ڪتاب جو نالو: هر پل صليب تي
مصنف: آفتاب ميمڻ
ڇپائيندڙ: مهراڻ پبلشرس، ڪراچي
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 08 ڊسمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 487 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 134 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
آفتاب ڌرتي لاءِ به لکيو آهي ته ڌرتي ڌڻين جي ڪچاين ۽ ڪمزورين کي به بي نقاب ڪيو آهي. حڪومتي ۽ سماجي نظام جي سنگدليءَ جا ڇوڏا به لاٿا آهن ته ”سياسي لاٽڙين“ جي عمومي ڪردار کي به اگهاڙو ڪيو آهي. ڪرپشن، بدانتظامي، غلط پاليسين ۽ غلط حڪمت عملين کي انگن- اکرن ۽ شهادتن سان وائکو به ڪيو آهي ته ”فطرت“ سان هٿ چراند ڪرڻ جي نتيجي کان به خبردار ڪيو آهي. ”هر پل صليب تي“ ۾، آفتاب، ڪتاب جي هر هڪ صفحي تي ”پاڻ“ پنهنجي ”وجود“ سان گڏ نظر ايندو رهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ
  •   سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  •   اُماس کي مات ڏيندڙ آفتاب
  •   کاهوڙي
  •   آفتاب میمن……… ایک حساس اور دردمند قلمکار
  •   ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان
  • ڪتاب ۽ صاحب ڪتاب
  • اُرڏَو آفتاب
  •   مُئا نه ڀانيو سڀ مور
  • ٻه اکر
  • هر پل صليب تي

  • راڪاس ۽ پريون
  •   نوريگا- پناما ڪينال
  •   نيلسن منڊيلا آزادٿي ويو...
  • شهر بانو
  •   گوندَر ول
  • مينهنءَ آ
  • خواب ڏٺاسين
  •   آگاهي
  • زاهد مخدوم
  •   زاهد مخدوم ۽ متيرو
  •   متيري جي ڳولا
  •   متيري جو نه ملڻ
  •   گوپي چند نارئڻ داس اوڏ
  • گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهن...
  •   سائو سومر
  •   امانت
  • اهرمن محشر برامان هي.....
  • هرپل صليب تي...
  •   هڪ ڪاسائي ٻيو چور، ٽيون قانون کان بالاتر
  •   اسلام آباد ۾ نانگ
  • لالڻ سائين! آئون ته گولي گلام تنهنجي در جي
  •   ا....ب.....ٻ....پ......
  • اڌ گابريون ڳالهيونI-
  •   اڌ گابريون ڳالهيونII-
  •   جمهوري آمريت
  •   اوبانجو.............. منڊيلا
  •   اي رب! منهنجو سينو ڪشادو ڪر......
  •   ڪيئن ڊهندي....؟!!
  •   درست حڪمراني
  •   خودڪشي.... هارا ڪاري
  •   سنڌو...سپت سنڌو
  •   پوءِ به پريان جو پنڌ ڀلو
  • سوچن تي پهرو
  •   تاريخ جو سبق
  • سلام صاب … آخري سلام …
  • استحصالي سامراج ڪير؟
  •   ٻڌءِ نه ٻوڙا
  • آخري سنڌي
  • ڄامڙن جي دور ۾ بنارس جو جوڳي
  • جڏهن نواز شريف کان رينجرس اخبار کسي
  • ملڪ تي قابض 322 خاندان
  • سور ورهايان سرتيون جي ورهايا وڃين
  • ويهين صدي جو ايشيا
  • گانڌي: ويهين صدي جو عظيم ايشيائي
  • 1960ع واري ڏهاڪي جون هوش اڏائيندڙ ڳالهيون
  • اُترَ جا حِرفتي …
  • ڪوي ايندا رهندا ……
  • سُرخ آ … سُرخ آ … آمريڪا سُرخ آ …
  • کنڊ کُٽي يا اٽو کُٽَي…
  • مضبوط معيشت، کنڊ، اٽو، دال ۽ پيٽرول
  • تاريخ جو هڪ ورق
  • ملئيشيا… انور ابراهيم … غير فطري فعل
  • نيٺ ته ڊهندي …
  • ذلتوں کے مارے لوگ

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: هر پل صليب تي
    موضوع: مضمون
    ليکڪ: آفتاب ميمڻ
    پهريون ڇاپو: 2010ع
    ٽائيٽل: خدا بخش ابڙو
    ڪمپوزنگ: امتياز انصاري
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي فون: 021-32737290
    ڇپائيندڙ: مهراڻ پبلشرز، ڪراچي

    مُلهه: 200/- روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    ملڻ جا هنڌ

    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي-
    شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ


      سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هر پل صليب تي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
    آفتاب ڌرتي لاءِ به لکيو آهي ته ڌرتي ڌڻين جي ڪچاين ۽ ڪمزورين کي به بي نقاب ڪيو آهي. حڪومتي ۽ سماجي نظام جي سنگدليءَ جا ڇوڏا به لاٿا آهن ته ”سياسي لاٽڙين“ جي عمومي ڪردار کي به اگهاڙو ڪيو آهي. ڪرپشن، بدانتظامي، غلط پاليسين ۽ غلط حڪمت عملين کي انگن- اکرن ۽ شهادتن سان وائکو به ڪيو آهي ته ”فطرت“ سان هٿ چراند ڪرڻ جي نتيجي کان به خبردار ڪيو آهي. ”هر پل صليب تي“ ۾، آفتاب، ڪتاب جي هر هڪ صفحي تي ”پاڻ“ پنهنجي ”وجود“ سان گڏ نظر ايندو رهيو آهي.
    هي ڪتاب 2010ع ۾ مهراڻ پبلشرز، ڪراچي پاران سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم نديم احمد سولنگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون آفتاب ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پنهنجي شريڪ حيات
    نسيم
    جي نانءَ


      اُماس کي مات ڏيندڙ آفتاب

    چوندا آهن ته رات ڪيڏي به ڊگهي ڇو نه هجي پر ان جو انت ضرور اچڻو آهي، باک ڦٽڻي آهي ۽ آفتاب اڀرڻو آهي. آفتاب ميمڻ جي ڪالمن تي ٻڌل هن ڪتاب کي پڙهندي اهو احساس بار بار ٿيندو رهيو آهي ته آفتاب پنهنجي جنهن سماج ۾ رهي ٿو تنهن جي نه رڳو هو سچي پچي تصوير چُٽي ٿو پر انجي جائز اصلاح به چاهي ٿو. مظلوم توڙي ڏتڙيل عوام جي دردن جو درمان به بڻجي ٿو ته سندن اُمنگن جي آرسي بڻجي انقلابي خواب جي ترجماني به ڪري ٿو.
    آزاد خيالي، آدرشي دنيا، استحصال کان پاڪ معاشرو، متڀيد کان آجو سماج سندس خواب آهي ۽ اها آدرشن واري دنيا جنهن کي عام طور هڪ تصوراتي آس ئي سمجهيو ويندو آهي. تنهن جي ساڀيان لاءِ آفتاب بحث ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو بحث هو ان پختي ويساهه پٽاندر ڪرڻ چاهي ٿو ته سماج جي ازلي تقاضا بهرحال اڳتي وڌڻ آهي.
    آفتاب جي شخصيت ۽ سندس لکڻي ڀٽائي صاحب جي هن سٽ جي مصداق آهي ته ”الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“. هيءُ حساس ۽ سوچيندڙ ماڻهو جڏهن سماجي انياءَ ڏسي ٿو ته صفا جُهري پوي ٿو، ظلم ۽ زيادتين کي ڏسندي رڙيون ڪري ٿو ۽ ذهني پسماندگيءَ تي ماتم ڪرڻ لڳي ٿو. ان سمي آفتاب، سماجي بي قراري جو ڄڻ ته آئينو بڻجي پوندو آهي. هو ان بي قراري جو انت چاهي ٿو. اُماس رات کي ختم ڪري آفتاب ٿي اڀرڻ چاهي ٿو ۽ آفتاب بڻجي اُماس رات کي مات ڏيڻ چاهي ٿو. پر جيئن ته سماج انکي تبديلي آڻڻ کان روڪي ٿو ۽ سندس سرگرمين تي بندش وجهي ٿو انڪري هو سراپا بي چين آهي ۽ سراپا احتجاج آهي.
    هو ڪنهن موري جي شهربانوءَ تي جاگيرداراڻين ريتن رسمن جي آڙ ۾ ٿيندڙ دهشت گرديءَ تي به لُڇي پوي ٿو ته ننڍين ۽ قديم ٻولين جي ختم ٿيندڙ خبرن تي به ڦٿڪي پوي ٿو. هو سنڌين جي قومي وجود کي درپيش خطرن تي به پريشان نظر اچي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ جو اونو به ڏيکاري ٿو.
    هيءُ يارن جو يار به رهيو آهي ۽ ڪنهن به پل يارن دوستن جو ساٿ ڇڏڻ جو قائل ناهي رهيو. دوستن جي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ کي به هو ونگار سمجهندو رهيو آهي. پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته ڪو هو سماج آڏو پاڻ کي جوابدار نٿو سمجهي. هو پاڻ تي سماج جا هڪڙا فرض به سمجهي ٿو ۽ قرض به جيڪي هو خاموشي سان ادا ڪندو به آيو آهي. هو ان تلخ حقيقت کان واقف آهي ته اسان جي سماج ۾ عقل جي استعمال کانسواءِ هڪڙيون ڏند ڪٿائون، ڪُڌيون ۽ مدي خارج روايتون ۽ رسمون زوريءَ گهڙي آيون آهن جن کي هو ٻالڪپڻي کان ننديندو آيو آهي. پنهنجي هڪ ڪالم ”راڪاس ۽ پَريون“ ۾ لکي ٿو ته: ”ماءُ! جڏهن مان ٻار هئيس ته تون مون کي ڪوهه قاف جي پرين ۽ ديون جون آکاڻيون ٻڌائيندي هئين. هڪ طرف حُسن، نزاڪت ته ٻئي پاسي ڀوائتا، خوفناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ ديو! توکي ياد آهي ته مون هميشه تو کان پڇيو هوندو ته امڙ پوءِ اهي سهڻيون نازڪ پريون اهڙيون ڀوائتن ديون جي ديش ۾ ڇو ٿيون رهن. مون کي تڏهن تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي پر اڄ ياد ٿو اچيم ته تنهنجي نوراني چهري تي گنڀرتا ڇائنجي ويندي هئي. تون چوندي هئين ته ”منهنجا مٺڙا جتي سهڻيون، من موهڻيون پريون هونديون آهن، ديو اتي ئي مارو ڪندا آهن. امڙ تنهنجو اهو مطلب هو نه ته جتي سچ جو حسن آهي اتي ڏاڍ، ظلم ۽ ڏهڪاءُ جو به راڄ آهي“. آفتاب ميمڻ سچ پچ ته ان سماجي انياءُ جو زنده شهيد آهي. هن انهيءَ سماج تي وڏيون جُهلون ڪيون آهن.
    ساڳي ڪالم ۾ ماءُ کي مخاطب ٿي چئي ٿو ته: ”تون چوندينءَ ته مان آدرشي آهيان، مان خوابن جو سوداگر آهيان، مان ڏينهن ڏٺي جو خواب پيو لهان، مان چريو آهيان جو سمجهان ٿو ته ان ديش ۾ رهندس جتي ڪو اهڙو ڪوه قاف هوندو جنهن ۾ صرف ۽ صرف نازڪ، نرمل، سهڻيون، من موهڻيون، حسن ڀريون پريون هونديون. ڪو راڪاس نه هوندو، ڪو جن نه ايندو، ڪنهن ديو جو پاڇو نه پوندو. پر امڙ! ايئن آهي، آئون توکي ڪري ڏيکاريندس.“
    ارتقا جي تاريخ به انهيءَ حقيقت جي شاهد آهي ته انسان جڏهن به پنهنجو عقل استعمال ڪري سائنس کي پروڙڻ شروع ڪيو ته پراڻن خيالن جا بت ڀُرڻَ لڳا آهن. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته سائنس جي پهرين کوجنا ڪندڙ کي چريو سڏيو ويو هو. بهرحال جڏهن به ڪو ليکڪ لکڻ جي ضرورت محسوس ڪندو آهي ته ان سان گڏوگڏ هن جي ذهن آڏو ”آدرشي دنيا“ جي اها تصوير به تجلا ڏيندي رهندي آهي جنهن کي هو ٺاهڻ گهرندو آهي. آفتاب ميمڻ به هن دوکي واري دنيا جي ڪرندڙ ديوار کي ٿورو زور ڏئي ڪيرائڻ چاهي ٿو ۽ ان احساس وچان ڪيرائي ٿو ته ”نيٺ ته ڊهندي“ ۽ وري پنهنجي ئي هڪ ڪالم ۾ پڇي به ٿو ته ”ڪيئن ڊهندي“. ۽ پوءِ لفظن جا آفتاب اڀري پون ٿا. هو جهالت ۽ ذهني پسماندگي جي خاتمي ۽ سماجي تبديلي جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ اهي سڀ ڳالهيون هو تاريخي تناظر ۾ سائنسي بنيادن، پنهنجي اٿاهه سماجي مشاهدي ۽ سياسي شعور کي ڪتب آڻي ڀرپور دليلن سان ڪري ٿو. آفتاب جو اٿاهه سماجي مشاهدو ڄڻ ته کيس سماج جو ”نبض شناس“ بڻائي ٿو. هو سماج جي نبض تي هٿ رکي لکي ڪري نه رڳو ان جي بيماريءَ کي پروڙي ٿو پر ان جو علاج به وٽس موجود ملي ٿو.
    سياسي شعور ۽ جمهوري سوچ ماڻيندڙ جي خواهش هوندي آهي ته عوام کي جمهوري آزادي ڏيارجي ۽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪجي. سندس خيال آهي ته جيستائين ملڪ ۾ جمهوري قدرن کي سگهارو نه ڪبو تيستائين عوام جي جمهوري آزادي جو خواب پورو نه ٿي سگهندو. ان ڏس ۾ آفتاب پنهنجي هڪ ڪالم ”درست حڪمراني“ ۾ لکيو آهي ته ”درست، چڱي ۽ نيڪ حڪمراني ايشيا ۽ ٽين دنيا جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي“.
    آفتاب جا هن ڪتاب ۾ ڇپيل ڪالم 1990ع کان 2008ع تائين واري دور جي لفظي فوٽوگرافي آهن. هيءُ اهو دور آهي جنهن ۾ يا ته آمريت سڌو سنئون ملڪ تي مڙهيل رهي يا وري انجي تلوار جمهوري حڪومتن مٿان ٽنگيل رهي. هو ڄاڻي ٿو ته هڪڙن سامراجي، آمريتي ۽ اقتداري مفادن ڪري ملڪ جي ڀينگ ڪئي وئي آهي. سندس ڪالم جمهوري آمريت ۽ سرخ آ، سرخ آ، آمريڪا سرخ آ، ان تناظر ۾ لکيل آهن.
    نيلسن منڊيلا جي آزادي وارو مامرو هجي يا آمر نوريگا جي سماج دشمن سرگرمي هجي. آفتاب انهن واقعن کي نه صرف سياسي بصيرت سان ڏسي ٿو پر هڪ ذميوار ۽ باضمير ليکڪ جي حيثيت ۾ انهن کي پنهنجي ڪالمن ۾ اوتي انهن کي تاريخ ۾ قلمبند ڪري ڇڏي ٿو. استحصال کان پاڪ معاشرو به جيئن ته آفتاب جو آدرش رهيو آهي. ان ڪري هو پنهنجي ڪالم ”استحصالي سامراج ڪير؟“، ۽ ”ملڪ تي قابض 200 خاندان“ ۾ ان سماجي برائيءَ کي نه صرف نندي ٿو پر پنهنجين لکڻين ۾ ڄڻ ته انجا آنڊا گونڊا ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏي ٿو. سو عوامي آواز اخبار ۾ ڇپيل آفتاب ميمڻ جا هي ڪالم نه صرف اسانجي ملڪ جي هڪ سياسي ۽ سماجي دور کي قلمبند ڪن ٿا پر جمهوريت ۽ عوام دشمن عنصرن کي پڻ بي نقاب ڪن ٿا.

