پير علي محمد راشدي نواب نبي بخش ڀُٽي جو سيڪريٽري هو پر سندس دوست سڏائيندو هو
سردار پير بخش ڀٽو، نواب نبي بخش جي والد وانگر عزت ڪندو هو. ان جي سامهون يا ان جي ڪچهريءَ ۾ سگريٽ نه پيئندو هو، ڪچهريءَ مان اٿي پري وڃي سگريٽ پيئندو هو ته جيئن نواب صاحب جي نظر نه پوي. نواب صاحب پنهنجي ڀاءُ سردار واحد بخش خان ڀٽي جي وفات کان پوءِ پير بخش خان ڀٽي جو تمام گهڻو خيال رکندو هو ۽ ان کي چيائين ته اسان ڀائرن جي گڏيل ملڪيت جي اڌ جو مالڪ تون آهين باقي اڌ جو مان ۽ منهنجو اولاد آهي. نواب صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ان تي عمل ڪري ڏيکاريو. موجوده زماني جي ڪوڙ ۽ ڪپت کي ڏسي سردار پيربخش ڀٽو پنهنجي ڪچهريءَ ۾ اڪثر ڪري چوندو هو ته مان خوش نصيب هئس جو مون کي نواب نبي بخش جهڙو پيار ڪندڙ، همدردي رکندڙ ۽ صحيح رهنمائي ڪندڙ چاچو مليو آهي، نه ته اڄڪلهه بي ايمانيءَ جي دور ۾ اهڙا چاچا به آهن جو ملڪيت ۽ دولت جي لالچ ۾ ڀائٽين کي ختم ڪرائي ڇڏين ٿا. نواب نبي بخش ڀٽو خدا جو خوف رکندڙ همدرد ۽ انصاف پسند نه هجي ها ته مون يتيم کي ملڪيت جي لالچ ۾ ننڍي هوندي ئي ختم ڪرائي سگهي پيو، پر هن ايئن نه ڪيو ۽ منهنجو پٽن وانگر خيال رکيو ۽ پالنا ڪيائين. نواب نبي بخش ڀٽو روزي نماز جو پابند، خيرات۽ زڪوات ڏيندڙ ۽ پنهنجي وقت جو تمام ڀلو ماڻهو هيو. زندگيءَ ۾ پئسن کي هٿ نه لاتائين. پئسي جي ڏيتي ليتي سندس سيڪريٽري ۽ منشي ڪندا هئا. صدقو ۽ زڪوات پنهنجي نگرانيءَ ۾ نوڪرن جي معرفت ڏيندو هو ته وٺندڙن ماڻهن جون قطارون لڳي وينديون هيون. نواب نبي بخش ڀٽي پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي رهائش لاءِ بنگلو ۽ گهر عاليشان نموني ٺهرايو. ان سان گڏوگڏ هڪ عاليشان مدرسو ۽ مسجد به پڻ ٺهرائي. جتي طالب علم ڪلام پاڪ پڙهي ڪامياب ٿي دستاربندي ڪرائي نڪرندا هئا. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي مرحوم سنڌ جي علم ۽ ادب جو هڪ تمام وڏو نالو پڻ ميرپور ڀٽو جي مدرسي مان تعليم پرائي نڪتو ۽ حيدرآباد يونيورسٽي ۾ شامل ٿي ڪري علم جي روشني پکيڙي.
نواب نبي بخش ڀٽي مون کي پاڻ ٻڌايو هو ته، مرحوم پير علي محمد راشدي بهمڻ وارو، نواب صاحب جو ڪيترائي سال سيڪريٽري ٿي رهيو هو ۽ ڪيترائي دفعا وائسراءِ جي دهلي ڪائونسل جي اجلاس ۾ نواب صاحب سان گڏ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو هو. نواب صاحب کي اهو به افسوس هو ته پير صاحب پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ سيڪريٽري هجڻ جو ڪٿي به ذڪر ڪونه ڪيو آهي، پر ان جي ابتڙ لکيو اٿس ته پاڙيسري زميندار هجڻ جي ڪري ۽ نواب صاحب سان دوستيءَ هجڻ جي ڪري دهلي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ويندو هئس. هڪ ڀيري نواب صاحب ڪچهري ڪندي اهو به فرمايو هيو ته، پير علي محمد راشدي، خان بهادر محمد ايوب کهڙي ۽ سرعبدالله هارون جو پگهار تي رکيل سيڪريٽري رهيو آهي پر ان ڳالهه جو به هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪٿي ذڪر ڪونه ڪيو آهي پر الٽو اهو ڏيکاريو اٿائين ته هو انهن جو دوست هو ۽ دوستيءَ ۾ انهن جا ڪم ڪندو هو، حالانڪ هو پگهار تي رکيل سيڪريٽري هو. نواب نبي بخش ڀٽي مرحوم کي اهو به افسوس هو ته بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ممتاز علي ڀٽو سياسي طور الڳ ٿي ويا. نواب صاحب مرحوم ٻه ٽي دفعا مون سان ۽ منهنجي ڀاءُ سان ان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو هو ته، جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو صاحبه ميرپور ڀٽو هلي آئي ۽ چيائين ته في الحال حاجي معشوق علي خان ڀٽي کي بيهاريو، ڀلي ملڪ ۾ چونڊون ٿي وڃن پوءِ حاجي معشوق علي استعيفا ڏئي سيٽ پنهنجي ڀاءُ کي ڏئي. پر ممتاز علي ڀٽي جي ضد جي ڪري اهو معاملو سلجهي نه سگهيو ۽ اسان هڪ ٻئي کان جدا ٿي وياسين. الله تعاليٰ سردار پير بخش خان ڀٽي ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽي جي مغفرت فرمائي ۽ سندن درجا بلند فرمائي
