آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

سنڌي آفيسر پاڻ کان وڌيڪ شاهه جا وفادار آهن

مان مناسب ٿو سمجهان ته اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ رتيديري جو ذڪر ڪجي. رتيديري شهر جي بنياد پوڻ کان اڳ اسان جو خاندان، جن کي وڏي علم پاڪ وارن سيدن طور سڃاتو ويندو آهي ۽ ٻيا رتيديري جا بنيادي رهاڪو، سيد شاهه محمد شاهه مرحوم (جيڪو ميونسپالٽي رتيديري جو منتخب ميمبر رهيو آهي) سيد علي اڪبر شاهه ۽ سيد مظفر شاهه، جن کي ڪوٽائي سيد ڪري سڏيو ويندو آهي، سومرا صاحب (کٽي) چاڪي، عباسي ۽ ڪنڀرن جو پاڙو رتيديري جي اصلي رهاڪن مان آهن، جنهن خاندان جو فرزند مسٽر عبدالرزاق سومرو هڪ ناميارو وڪيل، سٺو انسان، پارٽيءَ جو وفادار ۽ ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي رهيو آهي؛ ميونسپالٽي رتيديري جو منتخب ٿيل چيئرمين به رهيو آهي، ٽيون چاڪي (قريشي صاحب) جا وڏا اصل ۾ رتيديري شهر جا رهاڪو آهن، انهن جو هڪڙو فرزند شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي قوم پرست سياست ۾ وڏي مقام وارو ماڻهو هو جنهن کي تازو شهيد ڪرايو ويو ۽ جنهن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ۽ ان جي جلدي مرڻ تي ڏکويل آهي، ڀٽا پاڙو، ڀٽن جي وانڊ به شهر جا اصلوڪا پاڙا آهن، جن مان وڏيرو واحد بخش ڀٽو مرحوم، جيڪو ميونسپالٽي ڪميٽي جو ميمبر به رهيو آهي، هندن جا به ڪيترائي پاڙا هئا، جن ۾ راءِ صاحب گوڪل داس جو پاڙو، ڳچلاڻي هندن جو پاڙو به اصلوڪن رهاڪن مان آهي جن مان به ڪافي هندو دوست سنڌ مان لڏي ويا ۽ باقي بچلن جو اولاد رهي ٿو، جيڪو اناج ۽ ٻين دوڪانداري پيشن سان وابسته آهي، رتيديري جي اوڀر ۾ ٻه اڍائي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ ڀائي خان گهانگهرو آهي. خان صاحب مرحوم پير بخش گهانگهرو به رتيديري ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ رهيو آهي. ڳوٺ مسوديرو به رتيديري کان ٻه اڍائي ڪلوميٽر پري اتر ۾ آهي، جتي جلباڻي قوم جي سردار غلام رسول خان جو اولاد رهندو آهي جن مان سردار الله بخش جلباڻي، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر 1985ع جي چونڊن ۾ منتخب ٿيو هو ۽ ان جو پٽ علي نواز خان نوجوان پڙهيل ڪڙهيل همٿ ڀريو هاڻي پيپلزپارٽيءَ سان هلي رهيو آهي. مان رتيديري جو رهاڪو هجڻ جي ناتي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن طور پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي 1988 ۽ 1990 ۾ منتخب ٿيو آهيان، مقابلي ۾ جناب ممتاز علي ڀٽو هيو، جيڪو ڪامياب نه ٿيو. 1993 جي چونڊن ۾ رتيديري تعلقي مان مون ممتاز علي ڀٽي کي اليڪشن ۾ شڪست ڏني ڇاڪاڻ ته محترمه نصرت ڀٽو صاحبه شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو صاحب جا ووٽ ممتاز صاحب کي رتيديري ۾ ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ممتاز صاحب جا ووٽ لاڙڪاڻي ۾ ڏياريا هئا.
