آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جا موقعا ۽ خدمت خلق جي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا

مان چڱو عرصو اڳ مرحوم سيد عبدالله شاهه، ان وقت جي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جي سربراهي ۾ 1989ع ۾ اتر ڪوريا پارليامينت جي اسپيڪر جي دعوت تي، دوري تي ويس جنهن جو ذڪر مان هن کان اڳ به ڪري چڪو آهيان.
آغا خان يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ آف ڊائريڪٽرز تي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو موسٽ سينيئر جج ميمبر ٿي ڪري ڪم ڪندو آهي ۽ آغا خان يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ پرنس ڪريم آغا خان، چيئرمين هجڻ جي حيثيت ۾ پنهنجي سهولت مطابق، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گهرائيندو آهي. يونيورسٽيءَ جي ترقي ۽ فلاح و بهبود لاءِ ماهرن سان ملي صلاح مصلحت ڪري، آئنده جو لائحه عمل منظور ڪندا آهن. مون کي سينيئر جج جي حيثيت ۾ آغا خان يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ مون ڏٺو ته، جيتوڻيڪ پرنس ڪريم آغا خان يونيورسٽيءَ جو مالڪ آهي، پر ان جو روز مره جي ڪم ڪار ۾ يا يونيورسٽي جي اسٽاف جي مقرريءَ ۾ ڪو به عمل دخل ڪونهي. واسطيدار آفيسر ميرٽ کي نظر ۾ رکندي مقرريون ڪندا آهن ۽ اسٽاف، ميڊيڪل توڙي نان ميڊيڪل رکندا آهن، جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ آغا خان هاسپيٽل ۽ يونيورسٽيءَ جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو وڃي ٿو.
يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي سهولت تي، عام ڀلائيءَ جي ڪمن ڪارين کي نظر ۾ رکندي ۽ انهن جي ورڪنگ کي چڪاس ڪرڻ لاءِ رکندو آهي، ڪڏهن ڪئنيڊا، ڪڏهن آمريڪا، ڪڏهن يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾، ڪڏهن مڊل ايسٽ ۾، ڪڏهن سائوٿ ايسٽ ۾ ته ڪڏهن ايشيا ۾ رکندو آهي. اها سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ چار ڏينهن هلندي آهي. سينڊي ڪيٽ جي ميمبرن ۽ انهن جي بيگمات جو اوٽ موٽ جو جهاز جو ڀاڙو، هوٽل جي رهائش ۽ هوٽل کان مقرر ڪيل جڳهه تي وڃڻ لاءِ گاڏيون، پرنس ڪريم آغا خان جي پاران مهيا ڪيون وينديون آهن. سڀ کان اڳ ۾ ٿيل ميٽنگز جي پوئواري ۽ وڌيڪ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو آهي. سينڊيڪيٽ جي ميمبرن سان گڏ ماهر به ميٽنگز ۾ ويهندا آهن، جيڪي صاحب پڻ اعليٰ تعليم يافتا ۽ واسطيدار شعبن ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙ هوندا آهن. تمام گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ فيصلا ٿيندا آهن جيڪي منٽس طور لکيا ويندا آهن
پرنس ڪريم آغا خان جي پروگرامن کي صحيح نموني ۾ هلائڻ ۽ انهن تي نظر رکڻ لاءِ سندس نياڻي شهزادي زهرا پڻ وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ هر ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندي آهي. مون کي محسوس ٿيو ته شهزادي تمام گهڻو پڙهيل، انساني همدرديءَ جو جذبو رکندڙ ۽ انهن جي ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪندي آهي.
آغا خان يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جي هيءَ ميٽنگ آغا خان جي ذاتي محل، جيڪو پئرس کان ڪجهه فاصلي تي آهي اتي رکيل هئي. ٻين ميمبرن جي سندس محل جي ويجهو ڏهه، يارنهن ڪلوميٽرن تي هڪ هوٽل ۾ رهائش هئي. اسان ميٽنگ اٽينڊ ڪئي، آخري ميٽنگ جي پڄاڻيءَ تي پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي پاران ذاتي حيثيت ۾ پر تڪلف مانجهاندو کارائيندو آهي. آغا خان جا عام ڀلائي وارا پروجيڪٽس تمام گهڻا آهن، جن جي صحيح نموني پرگهور لڌي ويندي آهي. الله تعاليٰ جون آغا خان فيمليءَ تي سندس مالي حالات سٺي رکڻ جون نعمتون آهن ۽ هو انهن کي صحيح استعمال به ڪندا آهن.
