سنڌ جو اَمُلهه ڪردار
مان شاهه صاحب جي مهرباني مڃان ٿو جو هن مونکي ان لائق سمجهيو ته مان سندس هن ڪاوش تي پنهنجا تاثرات لکان. سچي ڳالهه ڪبي ته مان نه ته ڪو اديب ۽ نه ته ڪو دانشور آهيان جو اهو ادبي ڪم ڪري سگهان، پر اهو ضرور آهي ته مان شاهه صاحب جي خانداني حيثيت، شخصيت، فضيلت ۽ ذهانت جو چشم ديد گواهه آهيان.
سيد ديدار حسين شاهه جا ابا ڏاڏا ۽ منهنجا ابا ڏاڏا رتيديري شهر جا قديمي رهواسي هيا. ٻنهي خاندانن جا پويان پڻ اڄ ڏينهن تائين اتي رهن ٿا. شاهه صاحب جي پوري خاندان سان ۽ شاهه صاحب سان منهنجي خاندان ۽ منهنجا ذاتي تعلقات رهيا آهن، جيڪي اڄ تائين قائم آهن. مان پاڻ رتيديري شهر ۾ پيدا ٿيس، ان ننڍي شهر ۾ ئي پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين پڙهيس ۽ اتان ئي بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪيم. شاهه صاحب پڻ پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين اتي پڙهيو جيتوڻيڪ اها گهڻي وقت کانپوءِ جي ڳالهه آهي
سائين پنهنجي سوانح ۾ منهنجو ڀرپور ذڪر ڪيو آهي، نه رڳو ذڪر ڪيو آهي، پر منهنجي عزت افزائي ڪئي آهي. مونکي به فخر آهي ته هو وڪالت جي پيشي ۾ منهنجو جونيئر رهيو آهي.
اهڙا ماڻهو جن پنهنجي خداداد لياقت، محنت ايمانداري ۽ سچائي سان وڏا مرتبا ماڻيا آهن، سي ملڪ ۾ ئي گهٽ آهن. ديدار حسين شاهه انهن ماڻهن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. عزت ڏئي ۽ عزت وٺي ڄاڻندو آهي. اهوئي سبب آهي جو هر عمر، هر ذات هر عقيدي جو ماڻهو سندس مداح آهي. هر پوزيشن ۾ هر ننڍي وڏي سان خنده پيشاني ۽ کلي دل سان ملڻ هن جي سڀ کان وڏي ڪاميابي جو سبب آهي. شاهه صاحب جي موڪليل مواد کي مون دلچسپي سان پڙهيو. منهنجي خيال ۾ سندس زندگيءَ جي سفر کي ٽن مکيه حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
هڪ سندس ننڍپڻ کان وٺي تعليم مڪمل ڪرڻ جو دور ٻيو سندس وڪالت جو زمانو ۽ ان سان گڏ سياسي سماجي ڪردار جيڪو لوڪل باڊيز جي اليڪشن کان وٺي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر شپ تائين ۽ ٽيون سندس دور عدالتي پوزيشن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج، ساڳي ڪورٽ جو چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج ۽ چيئرمين نيب هجڻ ۽ تنهن کانپوءِ اڄ تائين.