رتيديري شهر جو ٻيو رهاڪو، جنهن کي MPA ٿيڻ جو اعزاز نصيب ٿيو آهي، اهو آهي مرحوم راءِ صاحب سيٺ گوڪل داس، جنهن جي نالي سان رتيديري ۾ اڄ به گوڪل بازار مشهور آهي. اسان جي خاندان ۾ سائين سيد وريل شاهه مرحوم وڏي معزز سياسي ۽ سماجي شخصيت هو، ان جو واسطو تحريڪ پاڪستان سان تمام گهڻو هيو، اصل کان وٺي مسلم ليگ جو ميمبر رهيو. سٽي مسلم ليگ صدر سان گڏ ضلعي مسلم ليگ جو نائب صدر ۽ آل پاڪستان ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. رتيديري ميونسپالٽيءَ جو وائيس چيئرمين، چيئرمين ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو منتخب ميمبر ۽ ڊسٽرڪٽ بورڊ هيلٿ جو چيئرمين پڻ رهيو آهي. رتيديري شهر ۾ اصل کان وٺي سياسي بيداري هئي. تحريڪ آزاديءَ جي ڪري ماڻهن ۾ وڏو چوٻول ۽ چرپر هئي ۽ وڏا جلسا ٿيندا هئا. هڪ طرف ڪانگريس جي طرفان آزاد ميدان مقرر ٿيل هيو، جتي ڪانگريسي ميمبر ۽ هندو مهاسڀائي تقريرون ڪندا هئا، انهن جي مقابلي ۾ اسان جي وڏي سائين سيد وريل شاهه مرحوم، اسان جي سيد محلي ۾ جناح گرائونڊ ٺاهيو، جتي ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم، ممتاز علي ڀٽو، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله مرحوم، يوسف هارون مرحوم، آغا غلام نبي پٺاڻ، عبدالستار پيرزادو مرحوم ايندا هئا ۽ پرجوش تقريرون ڪري، ماڻهن کي پنهنجو پروگرام ڏيندي، شعور بيدار ڪندا هئا. سياسي طور سائين وريل شاهه مرحوم کي چڱو مقام حاصل هيو جنهن ڪري واسطيدار توڙي سياسي مخالف به سندس عزت ڪندا هئا. سائين تقرير جو بادشاهه هو، جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته ماڻهن تي سحر ڇائنجي ويندو هو.
مون کي ياد آهي ته سائين وريل شاهه جي رحلت کان پوءِ مرحوم نذير حسين جتوئي، جيڪو پڻ اعليٰ پائي جو سياسي ليڊر ٿي رهيو آهي، ان مولوي درمحمد مرحوم جي دواخاني (مطب) تي ويهي ماڻهن جي روبرو وڏي آواز سان چيو هو ته افسوس آهي ته شاهه صاحب جي رحلت ڪري رتيديري جي سونهن ئي مري ويئي آهي، ڇو ته مرحوم شاهه صاحب جهڙو ڳالهائڻ ۽ هلڻ ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه ايندو آهي، سائين وريل شاهه مرحوم کي ادب ۽ احترام جي اهڙي سکيا مليل هئي جو اهڙي سياسي مقام تي هئڻ باوجود به پنهنجي وڏن سؤٽن، مرحوم سيد جهنڊل شاهه ۽ مرحوم سيد جندل شاهه کي ٻاهران موٽڻ وقت، علم پاڪ وٽ پهچڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ادب ۽ احترام سان پيرين پئي ملندو هو جيڪا ڳالهه ڏاڍي پسند ڪئي ويندي هئي. اهو آهي ادب ۽ احترام جو مقام! سائين جهنڊل شاهه مرحوم، جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته پنهنجي ننڍي سؤٽ سيد وريل شاهه کي ميمبر منتخب ڪرايو هيو. پاڻ عبادت الاهيءَ ۾ مصروف رهيو. سائين جهنڊل شاهه مرحوم ۽ اسان جو ڀاءُ، سائين جو فرزند سيد عالم شاهه مرحوم صوفي راڳ جا ڏاڍا شوقين هئا ۽ هر مهيني جي ٻئي جمعي ۽ آخري جمعي جي رات وڏي صوفي راڳ جي محفل ٿيندي هئي، جنهن ۾ مرحوم سچل فقير، مرحوم سهراب فقير، برڪت علي روهڙي وارو راڳ ڳائيندا هئا. فقير اعتبار علي نوناري ۽ اياز فقير انهن محفلن رچائڻ ۾ اڳتي هوندا هئا. اسان جي ڏاڏي مرحوم مبارڪ علي شاهه جي نالي تي رتيديري شهر جي اولهه ۾ مقام (قبرستان) مبارڪ علي شاهه آهي، جتي رتيديري شهر ۽ پسگردائيءَ جا ماڻهو مدفون آهن. اهو قبرستان به اڍائي سو ايڪڙن ۾ آهي جنهن تي اڄ تائين هر سال شاندار ميلو لڳندو آهي، جنهن جو انتظام اڳ ۾ اسان جو پڳدار سائين حاجن شاهه مرحوم ڪندو هو ۽ هاڻي ان جو اولاد ان ميلي جو انتظام ڪندو آهي.
