عبدالخالق جلباڻي مرحوم ميٽرڪ کان پوءِ لوڪل گورنمنٽ ۾ ملازم ٿيو ۽ ڪنهن بيماريءَ سبب هن جو وقت کان اڳ موت واقع ٿيو. مرحوم غلام عمر چنو به ڪلاس ميٽ رهيو. عبدالخالق جلباڻي وانگر ڏاڍو ڀوڳائي هو، پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. سندس والد کي پنهنجي ڪجهه زمين هئي، جيڪا ريٽائرمنٽ کان پوءِ سنڀاليندو هيو. ٻه ٽي سال ٿيا آهن ته هن جو به انتقال ٿي ويو آهي.