ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي (سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن)
ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب شروع ۾ ٻن ڪمرن ۾ سوٽ کي چالو ڪيو هيو. 1988ع ۾ هن سوٽ جي قائم ڪرائڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايڪٽ آندو، ان وقت مان سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊيل ميمبر هيس. مون S.I.U.T بابت سرڪار جي آندل بل ۾ پنهنجي پاران ترميمون تجويز ڪيون جنهن ۾ مون چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپلز کي S.I.U.T جي بورڊ آف گورنر تي رکيو وڃي. مون اهڙي ترميم اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڏياري موڪلي. جيئن ئي ترميم سيڪريٽريٽ ۾ پهتي تيئن ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جا ڪن کڙا ٿي ويا ته جنهن مقصد لاءِ مان S.I.U.T کي عام ڀلائي جي فائدي وارو هڪ خودمختيار ادارو ٺاهڻ گهران ٿو ان ۾ مون کي رڪاوٽ ٿيندي ۽ گهڻن ماڻهن جي لاڳاپيل هئڻ ڪري صحيح نموني ۾ ڪم ڪري ڪونه سگهندس.
منهنجي ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب سان اڳ ۾ ملاقات ڪو نه هئي، ان جي ڪري ڊاڪٽر صاحب جسٽس سجاد علي شاهه صاحب سان رابطو ڪيو ۽ ان کي ٻڌايائين ته سيد ديدار حسين شاهه صاحب سوٽ جي ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرائڻ گهري ٿو. ترميمن سان منهنجو ادارو ڪم ڪري ڪو نه سگهندو ۽ چون چون جو مربو ٺهي ويندو. سجاد علي شاهه صاحب کي چيائين ته اوهان سيد ديدار حسين شاهه صاحب سان ڳالهايو ۽ هو مونکي ٽائيم ڏئي ته مان ملي ڪري سائينءَ کي حقيقت حال کان آگاهه ڪيان.
مان 1988ع ۾ اسيمبلي ميمبر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي مربي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه صاحب جي گهر ۾ رهندو هيس، ٽائيم وٺي ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب آيو ۽ مليو. حال احوال ڪندي ٻڌايائين ته منهنجي S.I.U.T ۾ 70 کان وٺي 80 سيڪڙو مريض سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن مان اچن ٿا، ڇو ته اتي پاڻي صاف ۽ سٺو نٿو ملي ۽ ان جي ڪري گردن جون بيماريون گهڻيون ٿين ٿيون. S.I.U.T به ان جي ڪري ئي کولي آهي ۽ بل اسيمبليءَ ۾ آندو آهي. جيڪڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج يا لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا پرنسپلز بورڊ آف گورنر تي ايندا ته پوءِ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين ميڊيڪل ڪالجز جا پرنسپلز به چوندا ته اسان به S.I.U.T جي بورڊ آف گورنر جا ميمبر ٿيون ۽ نتيجو اهو نڪرندو ته سياست S.I.U.T ۾ ڪاهي پوندي، ڪم جي لاءِ مرڪزيت ختم ٿي ويندي ۽ صحيح نموني ۾ ادارو ڪم ڪري ڪو نه سگهندو. توهان جي گهرو ٿا ته ادارو ڪم ڪري ته ڪنهن به ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل کي ان ۾ دخل اندازي ڏيڻ نه ڏيو. مونکي ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جي ڳالهه ڏاڍي وڻي ڇو ته اسان جي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ چوڻ آهي ته: ”گهڻي زائفين گهر نه هلي ۽ گهڻين مردين هر نه هلي.“
انهيءَ ڳالهين کي نظر ۾ رکندي مون ترميم واپس وٺي ڇڏي ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جي نيڪ منشاءَ مطابق ايڪٽ پاس ٿي ويو. هاڻ اداري جو سربراهه ڊاڪٽر اديب رضوي پاڻ آهي ۽ ان جي خلوص نيتي سان، ايمانداريءَ سان ۽ گهڻي سٺي ڪم ڪرڻ جي ڪري S.I.U.T جو نالو پاڪستان ته ڇا پر ٻاهرين دنيا ۾ به وڏي عزت ۽ توقير سان ورتو وڃي ٿو. ٻاهرين دنيا جا نالي وارا ڊاڪٽر اتي اچي ڊاڪٽر اديب رضويءَ جا ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪندا آهن ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسون به منعقد ٿينديون آهن.
سرڪار جي محدود مدد کانسواءِ سائين اديب رضوي جي ايمانداري اورچائي سان ڪم ڪرڻ جي ڪري صاحب حيثيت ماڻهو تمام گهڻو فطرو زڪواة ۽ چندو وغيره ڏيندا آهن. S.I.U.T جي عمارت نئين ٺهرائي وئي آهي، جن ۾ مرحوم آغا حسن عابدي، ديوان فيملي ۽ ٻين ماڻهن تمام گهڻو خرچ ڪري سڄي سينٽرلي ايئرڪنڊيشن عمارت ٺهرائي آهي. جتي گردن جي بيماري جو علاج مفت ۾ ڪيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب ٻهراڙي جي هڪڙي ڳوٺ ڪاٺوڙ ۾ به S.I.U.T جي هڪ برانچ کولي آهي. ان کان علاوه سکر شهر ۾ به ڊاڪٽر صاحب برانچ کولي آهي، جيڪا مرحومه ڊاڪٽر ڇاٻلاڻي زوجه مرحوم عبدالستار پيرزادو، جو ڪنهن وقت سنڌ جو چيف منسٽر ۽ مرڪزي وزير رهيو آهي، ان پاران ڏنل عمارت کي ٺاهي تيار ڪري عاليشان S.I.U.T جي حوالي ڪيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽر اديب رضوي هر خميس تي پاڻ ويهندو آهي ۽ ٻيا ڊاڪٽر به اتي مستقل ڪم ڪندا آهن، اتي به علاج ٽيسٽ وغيره مفت ۾ ڪئي ويندي آهي.
الله تعاليِٰ اديب رضويءَ کي وڏي عمر ۽ تندرستي عطا ڪري ته جيئن هو سنڌ جي ماڻهن ۽ انسان ذات جي گهڻي کان گهڻي خدمت ڪري سگهي. اهڙن ماڻهن جي لاءِ ئي شاهه صاحب ؓ فرمايو آهي ته:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.