1979ع جي لوڪل باڊيز جو اعلان ٿيو ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه نئين ديري آئي، اتي مسٽر عبدالرزاق سومرو، مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙي، مسٽر نظام الدين ميمڻ مرحوم، مسٽر چاڪر علي جوڻيجو، بيگم ڊاڪر اشرف عباسي صاحبه، منور علي عباسي صاحب ۽ ٻيا گڏ هئاسين. چونڊن ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ رايا ورتا ويا، سڀني متفقه راءِ ڏني ته چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺجي ۽ ميدان خالي نه ڇڏجي جنهن کان بعد ۾ محترمه بينظير ڀٽو مون کان پڇيو ته توهان ڪٿي بيهندؤ؟ مون جواب ڏنو ته رتيديري شهر ۾ بيهڻ گهران ٿو، مون کي چيائين ته ”آپ میونسپالٹی کی دو گلی چھوٹے حلقے میں کھڑا ہونا چاہتے ہیں!“ مون چيو ته ”میرا ووٹ رتوڈیرو کے علاوہ کسی اور حلقہ میں داخل نہیں ہے۔“ پاڻ فرمايائين ته، ” آپ وکیل ہیں، جہاں بھی آپ کی زمین ہے وہاں پر آپ کا ووٹ داخل ہو سکتا ہے۔ آپ شہر سے ووٹ منسوخ کرواؤ اور آپشن استعمال کر کے باہر ووٹ داخل کروا سکتے ہیں اور ووٹ داخل کروا کے مجھے تین چار دن میں بتائیں کہ آپ کا ووٹ شہر سے خارج ہوکر، جہاں آپ کی زمین ہے وہاں ووٹ داخل ہوگیا ہے۔“
اسان وٽ ان وقت ۾ رجسٽريشن آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر خالد محمود سومرو مقرر هو، جنهن سان وڪيل ۽ شهري هئڻ جي ناتي سٺا تعلقات هئا. مون اچي خالد محمود سومري صاحب کي درخواست ڏني، ته هن مختيارڪار کان منهنجي زمين جي کاتي جي هجڻ جي پڇا ڪئي، جنهن لکت ۾ جواب ڏنو ته شاهه صاحب کي ديهه زنگيجا ڳوٺ غلام حيدر قادري يونين ڪائونسل بنگل ديرو ۽ ديهه پنجول لواڙ ۾ به زمين آهي. خالد سومري صاحب رڪارڊ جي تصديق ڪئي ۽ رتيديري جي ووٽرلسٽ مان منهنجو نالو خارج ڪري ٻهراڙيءَ جي يونين ڪائونسل بنگلديرو ديهه زنگيجا ڳوٺ غلام حيدر قادريءَ جي ووٽرلسٽ ۾ داخل ڪيو.
منهنجي وڏي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه مرحوم جي نوڪري سدائين ڳوٺ کان ٻاهر هوندي هئي. هُو زماني جو پڙهيل، لکيل دورانديش ماڻهو هو، مون کيس اها حقيقت ٻڌائي، جنهن چيو ته جيڪي به ٿيو سٺو ٿيو پر بينظير صاحبه اڳتي هلي توکي ڪنهن وڏي مقابلي ۾ بيهاريندي.