قديم اسلامي تهذيب ۾ ثقافت جو پهلو نمايان هوندو هئو، انهي لاءِ به اسلامي آرڪيٽيڪچرل ايوارڊ ڏنو ويندو آهي، پاڪستان جي صادق آباد تعلقي ۽ ضلعي رحيم يار خان جي ڳوٺ ڀونگ شريف ۾ هڪڙي مسجد آهي، جيڪا رئيس غازي خان انڍڙ پنهنجي خرچ تي ٺهرائي هئي، جيڪا به اسلامي تعميرات جو هڪ نادر نمونو آهي ۽ مون کي به هڪ ٻه ڀيرا ان مسجد جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو آهي، اها مسجد رئيس غازي خان انڍڙ هڪ ٻه ڀيرا شهيد ڪرائي هئي، ڇو ته مسجد شريف جا مينار، هن جي سامهون واري رهائش گاهه، جو خود هڪ قسم جو محل آهي. کان هيٺ پئي نظر آيا، تنهن جي ڪري هن اهو بهتر سمجهيو ته انهن کي شهيد ڪري ٻيهر ٺهرائجن ته جيئن ان جي ذاتي محل کان مسجد مٿي نظر اچي ۽ اهو هن ڪري ڏيکاريو.
مسجد ۾ سٺي اڏاوت کان سواءِ هڪ عاليشان پارڪ به آهي. ان کان علاوه مسجد ۾ لاڳيتو ديني تعليم لاءِ پنهنجي خرچ تي هو هڪ مدرسو به هلائيندو آهي.
آغا خان جي آرڪيٽيڪچرل ايوارڊ جي ٽيم سڄي دنيا جي دوري ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتي ته ڀونگ شريف جي مسجد اسلامي تعميرات جو هڪ نادر نمونو آهي، ان کي ايوارڊ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ان کي ايوارڊ به مليو.
انڊو پاڪ ۾ مغل شهنشاهن جو وڏو چرچو آهي ته انهن لاهور جي شاهي مسجد، دهليءَ جي جامع مسجد ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عاليشان عمارتون جوڙايون، جن ۾ دنيا جو هڪ عجوبو تاج محل به شامل آهي پر اهي سڀ تعميرات مغل شهنشاهن سرڪاري خزاني مان پئسا کڻي، خرچ ڪري ٺهرايون، ذاتي پئسو خرچ نه ڪيو. ان جي برعڪس رئيس غازي خان انڍڙ ڀونگ شريف جي مسجد ٺهرائي اهو ثابت ڪيو ته انڊو پاڪ ۾ اهڙا به مرد مجاهد آهن جيڪي پنهنجي خرچ سان عاليشان مسجد، مدرسو ۽ باغ ٺهرائي سگهن ٿا، جن کي بين الاقوامي آغا خان ايوارڊ به ملي ٿو.
سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ کان پوءِ اسان کي پئرس گهمڻ جو به موقعو مليو ۽ اتان جون مشهور جڳهون ڏسڻ جو سبب ٿيو. شانزليزي جنهن کي پرئس جي دل چيو وڃي ٿو، ان کي سڄي دنيا ڏسڻ ۽ گهمڻ ايندي آهي، شانزليزي به هڪ عجوبو آهي، اتي هر قسم جي خريداري به ٿيندي آهي. ماڻهو دنيا مان ڪهي اچي اتي خريداري به ڪندا آهن ۽ سٺا کاڌا به واپرائيندا آهن.
