ڪجهه پنهنجي باري ۾
منهنجو جنم 11.12.1939 تي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري ۾ سيد محبوب علي شاهه نقوي مرحوم جي گهر ۾ ٿيو. منهنجو وڏو ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه هو جيڪو اعليٰ سرڪاري عهدي تان 2000ع ۾ رٽائر ٿيو، اسان ٻنهي ڀائرن جي پٽن جهڙي پرورش سيد وريل شاهه مرحوم، اسان جي سڳي چاچي ڪئي، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي خواهه سنڌ جي ڄاتل، سڃاتل، سياسي ۽ سماجي شخصيت هيو. پاڻ رتوديرو ميونسپل ڪميٽي جو وائيس پريزيڊنٽ، پريزيڊنٽ ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ڪيترائي ورهيه منتخب ٿيل ميمبر رهيو. رتوديرو شهر ۽ ان جي پس گردائي ۾ اسان جي خاندان جي سڃاڻپ وڏي علم پاڪ وارن سيدن طور ٿيندي آهي ۽ اهو علم پاڪ اڄ تائين وقت جي رفتار کان وڌيڪ وڏو، سهڻو، روشن ۽ منور آهي. مون کي اهو ٻڌائڻ ۾ ڪابه گهٻراهٽ نه آهي ته اهڙا علم پاڪ ٻيا به ٿي سگهن ٿا، پر منهنجي ننڍڙي شهر جي پسگردائيءَ ۽ شهرن ۾ اهڙو ٻيو ڪوبه علم پاڪ نظر نه ايندو.
مرحوم سيد وريل شاهه کان اڳ اسان جي خاندان جو ۽ خود سائين وريل شاهه جو وڏو سوٽ، سيد زوار جهنڊل شاهه ڪيترائي ورهيه ميونسپل ڪميٽي رتوديرو جو منتخب ميمبر رهيو، جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي سائين وريل شاهه جي رهنمائي ڪئي. پاڻ تسبيح، نماز ۽ ذڪر خدا ۾ مشغول رهندا هئا ۽ خاندان کي نيڪ دعائون ڏيڻ ۾ پڻ مصروف رهيا. مون پرائمري تعليم رتيديري اسڪول مان حاصل ڪئي، جتي ڪاٺ واري بينچ تي ويهي قلم ۽ ڪاري سليٽ تي لکيوسين ۽ پڙهيوسين. پرائمري تعليم دوران سٺن استادن جهڙوڪ؛ مرحوم حاجي خان سولنگي، مرحوم عبدالڪريم سومرو، مرحوم غلام رسول ٿهيم ۽ اسان جا عزيز مرحوم سيد ڏنل شاهه ۽ سيد باغن شاهه، مشهور، محنتي ۽ نالي وارا استاد هئا، جن پرائمري ۾ محنت ڪري اسان جهڙن شاگردن جي پڙهائي کي موزون بنايو ۽ همٿايو. ان وقت جو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، جيڪو ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر هو، ان ۾ سڄي ضلعي جي پرائمري شاگردن کي ويهاري امتحان ورتو ويندو هيو ۽ ڪامياب پرائمري شاگردن کي ڏهه روپيه هر مهيني اسڪالرشپ ڏني ويندي هئي، جيڪا ستن اٺن مهينن جي لاڳيتي ڏيندا هئا، جنهن جي گڏ ٿيڻ جي ڪري ڪافي پئسه ٿيندا هئا. انهن پئسن مان شاگردن جا ڪتاب ۽ لٽا ڪپڙا ٿي ويندا هئا. مون پڻ مڊل ڪلاس اسڪالرشپ جو اهو امتحان پاس ڪيو هو، جيڪو ان زماني ۾ تمام سخت مقابلي تحت ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر لاڙڪاڻي ۾ ٿيندو هو، ان امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي ضلعي بنياد تي مقرر سيٽن تي ٻارهن روپيه مهينو اسڪالرشپ ملندي هئي جيڪا ستن اٺن مهينن جي گڏ ملندي هئي. اسان کي پڙهائيءَ ۾ همٿائڻ لاءِ اسان جي والده جو وڏو هٿ هو. مون کي اڄ به ياد آهي ته فجر جو اسان ٻنهي ڀائرن کي اُٿاري مُنهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻندي هئي ته جيئن اسان جي ننڊ ڦٽي ۽ رات جو وري گاسليٽ واري بتي ٻاري ڏيندي هئي جنهن جي روشنيءَ تي اسان ٻئي ڀائر پڙهندا هئاسين. امڙ سڳوري هروقت اهو احساس ڏياريندي هئي ته توهان ٻئي ڀائر يتيم آهيو، تنهن ڪري محنت ڪري تعليم وٺي پنهنجي لاءِ ڪو مقام پيدا ڪيو. منهنجو وڏو ڀاءُ 1954ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ سائين وريل شاهه جي چوڻ تي، ضروري ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد محترم عبدالغفور ڀرڳڙي، ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ڪيو. مختلف کاتن ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ۾ 18 گريڊ جو ڊسٽرڪٽ مينيجر ممتاز علي ڀٽو صاحب جي معرفت مقرر ٿيو، جتان 2000ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ بعد ۾ شاهه عبداللطيف ايجوڪيشن ٽرسٽ ۾ ايڊمنسٽريٽر آفيسر طور ڪم ڪيو. شاهه صاحب زندگيءَ جو اهو سڄو عرصو اهل، لائق ۽ ايماندار آفيسر طور سڃاتو ويو. مان 1958ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ پڙهيس ميٽرڪ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت ميٽرڪ جو امتحان يونيورسٽي وٺندي هئي. ڪاپي تڏهن ڪانه هئي، شاگرد پنهنجي محنت ۽ هوشياري سان پڙهي امتحان پاس ڪندا هئا.
ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ ۽ فارم موڪلڻ کان پهريان واسطيدار اسڪول ۾ ٽرمينل امتحان ٿيندو هو ان ۾ جيڪو شاگرد پاس ٿيندو هو، ان جا فارم يونيورسٽيءَ ڏانهن امتحان ۾ ويهڻ لاءِ موڪليا ويندا هئا. مون کي اڄ به ياد آهي ته مون ميٽرڪ ۾ حسابن کان سواءِ ٻين سڀني سبجيڪٽن ۾ فرسٽ ڪلاس مارڪون کنيون هيون. حسابن جي سبجيڪٽ ۾ گهڻو ڪمزور هئس. ذهن ۾ اهو ويٺل هو ته مون کي حساب نه ٿا اچن. ان جي ڄاڻ سڀني استادن کي ۽ خاص طور هيڊماستر مسٽر رام چند کي پڻ هئي جڏهن ٽرمينل امتحان ٿيو ته مون کان اڳ ۾ منهنجو هم ڪلاسي مسٽر عبدالرحمان ابڙو، جيڪو پي آئي اي ۾ ڊائريڪٽر باغات ٿي رهيو ۽ جيڪو منهنجو گهرو دوست به هيو، ان کي چيو ته امتحان پاس ڪرڻو آهي، مون کي ڪاپي ڪرڻ جي سهولت ڏي ۽ مون ڪاپي ڪئي. جڏهن ٽرمينل امتحان جو نتيجو نوٽيس بورڊ تي لڳو ته سائين رام چند مون کي ارٿميٽڪ جي پرچي ۾ ٻڙي مارڪون ڏنيون. سڄي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن اها رزلٽ ڏٺي بعد ۾ مون کي مسٽر رام چند هيڊماستر پنهنجي آفيس ۾ گهرائي پڇيو ته توهان ارٿميٽڪ ۾ ڪمزور هيا ته پوءِ توهان ايتريون مارڪون ڪيئن کنيون آهن؟ ڇا توهان ڪاپي ڪئي آهي؟ مون سائين رام چند کي ادب سان ٻڌايو ته برابر مون ڪاپي ڪئي آهي. جنهن تي استاد محترم چيو ته توهان هوشيار ۽ سٺا شاگرد آهيو، ٻين سڀني سبجيڪٽن ۾ توهان جون فرسٽ ڪلاس مارڪون آهن، يونيورسٽي جي امتحان ۾ ڪاپي ڪونه ٿيندي ۽ ڪاپي ڪندؤ ته توهان جو ڪيريئر تباهه ٿي ويندو. سائين رام چند مهرباني ڪري ۽ مون تي رحم ڪري چيو ته توهان جهڙن هوشيار، لائق ۽ يتيم ڇوڪرن جي مدد ڪرڻ گهرجي جنهن بعد مون کي حڪم ڪيائين ته سڀاڻي کان وٺي ڇهين پيرڊ کان پوءِ منهنجي آفيس ۾ ايندا ڪيو ته توهان کي ارٿميٽڪ سيکاريان ۽ ان جا توهان کان پرچا وٺان. محنت ڪندي، پنهنجي ذهن مان اها ڳالهه ڪڍي ڇڏيو ته توهان کي ارٿميٽڪ نه ٿي اچي، ايئن ڪندا ته توهان ارٿميٽڪ سمجهي، سکي ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪندا. اڄ مان اهو ٻڌائيندي فخر محسوس ٿو ڪريان ته ان وقت جي سيڪنڊري اسڪول جا محنتي استاد پيرڊ وٺي، محنت ڪري شاگردن جي دلچسپي پڙهائي طرف ڪندا هئا ۽ پوءِ پڙهائيندا