منهنجي ٻهراڙيءَ جي ووٽ داخل ڪرڻ تي مرحوم سردار الله بخش جلباڻيءَ کي اعتراض هيو. ان صاحب ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو مسٽر رحمت الله قريشيءَ کي دانهن ڏني ته، ديدار حسين شاهه خالد محمود سومري جو دوست آهي، ان ڪري ان تي نوازش ڪري، ان جو شهر جي تڪ مان ووٽ خارج ڪري ٻهراڙي جي تڪ ۾ داخل ڪيو آهي. خالد محمد سومري ڊپٽي ڪمشنر مسٽر رحمت الله قريشي مرحوم جي پڇڻ تي کيس لکت ۾ جواب ڏنو ته ديدار حسين شاهه قانوني طور تي درخواست ڪري شهر جي تڪ مان ووٽ ڪينسل ڪرايو آهي ۽ آپشن استعمال ڪندي، جتي ان جي زمين آهي اتي داخل ڪرايو آهي، جيڪو جائز ۽ قانون موجب آهي ۽ مون ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي صحيح ڪم ٿيو آهي، جنهن به ڌر کي اعتراض آهي ته لکت ۾ منهنجي آرڊر کي اپيلٽ فورم ۾ چئلينج ڪري، جنهن جو رستو به قانون ۾ موجود آهي، جيڪڏهن اپيل داخل ٿيندي ۽ منهنجو آرڊر غلط آهي ته ان کي منسوخ ڪيو ويندو. اهو ذڪر ان ڪري ڪيم جو اسان جو سنڌي ڪامورو حڪومت وقت جي دٻاءَ جي ڪري ڪيڏو پريشان ٿي، پنهنجي ماتحت آفيسرن کان غلط ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مرحوم سردار الله بخش جلباڻي، جنرل ضياءُالحق جي مجلس شوريٰ جو ميمبر هيو، ان جي ڪري جلباڻي صاحب جي شڪايت تي ان جي ننڊ حرام ٿي. حالانڪ ڊپٽي ڪمشنر جهڙي ذميدار عهدي تي هوندي ان کي خبر هئي ته جيڪو به ٿيو آهي صحيح ٿيو آهي ۽ غلط ڪم نه ٿيو آهي، پر مجلس شوريٰ جي ميمبر جي چوڻ ڪري پنهنجي ماتحت کي بي واجبي تنگ ڪيائين.
مسٽر رحمت الله قريشيءَ جي بهادريءَ جو هڪ ٻيو ڪارنامو ٻڌايان ته، محمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ مبينا طور هٿ ڪرڻ لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي تي، ملٽري ۽ سول انتظاميه گڏجي ڊپٽي ڪمشنر رحمت الله قريشيءَ جي سربراهيءَ ۾ رات جي وقت، بغير ٻڌائڻ ۽ ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڇاپو هنيو ويو. جڏهن ڪنهن به جڳهه کي سيل ڪبو آهي ته جاندار شيءِ کي ٻاهر ڪڍبو آهي ۽ قانون به ايئن ٿو چوي ته جاندار شيءِ کي ٻاهر ڪڍي جڳهه پوءِ سيل ڪجي، نه ته پاڻي خوراڪ ۽ هوا نه ملڻ ڪري جاندار شيءِ جو موت واقع ٿي سگهي ٿو. محترمه بينظير ڀٽو جا رکيل ملازم، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين آفيسرن سان مليا، پر سڀني کين کٿو جواب ڏنو ته مارشل لا جي حڪم تي بنگلو سيل ڪيو ويو آهي. بنگلي ۾ اندر جهڙوڪ پاليل طوطا، ٻليون، مور، ڪبوتر ۽ ٻيا ننڍا پکي ۽ جانور سيل ٿيا. مون ملازمن کي جواب ملڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي چيو ته بنگلو سيل ڪرڻ جو عمل بلڪل غيرقانوني آهي، پر جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ته ”نَه کي نوَ ڪوٽ“ رحمت الله قريشي مرحوم جيڪو PCSڪري نوڪريءَ ۾ شامل ٿيو هو، وڏي قدبت جو مالڪ هيو پر همٿ جو ذرو به نه هئس، جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ته، ڀاڙ جو ترو.