شانزليزي ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي کاڌي جا تمام گهڻا ريسٽورنٽس آهن جتي ماڻهو شوق سان اچي کائيندا آهن ، پئرس جو نيشنل ميوزيم ۽ لائبريري به ڏسڻ وٽان آهي. پئرس جا رستا به تمام سٺا ٺهيل ۽ صفائي سٿرائي به لاجواب آهي، جنهن جي ڪري سياح تمام گهڻو پئرس ۾ ايندا آهن. ان کان علاوه مشهور ايفل ٽاور به اڏاوت جو هڪ شاهڪار آهي. سڄي دنيا جا سياح انهي کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن، ان جي پاسي ۾ هڪ ندي آهي، جنهن ۾ ٻيڙيون هلنديون آهن، ماڻهو پنهنجي ٻارن سان انهن ۾ چڙهي لطف اندوز ٿيندا آهن، عاليشان نظاري واري جڳهه آهي. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾، جتي جرمن فورسز بمباري ڪري فرانس کي تباهه برباد ڪيو هو، ان کي نئين نموني تي تيار ڪري روڊ، رستا، ريلوي، ميوزيم ٺاهي پنهنجي محنت ۽ عظمت جو ثبوت ڏنائون. آغا خان سينڊيڪيٽ جي ميمبر جي حيثيت ۾ مسلمان ميمبرن کي اها سهولت هوندي آهي اُهي ته واپسيءَ وقت انهيءَ ٽڪيٽ ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪن. مون هاءِ ڪورٽ جي اسٽاف ۽ آغا خان يونيورسٽي وارن کي ٻڌايو ته مون کين چيو مان عمري جي سعادت ضرور ماڻيندس، جنهن جي سهولت به آهي پر بهتر ائين ٿيندو ته مون کي واپسيءَ ۾ پئرس کان شام آندو وڃي ته جيئن اتي مقدس مقامات جي زيارت ڪجي ۽ ام المصائب شريڪت الحسين بي بي زينب سلام عليها ۽ ٻين ڪربلا جي شهيدن جي مزارن جي سلامي ڀرجي ۽ فاتحه پڙهجي. آغا خان يونيورسٽي وارن مٿي پنهنجي آفيسرن کي ٻڌايو ۽ انهن اها ڳالهه قبول ڪئي. واپسيءَ ۾ مون کي ۽ منهنجي بيگم کي پئرس مان شام جي هوائي ڪمپني (سيرئن ايئر لائن) ۾ کڻي ٻن ڪلاڪن ۾ شام پهچايائون، جتي وري پاڪستاني سفارتخاني جي ماڻهن منهنجو استقبال ڪيو. بعد ۾ مون کي بي بي زينب سلام عليها ۽ ٻين مقدس مقامات جي زيارت ڪرايائون. مون انهن کي پهچڻ کان اڳ چيو هيو ته منهنجي رهائش جو بندوبست بي بي صاحبه جي روضي جي ڀرسان هجي ته جيئن صبح شام اچڻ وڃڻ ۽ زيارت ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي. پاڪستان ايمبيسيءَ جي ملڪ نور، اتي هڪڙي فور اسٽار هوٽل ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو، جنهن جون چارجز بلڪل نارمل هيون ۽ اهو هوٽل ڪويت جي هڪ امير مومن پنهنجي خرچ تي زيارت ڪرڻ وارن جي سهوليت لاءِ ٺهرايو هو، جنهن جي آمدني به ان هوٽل کي مينٽين ڪرڻ ۾ صرف ٿيندي هئي. مالڪ پاڻ ڇهين مهيني اچي ڏسندو هيو، آمدني ۽ خرچ جو تفصيل ڏسي هليو ويندو هيو. ان آمدنيءَ مان هو ڪجهه به نه کڻندو هيو، جيڪا به آمدني ٿيندي هئي اها ان هوٽل/مسافر خاني تي خرچ ٿيندي هئي.
رهائش وارن ڪمرن سان گڏ اٽيچ باٿ سان هڪڙو ننڍو ڪچن به هيو، جتي ماڻهو پنهنجي کاڌ خوراڪ تيار ڪري سگهي ته ڀلي ڪري، ان سان گڏ ڪپڙن جي ڌوئڻ جي لاءِ ڪمرو جنهن ۾ واشنگ مشين، فٽ ٿيل هئي ته جيئن رهائش وارا زائرين پنهنجا ڪپڙا وغيره ڌوئي سگهن.
بي بي صاحبه جي روضي تي هر وقت تمام گهڻي رش رهي ٿي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو زيارت لاءِ اچن ٿا، دعا گهرن ۽ فيض حاصل ڪن ٿا. جمعي جي رات تمام گهڻا قافلا اردن، لبنان، شام ۽ عراق مان ايندا آهن. جمعي جي رات اتي تمام وڏو ماتم ٿيندو آهي.