    ڊاڪٽر جبار خٽڪ


      کاهوڙي

    آفتاب ميمڻ پنهنجي سرڪاري نوڪري دوران انتهائي بااخلاق ۽ قربائتو ڪامورو رهيو آهي. مختلف اعلى عهدن تي هوندي به انتهائي ثابت قدم ۽ ديانتدار آفيسر رهيو آهي.
    ميمڻ صاحب ۾ وڻندڙ خوبي اها آهي ته سرڪار جي ذميوار عهدن تي هوندي به قاعدن، قانونن ۽ ضابطن جي قيد ۾ رهڻ جي باوجود هميشه دوستن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن کي اوبلائج ڪندو رهندو آهي. نه رڳو ايترو پر بي يار و مددگار ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي ۽ دلي راحت محسوس ڪري ٿو سندس سٺي آفيسر وارين خوبين کان ته هر هڪ واقف آهي هر ڪنهن کي ادا، سائين ۽ ڀاءُ سڏي نياز ۽ نوڙت رکندڙ آهي.
    سندس ڪالمن جو مجموعو ”هر پل صليب تي...“ پڙهڻ کانپوءِ سندس ادبي صلاحيتون ۽ منجهه موجود مزاحمتي سگهه نکري نروار ٿي سامهون آئي آهي. يقيناً محترم آفتاب ميمڻ جهڙو درد ۽ حساس دل رکندڙ شخصيتون قومن جو اثاثو آهن ۽ انهن جي تخليق سماج لاءِ نوان گَس قائم ڪري ٿي. پنهنجي ڪتاب ۾ محترم آفتاب ميمڻ جي مختلف ڪالمن ۾ پنهنجي اندر جو آواز ڪڍيو آهي، اُتي هن ”ٻين اکرن ۾“ ڄامشورو جي من موهڻي جو ذڪر به ڇيڙي وڌو آهي. ڀاءُ آفتاب ميمڻ حُسن جي بارگاهه ۾ سوين سجدن واري ذڪر سان گڏ ”شهر بانو“ ۾ اسان جي سماج جو ڀوائتو پاسو به ڏيکاريو آهي.
    ”شهربانو“ جيتوڻيڪ ويهه ورهيه اڳ لکيو ويو آهي پر اڄ به اسان جو سنڌي معاشرو ڪوڙهه واري مرض ۾ وڪوڙيل نظر اچي رهيو آهي.
    20 سال اڳ ميمڻ صاحب مورو جي شهربانو جو قصو بيان ڪري غيرت جي نالي ۾ قائم بي غيرتي واري تصوير کي ننديو آهي. شهر بانو سوا صفحي تي لکيل درد ڪٿا آهي. پر جيڪڏهن اُن تي غور ڪجي ته اُن ۾ صدين جا سور سمايل آهن ۽ اهو چٽو آهي ته اسلام جي اچڻ کانپوءِ به اسان وٽ غلامي جو تصور ختم نه ٿيو آهي. فرق رڳو اهو آهي ته اڳ ۾ عورتون ۽ مرد غلام بڻايا ويندا هئا پرهينئر رڳو عورتون غلامي واري غيرت جي زندان ۾ قيد آهن. جتي کين پنهنجي مرضي سان ساهه کڻڻ جي به اجازت ڪونهي.
    آفتاب ميمڻ اهڙي معاشرتي مرض تي قلم کڻي ان ۾ سڌي ريت پوليس ۽ رياستي نظام جي ڪردار کي به وائکو ڪيو آهي.
    ”شهربانو“ مان جناب آفتاب ميمڻ جي اندر کي پسي سگهجي ٿو. آفتاب ميمڻ جي اندر ۾ موجود انقلابي سوچ، ڏکڻ آفريڪا جي هيرونيلسن منڊيلا تي لکيل ڪالم مان پڻ جرڪي ٿي. ”راڪاس ۽ پريون“ ۾ اهڙي ڪوهه ڪاف جي تمنا ٿو ڪري جنهن ۾ رڳو نازڪ نرمل، سهڻيون من موهيڻون حسين پريون هونديون. ڪو راڪاس نه ايندو. ديو جو پاڇو نه پوندو. ڪو جن ڀوت نه ايندو. ”راڪاس ۽ پريون“ ۾ آفتاب ميمڻ صاحب لفظن جي جادوگري سان پنهنجي اندر جي احساس کي اظهار واري منزل ڏيکاري آهي.
    هو پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهڻ تي ويساهه رکي ٿو، کيس لڪير جو فقير پسند نه آهي. يقيناً ارڏو ۽ اڙ دل انسان هر دؤر ۽ هر حال ۾ ويرين سان وڙهندو رهي ٿو ۽ هي سهڻين ۽ نازڪ پرين واري ديس ۾ ڀوائتن ديون جي وجود کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ پر اميد آهي ته جيڪڏهن هي پاڻ نه ته سندس ايندڙ نسل هي ڪوڙا ڪاڪ محل ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندا.
    آفتاب کي يقين آهي ته ڌرتي ماءُ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ لکين هزارين ڪونڌرن پنهنجي جانين جا نذرانه ڏنا آهن. ڪيترائي هوشو، هيمون، سقراط، برونو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو مٽي ماءُ تان ساهه صدقي ڪري ويا ۽ ڪارونجهرن جي مورن جيان اڃايل جيجل ماءُ لاءِ اڃا به ڪئي ڪونڌر ڪسندا رهندا ۽ اُڦ به ڪونه ڪندا.
    ادا آفتاب جي ڪالمن تي ٻڌل مجموعو سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهي.
    پر هڪ ڳالهه آءٌ ضرور چوندس ته مون کي ڀاءُ آفتاب بابت اها ته خبر هئي ته سنڌي لکڻي ۽ ڊرافٽنگ سٺي آهي پر سندس ڪتابي مجموعو لکڻ واري پوشيده صلاحيت جي خبر هي منجهس ڪالمن جو مجموعو ڏسڻ بعد خبر پئي.
    سندس ڪالمن تي ٻڌل ڪتابي مجموعو سنڌي ادب ۾ تمام سٺو اضافو آهي. جيڪڏهن معمولي قسم جي پروف جي غلطين کي نظر انداز ڪجي ته 199 صفحن تي ٻڌل ڪتاب نيئن نسل لاءِ املهه موتي ثابت ٿيندو.
    مان اها اميد ڪريان ٿو ته آفتاب پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي سماج جي سڌاري ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائيندو رهندو.
    اسان وٽ سٺو لکندڙن جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي وڃي ٿي ۽ شوق ۾ لکندڙ سائين جي طبع آزمائي جي ڪري ماڻهن جو لکيل مواد پڙهڻ تان ويساهه کڄندو پيو وڃي تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ميمڻ صاحب جهڙن سٺن ۽ سلڇڻن ليکڪن جي همت افزائي ڪري منجهن اتساهه پيدا ڪيو وڃي ڇو جو اڄ جو سماج کي ريتن ۽ رسمن جو ڪٽ چڙهي ويو آهي جيڪو ڪوڙهه جي مرض وانگر سنڌي سماج کي کوکلو ڪري رهيو آهي.
    سنڌ جي سينڌ کي سنوارڻ لاءِ ڀاءُ آفتاب جهڙي جاکوڙي ماڻهن کي اڳتي وک وڌائڻي پوندي.


    اوهان جو مخلص
    قاضي اسد عابد


      آفتاب میمن……… ایک حساس اور دردمند قلمکار

    دنیا کا ہر نوجوان فطری طور پر انقلابی ہوتا ہے۔ وہ اپنےگرد و پیش ہونے والے حادثات، واقعات اور ظلم و ناانصافی پر احساس کے کرب سے گذر کر بغاوت کی گھاٹیوں تک جا پہنچتا ہے اور اپنا ردعمل ظاہر کرتا ہے پھر وقت کی رفتار آہستہ آہستہ اس کے باغیانہ خیالات کو شعور اور احتیاط کی بیڑیاں پہنا دیتی ہےا ور وہ موقع پرست بن کر سماج کی بھول بھلیوں میں گم ہوجاتا ہے۔
    لیکن بعض انسان حالات کے ساتھ سمجھوتہ کے باوجود بغاوت اور انقلاب کے اڑن کھٹولے پر سوار رہتے ہیں اور اکثر میں محیر العقول کارنامے سرانجام دیتے ہیں۔ ایسی ایک شخصیت کا نام آفتاب میمن ہے۔
    آفتاب میمن پیشے کے لحاظ سے “بیورو کریٹ” اور ذہنی و جسمانی طور پر “انقلابی” ہیں۔ وہ سماج کے دھارے میں بہہ کر جانور کی طرح زندگی گذارنے کے قائل نہیں ہیں۔ ان کا دل پاکستان اور دنیا بھر کے غریب، مفلوک الحال، پسے ہوئے انسانوں کے ساتھ دھڑکتا ہےا ور وہ حالات کو بدلنے کی شدید خواہش رکھتے ہیں وہ زبان اور تحریر کے ذریعے اکثر و بیشتر کھل کر اس کا اظہار بھی کرتے ہیں اور سچ بیان کرنے سے کبھی باز نہیں آتے، خواہ اس کی کوئی بھی قیمت کیوں نہ چکانی پڑے۔
    آفتاب میمن نے 1990ء کی دہائی میں سندھی اخبار “عوامی آواز” کے لیے چونکا دینے والے مضامین اور کالم تحریر کیے۔ “انقلابی آفتاب میمن” کی جھلک صاف نظر آتی ہے۔ لیفٹ سے ان کے لگاؤ اور بائیں بازو سے دلچسپی کے سبب بعض دوست انہیں کمیونسٹ بھی کہتے ہیں۔ لیکن وہ ایک سچے پکے مسلمان ہیں اور اپنی تحریروں سے حضرت ابوذر غفاری کے پیروکار نظر آتے ہیں جس کا دل غریبوں کے لیے دھڑکتا ہے۔
    آفتاب میمن اپنے کالموں مین بیک وقت ایک عمدہ کہانی اور تاریخ نویس بھی نظر آتے ہیں اور ان کی تحریروں میں سماجی ناانصافیوں کے خلاف بغاوت کا بارود بھی بھرا نظر آتا ہے۔ انہوں نے صرف تاریخی واقعات ہی بیان نہیں کیے بلکہ ان کے پس منظر اور پیش منظر سے بھی اپنے قارئین کو آگاہ کیا ہے۔ دنیا پناما کے سابق “مرد آھن” نوریگا کو آمر کے طور پر جانتی ہے یا امریکہ نے اس کے بارے میں یہی باور کرایا ہے۔ نوریگا پر یہ الزام تھا کہ اس نے کیوبا جاکر صدر کا سترو سے ملاقات کی اور نوریگا کی کولمبیا کے منشیات فروشوں سے صلح کرائی گئی۔ ان الزامات کے تحت امریکہ نے نوریگا کو گرفتار کیا اور 1981ء سے 1986ء تک منشیات فروشی میں اس کے کردار کی بنا پر اسے 20 سال قید اور دس لاکھ ڈالر جرمانہ کی سزا سنائی گئی۔ حالانکہ 1985ء میں جب نوریگا امریکہ گیا تو اس کی سرکاری طور پر بڑی آؤ بھگت اور مہمانداری کی گئی تھی۔ نوریگا 1950ء کی دہائی سے امریکہ سی آئی اے کے رابطے میں تھا اور فوج میں اپنےساتھیوں کی مخبری کرتا تھا۔ وہ سی آئی اے کے جاسوسی نظام کا حصہ تھا جس کا معاوضہ اسے ایک لاکھ ڈالر سالانہ ملتا تھا۔ اس دور میں جارج بش سی آئی اے کے ڈائریکٹر اور رچرڈ نکسن امریکہ کے صدر تھے ان دونوں کو نوریگا کی حرکتوں اور منشیات فروشوں سے رابطوں کا علم تھا۔ انہوں نے ہی بعد ازاں اسے پناما کا صدر بنوایا اور اس وقت تک سرپرستی کرتے رہے جب تک کہ وہ پناما کے عوام کے حقوق کا سوداگر بنارہا۔ لیکن عالمی اور پناما کے عوامی دباؤ کے باعث جنوری 1990ء سے جب پانامہ کینال میں جہاز رانی کے حقوق اور اس کی رائلٹی پناما کے عوام کو دینے کا معاہدہ ہوا تو امریکہ یکدم نوریگا کے خلاف ہوگیا۔ سونے کی کان ہاتھ سے نکلتی دیکھ کر 30 سال پرانا ایجنٹ نوریگا اچانک معتوب ہوگیا۔ امریکہ نے 16 ہزار فوج پانامہ بھیج کر نوریگا کو قیدی بنالیا اور دنیا بھر کے ایجنٹ حکمرانوں کو یہ پیغام دے دیا کہ آقا کی مرضی کے خلاف چلنے کی کیا سزا ہوتی ہے؟
    آفتاب میمن اپنے کالموں اور مضامین میں حقیقت کے بہت قریب نظر آتے ہیں اور بے باکی سے سچ بیان کرنے میں کوئی خوف محسوس نہیں کرتے۔ افریکی رہنما نیلسن منڈیلا کی طویل قید سے رہائی پر انہوں نے لکھا کہ یہ رنگ و نسل اور مذہب کے تفریق کے خلاف لڑنے والے ہر انسان کی آزادی ہے۔
    جنوبی کوریا کے سابق صدر “روہ تائی وو” کی گرفتاری پر 5 فروری 1996ء کو آفتاب میمن کا ایک کالم زیر عنوان “ایک قصاب دوسرا چور اور تیسرا قانون سے بالاتر” عوامی آواز میں شائع ہوا۔ جنوبی کوریا کے سابق صدر کو 15 ارب روپے کا حساب کتاب نہ دینے پر گرفتار کیا گیا تھا۔ موصوف نے 15 ارب روپے کی رقم 35 تاجروں اور صنعتکاروں سے پارٹی فنڈ کے نام پر وصول کی تھی۔ تائی ووکو اس کیس میں گرفتار کرکے بدعنوانی کے الزام میں مقدمہ چلایا گیا۔ اس بات کی بھی تحقیقات کی گئی کہ جن 35 تاجروں، صنعتکاروں نے 15 ارب روپے دیئے انہوں نے اس کے عوض کیا مراعات اور فوائد حاصل کئے۔ ثابت ہوا کہ ان لوگوں نے صدر کی چھتری تلے بینکوں سے رعایتی قرضے حاصل کئےتھے اور ایک عام ڈرائیور دنیا کے ممتاز صنعتکاروں میں شمار ہونے لگا۔ اسی طرح دوسرا چن دوھواں بھی گرفتار ہوا جس پر 1980ء میں شہریوں پر گولی چلانے کا حکم دینے سمیت دیگر الزامات بھی تھے۔
    آفتاب میمن نے مختلف قومی اور بین الاقوامی معاملات کو اپنے مضامین کو موضوع بنایا اور ان کی تفصیلات و پس منظر سے اپنے قارئین کو آگاہ کیا ہے۔ اس طرح انہیں “کرنٹ افیئرز” کا ماہر قلمکار کہا جاسکتا ہے۔ وہ قلم کونشتر بناکر بڑی بے رحمی سے حالات و واقعات کا پوسٹ مارٹم کرتے ہیں۔ حقائق کو آشکار کرتے ہیں لیکن اس فسوں کاری میں وہ غریب اور پسے ہوئے عوام الناس کو فراموش نہیں کرتے اور ظلم ناانصافی کا پردہ چاک کرنے میں کسی رعایت سے کام نہیں لیتے۔ وہ ایک سفاک سرجن کی طرح معاشرے کا آپریشن کرتے ہیں تاکہ ایک صحتمند سوسائٹی جنم پذیر ہو سکے۔
    آفتاب میمن جیسے حساس اور دردمند دل رکھنے والے قلمکار قوم کا سرمایہ ہوتے ہیں۔ وہ بے خوف ہوکر برائیوں کی نشاندہی کرتے ہیں جو جہاد کی ایک شکل ہے۔ اپنے کالموں میں وہ اپنی والدہ محترمہ اور اپنی دھرتی سے بے پناہ محبت اور عشق کا اظہار بھی کرتے ہیں جیسا کہ ان کے ایک کالم “دیواور پریاں” میں بیان کیا گیا ہے۔
    تاریخ کے طالب علموں اور کرنٹ افیئرز (حالات حاضرہ) سے دلچسپی رکھنے والوں کے لیے ان کے کالموں کا مجموعہ ایک معلوماتی اور قیمتی دستاویز ثابت ہوگا۔

    مختار عاقل
    چیف ایڈیٹر
    روزنامہ جرأت کراچی


      ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان

    شاگرد سياست ۾ سرگرم رهڻ وارو نظرياتي سياسي ڪارڪن هڪ ”بي چين روح“ وانگر هوندو آهي. سماج کي تبديل ڪرڻ جي جستجو ۾ هو ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهندو آهي. ان ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ۾ اُن جو قلم به هلندو رهندو آهي، قلم هڪ اهڙو سهارو آهي جنهن سان انسان پنهنجا سڀ اُڌما اڇي پني تي لاهي هڪ اهڙو سُڪون محسوس ڪندو آهي، جنهن جو اندازو هڪ لکاري ئي ڪري سگهي ٿو.
    آفتاب ميمڻ به هڪ بي چين روح جو نالو آهي. شاگرد سياست ۾ اُن کي سرگرم ڏسندا هئاسين پوءِ سول سروس ۾ اچڻ کانپوءِ منهنجو خيال هو ته ان جي بي چين روح کي قرار اچي ويو هوندو پر اهڙو حساس دل انسان ڪئين ٿو خاموش رهي سگهي. جڏهن سماج جي ناهموارين ۾ هو ظلم و بربريت ڏسي ٿو، سيالڪوٽ جو انڌوناڪ واقعو هجي يا وري دهشتگردي جو ڪو ڌماڪو جنهن ۾ هزارين بي گناهه ماڻهن جون جانيون بنا ڪنهن مقصد جي ضائع ٿي ويون هجن. انسان هڪ ٻئي انسان کي قتل ڪري رهيو آهي، قاتل کي خبر ناهي ته هو ڇو قتل ڪري رهيو آهي، ۽ مقتول کي خبر ناهي ته اُن کي ڇو پيو ماريو وڃي؟
    آفتاب ميمڻ جي بي چين روح ڪيئن ٿو خاموش رهي سگهي. مون ته سمجهيو هو ته جنهن سرڪار جي سوريءَ تي هو ٽنگيل آهي، (يعني سرڪاري نوڪري تي) ته اُن جي من ۾ شانتي اچي ويئي هوندي پر هن جي لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو ته ان جي اندر جو ”ڪجهه نه ڪجهه“ ڪرڻ وارو جذبو اڄ به جوان آهي ۽ اُن جذبي کي ڪنهن به موقعي تي ماريو ناهي.
    آفتاب ميمڻ وانگر اسان جا ڪيترا دوست اڄ سرڪاري نوڪري کي پنهنجو معراج سمجهي وقت ۽ حالت سان مفاهمت ڪندي ”سرڪاري ڪاموري“ جو هڪ ٻيو روپ وٺي چڪا آهن. پر اهڙي ۾ آفتاب ميمڻ پنهنجي بي چين روح کي زنده رکيو اچي. لکين کيرڙيون لهي اسان جو اهو دوست جنهن جو ضمير ان بي ضمير معاشري ۾ به زنده آهي. جنهن پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ جذبن کي مارڻ بجاءِ اُن کي ڪتاب جي شڪل ڏئي هميشه هميشه لاءِ جيارڻ جو هڪ نئون انداز اختيار ڪيو آهي.
    مَٽيريلزم واري اِن نام نهاد سماج ۾ پاڻ کي سڄي ساري گند کان بچائيندي جيڪو ماڻهو پنهنجي ضمير کي زنده رکي ٿو. آئون اُن کي موجوده دور جو ”فرشتو“ سمجهان ٿو . آفتاب ميمڻ جي لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو ته سرڪاري ڪامورن ۾ ڪي دوست آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا آهن جن جي دوستي تي فخر ڪري سگهجي ٿو.