خان بهادر احمد خان ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽي جو سهرو هو، هُو پنهنجي وقت جو سٺو ماڻهو هيو ۽ هن جا پنهنجي علائقي ۾ اڪبر بادشاهه وانگر شهر جي پسگردائي مان نورتن (صلاحڪار) رکيل هيا، جن کان فيصلن ۾ صلاح وٺندو هيو ۽ انصاف تي مبني فيصلا ڪندو هيو. ماڻهو چوندا هئا ته فيصلي ۾ آيل ڌر عام طور چوندي هئي ته ڏوهي جيڪڏهن خان بهادر احمد خان ڀٽي جي کٽ جي پائي تي هٿ رکي ڳالهه ڪري ته اسان اها ڳالهه قبول ڪري الزام واپس وٺنداسين، ڏوهي ماڻهو ايئن نه ڪندا هيا. خان بهادر وڏو زميندار هجڻ سان گڏوگڏ وڏو ڪاروباري به هيو، جنهن وٽ چانور صاف ڪرڻ جا ڪارخانا، ورڪشاپون، برف جا ڪارخانا ۽ ٽرانسپورٽ وغيره هوندي هئي. خان بهادر احمد خان ڀٽي جو مٺي جي مقام وارو شڪار گاهه به مشهور هوندو هيو، جنهن ۾ ڪئين سؤ ايڪڙن تي تتر پاليا ويندا هئا. انهن جي کاڌ خوراڪ جو مناسب انتظام هوندو هيو ۽ انهن جي حفاظت لاءِ چوڪيدار مقرر ٿيل هوندا هئا. ڪنهن به ماڻهوءَ کي تتر مارڻ جي اجازت نه هوندي هئي. هر سال شڪار جي مند ۾ گورنر جنرل، وزيراعظم، ڪمانڊر ان چيف آرمي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شڪار تي ايندا هئا ۽ خان بهادر احمد خان جي مهماني کائي ويندا هيا. خان بهادر ايڏي ته پهچ وارو هيو جو 1952- 1951 ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾، قاضي فضل الله مرحوم ۽ خان بهادر محمد ايوب کهڙي جي مخالفت هوندي به مسلم ليگ جي ٽڪيٽ خواجه ناظم الدين، ان وقت پاڪستان مسلم ليگ جي صدر، خان بهادر احمد خان ڀٽي کي ڏني هئي پر وارهه تعلقي تي قاضي فضل الله مرحوم جي مخالفت جي ڪري مرحوم عبدالفتاح ميمڻ کي صوبائي اسيمبلي تي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ نه ملي هئي. حالانڪ مرحوم مسٽر عبدالفتاح ميمڻ مسلم ليگ صوبي سنڌ جو سيڪريٽري هيو. اهو هو خان بهادر احمد خان ڀٽي جو اثر رسوخ. ان اليڪشن ۾ مرحوم حضرت پير سائين پاڳاري، سڪندر شاهه ثاني اليڪشن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ رتيديري ۽ نئين ديري ۾ وڏا جلسا ڪيا هئا ۽ ماڻهن کي اپيل ڪئي هئي ته خان بهادر احمد خان کي ووٽ ڏين. ڀٽن جو ته تعلقي رتيديري تي هونئن به اثر رسوخ رهيو آهي. سندن مقابلي ۾ وڪيل سردار غلام رسول جلباڻي جو ننڍو ڀاءُ مرحوم علي اڪبر جلباڻي هيو پر ان کي ڪاميابي حاصل نه ٿي. حالانڪ علي اڪبر خان جلباڻي وڪيل به هيو، اثر رسوخ به هئس، پر اسان جي تعلقي ۾ مشهور آهي ته قادري واهه کان پوءِ مئا به مقامن مان اٿي ڪري ڀٽن کي ووٽ ڏيندا آهن. خان بهادر احمد خان جي انتقال وقت ان جي تجهيز ۽ تدفين تي ٻين ماڻهن کان علاوه پير صاحب پاڳارو پنهنجي اهليه سان گڏ تعزيت لاءِ آيو هو، ڇاڪاڻ ته ان جو خان بهادر احمد خان سان گهرو رستو هيو. خان بهادر احمد خان ذوالفقار علي ڀٽي جو سهرو هيو. ذوالفقار علي ڀٽو مرڪزي وزير هيو، شايد ان جي ڪري به تمام گهڻا سنڌي سياست دان ۽ ڪامورا آيا هيا. خان بهادر احمد خان مرحوم کي پٽاڻو اولاد ڪونه هيو جنهن ڪري ان جي ملڪيت ان جي ناڻين کي ملي هئي. خان بهادر احمد خان جو نئين ديري وارو بنگلو ۽ نئين ديري جي رهائش واري جڳهه به شيرين بيگم، جيڪا ان جي نياڻي هئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي اهليه هئي، ان جي حصي ۾ آيا هئا. شيرين بيگم کي به اولاد ڪونه هيو، جنهن ڪري هوءَ ڀٽي صاحب جي اولاد بينظير ڀٽو، غلام مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندي هئي.