شاهه صاحب پنهنجي ڄمڻ کان وٺي پنهنجي تعليمي سفر جو سير حاصل ذڪر ڪيو آهي، پنهنجي يتيم هجڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجي چاچي سيد وريل شاهه صاحب جي شفقت جو ڀرپور ذڪر به ڪيو آهي، مون ذاتي طرح ڏٺو ته ديدار حسين شاهه ۽ سندس ڀاءُ نياز حسين شاهه، وريل شاهه صاحب کي پيءُ ڪري سمجهندا هئا ۽ سڄي عمر شاهه صاحب کي بابا ڪري سڏيندا هئا. شاهه صاحب به پنهنجي ڀائٽين لاءِ پيءُ کان گهٽ نه ڪيو. سيد وريل شاهه مرحوم اعليٰ پيماني جو مقرر ۽ پراڻو مسلم ليگ جو ورڪر نه پر ليڊر رهيو، رتيديري شهر ۾ مسلم ليگ جو روح روان هو، سندس ئي ڪوشش سان مسلم ليگ جا جلسا جلوس ٿيندا هئا. جڏهن اڃا پاڪستان ڪو نه ٺهيو هو منهنجو مرحوم شاهه صاحب سان ذاتي تعلق رهيو هو. اسان گڏ رتيديري ٽائون ڪميٽيءَ جا ميمبر چونڊيل هئاسين ۽ هڪ ٽرم يعني 5 سال گڏ ڪم ڪيوسين. سندس ڪميٽيءَ جي ميٽنگس ۾ نهايت زبردست رول هوندو هو.
سيد وريل ساهه وڏي عمر جو ماڻهو هو، منهنجي والد صاحب دودو خان سومرو سان گڏ پڙهيو هو، نه رڳو اهو پر 1938ع جي رتيديري ميونسپالٽي جي اليڪشن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا رتيديري ميونسپالٽي جا ميمبر رهي چڪا هئا.
وڪالت وارو زمانو- سيد ديدار حسين شاهه پنهنجي وڪالت جي زماني جو احوال پڻ سٺي پيرائتي نموني بيان ڪيو آهي ۽ ڪيترن وڪيل صاحبن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، هو پاڻ به سٺو وڪيل رهي چڪو آهي. لوڪل باڊيز جي اليڪشن جون دلچسپ ڳالهيون بيان ڪيون اٿائين.
1970ع جي عام اليڪشن جو ذڪر پڻ تفصيل سان ڪيو اٿس، سندس چوڻ بلڪل سچ آهي ته سنڌ ۾ 1970ع وارين چونڊن ۾ پ پ آڏو ڪا به طاقت بيهي نه سگهي. رتيديري تڪ مان 1988ع واري صوبائي اسيمبلي جي چونڊ ۾ سندس پاران نامينشن پيپر تي رٿ ڏيندڙ جي حيثيت سان مان ساڻس گڏ رٽرننگ آفيسر جي سامهون موجود هوس. ساڳي تڪ مان ممتاز علي خان ڀٽو صاحب به اميدوار هو. پ پ جي ٽڪيٽ تي شاهه صاحب اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ جناب ممتاز علي خان شڪست کاڌي. هن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ هائوس اندر نهايت بهتر نموني پنهنجي فرض ادائي ڪندي نالو ڪمايو. سنڌ جو سڄاڻ طبقو، هائوس اندر سندس پرفارمس جي تعريف ڪندو رهيو.
هن اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان ڪافي ڪارگذاري ڪئي، ان ۾ هڪڙو اهڙو به ڪم ڪيو جيڪو ذڪر ڪرڻ جي لائق آهي. اهو هو سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي ميمبر شپ تي پيل ضياءَالحق جي زماني جي پابندي ختم ڪرائڻ. شاهه صاحب سنڌ اسيمبلي ۾ ريزوليشن پيش ڪيو ته سرڪاري ڪامورن تي سگا جي ميمبر شپ بند ڪرايل غلط فيصلو آهي جيڪو ڊڪٽيٽر جي زماني جو آهي. سندس محنت ۽ ڪوشش سان ريزوليشن يڪراءِ سان بحال ٿيو ۽ پابندي ختم ٿي.
