آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

پيپلز پارٽيءَ ۾ سزا ۽ جزا جو عمل ڪو نه آهي

لاڙڪاڻي مان مير مرتضي ڀٽو ۽ رتيديري مان ممتاز علي خان ڀٽو منتخب ٿيا. رزلٽ اچڻ بعد محترمه لاهور مان ڏيڍ ڪلاڪ فون تي ڳالهايو ۽ هر هڪ پولنگ اسٽيشن جي رزلٽ پڇيائين. مون ان کي صحيح حقيقت ڪري ٻڌائي. نئون ديرو شهر لاءِ پڇا ڪيائين ته سيد قطب شاهه ووٽ ڏيارايا يا نه؟ مون چيو مانس ته ان صاحب ووٽ نه ڏيارايا آهن. محترمه چيو ته ان کي جسٽس سيد سجاد علي شاهه جهليو هوندو، ڇو ته جسٽس سيد سجاد علي شاهه جي ڀاءُ امير علي شاهه جي نياڻي جي شادي سيد قطب شاهه جي پٽ سان ٿيل آهي ۽ رتيديري جي سومرن صاحبن ۽ گهاگھرن صاحبن به ووٽ ڪو نه ڏنا، حالانڪ گھانگھرن صاحبن اليڪشن جي رات پولنگ جي خرچ لاءِ پئسه به گھرائي ورتا هيا. مونکي هي چوندي ڪو به افسوس ڪو نه آهي ته پيپلز پارٽي ۾ سزا ۽ جزا جو عمل ڪو نه آهي. جنهن جي گھرن ته مدد ڪن، جنهن لاءِ وڻين ته مدد نه ڪن. هر ڪو پنهنجي خانيءَ خان آهي. سومرا صاحب پيپلز پارٽيءَ جي 2008 جي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ رتيديري ۽ لاڙڪاڻي جا، خاص طرح سان اياز سومرو، ڊاڪٽر شفقت حسين سومرو ۽ بابو نصرت حسين سومرو ولد مرحوم عبدالواحد سومرو سياح ۽ سفيد جا مالڪ ۽ ڪرتا ڌرتا رهيا آهن. هر ڪم انهن جي اشاري تي يا انهن جي حڪم تي پيو ٿئي.
محترمه شهيد بينظير ڀٽو اليڪشن جي رزلٽ جي 25 ڏينهن کان پوءِ، باءِ ايئر ڪراچي پهتي. بقول جسٽس آغا رفيق احمد جي، جيڪو ان وقت سنڌ سرڪار ۾ لا سيڪريٽري هيو ته، محترمه حسبِ معمول استقبال ڪندڙ ماڻهن سان سلام ڪري تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌي وئي ۽ پوءِ پوئتي نظر ڦيرائيندي کيس (جسٽس آغا رفيق احمد کي) استقبال ڪندڙ ماڻهن جي سامهون چيائين ته ”جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي مبارڪ ڏيو، جو ان جي مدد سان ممتاز علي خان ڀٽو ڪامياب ٿيو آهي ۽ منهنجو اميدوار سيد ديدار حسين شاهه ڪامياب نه ٿيو آهي.“ محترمه تمام باخبر ۽ هر معاملي جو فهم ۽ ادراڪ رکندڙ هئي. ان کي اها به خبر هئي ته سيد سجاد علي شاهه، قطب شاهه تي زور وجھي ووٽ ڦيرائيندو ۽ ان جي ڳوٺ ۾ جج صاحب ٿي ڪري، دخل اندازي ڪرائي، ممتاز صاحب کي ڪامياب ڪرائيندو. آغا رفيق جي نياپي ڏيڻ بعد بقول آغا صاحب جي ته، جسٽس سجا علي شاهه پريشان ٿي ويو، کيس خبر هئي ته محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿيندي ۽ صوبن ۾ به ان جي اشاري تي حڪومتون ٺهنديون.
