سائين پاڳاري جي پاران بيهاريل اميدوار کٽندا هئا اُها هاڻي حال ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ پاران بيهاريل اميدوار ميڊم شازيه عطا مريءَ کٽي آهي، جا هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي.
پير صاحب پاڳاري جون جتي هيتريون ساريون خوبيون ۽ چڱايون بيان ڪيون ويون آهن اتي ڪجهه سندس سياسي ڪمزورين جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. پاڪستان ۽ سنڌ جي سياسي حالتن کي ڏسندي مان اهو يقين سان چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن مرحوم ڀٽي، مرحوم جي ايم سيد ۽ مرحوم پير پاڳاري جي وچ ۾ جيڪي سنڌ اندر اهم سياسي حيثيت ۽ تحريڪن جا روح روان هئا، ڪا هم آهنگي ۽ سياسي مفاهمت پيدا ٿي پوي ها ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪافي چڱو ٿي پوي ها. پر بدقسمتيءَ سان ايئن ٿي نه سگهيو.
M.R.D جي تحريڪ ۾ سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي، ماڻهن قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان دوبدو ويڙهه ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪافي ماڻهو شهيد ٿيا هيا ۽ ٻئي پاسي جو به نقصان ٿيو هيو. ان حالات جي سنگينيءَ کي ڏسندي جنرل ضياءَالحق پير صاحب پاڳاري تي زوربار رکي ”حر“ فورس کي استعمال ڪيو ۽ اهڙي طرح طاقت جو مظاهرو ڪري M.R.D تحريڪ کي نقصان رسايو.
هُن سنڌ جي خاص مسئلن جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم، سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي قبضي خلاف ڪو به خاص ۽ واضح موقف نه رکيو، جنهن جي ڪري کيس ڪافي سياسي نقصان پهتو. ان هوندي به الله تعاليٰ جي در دست به دعا آهيون ته الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي آمين.