    غازي صلاح الدين
    اڳوڻو ”سپاف“ جو مرڪزي صدر
    سياسي تجزيه نگار، ڪالم نگار


    ڪتاب ۽ صاحب ڪتاب

    هر تخليقي عمل بنيادي طور تي باشعور عمل ٿيندو آهي. ”هر پل صليب تي“، ”تخليقي عمل“ جو مجموعو آهي.
    اها حقيقت آهي ته آفتاب جي طبيعت يا آفتاب جو ذهني لاڙو ڪڏهين به ”نوڪري ڪرڻ“ وارو نه هو پر ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا“ يعني آفتاب پنهنجو پاڻ تي جبر ڪري پنهنجي ”نيچرل طبيعت“ جي ابتڙ مختلف اهم عهدن تي ڪم ڪيو. سندس لکڻين مان سندس ”چهرو“ جهاتي پائي، سندس ”من“ جي چغلي کائڻ لاءِ مجبور آهي. هُن نوڪري ته ضرور ڪئي پر نه ته ڪڏهين ”مطمئن“ رهيو. نه ئي پنهنجي ”ذهني رجحان“ کي نوڪري جي تابع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو. اهڙي طرح ”آفتاب“ زنده رهيو.
    هر انسان، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين حساس ۽ جذباتي هوندو آهي ۽ ان جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن موقعي، ڪنهن نه ڪنهن ”رنگ“ ۾ ضرور ڪندو آهي. پر آفتاب ڪنهن وقت ۽ موقعي جو منتظر رهڻ جي بدران پنهنجي ”اڌمن“، ”آهن“، ”سڏڪن“ ُ ”دانهن“ کي تخليقي روپ ڏيئي بروقت ”احتجاج“ ڪندو نظر آيو آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته قدرت ۽ حالتن آفتاب کي اها سُتي سرس پيئاري آهي.
    اهو درست آهي ته آفتاب، هن مدي خارج ۽ انسان ڪش سماجي نظام ۾ ملازمت ڪندو رهيو آهي پر اها پڻ حقيقت آهي ته هن هر گهڙي، ۽ هر ڏينهن ان ئي سماجي نظام کي ذهني طور تي قبول نه ڪيو آهي ۽ ان جي ”انسان دشمن“ حرڪتن کي وائکو ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. اهڙي طرح آفتاب ڪنهن حد تائين ”پنهنجي نفي“ پڻ ڪئي آهي. ذهني ”هورا کورا“ ۽ ”پيڙا“ ۾ وڪوڙيل انسان جيڪڏهن پنهنجي ذهني ڪيفيت ۽ پنهنجن حقيقي احساسن جو تخليقي عمل ذريعي اظهار نه ڪري ته سچ پچ يا ته اهو ”چريو“ ٿي پوي يا ذهني لحاظ کان ”موت“ جو شڪار ٿي وڃي.
    آفتاب پنهنجو پاڻ کي ڪاميابيءَ سان زنده به رکيو آهي ته هن سڙيل سماج کي پنهنجو چهرو به ڏيکاريو آهي.
    ”هر پل صليب تي“ هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ هن سماج جا ”انيڪ عڪس“ ڪَرَ کنيو بيٺا آهن. جڏهن ته آفتاب پاڻ به آئيني جي اڳيان بيهي اهڙي مسڪراهٽ سان مسڪرائيندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ”درد“ به آهي ته ”دانهن” به آهي، جنهن ۾ ”ٻاڦ” به آهي ته ”ٻڙڪ“ به آهي. آفتاب کلي به رهيو آهي ته روئيندي به نظر اچي رهيو آهي. نااميدي به آهي ته پُراميد به ڇاڪاڻ جو ڪٿي ته هو پنهنجي وجود کان انڪاري آهي ته ڪٿي وري ٻئي جي وجود جو منڪر آهي.
    آفتاب پنهنجو پاڻ کي جيئرو رکڻ لاءِ به لکيو آهي ته اسان ۽ اوهان لاءِ به لکيو آهي. آفتاب مائرن ۽ مجبورن لاءِ به لکيو آهي ته معصوم ٻارن ۽ ٻيجلن لاءِ به لکيو آهي. هن مجموعي ۾ هونئن ته آفتاب جون سموريون لکڻيون سبق آموز، معلوماتي، تاثراتي، منفرد ۽ پڙهڻ جهڙيون آهن پر ”مينهنءَ آ“ ۽ ”خواب ڏٺاسين“ ۾ آفتاب قلم جي ”قدرتي ڏات“ جي مقام تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته ”اڌ گابريون ڳالهيون“ ۾ پڻ آفتاب پنهنجو پاڻ خوب نڀائيندي نظر اچي رهيو آهي.
    آفتاب ڌرتي لاءِ به لکيو آهي ته ڌرتي ڌڻين جي ڪچاين ۽ ڪمزورين کي به بي نقاب ڪيو آهي. حڪومتي ۽ سماجي نظام جي سنگدليءَ جا ڇوڏا به لاٿا آهن ته ”سياسي لاٽڙين“ جي عمومي ڪردار کي به اگهاڙو ڪيو آهي. ڪرپشن، بدانتظامي، غلط پاليسين ۽ غلط حڪمت عملين کي انگن- اکرن ۽ شهادتن سان وائکو به ڪيو آهي ته ”فطرت“ سان هٿ چراند ڪرڻ جي نتيجي کان به خبردار ڪيو آهي.
    ‘هر پل صليب تي’ ۾، آفتاب، ڪتاب جي هر هڪ صفحي تي ”پاڻ“ پنهنجي ”وجود“ سان گڏ نظر ايندو رهيو آهي.
    آفتاب اڃا جڏهن ڪاليج جو شاگرد هو تڏهين به لکندو هو ۽ لکڻ لاءِ پڙهڻ، تمام ضروري هوندو آهي. اهو درست آهي ته ”لکڻ پڙهڻ“ جو ڪوبه ڇيهه ئي نه ٿيندو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته انسان جيترو وڌيڪ پڙهندو ۽ لکندو رهي ٿو ته اوترو ئي کيس پنهنجي گهٽ پڙهيل هجڻ يا ”ڪم علمي“ جو احساس وڌيڪ ٿئي ٿو پر اها حقيقت آهي ته آفتاب جيترو پڙهي ٿو، اوترو لکي نٿو.
    انجنيرنگ ڪاليج ڄام شوري جي ستر واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ آفتاب، ارشاد نبي عباسي (پارس ارشاد) ۽ زاهد مخدوم، گهاٽا دوست به هئا ته يونيورسٽي ۾ ”دانشور“ ۽ ”پڙهيل لکيل” نوجوان به شمار ڪيا ويندا هئا. شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪردار به ادا ڪندا رهيا ته سلجهيل ۽ اڪيڊمڪ بحثن جا به ڪوڏيا هئا. حساس ۽ جذباتي به هئا ته شاگردن، نوجوانن، استادن، ملازمن، عورتن، ٻارڙن، نياڻين، ڳوٺاڻن، مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ هلندڙ هلچل ۾ حاضر به هوندا هئا.
    آفتاب، اهو تسلسل برقرار رکيو. پنهنجي تخليقي عمل سان پنهنجو پاڻ کي زنده رکيائين. سندس لکڻين جو هي مجموعو معلوماتي به آهي ته پڙهڻ جهڙو به آهي. تاثراتي به آهي ته ”خود تنقيدي“ ۽ ”تعبيري“ به آهي.
    ”هر پل صليب تي“، سنڌي ادب ۾ هڪ انتهائي ”شاندار“ ۽ منفرد اسٽائيل سان لکيل هڪ اهڙو مجموعو آهي جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ پڪ سان اهو چئي سگهجي ٿو ته انسان جيڪڏهن چاهي ته ”ڪٿي به رهي“ ڪوبه ”موچارو“ ۽ ”منفرد” عمل سرانجام به ڏئي سگهي ٿو ته پنهنجو پاڻ کي ”جيئرو“ به رکي سگهي ٿو. اميد آهي ته سنڌ جا نوجوان ادب دوست حلقا ۽ انسان دوست ڌرتي ڌڻي، هن مجموعي کي پسند ڪندا. ”آفتاب“ ۾ اميد آهي ته کيس گذارش به آهي ته پنهنجي تخليقي عمل ۽ ذهني پورهئي جي تسلسل کي باقاعدگي سان برقرار رکي ته جيئن ديس واسي ۽ انسان دوست، سندس لکڻين مان لاڀ حاصل ڪندا رهن.

    احمد خان جمالي


    اُرڏَو آفتاب

    30 سال پراڻي، هيءَ تَن ڏينهن جي ڳالهه آ جڏهن مان ڪاليج جو ماستر هوس. شوق کنيو سو سي-ايس-ايس جو مقابلي وارو امتحان ڏنم ۽ پاس ٿيم. پاس ٿيندڙن جي لسٽ ۾ هڪڙو نالو هيو ”آفتاب ميمڻ“. جاچ ڪيم ته خبر پئي همراهه ڏيپلائي ميمڻ آهي ۽ ڄامشوري ۾ انجنيئر آهي. ڄامشوري واري پُل ڀرسان سندس آفيس ۾ ئي منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ٿي. ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان مون تي هڪ رعبدار ڪامورڪي. نظر وڌائين. مان ماستر ماڻهو ڪَنبي ويس. انهيءَ رتيءَ جي رهاڻ کانپوءِ اسانجون پاڻ ۾ اهڙيون ته ڳنڍيون ڦاٿيون جو اڄ تائين کُلن ئي نه پيون.
    ٽريننگ جي لاءِ لاهور اڪيڊميءَ ۾ گڏ رهياسين. اتي مون تي عيان ٿيو ته همراهه نه رڳو تمام گهڻو پڙهيل ڪڙهيل هيو پر ارڏو انسان به هيو. هڪ سال لاهور جي اڪيڊميءَ ۾ گڏ کائڻ، گڏ سمهڻ، گڏ رهڻ ٿيو. مونکي محصول اوڳاڙيءَ وارو کاتو ”ڪسٽم“ مليو ۽ آفتاب کي بادشاهن ۽ حڪمرانن وارو کاتو ”ڊسٽرڪٽ مئنيجمنٽ گروپ“ مليو. لاهور کانپوءِ ٽريننگ جي ٻئي مرحلي ۾ ”ڏاڍن جي چنبي ۾“ بهاول پور پهتاسين. اتي به ٻئي گڏ. اتي به آفتاب جي ساڳي ارڏائي. ڏاڍو پئي سمجهايومانس: ”ڀَائُو، ائين نه ڪر، مُڙي وَڃُ“ پر لڳي پيو اها ارڏائي سندس ڪنٽرول ۾ به شايد نه هئي. انهيءَ ارڏائي جي ڪري نوڪريءَ ۾ ڌڪ به ڏاڍا کاڌائين، نقصان به ڏاڍا ٿيس. بهرحال تڏهن کان وٺي آفتاب ۽ منهنجي ياري پڪي ۽ پڪي به اهڙي جو لطيف سرڪار چواڻيءَ ”ڪَي ڏُور به اوڏا سپرين.“
    ”ڪي وسرن نه مور.“ هاڻي ته ڪُنڍيءَ مينهن جيان پُور پيل آهن سو شايد ڪَارائيءَ سان ڪٽجي سگهن. پَر اِهو به مشڪل آ ڇو ته وَراڪا دِل ۾ پيل آهن.
    مونکي اها صفا خبر نه هئي ته ڪو آفتاب لکندو به آهي. مان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ادبي پروگرام ”رسالو“ ڪندو هوس. ڪراچيءَ ريڊيو تي هڪ ڏينهن دوستن سان ويٺي عوامي آواز اخبار پئي پڙهي، ان ۾ هڪ زبردست ڪالم ڇپيو هو ۽ مٿس لکندڙ جو نالو لکيل هيو ”آفتاب“. اتي منهنجي جگري يار مرحوم فقير محمد لاشاريءَ ٻڌايو ته اهو ”آفتاب“ ساڳيو مان وارو ڪامورو يار آفتاب ميمڻ هيو.
    آفتاب جي لکيل ڪالمن جي ڊَمي ملي آهي، ان حڪم سان ته ان بابت ڪجهه لکان. حُڪم سو به هڪ ڪرڙي ڪاموري جو. ڪالمن جي هن ڳُٽڪَي ۾ جنوري 1990ع کان وٺي جنوري 2000ع تائين جا ڪالم جيڪي عوامي آواز اخبار ۾ ڇپيا، شامل آهن. ان کانسواءِ 7 ڪالم ”سوڀ“ ۾ ڇپيل پڻ شامل آهن.
    جيستائين مونکي ياد آهي، سنڌي اخبارن ۾ ڪالم لکندڙن ۾ سائين نُور عباسي، پروانو ڀٽي، عبدالڪريم سعدي، امر جليل، قمر شهباز، محمود مغل ۽ نصير مرزا شامل آهن. امر جليل ته سنڌيءَ کان علاوه اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به تمام عمدا ڪالم لکندو رهيو آهي.
    هڪ عام پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مان ان راءِ جو آهيان ته لِکڻي ڪهڙي به هُجي، سٺي اُها جيڪا پڙهندڙ جي دل ۾ لَهي وڃي. شروع ڪرڻ کانپوءِ تيستائين نه ڇڏي جيستائين پوري نه پڙهي. ڀانيان ٿو شايد ان کي ئي اثرائتي لِکڻي يا انگريزيءَ ۾ ”اِفيڪٽِو ڪَميونيڪيشن“ سڏجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهڙي لکڻي جا نه رڳو اڪابرن کي نه پر غريب غربي کي به سمجهه ۾ اچي. ان معيار تي آفتاب جا ڪالم بلڪل فِٽ ٿا لڳن. آفتاب ڪي ڪالم ”اَمڙ“ ڏانهن مخاطب ٿي لکيا آهن. هنن ڪالمن لکڻ ۾ آفتاب، سائين امرجليل کان گهڻو متاثر ٿو لڳي. اهو رڳو آفتاب سان لاڳو ناهي پر سنڌ جا 90 سيڪڙو لکاري ائين لڳندا.
    آفتاب هڪ آبجيڪٽو لکاري آهي. هو پنهنجن ڪالمن لاءِ ڪچو مال پنهنجي اردگرد جي عام ماڻهن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻهن جي تمام گهڻي ڄاڻ آهي جنهن جي بيان ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي اٿائين. خاص ڪري حالتن جي مشاهدي جو ته وڏو تجربو اٿس ۽ ان جي اظهار جو پڻ. ڪٿي به، ڪنهن به هنڌ، نه هٻڪي ٿو ۽ نه وري ڏڪي ٿو، سڀ ڪجهه صاف صاف بي ڊَپو ٿي ڪري چئي ٿو ڏي. جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته انهيءَ بيباڪيءَ جي ڪري کيس ڏک به مليا آهن. مرشد لطيف چواڻي: ”اَلا، ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏِسن.“ سو ڏک ته ملندا.
    آفتاب جي جوڙجڪ ڪجهه هن طرح آهي ته ٻاهران پهڻ پٻ جو ۽ اندر ۾ وري ڪپهه کان به ڪونئرو. ڪنهن جو ڏک نه ڏسي سگهڻ وارو. حالانڪه هن معاشري ۾ گهڻائي اهڙن جي آهي جيڪي روز ٿيندڙ ظلم ۽ هاڃا ڏسي منهن پري ڪري لنگهي ويندا آهن، اهو چوندي ته ”اسان جو ڇا بابا، وڃي هرڪو پاڻ ڄاڻي“ پراهو ڪم آفتاب کان ڪونه پڄي.
    اوهان سندس ڪالم پڙهو. ڪالمن جي آئيني ۾ اوهانکي هن رنگ رنگيلي همراهه جا مختلف عڪس نظر ايندا. ڪٿي هي اوهانکي صفا هڪ باغيءَ جي روپ ۾ نظر ايندو. جيئن سندس ڪالم ”راڪاس ۽ پريون“ جي هنن سِٽن ۾:
    ”اسان انسانن جي درميان ڏينهن ۽ راتين کي ڦيريندا گهيريندا رهندا آهيون“..... ۽ تنهنجي خيال ۾، ايمان ۾، انسان جو مقدر آهي ته ڏينهن ۽ راتين جي وچ ۾ ڦرندو گهرندو رهي، جو شايد اها تقدير آهي. مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي تڏهن کان توکي ٻڌايو اٿم، صاف چيو اٿم ته آئون پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهيندس- نه صرف پنهنجي پر پاڻ جهڙن انيڪ دردمندن جي جيڪي هن اڻ ڏٺي گهاڻي ۾ پيا پيسجن.“
    ڪٿي وري زخمي شينهن جيان زخمن کان چور چور، ٿَڪجي ساڻو ٿيل جيئن ”گوندر ول“ جي هنن جملن ۾:
    ”ماءُ! آئون رِڻ جو راهي آهيان. منهنجا ڏينهن ٿورڙا آهن. امڙ! آئون ڳاڙهو گهوٽ آهيان. مون يا رت سان لانئون لڌيون آهن يا شَفق جي لاليءَ سان لائون لهڻ جو خواب پيو ڏسان...... مان ته امڙ! سدا جو وڻجارو آهيان، سيلاني آهيان، در در جو ديوانو آهيان. منهنجو پنهنجو ڪو به رنگ ڪونهي.“
    اهو ساڳيو آفتاب ڪٿي وري اوهانکي حضرت عمر ؐ واريون دعائون گهرندو نظرا يندو:
    ”ڪاش! مان هڪ بي جان پَتو (وڻ جو) هجان ها، جنهن کي هوا اُڏاري پَهاڙن تان ڦِٽو ڪندي وَتي“ (ڪالم: خواب ڏٺاسين)
    هونئن ته هر اديب، هر لِکاري حساس هوندو آهي پر اِها شي آفتاب ۾ ڪجهه سَرسُ آهي. جنهن جي اندر ۾ درد هوندو آهي سو روئندو ته آهي ئي پر جنهنجو اندر درد کان صفا اڌ ٿيل هوندو آهي اهو نه صرف پاڻ روئندو آهي پر سندس درد ٻڌڻ واري کي به روئاريندو آهي. سرڪار لطيف جيئن سُرمارئيءَ جي هڪ وائيءَ ۾ چئي ٿو:
    ”محلن ماندي مارئي، ادا عمر! روئي ۽ روئاري، الا....“
    سو، آفتاب روئڻو به حد درجي جو آهي. پاڻ پنهنجي هڪ ڪالم ”نيٺ ته ڊهندي“ ۾ ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هڪ ڏينهن هڪ مذهبي عالم سان ملاقات دوران ٻئي اوڇنگارون ڏئي، يڪو ڪلاڪ تائين روئندا رهيا.
    جانيئڙي آفتاب جون ڳالهيون ته گهڻي ئي آهن پر هتي بريڪ ٿو هڻان.
    آفتاب پيارا! معاف ڪجانءِ روانيءَ ۾ الائي ڇا ڇا چئي ويٺو آهيان. انهيءَ روانيءَ ۾ اهو وساري ويٺس ته تون هڪ ڪرڙو ڪامورو به آهين ۽ اسان ماڻهو هونئن ئي ڪامورن جي ڪروڌ جا ڏڌيل آهيون. سو ادا، فِدوي بعد از قدم بوسيءَ جي، ڏڪندڙ آڱرين سان هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪري ته ڪا غلطي ٿي وئي هجي ته نظر انداز ڪرڻ فرمائيندا. مهرباني.