1993 جي اليڪشن ۾ پنهنجي ناڪاميابي کان پوءِ مون پارٽيءَ کي سينيٽر ٿيڻ لاءِ درخواست ڏني ۽ پارٽيءَ جي دستوري فيس ٽيهه هزار به جمع ڪرائي ڇڏي. 3 ۽ 4 اپريل 1993 جي رات تي، ڀٽي صاحب جي ورسي واري رات، محترمه حسبِ معمول ورسي ملهائڻ لاءِ آيل معزز مهمانن لاءِ رات جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو هو، جنهن ۾ مان به شريڪ هيس. مهمانن جي آمد شروع ٿي وئي، آهستي آهستي مهمان ايندا رهيا. مرحوم الطاف حسين ڀيو MNAشڪارپور ڳڙهي ياسين وارو به آيو. پاڙيسري هجڻ جي ناتي منهنجو ساڻس سٺو واسطو هيو. MNA ٿيڻ کان اڳ به تمام سٺو واسطو هيو ڇو ته ڀيو صاحب ان کان اڳ رتيديري ۾ ڪميشن پاس ڪري اسسٽنٽ انجنيئر ٿي آيو هو، بعد ۾ نوڪري تان استعيفي ڏئي سياست ۾ شامل ٿيو. پاڪستان مان پيپلز پارٽي جا سرڪرده اڳواڻ آيل هئا. ڀيو صاحب به آيو ۽ سڪ ادب سان اچي مليو. حال احوال ڪندي، ڀيي صاحب چيو ته محترمه توهان لاءِ هڪ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي پڇڻ تي چيائين ته، جيئن ته توهان سنڌ هاءِ ڪورٽ جا وڪيل آهيو ۽ هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ جا اهل آهيو، تنهن جي ڪري محترمه توهان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪندي. مون چيو مانس ته جيڪي خدا بهتر ڪري، جتي عزت جو مقام ملي، اتي مان خوش آهيان. مون کي هروڀرو سينيٽر ٿيڻ جي خواهش ڪو نه آهي. ٿيو به ائين، ٽن مهينن کانپوءِ مون کي 6 جون 1994 ۾ ٻين دوستن سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج ڪري کنيو ويو. مون سان گڏ مسٽر جسٽس راڻا ڀڳوان داس، مسٽر جسٽس علي محمد بلوچ، ميڊم ماجده رضوي، مسٽر جسٽس عبدالمجيد خانزادو، مسٽر جسٽس شفيع محمدي ۽ مسٽر جسٽس غلام حيدر لاکو کنيا ويا. حلف کڻڻ کانپوءِ پهرين روسٽر ۾ مون کي جسٽس مامون قاضي صاحب سان ويهاريو ويو، ڇو ته نون ججن کي مهينو ٻه ڪنهن سينئر جج صاحب سان ڪم ڪرڻ لاءِ رکيو ويندو آهي. جسٽس مامون قاضي تمام قابل، اهل، ايماندار، خدا جو خوف رکندڙ ۽ ڪنهن کان به نه ڊڄڻ وارو جج هيو. هن وقت رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. جسٽس قاضي مامون سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهي چڪو آهي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به نالي ۽ عزت وارو جج ٿي رهيو آهي.