بي بي صاحبه زينب سلام عليها پنهنجي ڀاءُ امام حسينؑ سان گڏ ڪربلا پهتي هئي، جيڪي سختيون امام حسين سٺيون هيون اهي هن به سَٺيون، پنهنجا فرزند به شهيد ڪرايا ۽ قيدي ٿي ڪربلا کان ڪوفي ۽ پوءِ شام پهتي، هُن ڪربلا جي لٽيل قافلي جي رهنمائي ڪئي. هن امام حسين ؑ جي پيغام کي گهر گهر پهچايو ۽ امام حسين عه جي قربانيءَ کي زنده ۽ جاويد رکيو. مون کي ياد اچي ٿو ته صدر صدام حسين جي زماني ۾ جڏهن بني صدر جيڪو شيعا عالم هيو ۽ هن وقت به بغداد شهر ۾ موجود آهي، انهي جي پيءُ کي جڏهن صدر صدام حسين موت جي سزا ڏيارائي ته ان سان گڏ ان عالم سڳوري جي ڀيڻ به ان جرم ۾ شريڪ ڄاڻائي وئي ۽ ان کي به موت جي سزا ٻڌائي وئي. صدام حسين جي ڪن ويجهن ماڻهن ان کي چيو ته جيئن ته اها هڪ عورت آهي، تنهن جي ڪري ان کي معاف ڪيو وڃي پر بني صدر جي والد کي بلڪل سزا ڏني وڃي. صدر صدام کين ٻڌايو ته مون تاريخ پڙهي آهي ۽ مان ان نظريي جو حامي آهيان ته جيڪڏهن يزيد حضرت امام حسين ؑ جي 71 ساٿين کي شهيد ڪرائي پئي سگهيو ته حضرت زينب سلام عليها کي به شهيد ڪرائي ختم ڪرائي پئي سگهيو، ان سان هيڏو سارو ڪربلا جو واقعو دنيا جي آڏو ظاهر به ڪو نه ٿئي ها ۽ امام حسين عه جي قرباني به منظر عام تي نه اچي ها. ڇو ته بي بي زينب سلام عليها جنهن جنهن هنڌ تي پهتي اتي فصاحت ۽ بلاغت سان قرآني تعليمات کي ٻڌائيندي اهو ثابت ڪيو ته رسولﷺ جي آل سان، يزيد جو رويو ناروا، غير انساني ۽ وحشي هيو. ڪوفي کان شام تائين پهچندي پهچندي بي بي صاحبه ڪافي انقلاب آڻي چڪي هئي. هُن اُنهن تقريرن ذريعي درٻار شام ۾ يزيد جي آڏو بهادري ۽ دليري سان يزيد کي چئلينج ڪيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته امام حسين جو قتل عظيم ظلم آهي ۽ ان جو حساب ڪتاب يزيد ۽ ان جي اهلڪارن کي ڏيڻو پوندو. تنهن جي ڪري سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي بني صدر جي پُڦيءَ کي پيءُ کي ڦاهيءَ جي سزا ڏياري ختم ڪيو ويو.
شام جي دوري ۾ تاريخي بنواميه مسجد ۽ بازار حميديه ڏسڻ جهڙي آهي، جتي سيدن ۽ سيد زادين کي هٿ ڪڙيون هڻي، پيرين پنڌ درٻار ۾ آندو ويو هيو، اهو مقام ڏسڻ جو به شرف مليو، جتي امام حسين جو سرمبارڪ رکيو ويو هو. امام حسين جي ننڍي صاحب زادي بي بي سڪينه جي روضي جي زيارت به نصيب ٿي جيڪا جيل ۾ ئي وفات ڪري وئي هئي. دمشق جي ٻاهران وڏو تاريخي قبرستان آهي، جتي ڪربلا جي شهيدن جي ٻارهن سرن کي ظاهر ڪيو ويو آهي، انهن جا نشان آهن.