    فضل قلباڻي
    ڪراچي سنڌ
    پهرين سيپٽمبر 2010


      مُئا نه ڀانيو سڀ مور

    هن ڪتاب جو پهريون ڪالم آهي ”راڪاس ۽ پريون“. مون کي معلوم ناهي ته آفتاب ميمڻ جي من ۾ آخر اها ڪهڙي ڳالهه هئي؟ جنهن هن کان اهو ڪالم لکرايو! پر منهنجي لاءِ ان ڪالم جو روح اهو معصوم سوال آهي، جيڪو ننڍپڻ ۾ هو پنهنجي امڙ کان پڇي ٿو. جڏهن هو ٻالڪپڻي ۾ پنهنجي امڙ کان ديون ۽ راڪاسن جون ڪهاڻيون ٻڌي ٿو، تڏهن هو پنهنجي جيجل کان پڇا ٿو ڪري ته ”امڙ! پوءِ اهي سهڻيون نازڪ پريون اهڙن ڀوائتن ديون جي ديش ۾ ڇو ٿيون رهن؟“ اهڙو سوال صرف هڪ ٻار ئي پڇي سگهي ٿو.
    ۽ پنهنجي ٻچڙي جو اهو سوال ٻڌي هن جي امڙ چوي ٿي ته ”منهنجا مٺڙا! جتي سهڻيون من موهڻيون پريون هونديون آهن، ديو اتي ئي مارو ڪندا آهن.“ اهڙو جواب صرف هڪ ماءُ ئي ڏئي سگهي ٿي. پوءِ اها ماءُ آفتاب جي هجي يا گورڪيءَ جي پاويل گورچاڪن جي!
    ماءُ ته ماءُ هوندي آهي. هن جي بهادري ۽ هن جي ذهانت هن جي بي لوث محبت ۾ هوندي آهي. هڪ ماءُ جو اهو جواب پوري دنيا جي آمريتن بابت اٿندڙ سوالن جو هڪ ئي جواب آهي. آمريتن جا ديو به اتي ئي مارو ڪندا آهن، جتي پاڪستان ۾ جمهوريت نوخيز موڙ تان گذري يا چليءَ جي حسين ڌرتي تي عوام جا رقص جنرل پنوشي کان برداشت نه ٿين!
    اياز ان سموري ڪيفيت کي هڪ ئي سٽ ۾ سمايو آهي ته؛
    ”جنهن کي سسئي سونهن آ، تنهن سان ڪيس ٿين“
    جڏهن حالتن جو جبر هڪ ليکڪ جي هٿ کي جهلڻ جي پوري ڪوشش ٿو ڪري ته هو علامت جو سهارو ٿو وٺي. هن جو علامتون نه پنهنجي ديس پر پوري عالم جي منظر ڪشي ڪن ٿيون. ان ڪري جڏهن آفتاب ميمڻ پناما جي جنرل نوريگا تي لفظن جا پٿر ٿو وسائي ته دراصل هو دنيا جي هر ان آمر کي سنگسار ڪري ٿو، جيڪو لانگ بوٽ سان ڪنهن به ڌرتيءَ جي ڪنواري ساوڪ کي ڪچلڻ آيو.
    آفتاب ميمڻ پنهنجي لکڻين ۾ ڪابه سطحي نعري بازي نه ڪئي آهي. ڇو ته هن کي پنهنجي قلم جي طاقت ۽ قاريءَ جي ذهانت تي ڀروسو آهي. هو اعتبار ڪري ٿو ۽ پوءِ هڪ لفظ لکي ٿو. هن کي ڪابه علامت لکندي، پنهنجي پڙهندڙ تي اعتبار آهي ته هو سمجهي ويندو. هن کي معلوم ٿي ويندو ته ليکڪ نوريگا جي نالي ۾ ڪنهن تي پٿر وسايا آهن ۽ پاناما جي حوالي سان پنهنجي ديس کان ڇا ٿو چاهي؟
    جيڪي به ڪمزور ليکڪ هوندا آهن، سي سدائي سطحي قومپرستيءَ جي آڙ وٺي پنهنجن لفظن جو وزن وڌائيندا آهن. پر آفتاب ائين ناهي ڪيو. هن کي پنهنجي ديس سان ايترو پيار آهي، جيترو لطيف ”ڳنڍيون منجهه ڳنڍير“ جي حوالي سان بيان ڪيو آهي پر هن جي نيشنلزم نظرياتي طور تي يتيم ناهي. هن جي نيشنلزم جو گهرو ۽ مضبوط ناتو آهي، ان انٽرنيشنلزم سان، جنهن کان سواءِ هر نيشنلزم فاشزم ۾ ڦرندي ويرم ئي نه ڪندي آهي.
    فرانس جي ميري اينٽونيٽ کان وٺي ڏکڻ آفريڪا جي نيلسن منڊيلا تائين آفتاب ميمڻ لکيو ته ائين آهي، ڄڻ هو عالمي سياست جو شاگرد هجي پر هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهندڙ سان اهو سلوڪ اختيار ڪيو آهي، جيڪو هڪ شفيق استاد جو هوندو آهي. هن هر طرح سان هن کي سنڀاليو آهي ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو آهي ته متان بورجوا ميڊيا جي وڪڙ ۾ اچي، اهو سادو انسان ٽرمناليجين جي ٽڪساٽن ۾ ڦاسي نه پوي. ان ڪري هي ڪتاب نه صرف همت جي حوالي سان اجهامندڙ سنڌ جي سگهه ۾ اضافي جو باعث بڻبو پر هي ڪتاب ”سياسي سونهون“ به ٿيندو ۽ عالمي سياست جي لاهن چاڙهن کان وٺي، پنهنجي ديس جي روڳن جو اصل سبب بيان ڪرڻ تائين ۽ پنهنجي ماڻهن کي غلاميءَ ۽ جهالت کان دور رهڻ ۽ انهن ۾ هڪ نئين سج اڀارڻ جو بايقين احساس پيدا ڪرڻ تائين، سمورن شرطن تي پورو لهي ٿو.
    هي ڪتاب جيڪو بنيادي طور تي مختلف موقعن تي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي، تنهن جا ڪجهه ڪالم پڙهي ته مان حيران آهيان ته سرڪاري نوڪريءَ جي سوريءَ تي لڙڪندي به آفتاب ميمڻ پنهنجي ضمير کي ڪهڙي ريت آجو رکيو آهي ۽ پنهنجي ضمير جي آجپي لاءِ هو ڪيئن نه رسڪي رستن تان گذريو آهي.
    هي ڪتاب هڪ ليکڪ جي شعور جي آٽوبايوگرافي به آهي. هڪ حساس لکاريءَ جي سوچ جو هي سفر پڙهندي، ائين محسوس ٿئي ٿرو ته ڪو ماڻهو پنهنجي ڪمري تائين محدود رهندي به ذهني لانگ مارچ ڪري سگهي ٿو. هي ڪتاب هڪ پنڌ آهي.ان ۾ هر موضوع هڪ ڏونگر آهي. ان ڏونگر تان هڪ اديب جو قلم ائين گذريو آهي، جيئن سسئيءَ هاڙو لنگهيو هو! حب سان. حوصلي سان. ۽ ان وچن سان ته:
    ”هي ڦٽيل پير وري پنڌ ڪندا
    تنهنجو سوڳنڌ ڪندا
    وقت آيو ته ٻه ٽڪر
    ظلم جو ڪنڌ ڪندا!“
    محبت، عظمت، جرئت ۽ آئيندي ۾ اميد جي هن داستان تي ڪجهه لفظ لکندي، مون کي نه صرف خوشي ٿي رهي آهي پر مان پاڻ کي خوشنصيب به سمجهان ٿو ته مان به ان سفر ۾ ٻن لفظن جون وکون کڻڻ جو شرف حاصل ڪري رهيو آهيان، جيڪو پنهنجي منزل تائين جاري رهندو.
    لفظن جو سفر انسانن جي سفر کان وڌيڪ بامعني ۽ مشڪل هوندو آهي. عام طور تي ماڻهو ڪچهرين جا ڪوڏيا هوندا آهن. هو ڳالهائيندا آهن. سٺو به ڳالهائيندا آهن. پر لکڻ کان لنوائي ويندا آهن. ڇو ته لکڻ جو مطلب سڌو سنئون اهو ئي آهي ته اوهان پنهنجو پاڻ کي هڪ اهڙي ڪمٽمينٽ ۾ آڻيو ٿا، جنهن کان نڪرڻ آسان ناهي. ڇو ته لکيل لفظ تاريخ جو حصو ٿي وڃن ٿا. تاريخ جيڪا تارازي آهي. جنهن ۾ هر انسان پنهنجو حساب ڏيڻ لاءِ پابند آهي.
    مان ائين هر گز نه چوندس ته آفتاب ميمڻ هي ڪتاب لکي سنڌي قوم تي ڪو احسان ڪيو آهي. هن جو هر ڪالم هڪ ٿورو آهي. نه! هن صرف ۽ صرف پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. جڏهن هو اخبارن ۾ خبرون پڙهي رهيو هو ته هن پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ صرف اخبار کي ويڙهي اڇلائڻ ڪافي نه سمجهيو. پر هن انهن خبرن جي حوالي سان لکيو. هن موٽ ڏني. هن وقت جي راڪاسن کي رڙ ڪري چيو ته، ”سڀ مور نه مئا آهن.“
    هيءَ دنيا هڪ چڙيا گهر ئي آهي. جنهن ۾ هر انسان کي پنهنجي مقدار ۽ معيار جو هڪ پڃرو نصيب ٿئي ٿو. جنهن ۾ هن کي آسان کاڌ خوراڪ حاصل ٿئي ٿي. جنهن جي ڪري هو تماشو بڻجڻ قبول ڪري ٿو. پر ڪازانت زاڪس جي لفظن ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ سان پيار ڪن ٿا، اهي ڄار کي ڪتريندا رهن ٿا. آفتاب ميمڻ پنهنجي قلم سان پنهنجي ڄار کي جهڙي طرح ڪتريو آهي، هن جي ان ڪلا تي ڪيترن کي ئي رشڪ ايندو. ڇو ته سرڪاري ڊرافٽنگ ڪرڻ وارو ڪم ڏکيو هوندي به آسان آهي پر جڏهن اوهان ڪنهن آفيشل فائيل بدران تاريخ جي هٿ تي ڪجهه لفظ ٿا لکو ته اوهان ان جي اهميت کان بخوبي واقف هجو ٿا ۽ نتيجا به اوهان کان ڳجها نه ٿا هجن! اهڙين حالتن ۾ ڪير ٿو فرضي نڀائي؟ پر جيڪي ديس جي دانهن کي غيرت جي حوالي سان کڄيل ٻانهن سمجهن ٿا ۽ پوءِ لکن ٿا ۽ لکندي وساري سگهن ٿا ته سڀاڻي انهن کي ڪهڙو نتيجو ڏسڻو پوندو، انهن کي تاريخ جو اکيون مسڪرائي ڏسن ٿيون.
    مون کي معلوم آهي ته آفتاب ميمڻ ڪو شاعر ناهي. پر هن جي خيالن ۾ جيڪا شعرن جي خوشبو آهي، ان ۾ هڪ شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي. هي اکين ۽ هٿن جي گڏيل ڪاوش ائين آهي، جيئن هي سنڌي نظم ته:
    ”هڪڙي شاعر جو وطن
    هن جون اکيون!
    هو سڪيءَ تي
    سمنڊ جهڙي سار ٿي هن کي اچي
    هو لکي ٿو لفظ
    ڪيڏي خار ٿي هن کي اچي!“
    هي ڪتاب شعور جي سار ۽ حالتن جي خار جو سنگم آهي. هن ڪتاب جا اڪثر ڪالم ڏهاڪو سال پراڻا آهن پر هر ڪالم پڙهندي، ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هاڻي جي ڳالهه آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مان پبلو نرودا کي پڙهي رهيو هوس. هن جون اهي سٽون مون کان وسري ويون هيون ته:
    ”In what language does rain fall over tormented cities?“
    هي ڪتاب پڙهندي، مون کي نه صرف پبلو نرودا جون مٿيون سٽون ياد آيون پر انهن ۾ اٿاريل سوال جو جواب به ملي ويو آهي.