1999 ۾ مشرف جي ملٽري انقلاب کان پوءِ هُن PCO جي تحت حلف نه کنيو ۽ رٽائرڊ ٿي ويو. قاضي صاحب جي بئنچ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري، مون ڪافي ڪم سکيو ۽ هئين سان هنڊايو. محترم قاضي صاحب اها به نصيحت ڪئي ته ”شاهه صاحب جج جي حيثيت سان ڪنهن به قسم جو آرڊر، ٻي ڌر کي نوٽيس ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن به نه ڪجو، ان ۾ ئي انصاف جي بهتري آهي. ٻنهي ڌرين کي ٻڌڻ کان بعد ڪو به آرڊر ڏيڻ انصاف جي عين مطابق آهي.“ مون قاضي صاحب جي ان سٺي صلاح تي سڄي زندگي عمل ڪيو ۽ ڪڏهن به، ڪنهن به وڪيل کي، ڪنهن به ڪيس ۾ نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ، ڪو به آرڊر ڪو نه ڏنو. ٻن مهينن کان پوءِ نئين روسٽر ۾ مونکي اوريجنل سائيڊ تي جج مقرر ڪيو ويو، جتي تمام وڏا ڪيس هلندا آهن. مونکي ياد آهي ته پهرئين ڏينهن ئي ٻه ٽي ڪيس لڳل هئا، جن ۾ اسٽي آرڊر جي درخواست لڳل هئي ۽ وڪيل محترم خالد انور، عبدالحفيظ پيرزادو، مرحوم خالد اسحاق ۽ شريف الدين پيرزادو صاحب هيا. مون سڀني وڪيلن صاحبن کي گذارش ڪئي ته انصاف جي تقاضا اها آهي ته نوٽيس ڏئي، ٻنهي ڌرين کي ٻڌي پوءِ آرڊر ڪبو، اهو ٻڌي وڪيلن صاحبن چيو ته بهتر آهي. اهڙن ناليوارن وڪيلن کي همٿ ڪري، جواب ڏئي مون هاءِ ڪورٽ بار کي پيغام موڪليو ته جسٽس ديدار حسين شاهه کان بغير نوٽيس جي رليف ڪو نه ملندو، سڀئي وڪيل صاحب ڏاڍا خوش ٿيا. اسان الله کي سنڀالي جنهن عهدي جو قسم کنيو هيو، ان تي هلندي، بغير مت ڀيت جي ڪيسن ۾ رليف ڏنو ۽ جيئن ته جج جو اهو فرض آهي ته هو بغير خوف خطري، حرص ۽ لالچ جي، انصاف جي تقاضا کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪري. منهنجي ان روِش (رويي) جي ڪري اوريجنل سائيڊ جو روسٽر به رهيو، ان سان گڏ فوجداري اپيلن ۾ به ڪو جونيئر جج وهاري ڊويزن بئنچ ۾ چڱا فيصلا ڪياسين.
مونکي ياد اچي ٿو ته 1994 جي آخر ۾ SAGA (سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن) جو ساليانو ڪنوينشن آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيو، جنهن ۾ سگا وارن مون کان صدارت ڪرائي ۽ مهمانِ خصوصي سائين عبدالله شاهه چيف منسٽر سنڌ هيو. ان ڪنوينشن ۾ سائين عبدالله شاهه ۽ آءُ گڏ ويٺا هياسين. مونکي ڊاڪٽر سليمان شيخ، جيڪو پڻ منهنجي ڀرسان ويٺو هيو، چيو ته سگا کي پئسن جي سخت ضرورت آهي. توهان پنهنجي تقرير ۾ سائين عبدالله شاهه کي گذارش ڪيو ته، سٺ لک پنهنجي چيف منسٽر جي گرانٽ مان ڏئي. ڇاڪاڻ ته توهان سان سائين عبدالله شاهه انڪار ڪو نه ڪندو. سائين عبدالله شاهه توهان سان گڏ MPA به رهيو آهي ۽ توهان جي رٿ تي ئي سنڌ اسيمبلي ۾ ريزوليشن آيو هو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ منظور ڪيو هو. مون تقرير ڪندي سائين عبدالله شاهه کي گذارش ڪئي ته، الله تعالي توهان کي سنڌ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. سنڌ جي خدمت ڪيو، ان سان گڏوگڏ سگا جي به مالي سهائتا ڪيو ۽ سٺ لک روپيه انهن کي هڪ دم ڏيو ته جيئن انهن جو ڪم ڪار هلي سگھي. سائين عبدالله شاهه پنهنجي واري تي مهمانِ خصوصي جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي چيو ته، ٻن ذاتين وارا