آتم ڪهاڻي ۾ هونءَ ته ڪيتريون ڳالهيون ۽ واقعا بيان ٿيل آهن پر هڪ واقعو جيڪو سندس ڪتاب ۾ سنڌي آفيسر پاڻ کان وڌيڪ شاهه جا وفادار آهن، جي عنوان سان بيان ٿيل آهي، ٿورن لفظن ۾ درج ڪيان ٿو. ضياءَالحق جي مارشل لا لڳي ته ٿوري وقت کانپوءِ محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جا گهر تلاش ڪيا ويا هئا. چيو ويو پئي ته مشرقي پاڪستان جي جنگ ۽ جدا ٿيڻ تي جيڪا جسٽس حمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ هئي ۽ شايع ٿيل ڪا نه هئي ان کي هٿ ڪرڻ لاءِ مالڪن جي غيرحاضري ۾ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو جي تلاش بنا اطلاع جي سول ۽ ملٽري جي آفيسرن رات جي وقت ڪئي. ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊي سي مسٽر رحمت الله قريشي هڪ سنڌي آفيسر هو. ان آفيسر جي سرڪردگي ۾ گهر جي تلاشي ورتي وئي. ڪميشن جي رپورٽ ته هٿ ڪا نه ٿي ان جي باوجود بنگلي کي سيل ڪيو ويو. بنگلي ۾ اندر جانور ۽ پکي جيڪي پاليل هئا، انهن کي به ٻاهر ڪو نه ڪڍيو ويو. صبح جي وقت بنگلي جي اسٽاف جي ٻڌائڻ تي شاهه صاحب ڊي سي لاڙڪاڻي وٽ ويو ۽ کيس جانورن کي آزاد ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني. ڊي سي انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ شاهه صاحب ان وقت جي آرمي آفيسر برگيڊيئر سليم وٽ، سندس آفيس ۾ ويو ۽ درخواست ڏني جنهن ڊي سي کي گهرائي کيس بي عزت به ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنو ته 10 منٽن ۾ جانور آزاد ڪر.
سيد ديدار حسين شاهه عدالتي عهدن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان توڙي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي جج جي پوزِيشن ۾ جيڪي فصيلا ڏنا سي تعريف جوڳا رهيا. هن پنهنجي يادداشت ۾ ڪيترن ئي فيصلن جا حوالا پڻ ڏنا آهن. ”اردشير ڪائوسجي جو منهنجي خلاف لکيل ڪالم ۽ ان کانپوءِ جو تاثر“ جي سري سان جيڪي ذڪر ڪيو ويو آهي سو سندس بي لاگ انصاف ڪرڻ جو پڻ هڪ دليل آهي.
مطلب ته شاهه صاحب بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي فرض ادائي ڪئي ۽ پاڻ کي ان اعليٰ منصب جو حقدار ثابت ڪيو. سندس فيصلن پڙهڻ سان سندس دانائي، قابليت ۽ قانوني معلومات جي شاهدي ملي ٿي.
شاهه صاحب عدالتي معاملن جي ائڊمنسٽريٽو سائيڊ تي ٿيل ڳالهيون واشگاف ڪيون آهن. جهڙوڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي جج مقرر ڪرڻ تي اردو اخبارن وڏو وڳوڙ ڪيو هو وغيره.
سيد سجاد علي شاهه جو واري کان پهريائين چيف جسٽس ٿيڻ جو قصو بيان ڪيو ويو آهي. جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي خلاف سازش جو ذڪر ڪافي معلومات فراهم ڪري ٿو. ان سان گڏ الجهاد ڪيس جي حوالي سان شاهه صاحب فرمايو ته ان ڪيس جي فيصلي سان سنڌين جا اعليٰ عدلت ۾ مقرري جا دروازا بند ڪيا ويا.
شاهه صاحب پنهنجي ڪٿا جي هڪ حصي ۾ لکيو آهي ته ”نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 8 آڪٽوبر 2010ع جي تاريخ تي منهنجو نيب چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن نڪتو ۽ ان ئي تاريخ تي مون چارج به سنڀالي ورتي. اها ڳالهه پريس ۽ ميڊيا ۾ اچي وئي. 9 تاريخ آڪٽوبر 2010ع تي محترم چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري صاحب ڪورٽ نمبر پهرين ۾ بغير سبب ۽ بغير ڪنهن پٽيشن يا ڪيس هجڻ جي ڪورٽ ۾ وڏي آواز سان Observation ڏني ته ”بعدي النظر ۾ لڳي ٿو ته چيئرمين نيب جي مقرري غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي.“ Observation کانپوءِ مخالف ڌر پاران پٽيشن داخل ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ شاهه صاحب کي نيب جي عهدي تان برطرف ڪيو ويو.
