آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

سنڌ جي آتم ڪٿا

محترم جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه سان منهنجي ڪا ايڏي پراڻي واقفيت نه آهي. بهرحال سندس چواڻي هن هڪ ڪيس ۾ مونکي وڪيل ڪيو هو، ان کانپوءِ سائين سان ڏاڍي اليڪ سليڪ ٿي وئي. شاهه صاحب هونءَ به نهايت وضع دار، مٺو ڳالهائڻ وارو، فضيلت ڀريو، انتهائي ڀروسي ڪرڻ جهڙو ماڻهو آهي. ڪنهن زماني ۾ منهنجا هفتي وار ڪالم اخبارن ۾ ڇپبا هيا، جيڪي شاهه صاحب باقاعدگيءَ سان پڙهندو هيو ۽ هڪدم ٽيليفون ذريعي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندو هيو.
مسٽر ممتاز علي خان ڀٽو سان جيڪي شاهه صاحب جا سياسي معاملا هيا انهن ۾ مان هاءِ ڪورٽ ليول تائين ڪڏهن ڪڏهن سندس مدد ڪندو هيس. ان ڪري پاڻ ته شايد نه به هوندو پر ممتاز صاحب جو وڪيل مسٽر ايم ايل شاهاڻي جيڪو ڪافي مذهب مٽائي چڪو هيو، اهو ڏاڍو ناراض هيو. هُن کي جڏهن هاءِ ڪورٽ جي ججي ملي ته هو منهنجي ڪڍ پئجي ويو ۽ آخر ۾ جڏهن شاهاڻي ڪنفرم نه ٿيو تڏهن وڃي منهنجي جان ڇُٽي. ان ۾ وري شاهه صاحب منهنجي مدد ڪئي هئي.
هاڻي اچون ٿا سائينءَ جي هن آتم ڪٿا يا ڪهاڻيءَ تي. شاهه صاحب مون تي اعتماد ڪري هن تي ڪجهه لکڻ لاءِ حڪم ڪيو آهي. هڪڙي ٿيندي آهي آتم ڪٿا، ٻي ٿيندي آهي ”Confessions“. جان جيڪس روسو جا ”ڪنفيشن“ مشهور آهن. موهن داس گانڌي جي ”آتم ڪٿا“ به مشهور آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي مڪمل ڪهاڻي، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪي چوريون چڪاريون به ڪيون هجنس ته اُهي به ٻڌائڻيون آهن، سائينءَ جي هيءَ جي آتم ڪٿا آهي. هن ۾ لڳي ته هيئن ٿو ته ڄڻ رتوديرو، نئون ديرو، لاڙڪاڻو ۽ اُن جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي به اُنهن ڏينهن وهيو واپريو اهو نهايت سهڻي نموني تي بيان ٿيل آهي. اُتان جون سياسي ۽ سماجي شخصيتون ۽ انتهائي لڪل قدآور شخصيتون انهن جا سنڌي سماج مطابق واعدا، قربانيون ۽ نڀاءُ انتهائي واضح نموني ڄاڻايل آهي.
ڀٽي خاندان لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ عزت ۽ احترام بغير ڪنهن مونجهاري جي بيان ڪيل آهي ۽ شاهه صاحب جو پيپلز پارٽي ۽ ڀُٽو خاندان سان ويجهڙائپ، ڪمٽمينٽ ۽ جيل ياترا تائين پنهنجون قربانيون به بيان ڪيون اٿس.
شاهه صاحب نئون ديرو، رتوديرو ۽ لاڙڪاڻي جون سموريون سياسي ۽ سماجي شخصيتون اهڙي نموني واضح ڪيون آهن ڄڻ اهي اسان جي سامهون بيٺل هجن. ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين ۾ سڄي سنڌ ويهاري ڏيکاري اٿائين.
کهڙي صاحب، راشدي صاحب جا سنڌ ۽ سنڌين تي ڪيل تواريخي ظلم، بي وفايون ۽ غداريون واضح طور بيان ڪيون اٿائين. قاضي فضل الله جو ڪردار ۽ هيڏن سارن فرعونن ۾ ان جو اُڀري اچڻ به سبق آموز آهي.
سنڌي، وڏيرو ۽ جاگيردار، وچولي طبقي کي شاهه صاحب پنهنجي چڱاين ۽ بُراين سان کولي بيان ڪيو آهي.
سنڌ جي تاريخ جا لڪل ورق به شاهه صاحب اُٿلايا آهن. ڪهڙي ريت پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي ماڻهن خلاف سازشون شروع ٿي ويون، ڪيئن ون يونٽ هڻڻ لاءِ حيدرآباد ۾ اسيمبلي اجلاس ڪوٺايو ويو. ڪهڙي ريت مير غلام علي ٽالپر کي مٺيءَ ڪڍيو ويو. ڪهڙي ريت عوامي آواز دٻائڻ لاءِ جيل ڀريا ويا ۽ پوءِ فوجي قبضا ٿيا ۽ سنڌي محب وطن ماڻهن کي هيسائڻ ۽ دٻائڻ خاطر هر حيلو ۽ حربو استعمال ڪيو ويو.
ضياءُالحق جي مارشل لا ۽ اُن جوسبق آموز موت ۽ مولوي مشتاق جي لاش کي آسماني مکين جو کائڻ ۽ سنڌ جي شهيدن جو الله طرفان بدلو وٺڻ، ملڪي سازشون، پنجابي اسٽبلشمينٽ، پنجابي مهاجر عدالتي عملدارن جا بدديانتي ۽ رياڪاري رويا سڀ سائين ڪجهه کولي ڪجهه لڪائي بيان ڪيا آهن، جن مان پڙهندڙ آرام سان سمجهي سگهي ٿو. ڪجهه پنهنجن سياسي سازشين جن ڊڪٽيٽر وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ مدد ڪئي. وڏاوڏا سياسي قومي، قوم پرست سڏائيندڙ ليڊر حقيقت ۾ پنهنجي نڪ جي وارن کان ٻاهر ڪجهه نه ڏسي سگهندا هيا ۽ ذاتي انا ۽ ذاتي حسد، بُغض ۾ انهيءَ وڻ کي آهستي آهستي وڍيندا رهيا جنهن جي ڇانوَ ۾ ويٺل هيا.
شاهه صاحب آخر ۾ پنهنجي وڪيل دوستن کي به نه وساريو آهي ۽ نهايت سُٺن لفظن ۾ انهن کي ياد ڪيو اٿس. بلڪه پنهنجي هم ڪلاسي، ڳوٺاڻن ماروئڙن کي به نه وساريو اٿس.
حقيقت ۾ هي ڪتاب سنڌ جي ڪنهن هڪ تعلقي، علائقي يا ضلعي جي تاريخ ته لڳي ٿي پر ڄڻ قطري ۾ بحر سمايل آهي ۽ سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي تواريخ آهي. هي هڪ آئينو آهي جنهن ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي شڪل ڏسي سگهي ٿو.
شاهه صاحب کي خدا اڃا توفيق ڏئي ته جيئن اڃا ڪي لڪل ورق اٿلائي ڏئي. آمين.


فتاح ملڪ
ڪراچي