ماڻهو سخت ٿيندا آهن ۽ انهن کي جواب ڏيڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي، اهو منهنجو ذاتي مشاهدو آهي. هڪڙا آهن سيد سڳورا ۽ ٻيا ٻروچ ڏاڍا مڙس، تنهنڪري مان جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جي گذارش تي، سنڌ صوبي جي مالي حالت خراب هوندي به سگا کي سٺ لک ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو. سگا جي ڪنوينشن هال ۾ ويٺل ماڻهن جي تاڙين جو آواز گونجي ويو ۽ سگا وارا ڏاڍا خوش ٿيا. مون اٿي بيهي سائين عبدالله شاهه کي عرض ڪيو ته، قبله صرف اعلان نه گھرجي، توهان فنانس سيڪريٽري کي حڪم ڪيو ته پئسا رليز ڪري. تقرير ڪرڻ بعد سائين جڏهن مون سان اچي ويٺو ته ڪچهري ڪندي ٻڌايائين ته جڏهن هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي کڻڻ جو مرحلو آيو ته وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ اهي سمريون آيون، جن ۾ مختلف ايجنسين جهڙوڪ اسپيشل پوليس I.S.I، انٽيليجنس بيورو I.B وغيره جون رپورٽون هر هڪ فائيل سان گڏ لڳل هيون، توهان جي فائيل ڏسڻ کان پوءِ محترمه مسڪرايو، سبب پڇڻ تي محترمه ٻڌايو ته ايجنسين وارا ڪجھه نه ڪجھه اوڻايون ۽ ڪميون پيشيون لکندا آهن، پر مونکي خوشي ٿي آهي ته سيد ديدار حسين شاهه جي فائيل ۾ ڪجھه به مخالفت ۾ ڪو نه آهي ۽ مان ذاتي طور سڃاڻان ٿي ته هو تمام شريف، ايماندار، قابلِ ۽ ڀروسي وارو ماڻهو آهي ۽ سڀني ايجنسين به پنهنجي رپورٽن ۾ Neat & Clean (صاف سٿرو) لکيو آهي.
اوريجنل سائيڊ تي سوٽ هلائيندي هڪڙو واقعو ياد اچي رهيو آهي ته سعودي عرب جي ڪنهن شيخ جي ايجنسي سان PIA پاڪستان مان ۽ سعودي عرب جي ايئرپورٽ تان، ٽريول ايجنسي جو ٽن سالن جي مدي جو معاهدو ٿيل هيو. جڏهن PIA ڏٺو ته ماڻهن جو تعداد ۽ آمدو رفت سعودي عرب لاءِ حج ۽ عمرو ڪرڻ سبب تمام وڌي وئي آهي ۽ PIA جو سعودي عرب ٽريول ايجنسي کي ٺيڪو ڏيڻ ۾ نقصان ٿي رهيو آهي ته ٽن سالن جو مدو ختم ٿيڻ کان مهينو اڳ، ان کي نوٽيس ڏنو ويو ته ٽن سالن کان پوءِ توهان سان ايگريمنٽ يا معاهدو ڪو نه ٿيندو ۽ اسان ٽڪيٽ پاڻ ڏينداسين. ايگريمنٽ ۾ هڪ شِڪَ اهڙي به هئي ته ٻنهي ڌرين جي نا اتفاقيءَ جي ڪري مسئلو آربيٽريٽر (امين) ڏي موڪلي سگھجي ٿو پر جيئن ته سعودي عرب ايئر لائينز جو PIA کي ڪاروبار واپس ڏيڻ جو ارادو ڪو نه هيو، جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”انهن جي گوڏ ۾ پٿر هيا“.
سعودي عرب جي ٽريول ايجنسيءَ ڪراچي جي ناليواري مسٽر شريف الدين پيرزادي کي وڪيل ڪيو، جنهن سول سوٽ داخل ڪري، ڪنهن هاءِ ڪورٽ جي جج صاحب کان نوٽيس ۽ بعد ۾Status-quo Order (جنهن حالت ۾ آهي ان حالت ۾ هجي وارو آرڊر) ڪرائي ڇڏيو. اهو اسٽي آرڊر PIA جي خلاف ڇهن مهينن تائين هليو. جڏهن اهو ڪيس مون وٽ روسٽر ۾ آيو، تڏهن سعودي عرب جي ٽريول ايجنسيءَ جي وڪيل مهملي جي درخواست ڏئي ٽي دفعا تاريخ ورتي. جنهن تي PIA جي وڪيل مسٽر خالد اسحاق مرحوم اعتراض ڪو نه واريو. آخرڪار نون مهينن کانپوءِ ڪيس هليو. ٻنهي ڌرين کي ٻڌي ڪري مون اسٽي آرڊر خارج ڪيو ته PIA وڃي پنهنجي ايجنسي پاڻ هلائي. سعودي عرب جي ان ٽريول ايجنسيءَ منهنجي ان فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي جيڪا پڻ رد ٿي.