آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

1985ع واريون چونڊون پ پ کي اقتدار ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪرايون ويون هيون

شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ ان جي ورسي چڱي نموني ملهائڻ ۽ ان جو جنم ڏينهن صحيح نموني ملهائڻ لاءِ شهيد ڀٽو مزار ڪميٽي ٺاهي هئي، جنهن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي صاحبه هئي جيڪا پيپلزپارٽيءَ جي پراڻي خلوص واري ليڊر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي به رهي چڪي هئي. مون خاڪسار کي به عزت افزائي ڪري ان ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ شهيد ڀٽو مزار ڪميٽي جا ٻيا ميمبر هئا مسٽر عبدالرزاق سومرو، مرحوم عبدالواحد سومرو، مرحوم چاڪر علي جوڻيجو، مرحوم حاجي نظر محمد لغاري جيڪو ڀٽي صاحب جي ملڪيت جو مئنيجر هيو، مرحوم نيڪ محمد ڀٽو، غلام مجتبيٰ اسراڻ ۽ حاجي منور علي عباسي. هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ ان سان عقيدت جو اظهار ڪرڻ لاءِ ملڪي توڙي غيرملڪي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ ايندا هئا. ايڏي وڏي اجتماع جو انتظام ڪرڻ، اسٽيج ٺاهڻ، شاميانا لڳائڻ، پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ورڪرن سان گڏ وڌيڪ ڄاڻ سڃاڻ وارو منهنجو وڏو سوٽ سيد بچل شاهه مرحوم، جيڪو انهن ڪمن ۾ مهارت رکندو هو، مٿيون سڄو ڪم ان جي حوالي هوندو هو. جيڪو به خرچ ٿيندو هو، ان ۾ پارٽيءَ جا عهديدار ۽ مزار ڪاميٽيءَ جا ميمبر حصو ڏيندا هئا. منجهند جي عام مانيءَ جو بندوبست هزارين ديڳين جي صورت ۾ هوندو هيو. اهو خرچ حاجي نظر محمد لغاري، بيگم نصرت ڀٽو صاحبه پاران ڪندو هيو. ٽين ۽ چوٿين اپريل جي رات جو المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو هائوس ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاران رات جو ماني جو بندوبست ڪيو ويندو هيو، ٽئين تاريخ شام جو محترمه کان تقريرون ڪندڙن جي فهرست ۽ ٽائيم جي منظور ورتي ويندي هئي، انهن جلسن کي مسٽر اعتزاز احسن، مرحوم اسحاق ظفر آزاد ڄمون ڪشمير وارو، ملڪ محمد قاسم مرحوم، شيخ محمد رفيق مرحوم، جهانگير بدر، پروفيسر اين ڊي خان، سيد قائم علي شاهه، نثار احمد کهڙو، بيگم اشرف عباسي ۽ ٻيا خطاب ڪندا هئا. آخر ۾ شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جي ڏنل پروگرام ۽ ان کي جيل ۾ آيل تڪليفن ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ورڪرن تي ڪيل ظلم، تشدد جو ذڪر ٿيندو هو ۽ آئينده جي لاءِ پرعزم ٿي ڪري مارشل لا جو مقابلو ڪرڻ، جمهوريت بحال ڪرائڻ جي لاءِ جوش ۽ جذبو ڏيکاريو ويندو هيو.
جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته ڀٽي فيمليءَ جا ووٽ هن خاڪسار سول جج جي معرفت سپرنٽينڊنٽ سهالا جيل مان داخل ڪرايا هئا، محترمه جو حافظو تمام سٺو هيو. هڪ دفعي لاڙڪاڻي جي دوري دوران ڪنهن وڪيل دوست منهنجو تعارف پئي ڪرايو ته محترمه بينظير ڀٽو کلي ڪري چيو ته ”شاہ صاحب کو میں اچھی طرح جانتی ہوں یہ میرے گاؤں کے ہیں۔ ہماری فیملی کے ووٹ دیدار حسین شاہ نے کورٹ کا آرڈر لے کر سہالا جیل کے سپرینٹنڈنٹ کے معرفت داخل کرائے تھے۔“ ان کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات جا ڪيترائي موقعا مليا ۽ محترمه نصرت ڀٽو صاحبه پڻ سيد ۽ فقه جعفريه سان واسطي هئڻ جي ڪري عزت ڪندي هئي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه بيماريءَ سبب ٻاهرئين ملڪ علاج ڪرائڻ لاءِ وئي هئي، جڏهن 1986ع ۾ علاج ڪرائي واپس آئي ته جنرل ضياءُالحق صدر هيو ۽ مرحوم محمد خان جوڻيجو، شريف النفس انسان وزيراعظم هيو، جنهن محترمه جي اچڻ کان پوءِ ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي يا نظربند رکڻ کان انڪار ڪيو. لاهور ۾ محترمه جو تاريخي استقبال ٿيو، جنهن ۾ لکين ماڻهو لاهور ايئرپورٽ ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن روڊن تي جلوس جي شڪل ۾ موجود هئا. محترمه هڪ سينگاريل ٽرڪ تي پيپلزپارٽي جي ٻين ليڊرن سان گڏ هئي ۽ خوشيءَ وچان هٿ لوڏي ماڻهن جي نعرن جو جواب ڏئي رهي هئي. چيو وڃي ٿو ته اهڙو تاريخي استقبال ان کان اڳ ڪنهن به سياسي ليڊر جو ڪو نه ٿيو هو. جلوس هلندي ڪجهه جوشيلن ورڪرن جوش ۾ اچي آمريڪا جا جهنڊا ساڙيا. جيئن ته مان به سياسي شاگرد ۽ ڪارڪن آهيان سو مون کي خيال آيو ته محترمه جي پاڪستان اچڻ ۾ آمريڪا جي حڪومت جو به عمل دخل آهي نه ته ضياءُالحق اهڙو شريف ماڻهو ڪونه هو جو ايتري آسانيءَ سان محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان اچڻ ڏئي ها. مون غلام مجتبيٰ اسراڻ سان گڏ محترمه کي عرض ڪيو ته جوشيلن جيالن ورڪرن کي پيار سان سمجهايو ته هو آمريڪا جي خلاف نعرا نه هڻن ۽ آمريڪا جي قومي جهنڊي جي بي حرمتي نه ڪن، ٻي صورت ۾ سفيد هاٿي (آمريڪا) ناراض ٿيندو، جنهن جي ناراضپي جي ڪري شهيد ڀٽي جي حڪومت کي سازش ڪري ختم ڪرايو ويو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ کيس ڦاسي ڏني وئي. محترمه کي اها ڳالهه وڻي ۽ مسڪرائيندي چيائين ته ”میں ورکروں کو منع کرتی ہوں کہ امریکا کے خلاف نعرے نہ لگائیں اور نہ ہی اس کے جھنڈے کی بے حرمتی کریں۔“ محترم شهيد بينظير ڀٽو صاحبه ٻاهرين دنيا ۾ هئي ته منهنجي والده محترمه جو انتقال ٿي ويو. مون کي بيگم اشرف علي عباسي صاحبه ٻڌايو ته هن محترمه کي توهان جي والده جي انتقال جو ٻڌايو آهي، هوءَ جيئن ئي پاڪستان ايندي ته توهان وٽ تعزيت لاءِ ايندي؛ واقعي ٿيو به ايئن.