ڊپٽي ڪمشنر جي جواب ملڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جو DMLA جيڪو برگيڊيئر سليم هو، تنهن کي مون لکت ۾ درخواست ڏني، جنهن ۾ سڀ ڪجهه لکيل هو ۽ ڄاڻايل هو ته جيڪو به DC ڪيو آهي، غلط ڪم ڪيو آهي DC۽ ٻين واسطيدار آفيسرن کي محترمه بينظير ڀٽو جا قيمتي جانور ۽ پکي ڪڍي بعد ۾ بنگلو سيل ڪرڻو هئو، انهن قيمتي پکين ۽ جانورن جي قيمت لکين روپيا آهي ۽ ان جي لاءِ محترمه مون کي حڪم ڪيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪريان، جنهن ۾ پکين ۽ جانورن جي مرڻ جي صورت ۾ سرڪار کان معاوضو گهريو ويندو. توهان کي اهڙو اطلاع عرض آهي. درخواست پڙهي برگيڊيئر سليم جا حواس ئي اڏامي ويا ۽ چيائين ته اسان DC کي غيرقانوني ڪم لاءِ نه چيو آهي، توهان ڪورٽ ۾ نه وڃو مان کيس هتي گهرائي توهان جي روبرو ڳالهايان ٿو. ڏهن پندرنهن منٽن کان پوءِ ٿلهو متارو DC سهڪندو اچي پهتو. ويهڻ شرط برگيڊيئر صاحب مٿس ڪڙڪي پيو ۽ چيو ته توهان هيترا سينيئر آفيسر آهيو اهو غلط ڪم ڪيئن ڪيو اٿو، جيڪڏهن محترمه جا قيمتي پکي ۽ جانور مري ٿا وڃن ته انهن جو لکين رپيا هرجاڻو ڪير ڀريندو؟ هاڻي جو هاڻي وڃي سيل ٽوڙي پکي آزاد ڪري، ڏهن منٽن ۾ مون کي ٻڌايو ته توهان پکي ۽ جانور آزاد ڪيا آهن. DC ان حڪم تي عمل ڪندي سيل ٽوڙي پکي ۽ جانور آزاد ڪري مالڪن جي حوالي ڪيا. اهو آهي سنڌي ڪاموري جو حال جيڪو وقت تي نه پنهنجن جو نه پراون جو! ان جي برعڪس مارشل لا جي دور ۾ رحمت الله قريشي کان پوءِ مسٽر شاهد عزيز صديقي DC ٿي آيو. ان وقت ڪچي جي زمين جون ممتاز علي ڀٽي ۽ سندس هارين جي نالي تي ڏنل ليز رد ڪرڻ جي لاءِ اپيلون جماعت اسلامي جي ماڻهن احمد علي جوڻيجو، مارو جوڻيجو ۽ ٻين مسٽر غلام قادر جتوئي وڪيل جي ذريعي ڪيون. مان مسٽر ممتاز علي ڀٽي ۽ ان جي ماڻهن پاران وڪيل هئس. سڏ ٿيو ته ڪورٽ ۾ اندر وياسين جتي ٻئي ڌريون ۽ انهن جا وڪيل حاضر هئا. مسٽر شاهد عزيز صديقي صحيح ۽ قانوني ڳالهه ڪئي ۽ اپيل ڪندڙن کي چيو ته هي خالص روينيو جو مسئلو آهي جنهن جو لينڊ گرانٽ پاليسي تحت فيصلو ڪرڻو آهي. بظاهر اسسٽنٽ ڪمشنر کليل ڪچهري ۽ اجلاس عام ۾ ليز گرانٽ ڪئي آهي. باقي توهان جي دٻاءَ جي ڪري آئون روينيو مسئلي ۾ ڪوبه غيرآئيني ۽ غيرقانوني قدم ڪونه کڻندس. توهان مهيني جي تاريخ وٺي وڃو ۽ اهڙو مارشل لا جو آرڊر ڪرائي اچي ڏيو ته ان تي مان عمل ڪندس، باقي ٻئي دٻاءَ ۾ اچي ڪري غلط آرڊر ڪونه ڪندس ۽ ٿيو به ايئن ته مارشل لا اختيارين ڪوبه آرڊر ڪونه ڪڍيو ۽ اپيل DC شاهد عزيز صديقي رد ڪئي، جنهن جي آرڊر کي ڪمشنر مسٽر غلام مصطفي جوکيو به بحال رکيو ۽ بورڊ آف روينيو پڻ اپيلون رد ڪيون. اتي به ڌرين جي پاران ساڳيا وڪيل هئا پر ٻنهي فورمن تي اپيلون ممتاز علي خان ڀٽي ۽ ٻين جي خلاف رد ٿي ويون ۽ انهن جي حق ۾ ليز گرانٽ ٿيل زمين بحال رکي وئي.