بوهرا ڪميونٽيءَ انهن تاريخي مقامن ۽ روضن جي ڏاڍي پوئواري ڪئي آهي ۽ سٺي نموني ۾ انهن جي مينٽيننس جو ذمو کنيو اٿن، ڪم ڪار ڪن پيا ۽ سال به سال انهن جي رپيئر به بوهرا ڪميونٽي ڪرائيندي آهي. الله تعاليٰ انهن کي ان نيڪ ڪم جو اجر ڏيندو. ان سان گڏ حضرت بلال حبشي ؐ، رسول اللهﷺ جي زوجه ام سلمه ؒ ۽ ڪافي ٻين صحابن جي روضن تي وڃي زيارت ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ جو شرف به حاصل ٿيو.
زيارتن کان علاوه، دمشق ۽ ان جي پسگردائيءَ سان گڏ نئين اسٽائيل ۾ ٺهيل ريسٽورنٽس ۾ کاڌي کائڻ لاءِ وڃڻ جو موقعو به مليو. ان وقت حافظ الاسد صدر هيو ۽ امن و امان مثالي هيو. ڪا به مذهبي ڇڪتاڻ نظر نه آئي. ڇو ته شام ۾ عيسائين جو به ڪافي تعداد رهي ٿو. انهن جون ڪافي ڪليسائون آهن، انهن کي به ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ محسوس ٿيو ته هر مذهب ۽ فرقي کي پنهنجي عقيدي تي هلڻ جي مڪمل آزاد آهي. ڪا به روڪ ٽوڪ ڪو نه آهي. شام جي زرعي پيداوار، صنعتي پيداوار سان گڏ زائرين جو به تمام گهڻو انداز زيارت ڪرڻ اچي ٿو، انهن مان به انهن جي معيشت تي سٺا اثر پون ٿا ۽ سٺي آمدني ٿئي ٿي.
ملڪ شام قديم تهذيب جو مالڪ آهي. ان کي دنيا جي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته بين الاقوامي سازش جي ڪري مسلمان ملڪن ۾ شيعه، سني فساد ڪرائي، انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. پنج ڏينهن شام ۾ رهڻ کان پوءِ سيرئن ايئرلائين جي ذريعي مدينه منوره ۾ آمد ٿي، جتي پڻ پاڪستان جي سفارت خاني جا ماڻهو وٺڻ آيا ۽ پاڪستان هائوس ۾ رهائش جو بندوبست ڪيائون. اها رهائش به مسجد نبويءَ جي بلڪل ويجهو آهي.
نبيﷺ جي روضي پاڪ جي زيارت به ٿي ۽ مسجد نبويءَ ۾ مون کي ۽ منهنجي گهر واريءَ کي نماز پڙهڻ جو موقعو ۽ شرف به مليو. اتان کان پوءِ وري مڪه مڪرم وڃڻ ٿيو، جتي عمرو ادا ڪيوسين، جيڪو خدا نصيب ڪيو. جتي چار ڏينهن رهڻ کان پوءِ سلامتيءَ سان اچي ڪراچي پهتاسين.
2001ع ۾ چيف جسٽس ارشاد حسن خان جي سربراهيءَ هيٺ سپريم ڪورٽ جي ججز کي چيف جج چائنا جي دعوت تي وڃڻ جو موقعو مليو. ان وفد ۾ چيف جج آف پاڪستان ارشاد حسن خان کان سواءِ جسٽس شيخ رياض احمد، جسٽس افتخار محمد چوڌري، جسٽس قاضي محمد فاروق، جسٽس فقير محمد کوکر ۽ ڊاڪٽر فقير حسين ان وقت لا ڪميشن جو سيڪريٽري به گڏ هيو.