هئا. مون کي ياد آهي ته سائين رام چند هيڊماستر ٿي ڪري به پهريان چار پيرڊ نائين ۽ ڏهين کي چاڪ ۽ ڊسٽر هٿ ۾ کڻي بليڪ بورڊ تي متواتر ٻه پيرڊ نائين ۽ ٻه پيرڊ ڏهين جا پڙهائيندو هئو. نه صرف سائين رام چند پر ٻيا استاد جهڙوڪ مسٽر لطيف الدين صديقي، مسٽر عبدالخالق ابڙو، مسٽر امان الله سيلرو، مرحوم مسٽر غلام رسول سومرو، مرحوم عبدالحئي ”قائل“ قاضي، مرحوم مسٽر عبدالغني سومرو، جيڪو بعد ۾ ڊگري ڪاليج رتيديري ۾ پروفيسر به ٿي رهيو، عبدالخالق ابڙو، جيڪو ڊگري ڪاليج رتيديري ۾ ليڪچرار ٿي رٽائر ٿيو ۽ مسٽر محمد ابراهيم گهانگهرو جيڪو بعد ۾ ڊگري ڪاليج رتيديري جو پرنسپل به رهيو ۽ تازو رحلت ڪري ويو آهي؛ الله تعاليٰ جي در دعاگو آهيان ته انهن سڀني جي مغفرت فرمائي. انهن جا درجا بلند ڪري ۽ کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.
ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مون گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور ڪم ڪيو. 1962ع ۾ BA فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان LL.Bپاس ڪيم. 22.08.1967 تي اولهه پاڪستان بار ڪائونسل ۾ وڪيل طور رجسٽر ٿيس ۽ ابتدائي طور لاڙڪاڻي جي مشهور وڪيل مسٽر عبدالرزاق سومري صاحب جو چيمبر، ان جي جونيئر جي حيثيت ۾ جوائن ڪيم ۽ وڪالت جو پيشو عملي طور ان سان گڏ شروع ڪيو. سومرو صاحب شفيق، مهربان ۽ سٺي طبيعت وارو ماڻهو آهي. فوجداري ڪيسن ۾ ڏاڍو نالو اٿس ۽ سندس دسترخوان به ڪشادو آهي. الله جون مٿس مهربانيون آهن، خدا کيس خوش و خرم ۽ سلامت رکي. لاڙڪاڻي ۾ ٻين مشهور وڪيلن سان واسطو رهيو جن ۾ مرحوم قاضي فضل الله، جيڪو سنڌ جو چيف منسٽر ۽ اولهه پاڪستان ۾ وزير به رهيو، مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر جيڪو بعد ۾ سنڌ ڪابينا ۾ به وزير رهيو، مسٽر علي مراد ابڙو مرحوم، جيڪو منهنجو بهترين دوست هو. مسٽر ممتاز علي جعفري مرحوم، مسٽر فقير محمد جعفري، مسٽر غلام حيدر بلوچ مرحوم، الاهي بخش ڪيهر، مسٽر رحمت علي راجپوت، محمد بچل تنيو، گل حسن سولنگي، مرحوم الاهي بخش سيال، مرحوم غلام نبي شيخ، مسٽر موهن لال (جيڪو هن وقت انڊيا ۾ آهي) مسٽر محمد نواز چانڊيو ۽ ٻيا به منهنجا دوست هئا.
