آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

محترمه بينظير ڀٽو حاجي معشوق علي خان يا عاشق علي خان کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ راضي هئي

مسٽر محمد خان جوڻيجي جي حڪومت برخاست ڪرڻ کان پوءِ دستوري مجبوريءَ جي ڪري جنرل ضياءُالحق نوي ڏينهن جي اندر عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ جنرل ضياءُالحق هوائي جهاز جي حادثي ۾ موت جو شڪار ٿي ويو. اليڪشن جي شيڊيول اچڻ کان پوءِ محترمه مون کي مهرباني ڪري گهرايو ۽ فرمايائين ته ”مون کي وزيراعظم ٿيڻو آهي ۽ مان رتيديري واري تڪ ميرو خان شهدادڪوٽ تي قومي اسيمبليءَ جو فارم ڀريندس“ ۽ مون کي حڪم ڪيائين ته مير غلام مرتضيٰ ڀٽو جو به فارم ڀرجو ۽ پنهنجو فارم به ڀرجو. لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ هائوس ۾ وٽس چهل پهل لڳل هئي. سڄي ملڪ جا ماڻهو پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پهتل هئا. المرتضيٰ هائوس جي لان ۾ وڏا شاميانا هڻي، سوين ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، جتي محترمه بذات خود پاڻ، مرحوم جنرل ٽڪا خان، جيڪو ان وقت پيپلزپارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري هيو ۽ ٻيا پيپلزپارٽي جا سرڪردا ليڊر موجود هئا. مسٽر سعيد احمد ڀٽي کي سڏيو ويو ۽ ان کي چيو ويو ته تون فارم ڀر! ان کي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ جو پروانو ڏنو ويو، ان اچي پروانو ڏيکاريو ته PS-30 تي مون کي ٽڪيٽ ملي آهي ۽ هن اتي موجود ماڻهن کي به ٽڪيٽ جو پروانو ڏيکاريو. مون کي ڪجهه دوستن ۽ عزيزن چيو ته ٽڪيٽ مسٽر سعيد احمد ڀٽي کي ملي چڪي آهي، توهان بهتر آهي ته فارم نه ڀريو. پاڙي جي ڳالهه آهي. مون انهن دوستن کي جواب ڏنو ته مون کي اليڪشن لڙڻ جو شوق ڪونه آهي ۽ پيپلزپارٽيءَ ۾ هجڻ جي ڪري مسٽر ممتاز علي ڀٽي سان ويجهو تعلق رهيو آهي. هو مهربان به رهيو آهي پر جيئن ته مون ناچيز کيس تجويز ڏني هئي ته مهرباني ڪري پيپلزپارٽي نه ڇڏيو، فرنٽ نه ٺاهيو، فرنٽ هلندو به ڪونه ۽ هليو به ڪونه. ڪافي عرصي کان پوءِ ممتاز علي خان وري به هاڻي مسلم ليگ نواز گروپ ۾ شامل ٿي پنهنجي فرنٽ ۽ جهنڊي کي ختم ڪيو. ٻيو ته منهن جي راءِ تي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه بنفس نفيس هلي نواب نبي بخش خان ڀٽي کي تجويز ڏني ته، هوءَ صاحبه قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي پاڻ بيهندي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي نواب صاحب پنهنجي ٻن فرزندن، حاجي معشوق علي خان ڀٽي ۽ عاشق علي خان ڀٽي مان ڪنهن هڪ کي بيهاري ته ان کي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ به ڏيان ۽ مدد به ڪيان. قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن کان پوءِ حاجي معشوق علي يا عاشق علي ڀٽو ڀلي سيٽ تان استعيفا ئي ڏئي، بعد ۾ مسٽر ممتاز علي ڀٽو ڀلي ان خالي ٿيل سيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿي اچي، مون کي پڻ خوشي ٿيندي پر هن وقت ممتاز علي خان ڀٽي جو جيڪو فرنٽ جو پروگرام آهي، ان جي ڪري پيپلزپارٽيءَ کي پنجاب ۾ ووٽ گهٽ ملندا ۽ مان وزيراعظم ٿي نه سگهنديس. ان ڪري مان پنهنجي پارٽيءَ کي ڄاڻي واڻي نقصان ڏيڻ نه ٿي چاهيان. جيئن ته محترمه جو مون تي گهڻو اعتبار هيو ۽ مون کان ڪڏهن ڪڏهن رايو به پڇندي هئي. جڏهن شاهنواز خان ڀٽي مرحوم جي موت کان پوءِ محترمه پنهنجي جوان ڀاءُ جي ميت کي لاڙڪاڻي ڳڙهي خدا بخش تدفين لاءِ کڻي آئي ته سڄو ملڪ پڻ سوڳوار هو. ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش تائين هر روڊ ۽ رستي تي ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا، جيڪو پيپلزپارٽيءَ جي مقبوليت جو وڏو منظر هيو. ٽيجهي جي چند ڏينهن کان پوءِ محترمه المرتضيٰ هائوس جي اسٽڊي واري ڪمري ۾ اڪيلائي ۾ ويٺي هئي. مان به موجود هئس، محترمه مون کان پڇيو ته، توهان فوجداري ڪيس کڻندا آهيو، توهان کي ڪافي تجربو آهي، توهان جو هن حادثي متعلق ڇا رايو آهي؟ مون ادب سان ۽ ڏک وچان عرض ڪيو ته، شاهه نواز ڀٽي صاحب جي موت ۾ ڪن ايجنسين جو هٿ آهي، پر اهو ثابت ٿي ڪونه ٿو سگهي ته اهو زهر وارو ڪيپسول ڪنهن رکيو ۽ ڪنهن ڏنو، اهو به ثابت ڪونه ٿو ٿئي ته مرحوم جي بيگم اهو ڪيپسول آندو هو، پر هڪڙي ڳالهه، مان پنهنجي ناقص عقل موجب چوان ٿو ته مرحوم شاهنواز ڀٽي جي اهليه جي هيءَ ظاهر ظهور ڪوتاهي آهي، جيئن ته هوءَ گاڏي به هلائيندي آهي ۽ گاڏيءَ هلائڻ جو لائيسنس به هيس. گاڏي بنگلي ۾ موجود به هئي، ان هوندي به شاهنواز ڀٽي کي وقت تي اسپتال نه کڻي ويئي ته جيئن ڊاڪٽر اهو زهريلو مادو ان جي جسم مان ڪڍن ۽ هو بچي سگهي. مرحوم جي اهليه ايئن نه ڪيو، اها ان جي نااهلي ظاهر ظهور آهي پر اهو توهان جي خاندان جو ذاتي مسئلو آهي. ان ڪري مان وڌيڪ راءِ نه ٿو ڏيڻ گهران. چند مهينن کان پوءِ محترمه مون کي ٻڌايو ته اوهان جو خيال بلڪل صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته فرانس پوليس خود شاهنواز جي بيگم کي ڪوتاهي ڏيکارڻ ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي.
محترمه جي شاديءَ جي دعوت جا ٻه پروگرام رکيل هئا. هڪڙو 70 ڪلفٽن جي ڀرسان ڪلفٽن گارڊن ۾ هيو، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي مخصوص قريبي رشتيدارن، دوستن ۽ واسطيدارن کي مدعو ڪيو ويو هو. جنهن ۾ به سڄي پاڪستان مان ماڻهو آيل هئا. ٻيو پروگرام لياريءَ جي ڪڪري گرائونڊ ۾ هيو، جتي گهوٽ ڪنوار اچڻا هئا، جنهن جي دعوت هزارن جي تعداد ۾ ڏنل هئي. منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم نياز حسين شاهه هڪ ڀيري دوستن سان ڪچهريءَ ۾ چيو ته، ڏسڻو اهو آهي ته محترمه توهان کي شاديءَ جي دعوت ڪٿي ٿي ڏئي آيا 70 ڪلفٽن گارڊن واري مخصوص ۽ ننڍي پيماني واري دعوت ۾ سڏ ڏئي ٿي، يا ڪڪري گرائونڊ واري عام دعوت ۾ سڏ ٿي ڏئي، اها خبر ڪارڊ مان پوندي ته محترمه توهان کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿي. اهو الله تعاليٰ جو ڪرم هيو جو محترمه مون کي 70 ڪلفٽن واري مخصوص دعوت ۾ مدعو ڪيو. حالانڪه جيئن مون ذڪر ڪيو آهي ته، مان سفيد پوش مڊل ڪلاس ماڻهو آهيان، نه ڪو وڏو زميندار آهيان، نه ڪارخانيدار يا واپاري آهيان. پر