چائنا جي گاديءَ جي هنڌ بيجنگ ۾ ماؤزي تنگ جو مقبرو آهي، جتي ان جو جنازو انهيءَ ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهي. چائنيز اسڪوائر، گريٽ وال ۽ انهن جي قديمي شهنشاهن جي قبرستان وڃڻ جو به موقعو مليو. چائنا جو ڪيپيٽل حب شنگهائي ڏسڻ جو موقعو به مليو، جيڪو خود هڪ عجوبو آهي ۽ ان جي اڏاوت اهڙي آهي، جو ڄڻ توهان نيويارڪ گهمي رهيا آهيو. شنگهائي جي وچ مان هڪ ندي گذري ٿي جنهن ۾ نيوي گيشن ٿيندي آهي. رات جي وقت ان جو نظارو مختلف روشنين جي ڪري تمام سهڻو لڳندو آهي. بيجنگ جا ناٽڪ گهر، جتي چائنا جو روايتي رقص به ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ به لکين ماڻهو ايندا آهن ۽ جنهن مان چائنا کي ڪافي آمدني ٿيندي آهي. 1989ع ۾ پهريون دفعو بيجنگ ڏسڻ کان پوءِ 12 سالن بعد چائنا ۾ وڏي تبديلي نظر آئي. چائنا ايڏي ته ترقي ڪئي آهي جو دنيا جي اڪانامي ۾ ٽئين نمبر تي آهي. دنيا جو اهو خطو نه آهي جتي چائنا جون پروڊڪٽس نه هجن. سڄي دنيا چائنا جي مال سان ڀريل آهي. چائنا جي ترقيءَ جي رفتار جيڪڏهن اها ئي رهي ته ڪجهه سالن ۾ چائنا، آمريڪا ۽ جاپان جي اڪانامي کي پوئتي ڌڪي ويندو.
2011ع ۾ انٽرنيشنل اولمپڪ گيمز، جيڪا بيجنگ ۾ ٿي هئي، ان ۾ ڪيپيٽل بيجنگ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو هو. ويڪريون پليون ٺهي ويون هيون، ان کان سواءِ روشنين جو ۽ آتش بازيءَ جو اهڙو ته مظاهرو ڪيو ويو هو جو آسمان جو رنگ ئي تبديل ٿي ويو هو.
دنيا جي تقريبن هڪ ارب ماڻهن اهو آتش بازي جو عظيم الشان مظاهرو ٽي وي چئنلز تي ڏٺو. دنيا جا مفڪر ۽ دانشور اهو محسوس ڪن ٿا ته، جيڪڏهن چائنا جي ترقيءَ جي رفتار اها ئي رهي ته چائنا جي معيشت دنيا جي پهرين نمبر تي مڃيل معيشت ٿي ويندي.
چائنا هر هڪ شعبي ۾ محنت، وقت جي پابندي، اصول پرستي ۽ ملڪ جي مفاد کي سڀ کان اڳتي رکندي اڄ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ ٽئين نمبر تي پهتل آهي.
1989ع ۾ چائنا جي دوري کان پوءِ 2011ع ۾ تمام وڏي تبديلي نظر آئي. هاڻ چائنا کي بين الاقوامي سطح تي آمريڪا ۽ روس کان پوءِ اثرائتو ملڪ سمجهيو وڃي ٿو.
چين جو اهو هڪ وڏو ڪمال آهي ته هن بغير جنگ و جدل ۽ گولي هلائڻ جي، هانگ ڪانگ جو جزيرو برطانيا کان، ڳالهين ذريعي واپس ورتو ۽ اتي اهو ئي اقتصادي نظام جاري رکيو جيڪو چين جي قبضي ۾ وٺڻ کان اڳ هيو. جيتوڻيڪ چين ۾ ڪميونسٽ راڄ آهي، پر اقتصادي ترقيءَ لاءِ هنن چين ۾ سرماياڪاريءَ لاءِ سڀني ملڪن لاءِ دروازه کولي ڇڏيا آهن. ڪافي ترقي يافته ملڪن، تمام وڏيون صنعتون ۽ ڪاروبار چائنا ۾ کوليا آهن، جنهن جي ڪري چين ۾ اقتصادي ترقي بي مثال نظر اچي رهي آهي.
ان کان علاوه مڪاؤ جزيرو جنهن تي پورچوگيزن جو قبضو هيو، ڪجهه سال اڳ اتي مڪامي انڊر ورلڊ ايڏي طاقتور ٿي جو مڪاؤ جزيري ۾ پورچوگيزن کي حڪومت ڪرڻ مشڪل ٿي وئي. عملي طور مڪاؤ جزيري جي وارڊ لارڊز ان جزيري تي حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته مڪاؤ جزيري ۾ سڄي دنيا جا جواري، جوا کيڏڻ ايندا آهن. ان حالت کي ڏسي انهن جي لاءِ جوا خانا ٺهرايا ويا آهن ۽ عاليشان ريسٽورينٽس به ٺهيل آهن. ماڻهو تفريح لاءِ ۽ جوا کيڏڻ لاءِ ايندا آهن. انهيءَ ڪري انڊر ورلڊ جي قبضي کي ختم ڪرڻ جي مقصد خاطر پورچوگيز حڪومت مڪاؤ جزيرو چين جي حوالي ڪيو ته جيئن اتي ڪاروبار، جوا جا اڏا ريسٽورينٽس يا عشرت لاءِ مخصوص جڳهين کي هو پاڻ سنڀالي ۽ انتظام رکي. چين هڪدم ان آڇ کي قبول ڪيو، پنهنجي پراڻي مڪاؤ جزيري کي قبضي ۾ ورتو ۽ اتان جي وارڊ لارڊز کي تختي دار تي چاڙهيو.