    عمر قاضي
    ڪراچي 


    ٻه اکر

    چوڻ لاءِ ته ”ٻه اکر“ چوندا آهن پر اهي ٻه اکر ئي سوريءَ تي ٽنگجڻ کان به اوکا لڳندا آهن. ڇا لکان... ڇا نه لکان.
    هڪ ننڍڙو واقعو اسان جي معاشري لاءِ اکيون پٽڻ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. جي اکيون نه ٿيون پٽجن ته به هڪ تازيانو آهي. ياد گيري آهي. چهنڊڙي آهي. پاڻ جهڙن کي آئينو ڏيکاريان. متان کين پنهنجي بدشڪلي نظر اچي ۽ پنهنجي پس منظر جي سونهن ۽ سوڀيا سندن عمل ۽ ڪرت تي اثر انداز ٿئي. آئون ڪو ناصح ۽ مصلح ته ڪو نه آهيان. انسان جي ڪرت خارجي عوامل جي تحت ٺهي ٿي. ماڻهو جو بظاهر آهي ۽ ڪري ٿو ان تي سندس ذاتي اثر شايد ايترو ئي هوندو آهي جيترو گهاڻي پيڙهيندڙ اٺ جو سندس پيڙهڻ جي عمل ۾. آئون ”به امر الاهي“ جي وڪالت ڪو نه ٿو ڪيان. صرف مادي جي حرڪت تي اثر انداز ٿيندڙ قوتن جي بي پناهه طاقت جو قائل آهيان. زندگي هر مظهر ۾ خارجي عوامل جي تابع رهي ٿي. ڪي ڄاتل ۽ ڪي اڻ ڄاتل.
    جسم انساني جي خلين کان وٺي نظام شمسي، ڪهڪشان، هوا ۽ پاڻيٺي امتزاج جي طوفانن تائين هيءَ ڪائنات ڄاڻ ۽ اڻڄاڻائي جي ڀوائتي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي. ها البته هڪ مظهر آشڪار آهي ته سڀ ڪي هر شيءِ هر ذرو. ڪٿي ڪنهن هنڌ ڪنهن عمل چاهي ڄاتل چاهي اڻ ڄاتل جي تابع آهي. انهيءَ اڻ ڄاتل، اڻ ڏٺل ڪائنات جي هڪ انتهائي حقير ۽ هيچ ذري جي ڇا مجال ته ويهي مبلغ ۽ ناصح ٿئي. مڪان وزمان جي سلسلئه دوران تي راءِ زني ڪري. جڏهن آئون پنهنجي پتڪڙي جيون جي باري ۾ سوڇيندو آهيان ۽ انهيءَ جي تسلسل ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو آهيان ته ڪجهه دير لاءِ ڦونڊجي ضرور ويندو آهيان. پر هڪدم وري خيال ايندو اٿم ته هيڏي ساري Cosmos ۾، جڳ ۾، آئون ۽ مون جهڙا ساهوارا ڪيڏا نه حقير جيوت آهن. ڪيترا نه بي حيثيت آهن. حساب ۾ Iota جي به شايد ڪا حيثيت هجي. هي انسان شايد اهو به نه هجي تڏهن اهو ڄاڻندي منهنجو وجود ڪاري اماؤس جي رات ٿي ويندو آهي. منهنجي تن من تي انڌاري ڇانئجي ويندي آهي. تمام فلسفهءِ حيات ڪوري ڪاغذ جيان بي حيثيت ٿي ويندا آهن.
    ڪاري نينگر خدا جي تلاش ۾ نڪتي يا ڀوري نينگر خدا جي تلاش ۾ نڪتي، تارن ۾ چنڊ ۾ مانڊاڻ ۾ سج ۾ ۽ پوءِ بت شڪني ۾ ابن آذر خدا جي تلاش ۾ نڪتو. غار حرا ۾ رسول عربي، انسانيت جو ڇوٽڪارو ڳولڻ نڪتو. شاهزادو ابن شاهه زادو سڌارٿ بڙ جي وڻ هيٺان نرواڻ جي ڳولا ۾ اچي وارد ٿيو ۽ تت ڪيائين ته:
    دکم سروم دکم
    (جو آهي سو ڏک آهي. ڏک آهي سدا ڏک آهي......)
    ڀل پوءِ نرواڻ جو سنهري رستو اٺن ۾ سمجهائي يا ڏهن ۾. تت وري به ”ڏک آهي. سدا ڏک آهي.....“
    نڪتم عمل ۽ علم جي تلاش ۾، خبر پيئي ته اڄ به ڪورو جاهل آهيان. آگاهي سان هانءِ ٺرڻ کپيو ٿي. پر نه، ڄاڻ وڏو عذاب آهي. چاهي اها ڄاڻ ڇو نه هجي ته آئون اڻڄاڻ آهيان. لڇان ۽ لوچان واري ڪيفيت هوندي آهي. چوءِ ڦير انڌاري آهي.
    ماڻهونءَ جي من ۾ جا اُڻ تُڻ هوندي آهي تنهن کي معنى ڏيڻ جي سعي ڪڏهين حاصل ۾ لاڀ ڪندي آهي ته ڪڏهين لاحاصل رهندي آهي. لڀندي به وري خيال ايندو آهي ته ڇا هي ئي آهي يا جو نظر اچي ٿو سو سندس اڻ پوري ۽ اڌوري خوابن جو عڪس ته ڪونهي. ڄڻ زاهد مخدوم جو متيرو هجي. زاهد مخدوم جو خيالي پُٽ. زاهد ۽ منهنجي متيري جي ڳولها جي سفر جي ڪٿا هنن ڪالمن ۾ سمويل آهي. اڻ پوري ۽ اوڌورن خوابن جو عڪس. تلاش... تشنگي، تانگهه.. اُلڪو...
    ”تون ڇو خود فريبي ۾ اچي مبتلا ٿيو آهين؟ چريا! جنهن بهشت جي ڳولا ۾ تون چنڊ تارن جي ديش کان به پري وسندڙ جهانن جي ڳالهه ڪرين ٿو، سو هر انسان سان گڏ هوندو آهي. سندس پاڇي جيان!! جيئن پاڇو سج جي نصف النهار هئڻ وقت وجود سان هڪ ٿي ويندو آهي تيئن ڳولا جي سفر ۾ تنهنجي وجود ۾ هڪ وقت اهڙي سڃاڻپ ايندي آهي جو وجود ۽ بهشت هڪ ٻئي ۾ سموئي ويندا آهن. نه ته بهشت جو ڪو وجود ڪونهي....... هي جو تون متيري جي ڳولا ۾ نڪتو آهين............. اڙي سپنن جا سوداگر!! ڪهڙي پٽ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟ تنهنجو ڪٿان آيو!؟ تو ته قاسم جي مهندي رتڙن هٿن جا زخم ڏسي رت سان لائون لهڻ جو قسم کاڌو هو؟ تو شادي ڪڏهن ڪئي؟؟ چريا!! تو ته شادي ئي ڪا نه ڪئي آهي؟! متيري جو ڪو وجود ڪونهي. متيرو تنهنجو تخيل آهي. تنهنجو آدرش آهي. امر جليل جي ”هوءَ“ وانگي متيرو تنهنجي تشنگي آهي. تنهنجي تانگهه آهي. تنهنجو اُلڪو آهي. تنهنجي اندر جي انڌاري کي روشن ڏيئي جي لاٽ آهي.“ منهنجو آواز اوچو ٿيندو ويو ۽ نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا اٽڪندا ويا. متيرو تنهنجو خواب آهي. تو ۽ مون جهڙن سوداگرن جي ساري عمر متيري جي ڳولا ۾ گذري ويندي آهي. ائين ئي رُلي رُلي.... رڙي رڙي.... زندگي جو سفر ڪٽجي ويندو آهي.... ويدن جو زمانو مهاڀارت ۾.... مهاڀارت جو زمانو گوتم جي دانش ۾، ۽ وري مغلن ۾، ارغونن ۾، ترخانن ۾، سمن ۾، سومرن ۾ ڦرندو رهندو.... ڦرندو رهندو.... ۽ تنهنجي منهنجي ڳولا جاري رهندي........ پر بيهه!! زاهد!! ترس!! متيرو ته آهي ئي ڪو نه؟ تو شادي ڪٿي ڪئي هئي؟؟“ ۽ منهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي آئون لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳس.
    تت ته وري به لطيف سرڪار جي، ”کامان، ٻران، پچران...“ ۾ ٿيو. هوت لڌو ته پوءِ سانت. ۽ سانت بري آهي. سانت جو جيون جو انت آهي. وهندڙ پاڻي ڪو سانت ٿيندو آهي. سانت ته موت آهي. جيون جوت ته سانوڻيءَ جي ڌڌڪندڙ، شور ڪندڙ پاڻي مثل آهي. حاصل ۽ لاحاصل بي معنى آهن، هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ. پنهنجي ته جيون ڪٿا به ايئن ئي رهي.
    زندگي ترتيب ۽ بي ترتيبيءَ جي ٻه واٽي تي گذري. هر ڪاميابي کي اتفاق ۽ هر ناڪاميابي کي پنهنجو ڪيتو سمجهيم. جڏهين به پنهنجو احتساب ڪيم ته اوَگُڻ جهجها نظر آيم. گُن ڳوليندي به پاڻ ۾ ڪونه ڏٺم. سواءِ هڪ جي. نه ڪڏهين همٿ هاريم. نه ئي ڪڏهين ڪنهن ڏي واجهايم. جو محسوس ڪيم سو ظاهر ڪيم. نه ڪنهن جي سوني محل کان متاثر ٿيم نه ئي ڪنهن ڪکائين جهوپڙي کي گهٽ ڄاتم. هر دم سکڻ جي ڪيم. اِهو ڄاڻندي به ته جو سکان پيو ۽ سمجهان پيو تنهن کي وقت جو وهڪرو ۽ پنهنجي بي وقوفي ۽ ڇسائي الائي ڪيڏي مهل اندر جي سليٽ تان ميساري ڇڏي. پر ليکو ڪندي پڄيو ڪين ٿيندو. جيون ناءُ لڏندي لمندي هلندي رهي ٿي. جي حساب ڪريان ته سارو جيون ئي بي ڪار سعي لڳي. جي پنهنجي مستيءَ ۾ سوچيان ته هر لمحو، هر پل سهڻو ٿو لڳي. اصل ڇا آهي؟ حقيقت ڇا آهي؟ ڪنهن کي خبر!؟ انت بحر دي خبر نه ڪائي...
    هي جي ڪچا ڦڪا لفظ ڪالمن جي صورت ۾ لکيا اٿم سي ڏهن ٻارهن سالن ۾ مختلف واقعن کي تاريخي تناظر ۾ ڏسندي لکيا ويا آهن. ڪالم لکڻ تي مونکي سنئيل اُتساهيو- ڊاڪٽر جبار خٽڪ، امداد اوڍو، يوسف لغاري، سيف ٻنوي، انب گوپانگ، فضل قادر قلباڻي ۽ ارشاد نبي عباسي هميشه همٿائيندا هئا. آئون وري مهينن جا مهينا ۽ ڪڏهين ته سال کان به مٿي گسائيندو هئس. ڊاڪٽر جبار ۽ امداد چوندا هيا ته ”لکين ڇو نٿو؟“ کين ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو هيو ته ڇو ڪونه لکي سگهيو آهيان. من جي شانت هجي پر شانتي به ته ڪونه کپيم. هنن ئي ڪالمن ۾ اِها ڪيفيت هيئن بيان ڪئي اٿم...
    ”نرواڻ ته مون کي نه حاصل ڪرڻو آهي نه ئي کپي، نرواڻ حاصل ته گوتم کي ڪرڻو هيو، مان سدا ڀٽڪندڙ روح.... مان ڇا ڪيان شانتي حاصل ڪري.... مان ته چوان ٿو ته شانتي معنيٰ ماٺ! ۽ ماٺ موت برابر آهي، مون کي موت نه کپي، مان هر دم روان دوان رهڻ چاهيان ٿو. ۽ روان دوان رهڻ جي قيمت چڪائڻي هوندي آهي. نديم ملڪ وانگيان .... هر آيل منهنجي جسم ۾ شاور جوڙي روز رت مان غسل ڪري ٿو.....
    هر واقعو، هر آيل، هر ملاقاتي هر عرضيدار منهنجي جسم ۾ انيڪ گهاوَ ڏيئي منهنجي رت سان غسل ڪري ٿو. جو هو مون کي منهنجي ڪوتاهين، هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلمن انيڪ گهاون جي داستان ٻڌائي خود ته آرامي ٿئي ٿو پر منهنجي من ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪير ٿو ۽ منهنجو الميو اهو ئي آهي ته آئون احساس گناهه سو به، ناڪرده، ۾ سڙندو رهان ۽ پچندو رهان ڇو ته مون هڪ واري واعدو ڪيو آهي ته هن ڌرتي تي جو به ظلم ٿيو سو مون تي ٿيو ۽ هن اونڌاهيءَ ڌرتي تي مون جو قسم کنيو آهي سو نڀايان پر وجود کي وڪوڙيل غم جو ڪهڙو علاج ڪيان.“
    وري ”ڄامڙن جي دور ۾ بنارس جو جوڳي“ ۾ پنهنجي حال کي ايئن اورڻ جي ڪئي اٿم.....
    ”الاهي ڏينهن کان ذهن جي پردي تي رڳو ڌُنڌَ ۽ ڪوهيڙي اچي واسو ڪيو آهي، پڙهڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان ته اکر بي معنيٰ ٿا لڳن. لکڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان ته لڳي ٿو ته وجود ئي سُنڍ بڻيل آهي. خالي خالي … بي ثمر … سڪل ۽ خزان رسيده وڻ جيان.
    مٿان اچي فون ڪڙڪو ڪيو. امداد هيو. چيائين ته ادا ڪالم ڪونه پهتو. چيو مانس ته مون وٽ ته ڪي به ڪونهي لکڻ لاءِ. جسم ۽ ذهن نستا ٿي پيا آهن. ٿڪجي پيو آهيان. ڪوشش ڪيان ٿو. سوچن ۾ گم- الا جي ذهن جي ڪهڙي وهڪري ياد ڏياريو. جڏهن آئون گيمنز پاڪستان ۾ انجنيئر هوندو هئم ۽ نوابشاهه- سڪرنڊ روڊ تي وقتي ڪچن ڪواٽرن ۾ رهندو هئم ته هفتي جي پڄاڻي حيدرآباد وڃڻ جي ڪندو هئم. آچر وڃي ڄامشورو جو ديدار ڪبو ۽ هڪ مُن موهڻي ۽ دل گهريءَ دلدار جي حاضري ڀربي. عشق جو هيو. هوءَ به مون کي روز ٻي ڏينهن خط لکندي هئي ۽ آئون به هن کي هفتي ۾ ٻه خط ضرور لکندو هئس. ڪافي وقت کانپوءِ هن منهنجا لکيل خط مونکي پڙهايا ته ڏس هي تو مونکي لکيا هئا. تنهنجو عشق ڪيڏانهن ويو؟مون چيو مانس ته هي خط مون پاڻ ڏي لکيا هيا شايد تون به ته اها ڪونه رهي آهين جنهن کي آئون ڏسندو هيس، جا منهن جي نس نس ۾ سمايل هئي، پر تنهنجو قصور نه آهي. قصور ته ڪنهن جو به نه آهي. نه تنهنجو نه منهنجو. جي منهنجي من ۾ اها آنڌ مانڌ نه لڪيل هجي ته ڇو آئون ڪنهن سهڻيءَ من موهڻيءَ جي نگاهه جي تير جو شڪار ٿيان ها ۽ هوءَ منهنجي وياڪل روح کي شانت ڪرڻ لاءِ هر حيلو ڪري، هر بهانو ڪري ها، پر شانتي ته ڪا سدا جي رٺل محبوبه آهي ۽ آئون به ته سدا جو اُڃايل آهيان. شانتي ئي جي منهنجي درد جو دارون هجي، درمل هجي، ته گوتم جي اٺ سنهرن متن جي پنڌ جو پانڌي ٿيان ها. مست الست موالين سان سُلفيءَ جي سوٽن ۾ هست کي نيست جو چولو پارائي سُڌ جي جهنجهٽ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيان ها. آهه! شانتي ته، منهنجي منزل ئي ڪونهي. تون به ته منهنجي منزل ڪانه هئين. جي تون منهنجي منزل هجين ها ته ڪيئن آئون هر ڪاڪ محل تي مٿو ٽيڪيان ها. هر جائي آهيان. ائين نه!! تون ڀلي مون کي هر جائي چئو، ڀونري جيان شايد مون به رنگ رنگ جي گلن جو واس ورتو هوندو. هر هر پنهنجي لبن کي آلودهه ڪيو هوندو. حسن جي بارگاهه ۾ سوين سجدا ڪيا هوندا. شايد اندر جي لوڇ پوڇ کي سانت ڪرڻ لاءِ، يا حيواني جبلتن جي زور آور گهوڙي جي ڇڙواڳي هئي.
    هي ماضيءَ جي ڳالهه ٿو پيو ڪيان. اڄ زندگيءَ جي جنهن چواٽي تي بيٺو آهيان اُتي ته هر شيءَ بي معنيٰ ٿي لڳيم. رنگ وبو جي دنيا به هڪ خواب کان مٿي نظر ڪونه ٿي اچيم. هست ۽ نيست جو فلسفو به اڄ پنهنجي ڪُل بي معنائي ۽ ڇساڻ سان مذمتي ٺٺول پيو ڪري.
    متان سمجهين ته آئون ڪو مايوس ٿيو آهيان. اڙي! مايوس ته اهو ٿيندو آهي جنهن کي آس هجي. آس ۽ نراس جي ڦيري مان نڪتي ته مونکي صديون ٿي ويون. ڇا ٿي سمجهين! تنهنجو ڇا خيال آهي. بنارس جو جوڳي اڪيلو ته ڪونه هيو. مان به ته ساڻ هيم- ڀل هن جي ئي واتان دکم سروم دکم (جو آهي سو ڏک آهي) جو ڪلمو نڪتو هيو پر هن جو ۽ منهنجو سفر ته گڏ هيو. آس ۽ نراس جي ڦيري مان نڪرندي ئي مون سندس ڪنن ۾ سُرراٽ ڪيو هيو. ”گوتم! شانتي ڪونه ملندي. شانتي ته خواب آهي. ڪنهن جي ڳولا ٿو ڪرين؟ اُٿ! عظيم استاد! هي شانتي جي ڳولا به ته لُڇَڻ آهي، ڏک آهي، جا شيءَ تو وٽ نه آهي سا توکي ڏک ڏيئي ٿي. ڇڏ! هن جيون جنجال کي. جو آهي سو ڏک آهي.“
    ڏاهي گوتم ڪجهه ٻڌو، ڪجهه اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هليو هيو ويچارو سنهري متا ڏيڻ. تان جو پارو ٿو کاڌو کائي مري ويو.“
    منهنجي لاءِ هي ڪالم صرف حالتن ۾ واقعن ۾ جهاتيون پائڻ ڪونهي. هي مون جهڙن انسانن تي گذريل ڏاڍ ۽ جبر جيون نشانيون آهن. ڪيئن؟ جڏهين سينٽرل بورڊ آف ريونيو جو چيئرمين چوي ٿو ته قومي اسيمبلي جي پارڪنگ لاٽ ۾ بيٺل گاڏين مان هڪ سو اسي گاڏيون اُهي نڪتيون جن جا ڪاغذ صحيح نه هئا؟ يعني چوري جو هنيون يا ٽيڪس پياريل ڪونه هيو؟ ايشيا جي بدنصيب ملڪن ۾ ڪوريا جا روهه تائي ۽ چُن وُو هُوان، انڊونيشيا جا سوهارتو ۽ فلپائين جا مارڪوس اقتدار جي ايوانن جي آڙ ۾ چور بازاري، رشوت، ملڪيت ٺاهڻ جي ڪندي ملڪي وسيلن کي پائمال ڪن ته هتي اسان وٽ ٽي-ساڍا ٽي سو خاندان آهن جي اُپت جي ذريعن تي به قابض آهن ته سياست توڙي سول ۽ فوجي ڪامورو ڪو لڏو به مٽي مائيٽي ۾ سرمايه ڪاري ۾ ڀائيوار آهي. سندن ڀايئواري ۽ سرمايه ڪاري تي اعتراض ڪونهي جي اربين رپين جاقرض معاف نه ڪرائين، جي هر ٽئين ڏينهن قومي خزاني کي چاهي نقصان هجي پر کين فائدو هجي ته ايس-آر-اوSRO جاري ٿئي. اصل ۾ نظام جي شفاف هجي ته رڳو ڪاري اماؤس رات واسو ڪونه ڪري پر مڌر چانڊوڪي به ليئا پائي.
    هي ڪالم جتي اندر جي اُڻ تُڻ آهن ته اُن کان وڏيڪ زميني خدائن جي جهلڪين کي وائکو ڪرڻ جي سعي به آهي. ڪالم ڪيئن ڇپيا. مختصر ڪهاڻي آهي. ادي نور احمد ميمڻ سان ملاقات ٿي ته چيائين ته توهان پنهنجا تجربا، اکين ڏٺا احوال بيان ڪيو. ڪالمن جو ذڪر ڪيم چيائين ته اُهي ڇپرائينداسين پر اوهين جيون ڪٿا لکندؤ. وعدو ڪيو اٿم ته لکندس پر پهريائين هي ڪالم ته هڪ هند ڪيان پوءِ وري پنهنجو نامڪمل ”نيل نديءَ ڪناري“ سفرنامو پورو ڪيان ته آپ بيتي يا يادگيريون تي ايندم. ادبي عمر قاضي مهرباني ڪئي. ترتيب ۽ تدوين لاءِ ڀائو نور احمد ميمڻ سان لهه وچڙ ۾ ايندو رهيو. ڪيترائي ڪالم مون هن مجموعي مان خارج ڪيا آهن ۽ انهي تي ڀائو عمر قاضي کي اعتراض آهي پر مونکي موضوع کان هٽيل لڳا سو سمجهيم ته هن لڙيءَ ۾ هي مڻيو ٺهي ڪونه ٿو. جو ڪجهه آهي، اوهان جي اڳيان آهي. ڪالم نويسي هونئن به سنڌي ٻوليءَ ۾ ايڏي ترقي پذير ڪونهي. اڪثر طور ڪالم نويسي ۽ خود ڪلامي ۾گهٽ فرق آهي. اردو زبان ۾ ڪالم نويس به گهڻا-محنت به ڪن ٿا. نالو به اٿن، موضوعات جي وٽن کوٽ ڪونهي. اسان وٽ ڇنڊڇاڻ ۽ تحقيق جو رواج گهٽ آهي.