شاهه صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ صاف لکيو آهي ته ”سنڌي ماڻهو آفيسر هجي يا جج هجي، ڪيترو به ايماندار، انصاف پسند ۽ سٺو منتظم هجي پر ان جي تعريف ڪا نه ٿيندي.“
بهرحال شاهه صاحب اهو به ذڪر ڪيو آهي ته نيب جي چيئرمين طور برطرف ڪرڻ جي فيصلي جي خلاف صوبائي اسيمبلين هر هڪ سنڌ اسيمبلي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي، گلگت بلتستان اسيمبلي Resoletin پاس ڪيا. ڪيترن شهرن ۾ عام ماڻهن مظاهرا ڪيا ۽ ايس سي جي آرڊر کي ناپسند ڪيو. مشهور وڪيلن جهڙوڪ عاصمه جهانگير، بابر ستار، شاهه صاحب جي حق ۾ ڳالهايو. صحافي حضرات رئوف ڪلاسرا، نذير لغاري ۽ ٻين پنهنجي ڪالمن ۾ شاهه صاحب کي انصاف پسند جج لکيو.
شاهه صاحب هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي چيف جسٽس جي پوزيشن ۾ ميان نوازشريف کي سندس ڪيس جي دوران رليف پڻ ڏنو هو، جنهن جو ذڪر ڪتاب ۾ آهي. ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل هڪ ڳالهه تي منهنجو شاهه صاحب سان جزوي اختلاف آهي جيڪو هيءُ آهي ته پير علي محمد راشدي محمد ايوب کهڙي صاحب کان غلط ڪم ڪرايا. سنڌ جي وجود ختم ڪرڻ ۽ ون يونٽ (مغربي پاڪستان صوبو) ٺاهڻ ۾ محمد ايوب کهڙي پير علي محمد راشدي جي چوڻ تي اهو ڪم ڪيو. شاهه صاحب کهڙي صاحب جي خدمتن جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن تي مونکي ڪوئي اعتراض ناهي. باقي ايئن چوڻ ته پير علي محمد راشدي جي چوڻ تي ون يونٽ ٺاهڻ جو ڪڌو ڪم کهڙي صاحب ڪيو سو سمجهه کان ٻاهر آهي. محمد ايوب کهڙي جهڙي قابل، زمانه ديد، تجربيڪار ۽ مقبول سياسي ماڻهو کي پنهنجي ڪا به سمجهه ڪا نه هئي؟ اول ته پيرزادي عبدالستار کي ون يونٽ جي اشو تي انڪار جي سبب چيف منسٽري کان فارغ ڪيو ويو ۽ کهڙي صاحب کي چيف منسٽر ئي ان ڪڌي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪيو ويو. سو کهڙي صاحب کي ان معاملي ۾ سياسي معصوم سمجهي نٿو سگهجي. ذميواري بهرحال سندس هئي. پير علي محمد راشدي کي متنازع شخصيت سمجهيو ويندو آهي. باوجود سندس خداداد لياقتن جي پر سندس قابليت، ذهانت ۽ ادبي خدمتن جو اعتراف به ڪرڻو پوندو.
منهنجي خيال موجب ديدار حسين شاهه جي آتم ڪهاڻي تاريخي اهميت جي حامل آهي ۽ جيڪا وسيع معلومات فراهم ڪري ٿي تنهن مان پڙهندڙن کي ڪافي لاڀ حاصل ٿيندو.
عبدالرزاق سومرو
ايڊوڪيٽ
سپريم ڪورٽ