اها الله تعاليٰ جي مهرباني آهي جو هن خاڪسار کي ڪلفٽن 70 واري دعوت ۾ مدعو ڪيو ويو، جتي وڃڻ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هيو. بحرحال مون انهن سڀني ڳالهين کي مدنظر رکندي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻيءَ کان سواءِ عزيزن ۽ دوستن کي ٻڌايو ته محترمه بذات خود مون کي چيو آهي ته فارم ڀريو ۽ هاڻي جيڪڏهن سعيد احمد ڀٽي صاحب کي ٽڪيٽ ملي آهي ته ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي، ڀلي اهو اليڪشن لڙي. اڃان ته نامينيشن فارم ڀرڻو آهي. شيڊيول موجب فارم ڀرڻ کان پوءِ ان تي اعتراض ٿيندا ۽ اپيلون ٿينديون. حتمي فهرست ته بعد ۾ ظاهر ٿيندي، ان کان پوءِ ڪنهن اميدوار کي هٿ کڻڻ جي اجازت هوندي. ان سڄي عمل کي پوري ٿيڻ ۾ پندرنهن کان ويهه ڏينهن لڳندا. مان فارم ضرور ڀريندس پوءِ به جيڪڏهن حڪم ٿيو ته فارم واپس وٺبو. پر هن وقت فارم نه ڀرڻ محترمه جي حڪم جي انحرافي ٿيندي ۽ ان جي اعتماد کي ٺيس پهچندي، جيڪا ڳالهه مان ڪرڻ نه ٿو گهران. ٿي سگهي ٿو ته محترمه اهو ڏسڻ چاهيندي هجي ته منهنجي دلي ۽ ذهني طور پيپلزپارٽي سان ڪيتري وابستگي آهي. جيئن ته منهنجو واسطو جناب ممتاز علي ڀٽي سان به آهي. ممڪن آهي ته هوءَ ايئن سمجهي ته ممتاز علي خان کي اڻ سڌي طرح مدد ڪرڻ لاءِ مون فارم نه ڀريو آهي ۽ اڃا پيپلزپارٽي سان مخلص ڪونه آهيان، جيئن ته ممتاز علي خان سان سياسي طور تعلق توڙي (هن جي فرنٽ ۾ شامل نه ٿيڻ جي ڪري ايئن سمجهو ته ٻيڙا ساڙي پيپلزپارٽيءَ جي ڪڍ لڳا آهيون ۽ پارٽي ۾ رهبو.) پيپلزپارٽي سان واسطيداري هجڻ جي ڪري ۽ تعلقي سيڪريٽري هجڻ جي ناتي پيپلزپارٽي جي پروگرام کي وڌائڻ جي لاءِ اسان رتيديري ۾ مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي جي، چيف منسٽر جي حيثيت ۾ آجيان ڪئي. مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر سندس ڪابينه جو سينيئر وزير ۽ مسٽر چاڪر علي جوڻيجو صدر پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي جي حيثيت ۾ اچي رتيديري جو دورو ڪيو. ماڻهن سان مليا انهن صاحبن جو تمام سٺو استقبال ڪيو ويو. انهن جي لاءِ طعام جو بندوبست مرحوم ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ جي هاري آفيس ۾ رکيل هيو، تمام سٺو پروگرام رکيل هيو. سون جي تعداد ۾ ماڻهو مدعو ڪيل هيا، ان سان گڏوگڏ ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ جو گهرو دوست مسٽر امام الدين قريشي به ان سان گڏ ٻانهن ٻيلي هيو، جتوئي صاحب سان گڏ آيل سڀ مهمان اهڙو استقبال ۽ بندوبست ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ممتاز علي ڀٽو جڏهن وفاقي وزير مواصلات هيو ته، ان کي به هن ناچيز دعوت ڏئي وڏو جلسو ڪرايو هيو ۽ ان جي اهتمام ۽ طعام جو بندوبست ڪيو هيو، جنهن ۾ سيد عبدالله شاهه مرحوم اڳوڻو چيف منسٽر سنڌ، سردار مرحوم نور محمد خان لنڊ، سيد قربان علي شاهه اڳوڻو ايم پي اي، سردار رضا محمد خان ڏاهري، حاجي معشوق علي خان ڀٽو، عبدالرزاق سومرو، پيربخش گهانگهرو ۽ رتيديري لاڙڪاڻي جي پيپلزپارٽيءَ جا عهديدار ۽ معزز شخصيتون شريڪ ٿيون.
ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ ۽ امام الدين قريشي سياسي طور ڏاڍا متحرڪ ۽ پيپلزپارٽي جا مخلص، وفادار ۽ اثر وارا ماڻهو رهيا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي لاڙڪاڻي ۾ جڏهن وڪالت شروع ڪئي هئي ۽ سياسي دورا شروع ڪيا هئا ته رتيديري ۾ پهريون دفعو ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ جي ان غريب خاني تي آيو هو ۽ پنهنجيءَ هٿ سان پنهنجي تصوير تي صحيح ڪري اها تصوير ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ کي ڏني، جيڪا اڄ به ان جي آفيس جي مين هال ۾ موجود آهي. ڀٽي صاحب جي وڏي فرزند مير غلام مرتضيٰ، ڀٽي صاحب جي وزيراعظم هوندي، ڀٽي صاحب جي تڪ جو دورو ڪيو هو ۽ مير مرتضيٰ به ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ ۽ امام الدين قريشي جي غريب خاني تي آيو هو. ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ هڪ شريف، سياسي سوچ رکندڙ ماڻهو هو، جنهن مرحوم عبدالواحد سومري سان ساٿ ڏئي، کيس صحيح مشورا ڏئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ويجهو ڪيو. مسٽر عبدالواحد سومرو ڪابه دعوت ڪندو هو ته هاري آفيس ۾ ماڻهن کي مدعو ڪندو هو. جڳهه اعتبار بلوچ ۽ امام الدين قريشي جي هئي ۽ خرچ پکو به اهي ٻئي دوست ڪندا هئا. جيئن سنڌي ۾ مشهور چوڻي آهي ته ”ڪڪڙ ڪوريءَ جو نالو وڏيري جو“ مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ٿئي ته 1979ع جي لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ مسٽر عبدالواحد سومرو مميبر منتخب ٿيو هو، پر ڪن مجبورين جي ڪري ڪراچيءَ آيل هيو، جنهن ڪري چيئرمين جي لاءِ اليڪشن لڙي ڪونه سگهيو هو. عارضي طور تي مرحوم مسٽر گلاب خان سومري کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو ۽ وائس چيئرمين ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ کي ڪيو ويو هو. عبدالواحد سومرو مرحوم رتيديري آيو ته مسٽر ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ ۽ مسٽر امام الدين قريشي کيس مون وٽ وٺي آيا، ٽنهي دوستن چيو ته گلاب خان کي عارضي طور تي چيئرمين ڪيو ويو هو. توهان هاڻي مدد ڪري ان کان استعيفا وٺو ۽ عبدالواحد سومري کي مدد ڪري چيئرمين ڪرايو. حقيقت اها آهي ته رتيديري جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ عبدالواحد سومري گهڻو پاڻ پتوڙيو هو. هو ذاتي طور تي شهر کي صفائي سٿرائي، ڊرينيج کي بهتر ڪرڻ ۽ ميونسپالٽي جي گهٽين ۽ روڊن تي ناجائز قبضن جي سخت خلاف هو. عبدالواحد سومري جي زماني ۾ صفائي سٿرائي هئي، غيرقانوني اڏاوتون ڪونه هيون. روڊ پڻ ڪشادا هئا، هاڻي رتيديري شهر جي اها حالت آهي جو صفائيءَ جو مناسب انتظام ڪونه آهي. غيرقانوني قبضا ڪري گهٽيون سوڙهيون ڪيون ويون آهن جو وڏي گاڏي ته ٺهيو پر ننڍي گاڏي به هلي نه ٿي سگهي. رتيديري شهر جي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي جيڪو حلقو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو آهي.