    آفتاب ميمڻ
    سيپٽمبر 2010
    ڪراچي


    هر پل صليب تي

    راڪاس ۽ پريون

    امڙ ڳالهه ته ڪئي سين پي راڪاسن جي... جننن جي.... ارڏن ، باغي انسانن جي، جيڪي تنهنجي وجود کي وڪوڙي ويا آهن. عزم ۽ همٿ جا پيڪر، اڏول، ارڏا انسان جي هر دور ۾ ويرين سان وڙهندا رهيا آهن. پر ڳالهه نڪتي وڃي الائي ڪٿي!
    ماءُ! جڏهن مان ٻار هئس ته تون مون کي ڪوه ڪاف جي پرين ۽ ديون جون آکاڻيون ٻڌائيندي هئين. هڪ طرف حُسن، نزاڪت ته ٻي پاسي ڀوائتا، خوفناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ ديو! توکي ياد آهي، ته مون هميشه توکان پڇيو هوندو ته، ”امڙ! پوءِ اهي سهڻيو. نازڪ پريون اهڙن ڀوائتن ديون جي ديش ۾ ڇو ٿيون رهن. ”مون کي تڏهين تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي. پر اڄ ياد ٿو اچيم ته تنهنجي نوراني چهري تي گهنڀيرتا ڇانئجي ويندي هئي. تنهنجي جوت جا ڏيئا ڄڻ اجهامڻ لڳندا هئا. تون چوندي هئين: ”منهنجا مٺڙا! جتي سهڻيون من موهڻيون پريون هونديون آهن، ديو اتي ئي مارو ڪندا آهن.“ مان ڪجهه نه سمجهندي به ائين ڪنڌ ڌوڻيندو هئم ته ڄڻ ته مون سڀڪجهه سمجهي ورتو آهي.
    پر، تڏهن مون ڪجهه به نه سمجهيو هو، تڏهن مون رامائڻ ڪا نه پڙهي هئي جو خبر هجيم ته سيتا کي راوڻ ڇو کڻي ويندو آهي. نه ئي مون کي سسئي سان سندس ڏيرن ۽ ڏاگهن جي وير جي خبر هئي.
    ۽ اڄ.........!اڄ............. ته........... امڙ! مون کي هر گهڙي وارث شاهه ياد ٿو اچي مون کي نه.... پر امرتا پريتم کي....! امرتا پريتم ورهاڱي تي ئي چيو هو! مون کي سندس تقسيم هندو پاڪ تي چيل هي سٽ...........
    اڄ ڪيدو بڻ گئي حسن و عشق دي پجاري.........
    اڄ جي ماحول تي آفاقي ۽ عالمگير نظر ايندي آهي. هي کن پل جي زندگي. جيون جيئن جَرَ ڦوٽو هجي. ڄڻ هيو ئي ڪو نه. پر تنهن ۾ به ڪيڏي نه سونهن آهي. ڪيڏو نه حسن آهي. صادقين جڏهن سوره الرحمان جي خطاطي ڪئي ته پهريون دفعو منهنجي سمجهه ۾ آيو...
    ”۽ پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪند ؤ...“
    هي وڻ، هي ميوا، هي بادنسيم، هي اڻ ڄاتل خلقت مان ٺهيل ڄاتل مخلوق.... جا ايڏي ته عظيم ۽ اڻمٽ آهي جو سقراط وانگيان زهر جو پيالو پنهنجي هٿن سان پيو ڇڏي، برونو وانگيان صليب تي چڙهيو وڃي... جنهن ڪئين نيلسن منڊيلا پيدا ڪيا ته وري اهائي خلقت نفرتن، ڪوڙ ۽ ٺڳي جي ديوار کڙي ڪري ٿي!! ڪئين يزيد آهن، ڪئين نيرو آهن، ڪئين نمرود آهن.
    امڙ! تنهنجو اهو مطلب هو نه! ته جتي سچ جو حُسن آهي اتي ڏاڍ، ظلم ۽ ڏهڪاءُ جو به راڄ آهي. جتي سنڌو بنجر، ويران ۽ ٺوٺ سڪيل زمين کي سرسبز ڪري ٿي.... جتي ڀٽياڻي ڪارونجهر جي آغوش مان مڌر سُرَ ڪڍندي نروار ٿئي ٿي اتي جمنا سونار بنگلا ۾ سندس گيت ڳائيندڙن کي سيلاب جي صورت ۾ ڏک، درد کانسواءِ ڪي به ڪو نه ٿي ڏيئي، يا متان تنهنجو اهو مطلب ته ڪو نه هيو ته......
    ”اسان انسانن جي درميان ڏينهن ۽ راتين کي ڦيريندا گهيريندا رهندا آهيون...“ ۽ تنهنجي خيال ۾... ايمان ۾... انسان جو مقدر آهي ته ڏينهن ۽ راتين جي وچ ۾ ڦرندو گهرندو رهي. جو... شايد اها تقدير آهي، اذن الاهي آهي. مان نٿو مڃيان اهڙي تقدير کي... انهي اذن الاهيءَ کي.... مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي تڏهن کان توکي ٻڌايو اٿم، صاف چيو اٿم ته، آئون پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهيندس.... نه صرف پنهنجي.... پر مون جهڙن انيڪ دردمندن جي..... جيڪي هن اڻ ڏٺي گهاڻي ۾ پيا پيسجن. ها، مان سمجهان ٿو ته تون مون کي صرف اڻ ڏٺي جي ڏيکار ٿي ڏئين پر امڙ! هاڻ ته آئون وڏو ٿي ويو آهيان. هاڻ مون کي خبر پئجي چڪي آهي ته ائين ڪونهي ته.... جا ٿيئڻي آهي سا ٿيندي.
    مان سمجهان ٿو ته ائين نه آهي، ٿيئڻي ڪجهه به نه آهي، اها ئي آهي جا آئون ٺاهيندس... آئون نه ته منهنجا پٽ.... پوٽا..... پڙپوٽا...... ڪير ته هي ڪاڪ محل ڊاهيندو.
    تون چونديئن ته مان آدرشي آهيان، مان خوابن جو سوداگر آهيان، مان ڏينهن ڏٺي جو خواب پيو لهان. مان چريو آهيان جو سمجهان ٿو ته ان ديش ۾ رهندس جتي ڪو اهڙو ڪوه ڪاف هوندو جنهن ۾ صرف ۽ صرف نازڪ، نرمل، سهڻيون، من موهڻيون، حسن پريون هونديون.... ڪو راڪاس نه هوندو.... ڪو جن نه ايندو... ڪنهن ديو جي پاڇو نه پوندو.... پر امڙ! ايئن آهي! آئون توکي ڪري ڏيکارينديس. ڌرتي ماءُ! تون ڏاڍي ڏکايل آهين. جيجل! توکي يقين نٿو اچي! ڇو نٿو اچي! تنهنجي ڪک ته هر ويلي سائي رهي آهي. تو هزارين لکين ڪونڌر ڪسايا آهن پر پوءِ به ماڻهو جو ويساهه نه ويو آهي، ڪي ته آهن جي تو تان ساهه صدقو ڪن ٿا ته تون امر هجين. ها، تون شايد ڪارونجهر جي مورن جيان سدا اڃايل آهين. جو توکي دان کپي بلڪه بليدان کپي. سو ماءُ! توکي هر ويلي، هر گهڙي، هر دور ۾، ڪيئي هوشو ڪيئي هيمون، ڪيئي سقراط، ڪيئي برونو، ڪيئي ذوالفقار ملندا ۽ ملندا رهندا..............
    ڪُسندا رهندا، اُف به نه ڪندا، تون پنهنجو دان وٺندي رهه.تنهنجا ڪونڌر پنهنجو واعدو جو، هنن قالو بليٰ چئي ڪيو هو، پورو ڪندا رهندا.

    (عوامي آواز، 9 جنوري 1990ع)


      نوريگا- پناما ڪينال

    آمر جو خاتمو.... نوريگا! پناما جو مرد آهن. منشيات فروشن جو ساٿي. راشي! آمر! ظالم!! جنرل نوريگا، ڪنهن وقت آمريڪا جي اکين جو تارو! پاپائيت جي پناهه ۾ ويو پر حڪومت آمريڪا کيس واپس پنهنجي قبضي ۾ ورتو جو مٿس ۽ سندس پندرهن ساٿين تي الزامن جي هڪ ڊگهي فهرست هئي ۽ هو جمهوريت جي علمبردار حڪومت آمريڪا کي گهربل هئا. ڇو؟
    ”ته 1984ع ۾ نوريگا ڪيوبا ويو جتي هن ڪاسترو سان ملاقات ڪئي... ۽ ڪاسترو موجب حڪومت آمريڪا، نوريگا ۽ ڪولمبيا جي منشيات فروشن جي وچ ۾ ٺاهه ڪرايو ته جيڪي منشيات جا ڪارخانا نوريگا بند ڪرايا آهن. انهن کي تحفظ ڏي....“
    واهه ڙي!! رياست هائي متحده آمريڪا!! ڇهن سالن کان پوءِ اهو الزام آندو اٿو. جڏهن ڊسمبر 1989ع آئي آهي. ڇو؟ ڪٿي آهي دنيا جي طاقتور ترين حڪومت جي سي آءِ اي! جاسوسي نظام! عدالتي نظام! ڇا پناما آمريڪا جي هڪ رياست آهي. اڄ اوهان کي خبر پئي آهي ته نوريگا جو ڏوهه هو ته 1984ع ۾ ڪيوبا وڃي ڪاسترو سان مليو. پر ترسو....! اڃا ڪٿي!
    ٻيو الزام ته؛ 1984ع ۾ نوريگا، ڪولمبيا جي منشيات فروشن کي، جڏهن اتي سختي وڌي وئي پناما ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني. وري 1984ع.... ۽ ته ڪولمبيا ۾ جڏهن منشيات فروشن تي سختي ٿي ۽ سندن ڪارخانا بند ٿيا... واه سائين واهه! ماڻهن جو حافظو ڪمزور ضرور آهي ۽ مطالعو ڪرڻ لاءِ وقت گهٽ آهي. ۽ جي آهي ته به ذرائع ابلاغ عام ايئن ته عام ماڻهو جو ذهن تي بمباري ڪن ٿا. جو هو ڪوڙ کي به سچ سمجهي ٿو. هٽلر ۽ سندس ذهين ساٿاري گوئرنگ اڄ به جيئرا آهن ۽ هر دور ۾ جيئرا رهندا. ذرائع ابلاغ عام عالمي سطح تي توڙي ملڪي سطح تي ايئن ته واسطيدار ڌرين جي قبضي ۾ هوندا آهن جو سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچي ثابت ڪرڻ سندن لاءِ مشڪل نه هوندو آهي ۽ جنرل نوريگا تي ٻيا الزام، جن سڀن جو تت اهو ته نوريگا ڪولمبيا جي منشيات فروشن کي سهوليتون ڏنيون..... ته هن پنهنجي ذاتي جهاز کي آمريڪا مان ڪاري ڌنڌي جي پئسي کي اسمگل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو.
    هاڻي! اڄ جي دور ۾ به ٻوريون ڀري پئسن جو جهازن تي لڏيون!! ميان هي زمانو صرف بئنڪين جي ڪاغذي نقل و حرڪت ۽ خفيه اڪائونٽن جو زمانو آهي..... اهو جهاز وارو ڪوڙ ڪير مڃيندو.
    ۽ مزي جي ڳالهه ته اها فهرست الزامات نوريگا جي 1981ع کان وٺي 1986ع جي ڪردار تي ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن لاءِ پاناما جو سابق مرد آهن نوريگا ۽ هن وقت جو آمريڪي جيل جو قيدي نمبر 41586 پندرهن مختلف الزامن ۾ 20 سال سزا قيد ۽ ڏهه لک ڊالرن جي ڏنڊ جو حقدار ٿي سگهي ٿو. ڪولمبيا جي منشيات فروشي 1981ع کان شروع ڪو نه ٿي آهي ۽ جي آهي ته اتي رياست هاءِ متحد آمريڪا فوج ڇو نه موڪلي؟
    ۽..... نوريگا تي فهرست الزامات 1981ع کان 1986ع تائين آهي. پوءِ 1985ع تائين نوريگا آمريڪا جي اک جو تارو ڇو رهيو؟ 1985ع ۾ نوريگا جڏهن آمريڪا ويو ته ڇو کيس سرڪاري مهمان جو اعزاز هيو، سي آءِ اي جي مهمان نوازي جو ڇٽ مٿس ڇو رکيو ويو هو.
    نوريگا ڪير هو؟ يا آهي؟ نوريگا پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ملٽري ايڪيڊمي ۾ هو ته تڏهن کان سي آءِ اي کي پنهنجي ايڪيڊمي جي ساٿين جي سرگرمين ۽ ڳالهين کان واقف ڪندو هو، ۽ فوج ۾ وڃڻ کان پوءِ آمريڪي سي آءِ اي کيس پنهنجي باقاعده جاسوسي نظام جو حصو بڻائي ٻه لک آمريڪي ڊالر سالانه ڏيندي هئي. صدر رچرڊ نڪسن کي ڄاڻ هئي ته نوريگا سي آءِ اي جو پگهادار به آهي ته منشيات فروشي ڪندڙن سان واسطو به آهي. جارج بش جڏهن سي آءِ اي جو ڊائريڪٽر هو تڏهن کان نه صرف نوريگا جي پشت پناهي ڪندو هيو پر کيس نوريگا جي سڀن حرڪتن جي چڱي ريت خبر هئي. پر جارج بش ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ڇو..... ڇو ته نوريگا. جنهن کي خود آمريڪي حڪومت پناما جو سربراهه ٺاهيو.... سو حڪومت آمريڪا ۽ سي آءِ اي لاءِ هڪ نهايت ڪارآمد ۽ موثر پتو هو. سو جيسين نوريگا ڪارآمد هو سي آءِ اي ايجنٽ هو. پاناما جي عوام جي حقن جو سوداگر هو... تيسين آمريڪي حڪومت سندس ڪرتوتن تي پردو وڌو.... ۽ شامل رهي.
    پوءِ! هاڻ ڇا ٿيو آهي.... ڪهڙي ڳالهه آهي. جنهن هڪدم حڪومت آمريڪا کي مجبور ڪري وڌو ته نوريگا کي بي نقاب ڪيو وڃي. نه صرف بي نقاب ڪيو وڃي پر اها پڪ ڪئي وڃي ته هو حڪومت آمريڪا جي قيدي جي طور رهي ۽ تمام ذرائع ابلاغ کيس نندين. ڪهڙو سبب آهي. جو هڪ آمريڪي صدر آزاد ملڪ ۾ سورهن هزار فوج چڙهائي ڪري وري بيان ڏي ته هو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو سو پاناما جي عوام جي مفاد لاءِ ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. ۽ نوريگا کان پوءِ آمريڪا کي پاناما جو مفاد ايڏو عزيز ٿي ويو آهي جو آمريڪي بجيٽ ۾ اسرائيل، مصر، ترڪي، پاڪستان ۽ فلپائن لاءِ مخصوص ڪيل امداد نئين ترجيحات جي بنياد تي هاڻ نون ساٿارين جنهن ۾ پاناما سرفهرست آهي.... کي ڏني ويندي.
    اچو سائين! اصل سبب تي.... پاناما ڪينال مان جهاز راني ۽ جهاز راني جا حقوق ۽ ملندڙ رائلٽي .... سون جي کاڻ.... هميشه کان آمريڪا سرڪار جي قبضي ۾ رهي آهي. پناما جي عوام جي مسلسل دٻاءُ بين الاقوامي قانون کان مجبور ٿي حڪومت آمريڪا قبول ڪيو ته جنوري کان پناما ڪينال مان جهاز راني جا حقوق ۽ رائلٽي حڪومت پناما جي هوندي ۽ اهڙو معاهدو به ٿيو. پر جيئن جيئن جنوري 1990ع ويجهي ايندي وئي تيئن تيئن حڪومت آمريڪا کي اڻ تڻ وڌندي وئي ته هي سون جي جهرڪي هٿن مان نڪري ويندي. تنهن ڪري نوريگا هڪدم ملعون ۽ معتوب ٿيو، نوريگا جهڙو آمر به عوام جي خواهشن مطابق ٿيل پاناما ڪينال معاهدي کي نه ٿي ختم ڪري سگهيو.
    1983ع تائين ته جارج بُش بحيثيت نائب صدر نوريگا کي ڪيوبا جي ڪاسترو لاءِ بطور رابطو استعمال ڪندو رهيو. 1987ع تائين صدر ريگن جي انتظاميا نوريگا کي آمريڪي حڪومت جو مددگار ۽ ساٿي سڏيندا رهيا. جنوري 1990ع ويجهي ايندي وئي ۽ نوريگا خلاف محاذ ٺهندو ويو، ۽ هاڻ پناما جي حڪومت آمريڪا جي زير نگراني هلندي. مستقل آمريڪي نمائندا رهندا. آمريڪي فوج جي ڪجهه ته مستقل نمائندگي اڳ ۾ ئي رهندي هئي. پر هاڻ.... امداد.... فوجي سازو سامان ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن جي بهاني ڪيوبا جي شهه رڳ تي آمريڪا جو قبضو!!
    دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت کي پنهنجا مفاد ڪيڏا نه عزيز آهن جو پنهنجن ٽيهارو سالن جي ساٿاري ۽ پگهاردار کي ڪيئن بڇڙو ڪري ڪڍيو اٿن! دير يا سوير هر غدار وطن، پگهاردار ۽ ڌارين کي پنهنجي ڌرتي وڪڻندڙ جو اهو حشر ٿيندو آهي. آقائن جا مفاد ڪجهه اهڙا هوندا آهن جو اڪثر هڪ وقت اهڙو ايندو آهي جو غلام جي افاديت ختم ٿي ويندي آهي.
    ۽ ٻي مزي جي ڳالهه جا هن سڄي سلسلي ۾ سامهون آئي آهي. اها هي ته حڪومت آمريڪا تي ڪنهن به آڱر ڪو نه کنئي ته هيڏو وقت ڇو خاموش هئا... پاناما جي جهاز راني جي رائلٽي جي سوني بدڪ ته شايد ڪنهن جي خيال ۾ به نه هجي.
    واه ڙي! ذرائع ابلاغ عامه تي مڪمل اجاره اداري..... آزاد ذهن ته شايد صرف لفظ جي استعمال جي حد تائين ر هيو آهي. اخبار، ريڊيو ٽي وي تان مسلسل پروپيگنڊا ڪري ماڻهن کان سندن سوچڻ جي قوت ئي کسي ٿي وڃي....