مون کي ياد ٿو اچي ته جنرل محمد ايوب جي وقت ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير ۽ ٻين سياسي مسئلن تي اختلافن جي ڪري ايوبي آمريت جي وزارت ڇڏي آيو تڏهن پنهنجي زمينن ۾ ٽريڪٽر هلائڻ جي ڪري، سرڪار کيس نقصان ڏيارڻ جي لاءِ مٿس ڪيس داخل ڪرايا هئا. غالباً اهو 1968ع وارو سال هو. ڀٽو صاحب وڏي معلومات، رکندڙ ذهين ۽ دورانديش شخص هو. وسيع تعلقاتن جي ڪري پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڪارروائي ۽ ڪيسن جي خبر رکندو هيو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ کان پوءِ کيس خبر پئي ته ملڪ وزير محمد مرحوم ان وقت جو ASP انهن ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو آهي. منهنجي استاد محترم عبدالرزاق سومري کي منهنجي لاءِ چيائين ته مون سان المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ ڇهين وڳي اچي ملي. مون نياپو ملڻ بعد حڪم جي بجا آوري ڪندي المرتضيٰ هائوس تي ساڻس ملاقات ڪئي. رتيديري جي رهواسي ۽ سيد وريل شاهه جو ڀائيٽو هجڻ جي ڪري ڀٽو صاحب مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه مرحوم کي گهڻو سڃاڻيندو هيو، ڇوته هو اڪثر ڪري سائين سيد وريل شاهه سان گڏ ساڻس سان ملندو رهندو هو ۽ ڀٽي صاحب ئي منهنجي پنهنجي ڀاءُ کي وليج ايڊ ۾ ڊولپمينٽ آفيسر مقرر ڪرايو هو. ڀٽي صاحب ملاقات ۾ مون کي چيو ته ”ملڪ وزير محمد ASP توهان جو دوست آهي ۽ مون تي داخل ٿيل ڪوڙن ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو آهي، ان کي پنهنجي جڳهه (ان وقت اسان جي جڳهه شيوا منڊي محلا لاڙڪاڻو ۾ هئي) تي مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر سان ملاقات ڪرايو ته ڪٽپر صاحب ملاقات ڪري ڪيس متعلق معلومات وٺندو. مون ڪٽپر صاحب جي ملڪ وزير سان ملاقات ڪرائي ٻنهي کي رات جو گهرايو، ٻئي آيا ۽ منهنجي گهر جي مٿئين حصي ۾ ٻنهي اڪيلائي ۾ ملاقات ڪئي. ٿوري ريفرشمينٽ ڪري ٻئي صاحب هيٺ لهي آيا ۽ مون کان موڪلائي هليا ويا. ٻئي ڏينهن تي اڳ ۾ ڪٽپر صاحب جي ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿي هئي ۽ بعد ۾ مون به ٽائيم وٺي ڀٽي صاحب سان ملاقات ڪري کيس ٻڌايو ته ملاقات ڪرائي آهي. مون ڀٽي صاحب کي اهو عرض ڪيو ته مون پنهنجي حيثيت مطابق ملڪ وزير محمد کي چيو آهي ته ٽريڪٽر ڪيس ۾ توهان سان ناانصافي نه ڪري ۽ صحيح جاچ ڪري رپورٽ ڏئي ۽ کيس اهو به چيو اٿم ته پوليس واري حسب معمول لالچ هن ڪيس ۾ نه رکي. ڀٽو صاحب اهو ٻڌي خوش ٿيو ۽ چيائين ته اوهان جي مهرباني، الله تعاليٰ بهتر ڪندو. باقي ڪنهن تي به گهڻو ڀروسو ڪرڻ مناسب نه آهي، مهيني اڌ کان پوءِ ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿي، جنهن مون کي چيو ته ملڪ وزير محمد پنجويهه هزار منهنجي منشيءَ کان ورتا آهن. اوهان جي چوڻ کان پوءِ به هو مڙيو نه آهي بعد ۾ ملڪ وزير محمد سان به مون اها ڳالهه ڪئي ته توهان کي ڀٽي صاحب کان پئسا نه وٺڻ گهرجن ها، جنهن تي ملڪ وزير محمد فرمايو ته، شاهه صاحب مون کي ته منشيءَ پئسا ڏنا، مون کي اها خبر ڪا نه هئي ته منشي ڀٽي صاحب سان اها ڳالهه ڪندو. مون کيس چيو ته وڏن ماڻهن جا منشي واسطيدار کي پئسا ڏيندا آهن ۽ مالڪ کي ٻڌائيندا آهن، توهان جي اها ڀل آهي جنهن جو نتيجو سٺو نه نڪرندو ۽ واقعي ايئن ئي ٿيو جنهن جو مون کي خطرو هو. ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪي مارشل لا جي دور ۾ بدعنواني جي الزام هيٺ 1300 ماڻهو ڪڍيا ويا هئا، جن جو اعلان مسٽر غلام مصطفيٰ جتوئي مرحوم ريڊيو ۽ TV تي ڪيو هو، تنهن ۾ پوليس کاتي منجهان سنڌ مان ملڪ وزير محمد جو نالو سيريل نمبر ٻه تي هو؛ بري ڪم جو نتيجو بروئي ٿيندو آهي.