1985ع جي غيرجماعتي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، حڪومت جي مرضي هئي ته غيرجماعتي بنيادن تي اليڪشن ٿئي ڇاڪاڻ ته MRD سنڌ ۾ ايڏي زور ۽ شور سان هلي جو سنڌ جو ٻهراڙي وارو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. دادو، موري، سڪرنڊ، نوابشاهه، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ جيڪب آباد جي علائقن ۾ فوج کي وڏو آپريشن ڪرڻو پيو، ردعمل ۾ ماڻهن فوج جو مقابلو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا، پر افسوس هيءُ آهي ته ان وڏي تحريڪ، جنهن ۾ لکين ماڻهو جيل ۾ ويا ۽ هزارين ماڻهو زخمي ۽ سوين ماڻهو شهيد ٿيا، پر انگلش ۽ اردو پريس ۾ ان جي خاطر خواهه اشاعت نه ٿي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ان کي صحيح نموني ۾ پيش نه ڪيو ويو ۽ مومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي MRD، جنهن ۾ انهن ماڻهن کي به شامل ڪيو ويو هو جن شهيد ڀٽو جي حڪومت جي خلاف تحريڪ به هلائي هئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت به وئي ۽ ڀٽي صاحب کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسي جي سزا به ڏني وئي ته ملڪ ۾ مارشل لا جو غلط استعمال به ڪيو ويو، ان تحريڪ ۾ محترمه جي حڪم تي مون انور ڀٽي مرحوم، عبدالرزاق سومري، حاجي منور علي عباسي، غلام الله ماهوٽي، ملڪ سليم ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو. جن ورڪرن پنهنجو پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيو هو، انهن جي مالي سهائتا به ڪئي وئي. اسان جي MRD تحريڪ جو مرڪز مرحوم اسماعيل ڪلهوڙي جي سڪي تلاءَ وارو ورڪشاپ هيو، MRD دوران محترم رسول بخش پليجي جي پارٽي سرگرم هئي، انهن جا ورڪر به پڙهيل لکيل جوش ۽ جذبي وارا هئا.
1985ع جي اليڪشن جي اعلان ٿيڻ کان پوءِ، جيئن ته اهي چونڊون جيڪي ڄاڻي واڻي پيپلزپارٽيءَ کي طاقت ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪرايون ويون هيون ۽ حڪومت ان وقت اهو پئي چاهيو ته پيپلزپارٽيءَ جا عهديدار جيترو گهڻو حصو وٺن ايترو بهتر آهي ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته پيپلزپارٽيءَ جي ماڻهن به اليڪشن ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. ان اليڪشن جي لاءِ PS-30 رتيديري جي صوبائي اسيمبلي اليڪشن جي لاءِ مسٽر سيرت اصغر اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ SDM ريٽرنگ آفيسر هيو، جنهن وٽ منهنجو ڪيسن جي سلسلي سبب ڪورٽ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. هڪ ڀيري ڪورٽ جي ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ مون کي چيائين ته غيرجماعتي بنيادن تي اليڪشن ٿي رهي آهي توهان پيپلزپارٽيءَ جا تعلقي سيڪريٽري به آهيو. مان تعلقي جي ٻهراڙي ۾ سرڪاري ڪم سان ايندو ويندو آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته اوهان اليڪشن ۾ حصو وٺو ٿا. اليڪشن آزاد ۽ غيرجانبدار ٿيندي، اهڙو مون کي اشارو مليو آهي ته ڪاميابيءَ کان پوءِ توهان کي قانون جو وزير مقرر ڪن. مون هن کي جواب ڏنو ته هيءُ پارٽيءَ جو فيصلو آهي ۽ اهو فيصلو ڪيئن ٿيو اها خبر مون کي ڪا نه آهي. حالانڪه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جو اهو حڪم آهي ته هر اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو وڃي ۽ مخالفن جي لاءِ ميدان خالي نه ڇڏجي، جنهن جي ڪري لوڪل باڊيز ۾ به حصو ورتو هيو ۽ مون کي اهائي سوچ آهي ته جڏهن به بينظير صاحبه سان ملاقات ٿيندي ۽ جيڪڏهن چونڊ ۾ حصي وٺڻ کان پوءِ مان ميمبر به ٿي وڃان پر محترمه جو صرف ايترو چوڻ ئي ته ”شاه صاحب آپ نے بهي ہمارے فیصلے کا احترام نہیں کیا“ ان ٻڌڻ کان اڳ مان چوندس ته ڌرتي جاءِ ڏئي ته گهڙي وڃجي پر محترمه جي نظر ۾ نه ڪرجي.