    (عوامي آواز، 17 جنوري 1990ع)


      نيلسن منڊيلا آزادٿي ويو...

    11 فيبروري 1990ع!! ستاويهه سالن جي قيدوبند جون صعوبتون سهڻ کان پوءِ... نيٺ... آزاديءَ جو سج نيلسن منڊيلا جي تقدير جي آسمان تي نروار ٿيو. نيلسن منڊيلا، ڏکڻ آفريڪا جي نسلي امتياز جي خلاف ڪارن جي جدوجهد جي علامت... منڊيلا، دنيا جي آزاد انسانن جي خواهشن جو ترجمان.... منڊيلا، آفريڪي نيشنل ڪانگريس جو باني .... منڊيلا، نسل، رنگ، مذهب ۽ تفريق جي بنياد تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان جنگ جوٽيندڙ.... منڊيلا، ڏتڙيلن ۽ ڏريلن جو رکوالو.... منڊيلا، انساني حقن جو علمبردار..... منڊيلا، جنهن ڪڏهن به پنهنجي اصولن جو سودو نه ڪيو... منڊيلا، جنهن کي انساني آدرشن تي وسواس هيو.... انسان جي عزم و همت تي اعتبار هيو... تنهن نيٺ ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست حڪومت کي مجبور ڪيو ته هو کيس غير مشروط طور تي آزاد ڪن. ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست حڪومت جي پنج لک گورن نيٺ اهو محسوس ڪيو ته هو اڍائي ڪروڙ ڪارن کي هميشه لاءِ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي غلام بڻائي نٿا رکي سگهن. بين الاقوامي راءِ عامه نسل پرست حڪومت جي خلاف ٿي. ڪيتريون ئي پابنديون هيون. خود يورپ ۽ آمريڪا جون سفيد فام حڪومتون راءِ عامه کان مجبور ٿي ڏکڻ آفريڪي نسل پرست حڪومت جي خلاف ڪافي معاشي ۽ سماجي پابنديون هڻڻ تي مجبور ٿي ويون. آفريڪا جي (ڏکڻ آفريڪا) ڪارن اسي سال سفيد چمڙيءَ وارن جي استحصال خلاف جنگ وڙهي ۽ نيٺ سندن جنگ، ڪاميابي جي منزل ماڻي.
    ڏکڻ آفريڪا، جتي چند مهينا اڳي تائين ساحل سمنڊ يا ٻين تفريح گاهن تي سفيد چمڙي وارن ۽ ڪارن لاءِ الڳ الڳ تفريح گاهه هئي. جتي ٽيهن سالن کان ڪارن جي اجتماع تي پابندي هئي. جتي اڄ به قانون ۾ ڏکڻ آفريڪي جي تشريح يا ڪارو آهي يا گورو آهي. جتي گورن جي علائقي ۾ ڪارن جي داخلا تي بندش آهي. جتي ملڪ جي صرف 14 سيڪڙو آبادي جيڪا گورن تي مشتمل آهي تنهن لاءِ ملڪ جي 87 سيڪڙو زمين مخصوص ٿيل آهي. اتي نيلسن منڊيلا 1944ع م يوٿ ليگ ٺاهي. جنهن نسلي امتياز خلاف جدوجهد کي پنهنجو مقصد ٺاهيو. 1960ع ۾ جڏهن 69 ڪارن جو قتل ٿيو تڏهن منڊيلا آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي زير زمين ملٽري تنظيم ٺاهي ۽ نسلي حڪومت جي خلاف مسلح جدوجهد جو آغاز ڪيو. نيٺ 1962ع ۾ منڊيلا پڪڙجي پيو ۽ جون 1964ع ۾ کيس سندس ستن ٻين ساٿين سوڌو حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا آئي. انهن ستاويهه سالن دوران منڊيلا کي ڪيئي دفعا سرڪار آزاديءَ جو پروانو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر مشروط،.... نيلسن منڊيلا جي سدائين هڪ ئي وائي هئي ته.... ”ڏکڻ آفريڪا جي گوري حڪومت کي اهو مڃڻو پوندو ته ”تيستائين امن قائم نه ٿو ٿي سگهي جيسين هو اڪثريت جي قانوني حق کي نه مڃيندي....“
    منڊيلا ۽ آفريڪي نيشنل ڪانگريس سدائين انهيءَ لاءِ وڙهندي آئي ته هڪ شخص، هڪ ووٽ، بلا تشخيص رنگ ونسل، ۽ اڪثريت عوام جو آواز آهي. اڍائي ڪروڙ ڪارن جي ووٽ ڏيڻ واري کي غضب نٿو ڪري سگهجي. پر نسل پرست گوري ڏکڻ آفريڪي حڪومت سدائين انهي حق کي پامال ڪندي رهي آهي.
    آخرڪار حڪومت اندروني خلفشار ۽ بين الاقوامي راءِ عامه کان مجبور ٿي ڪارن کي ڪي قدر سهوليتون ڏنيون ۽ نيلسن منڊيلا سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ٽن سالن جي مسلسل ڳالهه ٻولهه کان پوءِ جنهن دوران منڊيلا پنهنجي قيد کان ٻاهر نڪري ڳالهائڻ کان انڪاري رهيو.... نسلي حڪومت کي مجبور ٿي منڊيلا کي آزاد ڪرڻو پيو ته جيئن بين الاقوامي دٻاءَ ۽ اندروين خلفشار گهٽ ٿئي ۽ آفريڪي نيشنل ڪانگريس سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي. ڇا منڊيلا جي آزادي کان پوءِ ڏکڻ آفريڪي ڪارن جو اڪثريت جي حڪومت يا ٻي معنيٰ ۾ ڪارن جي حڪومت جو خواب پورو ٿيندو؟ جتي ڏکڻ آفريڪا جو سفيد فام اڪثريت جي حڪومت جي معنيٰ ڪارن جي حڪومت سمجهي ٿو ۽ انهي کي آخر دم تائين مزاحمت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اهو چوڻ تمام قبل از وقت ٿيندو. پر هڪ ڳالهه يقيني آهي ته ڏکڻ آفريڪا تي ايڏو ته اندروني ۽ بيروني دٻاءُ آهي جو نسل پرست حڪومت يا نسلي امتياز جو وڌيڪ هلڻ خاصو ڏکيو آهي. پر انهيءَ صورتحال ۾ ٻنهي پاسن کان گهڻي لچڪ جي اميد به ڪانهي. موجوده نسلي حڪومت جو صدر ڪلارڪ پنهنجي خيالات ۾ ڪافي حد تائين سلجهيل سمجهيو ويندو آهي پر هو واضح ڪري چڪو آهي ته ”سفيد فام جي بالادستي ختم ٿيڻ کپي پر اسان انهي بالادستي کي ڪارن جي بالادستي سان مٽائڻ نٿا چاهيون.“
    معنيٰ ته ڏکڻ آفريڪا جا گورا مسين مسين ڪارن کي برابري جو حق ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر اهو نه ٿا مڃين ته اڪثريت کي حڪومت ڪرڻ جو حق آهي. بهر صورت، منڊيلا جي آزادي رنگ و نسل، مذهب جي تفريق ۽ تشخيص خلاف وڙهندڙ هر آزاد انسان جي آزادي آهي... سندس خوابن جي تعبير آهي.....

    (عوامي آواز، 16 فيبروري، 1990ع)


    شهر بانو

    شهر بانو مورو شهر جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي هئي. سندس ماءُ ننڍڙي هوندي وفات ڪري ويس جيئن ساماڻي ته سندس پيءُ، جنهن کي هونئن سڱ نه ٿي مليو، تنهن کي هوران کوران ٿي. سڱ جي گهر ڪري ڪو نه ٿي سگهيو جو اڌڙوٽ عمر هيو ۽ وري ڏوڪڙ به ڪو نه هيس. شهر بانو سهڻي هئي. تنهن ڪري هر هنڌان هن لاءِ ڇڪ هئي. نيٺ سندس پيءُ پنهنجي لاءِ وٽي سٽي ۾ هڪ ڪنوار ڳولي سٺ سال جي هڪ پوڙهي کي شهربانو پرڻائي ڇڏي. هن جون ٻه زالون اڳ ۾ ئي مري چڪيون هيون ۽ سندس اڳ ڄائو اولاد شهربانو کان به عمر ۾ وڏو هيو. سندس وڏي پٽ جي ٻيو نمبر اولاد ڌيءَ هئي. انهي بي جوڙ شادي جي نتيجي ۾ شهربانو ۽ ڳوٺ جي هڪ نوجوان جو عشق ٿي پيو. نيٺ نوجوان عاشق ۽ شهربانو هن ظالم سماج جي چنبي مان نڪرڻ جو سٽ سٽيو ۽ هڪ ڏينهن وڃي جيڪب آباد مان نڪتا، جتي هنن شادي ڪئي. جواني ۽ عشق ۾ مگن. کين پٽ به ٿيو. تان جو سندس اڳئين مڙس ۽ اولاد وڃي ڳولي لڌو. اغوا ۽ زنا جو ڪيس ته اڳ ۾ ئي ڪرايل هين. سو پوليس چاڙهي شهربانو ۽ سندس (بقول پوليس) آشنا کي ٻڌي کڻي آيا. ڪورٽ ۾ چالان پيش ٿيو سندس اڳئين مڙس ۽ پٽن شهربانو جي ضمانت ڪرائي ۽ کيس ضامن تي آزاد ڪرائي گهر وٺي آيا. گهر وٺي اچي چند ڏينهن کان پوءِ پوڙهي جي ٽن پٽن ۽ سندس چئن ٻين ساٿين صلاح ڪئي ۽ شهربانو کي جهنگ ڏي وٺي ويا ۽ اتي کيس لٺين ۽ ڪهاڙين سان چچري ماري وڌائون، جو سندن غيرت کي للڪاريو هئائين. معصوم ٿڃ پياڪ ٻار مٽي ۾ پئي ليٽاڙا پاتا ۽ شهربانو رڙيون پيئي ڪيون ته، ”ظالمو! مون کي ايتري مهلت ڏيو جو آئون پنهنجي لخت جگر کي ٿڃ ته پياريان.“ پر انتقام جي انڌي گهوڙي تي سوار ڪنهن به سندس نه ٻڌي.
    اهو ته هڪ مثال آهي عورت سان ٿيندڙ بي رحمانه سلوڪ جو. جتي عورت هر گهڙي خواهشن جي سيج چڙهندي آهي. پهرين پيءُ جي هوس جي نظر ٿي جو کانئس ٽيڻي عمر جي پوڙهي سان شادي ڪرائي ۽ جي رسمن، رواجن ۽ نظام کان باغي ٿي ته انتقام ۽ ڪوڙي انا جي نظر ٿي. هُن گناهه ڪيو. گناهه ڪبيرا. خواهشن، امنگن ۽ آرزوئن جو قتل ته هميشه کان پاپائيت ۽ ملائيت جو نصب العين رهيو آهي. انسان جي انا، سندس تصرف ۽ ملڪيت جو حوالو سندس لاءِ تمام زندگي جو محور رهيوآهي. هر انسان لاءِ نه پر عام طرح.
    فريڊرڪ اينجلز چيو آهي ته شادي جو تصور ذاتي ملڪيت ۽ تصرف جي حوالي سان شروع ٿيو. ٻيو ذاتي ملڪيت جو ورهاڱو ۽ وراثت، الاجي ڇو ياد آيو. پر ان ڪري شايد، ته گناهه جو تصور به ڏاڍو متضاد آهي. بر ٽرانڊ رسل چيو ته، ”گناه جو تصور جاگرافيائي آهي.“ ڇو ته جي مسلمانن ۾ چار شادين کي گناهه نه ٿو سمجهيو وڃي ته ڪئٿولڪ عيسائين ۾ هڪ کان وڌيڪ شادي جي اجازت نه آهي. گناه آهي حرام آهي. اڄ به لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ اتر هندوستان ۾ ڪي قبيلا اهڙا آهن جتي هڪ عورت هڪ کان وڌيڪ بلڪه ٽي ٽي چار چار مڙس رکي ٿي ۽ اهو انهن معاشرن ۾ جائز آهي. جتي مسلمان ۾ سوئر حرام آهي. اتي عيسائين ۾ منع نه آهي. جتي هندو پنهنجي ويجهي مائيٽي ۾ شادي ڪو نه ڪن اتي مسلمانن جي معاشري ۾ ويجهي رشتيداري ۾ شادي ڪرڻ سواءِ ڪن ممنوع رشتن جي عين ثواب ۽ فرض آهي. گناهه جي تصور جي جاگرافيائي هئڻ مان رسل جي مراد هئي ته ماڻهن جا گروهه جي مختلف هنڌن تي مختلف خطن ۾ قيام پذير ٿيا ۽ مختلف سماجي، تمدني، تهذيبي ارتقا جي مرحلن مان گذريا ۽ سندن تجربا ۽ ڏيکاءَ هڪ ٻئي کان عليحده هئا ۽ ايئن ئي جيڪي اثر هنن قبول ڪيا سي عليحده هئا. تنهن ڪري هنن جا زندگي جي باري ۾ نظريا، چڱي ۽ خراب جو تصور، گناهه ۽ ثواب جو تصور هڪ ٻئي کان عليحده آهي. هڪ نهايت مزيدار ڳالهه ياد آئي اٿم، ڪنهن وقت ته آئون تمام گهڻو ورجائيندو هئم ته هي ڪهڙو دوزخ آهي جو انجيل جي پڙهندڙ لاءِ ته، ”دوزخ جيان ٿڌو.“ ته وري اسان لاءِ ”دوزخ وانگيان گرم باهه.“ هاڻ دوزخ گرم آهي. باهه آهي يا برف آهي ۽ ڏسڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟! هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي دوزخ ۾ يا ته يخ بسته آهي هر ويلي يا وري ٻري پيو هردم.
    مطلب ته نظريا معاشري جي حالتن پٽاندر ٺهندا رهيا آهن. جيڪي وصفون ڪٿي گڻ آهن سي وري ڪنهن ٻي هنڌ اوگڻ آهن.
    ڪنهن وقت هڪڙي هندستاني (T.K.DUT) جو ڪتاب پڙهيو هئم. جنهن ۾ مختلف ليک هئا. ڪتاب جو نالو هيو (Breaker of Convertions) هڪ مضمون هيس ته (Marriage is nothings But legal prostitution) ”شادي قانوني رنڊي بازي آهي.“ ايئن يقينن نه آهي. شادي هڪ مقدس رشتو آهي. عهد آهي. آسمانن تي لکجي ٿو يا نه! ان کانسواءِ ٻن باهوش و حواس جيئري رهندڙ انسانن جي درميان واعدو آهي. جيئڻ مرڻ جو. پردت رسمن رواجن جي ٺٺول ڪئي هئي. عورت کي حق مهر ڏيڻ، منهن ڏيکاري ڏيڻ، زيور ڏيڻ، رشتن کي پيسن سان وٺڻ، اهڙيون ته ڪيئي رسمون آهن جي ڏيکارين ٿيون ته ڄڻ عورت کي خريد ڪيو ٿو وڃي. اهي رسمون انهيءَ مقدس رشتي جي توهين آهن جي ٻن آزاد انسانن کي هڪ ٻئي لاءِ زندگي ڀر هڪ زنجير ۾ وڪوڙين ٿا.

    (عوامي آواز، 11 مارچ 1990)


      گوندَر ول

    امڙ، مٺي ماءُ! جيجل....! اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ تو وٽ حاضر ٿيو آهيان. چوندا آهن نه ته،
    شل هجي حياتي.....
    ماءُ! تون ته هميشه اها دعا ڪندي آهين ته ڀل ڏور هجن پر هجن شل حياتي، سو، امڙ آءٌ جيئرو آهيان. حيات آهيان. ها، جيئرو آهيان. پر پنهنجو لاش پنهنجي ڪلهي تي کڻي پيو هلان. نافرمان، اوباش، ارڏو، ازل کان باغي!! ماءُ!! تون چوندين هئين ته هڪ فقير توکي دعا ڪئي هئي ته ستن پٽن جي ماءُ ٿيندئين. تون ٿئين ته سهي!!! ست پٽ!! ست ڪونڌر! ست مورڙا ته ڪو نه ٿيا. ستن ۾ آءٌ ئي هڪ شايد مورڙو ٿيو هئس جو ڪُن ۾ ڦاسي پيس ۽ تو ورجائي ورجائي ورجايو.....
    گهاتو گهر نه آيا.......
    امڙ!! آءٌ گهر نه آيس. آئون ڪو نه ايندس. تون ڀلي ور ور ڏيئي سُر گهاتو چئين. مان ورڻو ناهيان. مان ته اهو آهيان جنهن لاءِ تون شايد ڪمزور هجين پر بهادر مائون هميشه چونديون آهين،
    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهن، ڪڏهين منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.
    راهي رڻ جا.... ماءُ!! آئون رڻ جو راهي آهيان منهنجا ڏينهن ٿورڙا آهن. امڙ!! آئون ڳاڙهو گهوٽ آهيان. مون يا رت سان لائون لڌيون آهن يا شفق جي لاليءَ سان لائون لهڻ جو خواب پيو ڏسان. شفق جي لاليءَ ته ماءُ، ڏاڍي خوبصورت آهي. زندگي آهي. رنگ آهي. امنگ آهي. خوبصورتي آهي. مڌرتا آهي، سندرتا آهي. پر منهنجي قسمت اهڙي ڪٿي جو مان شفق سان لائون لهان. مان ته امڙ!! سدا جو وڻجارو آهيان. سيلاني آهيان. در در جو ديوانو آهيان. منهنجو پنهنجو ته ڪوئي رنگ ڪو نه رهيو آهي.مون پنهنجا رنگ لمحي، هر پل، هر کن، ڪنهن چاهت، ڪنهن آرزو تي قربان ڪيا هوندا، منهنجو ته ڪو وجود به ڪونهي، ڪو جسم ڪونهي، مون هر دم، هر گهڙي الائي ڪيترن الائي ڪهڙن درن تي سجدو ڏنو آهي.
    هي پيشاني الاهي ڪيترن محبوبن، حسينائن جي در تي سربسجود ٿي آهي، جنهن پيشانيءَ تي توکي ناز هو ته آلوده نه آهي. سا امڙ!! جيجل هزارن درن تي جهڪي چڪي آهي. سربسجود ٿي چڪي آهي بوسيده!! آلوده!!
    مون رت سان لائون لڌيون آهن، مون ايئن چيو هو نه ماءُ!!
    رت سان لائون ته دودي لڌيون هيون. بلاول لڌيون هيون. هوشو لڌيون هيون. نذير لڌيون هيون. ذوالفقار علي لڌيون هيون. حسن ناصر لڌيون هيون. سقراط لڌيون هيون. رت سان لائون لهڻ حسين ابن علي جو ايمان هو. عيسيٰ ابن مريم جو واعدو هو.
    مان، عامي آهيان ماءُ!! حسين ابن علي کان پوءِ ڪنهن ٻئي حسين ابن علي جو پيدا ٿيڻ محال آهي. صليب تي چڙهڻ عيسيٰ ابن مريم جو ڪم هو... مون ۾ ايتري همٿ ڪٿي آهي جو مان ويٺو پنهنجي مادريت جي بجاءِ پدريت لڀان.
    ها، البته مان انهيءَ ڪمشڪش ۾ گم ضرور آهيان ته ڪاش مان حسين ابن علي جيتري مردانگي پيدا ڪيان. ڪاش مان ابن آذر هجان. ڪاش مان ابن مريم هجان. پر ماءُ! مان بي همت ڀٽڪندڙ انسان آهيان، جنهن سهارا ڳوليا آهن، امڙ!! منهنجي هي زندگي، اهڙيون هزار زندگيون توتان قربان ٿين. پر ماءُ!! جيجل!! توکي هڪ ڳالهه چوان .... منهنجا درد، منهنجا ڏک، منهنجون آرزوئون منهنجون تمنائون ڏاڍيون انوکيون آهن. عجيب آهن.
    سکن جي سيد چئي پکي ڪين پياس
    جيڪر آئون هياس، گري گوندر ول جي....