25-20 ماڻهن جي ڦاهي ڏيڻ کان پوءِ جزيري ۾ امن ٿيو. هانگ ڪانگ کي مڪاؤ جزيري جي ملڻ کان پوءِ 12 سالن ۾ چائنا ۾ وڏي ترقي نظر آئي. رهائش جو ساڳيو سسٽم رائج آهي. چائنا پنهنجي ترقيءَ ۽ فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي نظام کي اصلي چين تائين محدود رکيو آهي. سونا آنا ڏيندڙ هانگ ڪانگ ۽ مڪاؤ جزيري کي ساڳي پوزيشن ۾ هلڻ ڏنو وڃي ٿو، جنهن سان چائنا جي اقتصادي حالت تمام بهتر ٿي آهي. سياح ۽ جواري گهربل ٽئڪس خوشيءَ سان چائنا جي سرڪار کي ڏيئي رهيا آهن.
ڊسمبر 2010ع ۾ سرڪاري طور تي آمريڪا وڃڻ ٿيو، جتي آءِ ايم ايف جي توسط سان انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن ڪانفرنس منعقد ٿيل هئي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان اينٽي ڪرپشن سان واسطو رکندڙ آفيسر ۽ تنظيمون آيل هيون. رهائش ۽ اچڻ وڃڻ جو خرچ آءِ ايم ايف ڀريو هو. اسان جي رهائش هلٽن هوٽل ۾ هئي، جتان سڀني شرڪت ڪندڙن کي ننڍن اي سي ڪوچز ۾ کڻي وڃي آءِ ايم ايف جي صدر دفتر ۾ پهچائيندا هئا. صبح کان شام تائين اجلاس هلندا هيا، جن ۾ شرڪت ڪبي هئي، پنهنجي پاران ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيونسين. سياري جي موسم هئي تنهن ڪري ڏاڍي ٿڌ هئي، جنهن سبب واشنگٽن ڊي سي کان ٻاهر وڃڻ ڪو نه ٿيو. باقي صدارتي محل (وائيٽ هائوس) آمريڪي پارليامينٽ ايف بي آءِ هيڊ ڪوارٽر، سٺا شاپنگ سينٽر، فيڊرل ڪورٽ جي عمارت، ميوزيم ۽ جارج واشنگٽن جو مقبرو وغيره ڏسڻ جو موقعو مليو.
پاڪستان ايمبيسي به ڏٺيسين ۽ مسٽر حسين حقاني، سفير سان به ملاقات ٿي، جيڪو ڏاڍو پڙهيل لکيل ۽ ذهين ماڻهو آهي ۽ پاڪستان جي پنهنجي وس آهر خدمت ڪري رهيو آهي. انهيءَ جي طفيلي شام جي ويزا ملي جو وري ٻيهر شام جي زيارتن ڪرڻ جو موقعو مليو.
شام ۾ ان وقت سفير مسٽر امين رئيساڻي هيو، جيڪو ڏاڍو سلجهيل، پڙهيل ۽ ڪافي ناليج رکندڙ ماڻهو هو، جيڪو نواب رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ هئو، هيءُ طبيعتن پڙهيل لکيل هجڻ جي ڪري ڪافي بهتر نظر آيو. ان سفارتخانو به گهمايو، پوءِ پنهنجي بيگم صاحبه سان گڏجي منهنجي ۽ منهنجي بيگم جي هڪ سٺي ريسٽورينٽ ۾ منجهند جي ماني به ڪيائين ايئن سٺي مهمان نواز هجڻ جو ثبوت ڏنائين. سندس مهمان نوازيءَ جو اڃا تائين منهنجي ياداشتن ۾ سٺو اثر آهي.