    (عوامي آواز، 17 مارچ 1990) 


    مينهنءَ آ

    بهار آئي، انبن جي ٽارين ٻور جهليو، گلاب جون مکڙيون کلي آيون. سبزو جنهن تي موت جي زردي ۽ ويراني چڙهي ويئي هئي تنهن تي ساوڪ، اکين کي تراوٽ ڏيندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ ساوڪ آئي. شهر ۾ گلن جي نمائش جو افتتاح مون کي ڪرڻو هجي. صدارت جي صليب تي. مقررين گلن جي خوبصورتي جي واکاڻ، زندگيءَ جي حسن، جذبن، امنگن ۽ مقصديت جي بيان بازي ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي رهيا هئا. مان پنهنجي سوچن ۾ گم، مون کي شيڪسپيئر ياد آيو.
    ” نالي ۾ ڇا آهي؟ گل ڪنهن به نالي سان هجي ايتري ئي پياري خوشبوءِ ڏيندو....“
    سوچيم........ ڪهڙو ربط آهي........ ڪو به نه!! پوءِ مون کي ڇو ياد آيو؟ وري سيد شهدا عظيم ياد آيو. اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو. انٽر (سائنس)۾. ڪاليج ۾ نظم و ضبط جي سخت پابندي هوندي هئي. اسيمبلي جتي ٿيندي هئي اتي پاسي تي هر طرف گل هوندا هيا. اسان جو اسيمبلي مان ڪلاس ڏي آياسين ته مون جتي.. ”گل ڇنڻ سخت منع آهي.“ اتان ئي ٻه خوبصورت گلاب جا گل جي اڃا پورا ٽڙيا به ڪو نه هيا.... پٽيا....!! گلاب جي خوشبوءِ سان پنهنجي دماغ کي معطر ڪندو جڏهن ڪلاس م پهتم ته خيال آيو ته. ”گل ڇنڻ سخت منع آهي.!!“ هاڻ، گل ڪيڏانهن ڪريان!! ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. عظيم صاحب جو پيريڊ هيو. عظيم صاحب سان مون کي ڏاڍو پيار هوندو هيو. هر طرح سان عظيم هيو. سو مون کڻي گل روسٽرم تي رکيا ۽ وڃي پنهنجي سيٽ سنڀاليمُ . عظيم صاحب آيو. سڀ اٿي بيٺاسين. ويهڻ لاءِ اشارو ڪيائين. هيڏي هوڏي ڏسي روسٽرم تي جڏهن نظر پيس ته گل هٿ ۾ کڻي ڪلاس کي مخاطب ٿي پڇيائين ته ڪنهن رکيا آهن؟ سڀ ماٺ! ته ٿورو ڏاڍيان ڳالهائيندي چيائين ته، ”مون پڇيو ته هي گل ڪنهن رکيا آهن؟“ سڄي ڪلاس ماٺ. سڀن جو منهن لهي ويو ته اڄ اسان جو يار مار کائيندو. آئون اٿي بيٺس ۽ چيم، ”سر، مون رکيا آهن.“ چيائين. ”توکي خبر آهي ته گل ڇنڻ منع آهي.“ مون وراڻيو: ”مون کي سٺا لڳا، ۽ جي آئون نه پٽيان ها ته مرجهائجي هوائن جي نظر ٿي وڃن ها.“ مون کي چند لمحا يڪ ٽڪ ڏسندو رهيو ۽ پوءِ مشڪيو... گل کڻي سنگهيائين ۽ چيائين ته، ”مون کي هڪ فارسي شعر ياد ٿو اچي.
    ”اي گل! تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين جو تو مان مون کي انهيءَ جي خوشبو ٿي اچي جنهن کي مان پيار ڪيان ٿو.“
    ڏسو! تخيل ۽ پيار جي انتها. هر شاعر کي پنهنجي محبوب مان گلن جي خوشبو ٿي اچي ۽ هو کيس ڪليءَ، مکڙيءَ يا گل سان تشبيهه ڏئي ٿو پر هن کي گل مان پنهنجي محبوب جي خوشبو اچي ٿي. وري اچي فارسيءَ زبان ۾ گل تي شاعري ۾ شروع ٿيو. پوءِ خيام، روميءَ فردوسيءَ کان وٺي انگريزي شاعريءَ ۾ ڪيٽس، بائرن، بليڪ، والٽ وٽمين، شيلي، شيڪسپيئر کان وٺي اردو شاعري ۾ مير، غالب، داغ، حسرت ساحر، اڪبر.... الاجي ڪٿان ڪٿان وڃي نڪتو. هڪ پيريڊ جي بجاءِ لڳاتار ٽي پيريڊ ورتائين ۽ صرف گل تي شاعري ڪندو رهيو.
    سڄو وقت ذهن انڌاري ۽ روشن گڦائن ۽ پيچرن جي وچ ۾ سفر ڪندو رهيو. مقرر رنگ و بو جي عالم جي لطافت بيان ڪندا رهيا. نيٺ پنهنجو نالو ٻڌم ته صدارتي ”خطاب“ ڪرڻو اٿم. ذهن ۽ جسم ايڏو ڳورو لڳم ڄڻ ڌرتيءَ جي ستن ئي تهن جو ٻوجهه مون مٿان هجي. ڄڻ آئون تحت الثريٰ هجان. پاڻ سنڀالي اٿيس. ذهن تي هڪ دم ڪيئي خيال حمله آور ٿيا. خدايا! آئون ته پنهنجو بوجهه به نٿو سنڀالي سگهان. هي لطافت، هي حسن هي رنگ ته مون صرف خوابن ۾ ڏٺا آهن. آئون ڪيئن هنن کي ٻڌايان ته مون ٽيهن ورهين جي عمر تائين گل دائودي ڪو نه ڏٺو هيو. مون پهريون دفعو گلاب تڏهن ڏٺو جڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ بابا مون کي شهر جي هڪ باغ ۾ وٺي ويو هيو. مون ته ذري گهٽ سن بلوغت تائين سواءِ سرنهن جي گل جي خوشبوءِ جي ڪنهن بوءِ جو واس نه ڪيو هيو. ها، جڏهن مينهن اچڻ وارو هوندو هيو ته مان اڳ ئي مينهن جي خوشبو محسوس ڪري وٺندو هيم. مون کي ڪوريءَ ٿانو ۾ پاڻي جڏهن پوندو هيو ته ان جي خوشبو ايندي هئي. جڏهن واچوڙو ايندو هيو ته، تيز هوائن کي سنگهي وٺندو هيم. مون کي شدت سان مرحوم اسماعيل عرساڻي ياد آيو. اسماعيل عرساڻي صاحب جڏهن اسڪولن جو صاحب هيو (انسپيڪٽر آف اسڪولز) ته ٿر جي هڪ اسڪول ۾ امتحانن جي ڏينهن ۾ ويو. تنهن زماني ۾ اسڪولن جا صاحب اسڪولن ۾ ويندا هئا. وڏيرن جي اوطاقن ۾ ويهڻ هاڻ سکيا آهن. هڪ ٻار کان پڇيائين ته، ”سال ۾ گهڻيون مندون هونديون آهن.“ ٻار وراڻيو. ”سائين ٽي. ”عرساڻي صاحب حيران ٿيو. پر پڇيائين ”ڪهڙيون؟“ جواب آيو. .سائين، سيارو اونهارو وسڪارو“ عرساڻي صاحب ٻار ڏي ڏسي کيس ڳراٺڙي پائي پيار ڪيو ۽ انعام ڏنائين ته ٻار ڪيڏو نه فطرت کي قريب آهي. ٿر جي ٻار کي ڪهڙي خبر ته بهار ڇا آهي ۽ ڪڏهن ايندي آهي. ۽ جنهن کي بهار جي خبر نه آهي تنهن کي خزان جي ڪهڙي ڄاڻ!! هن لاءِ ته وسڪارو.”مينهن مند“... موسم آهي. جتي سندس چوڌاري جو به جيو آهي تنهنجون اکيون آسمان ۾ اڙيل آهن. چيو مان ته،
    مون کي اڌ عمر گذارڻ کان پوءِ خبر پئي آهي ته گل دائودي ڪيڏو نه جاذب نظر آهي ۽ ڪيڏي نه نزاڪت آهي منجهس.... ڄڻ ريشم ۽ ڪمخواب جو لبادو هجي. پر مون جيترا انيڪ آهن جن شايد سڄي عمر سرنهن جي گل جي خوشبوءِ کانسواءِ ٻي ڪنهن بوءَ جو واس نه ورتو هجي مان ته اهو آهيان جنهن لاءِ اياز چيو آهي.
    جت لُڪَ لڳي، جت اَڪَ تپن
    ســـو ديس مسافر منهنجو ڙي!!
    سو ادا!! جي مونکي رنگن جو احساس آهي ته اهو اَڪن جي ڦلڙين جي رنگن کي ڏسي پيدا ٿيو آهي يا انڊلٺ ڏسي... بارش کانپوءِ منهنجي لاءِ سرن جي سڃاڻپ ڪوئل جي ڪوڪ يا بلبل جو آواز ڪو نه ٿيا آهن پر مور جي ڪوڪ جنهن ۾ ”مينهن آ.... مينهن آ..... مينهن آ.....“ رتل آهي.... خوشبوءِ ته مونکي صرف مينهن جي آئي آهي يا سرنهن جي گل جي.

    (عوامي آواز، 19 اپريل 1990ع)


    خواب ڏٺاسين

    سنئيل! سرچيندين ته هي مساڻن جو واسي ته ڪو نه ٿيو؟ شهر خموشان ۾ هي هلچل ڪيئن جاڳي؟ ڪٿي هيو جو جڳن کان پوءِ جاپ ڪرڻ موٽيو آهي؟ وچ ۾ تو ڪيترائي ڀيرا چيو هوندو. ڊاڪٽر جبار، يوسف لغاري، ڄام ساقي ۽ الاهي ٻين دوستن جو چوڻ رهيو ته آئون لکڻ جاري رکان ڇو ته منهنجو ڪالم هڪ مخصوص طبقي جي نمائندگي ڪري ٿو جن لاءِ بقول سندن منهنجو ڪالم ”ذهني غذا“ جو ڪم ڏئي ٿو.
    سهڻا! اوهان لاءِ ته اهو حڪم ڪرڻ تمام آسان آهي ته ”لک!“ شڪر ته ”پڙهه!“ ڪو نه چيو. مون ۾ ته پڙهڻ جي ست ئي ڪونهي. نه ڏاتَ ڪو ڪڏهين واسو ڪيو هوندو، نه فهم ۽ عقل، نه ئي عرفان مليو هوندو.
    نه ادل نه!! مون بانءَ ڪئي ”پڙهڻ“ کان. تنهن هوندي به تنهنجي حڪم ”لک“ جي تعميل ڪرڻ جي ڪشش ڪئي اٿم. ڪيترائي دفعا.... اکر نٿا اُڪرن. ڄڻ اندر سڄو ٿوهر جي ڪنڊن سان رهڙيل هجي. لڱ لڱ ڦٽيل هجي. سور سليان ته ڪنهن سان. ٻاهر ته ٻاڦ به ڪڍڻ جرم آهي. هيڏو سارو وقت جو تو مون کي وساريل سمجهيو.... مون ڪيئي دفعا مري مري وري جيئڻ ۾ گذاريو. جيڪا پل گذري تنهن ۾ ڪوريءَ جي تند تي تاڻيو ۽ واڻيو ويو آهيان.
    تو ۽مون ته خواب ڏٺا هيا. هن ڌرتي جا. هن ڌرتي لاءِ، ته هي ڌرتي امن ۽ آشتي جي ڌرتي آهي..... هتي پيار ۽ محبت جا گل ٽڙن ٿا... هي سانگيئڙا، هي ماروئڙا ، هي سُپت سنڌو جا سپوت معصوم، اٻوجهه ۽ پيار ڪرڻ وارا آهن. ائين آهي نه! اها هئي نه پنهنجي دنيا! هي ڌرتي..... هي سنڌو.... منهنجي امڙ.... منهنجي ڪايا...... منهنجو ڪرم.... منهنجو آدرش اهو هو.
    ادل! مون ته ان ڌرتي جا خواب ڏٺا هيا جتي ونيون جهونگارينديون هيون ته:
    آءٌ پرين ڪڻڪ ڪيا سنگ سنهرا
    گــيت ٿيــا کــاڻ، سچو سون ٻري ٿو
    ڪانگ لنوين وو
    ادا! مون ته سپنن ۾ به ڪو نه سوچيو هوندو ته جڏهين ڪڻڪ سنگ سنهرا ڪندي ته ڌاڙيل غريب هاري کي فصل ڪو نه کڻڻ ڏيندو. تپيدار ۽ آبدار پنهنجو ڏن وٺندو. وڏيرو پنهنجي قرض جو چٺو ڪڍندو ۽ ڌرتيءَ جي سيني کي شق ڪرڻ وارو ڳڀرو وري وري انهيءَ گهاڻي ۾ پيسبو رهندو.
    ها، ڳالهه آئي ڌاڙيلن جي! الاهي ڪيترا سيمينار ٿيا آهن. هر سطح تي بحث مباحثا ٿيا آهن. پر هڪ ڳالهه طئي ٿيل آهي موجوده ”ڌاڙيل فيڪٽر“ جو بڻ بنياد سنڌ جي وڏيري خاص طور ڪچي جي وڏيري ۽ سنڌ پوليس جو وڌل آهي. عام سنڌي وڏيري کي ڏاڍ مڙسيءَ جي شوق ۽ ڪچي جي وڏيري کي سنڌو جي ٻنهي ڪپن تي لکين ايڪڙ بنا سروي ٿيل زمين تي قبضي جي شوق، لوفرن ۽ ڌاڙيلن پالڻ جي علت ۾ وڌو آهي. جرم ۽ گناهه ۾ رازدار ٻنهي ڌرين جي مفادات جو تحفظ ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ڪامورن خاص ڪري پوليس ڪيو آهي. وڏيري کان، ميمبر کان، وزير کان پڇندئو ته هر هڪ چوندو ته اهو سنڌ جو موروثي مسئلو آهي. چچ نامي جو ذڪر آهي ته جڏهن حضرت عمر ابن ابي خطاب جي زماني ۾ ايران ۽ مڪران جي رستي سنڌ جي فتح لاءِ اسلامي لشڪر آيو هو ته ڌاريلن شب خون هنيا ۽ لشڪر ڦريائون. ذڪر آهي ته بحري قزاقي ايڏي عام هئي جو حجاج بن يوسف انهي بحري قزاقي جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ ۾ لٽيل قافلي جي ”اغثنيٰ يا حجاج“ ٻڌي پنهنجي ناٺي کي سنڌ جي فتح لاءِ لشڪر ڏيرائي موڪليو هيو. هاڻ، هر ٽيون ماڻهو جي تاريخ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي تسلسل سان فعل قبيح ڪرڻ تي سندرو ٻڌي ويهي ته پوءِ کيس مرحوم ڪامريڊ نذير حسين جتوئي (جي جيئرو هجي ها) ۽ حفيظ قريشي صاحب جي حوالي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي.
    يار! پر مون کي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ! سنڌي پريس ڇو ڀلا ڌاڙيلن کي ايڏيو (Glorify) ٿي ڪري. فلاڻو مظلوم.... فلاڻو پوليس جو ستايل.... فلاڻو وڏيري جو ستايل.... فلاڻي ڌاڙيل پريس ڪلب کي خط لکيو آهي ۽ هيٺيان ”جيئي لطيف“ ۽ ”جيئي سنڌ“ لکيو اٿس. شايد گهڻن کي خبر آهي ته جڏهين مير ٿيٻو ۽ سجاد ظهير (ڄام ساقيءَ جو پٽ) اغوا ٿيا هيا ۽ جڏهين اغوا ڪرڻ وارن کي خبر پيئي ته مير ٿيٻو پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو آهي ۽ ”ليڊر“ آهي ته چين، ”پوءِ ته چڱا پئسا ملندا.“ ۽ هيڏانهن اوهان (سنڌي پريس) محب شيدي جي سخاوت، پرو چانڊئي جي بهادري، فلاڻي کوسي جي مظلوميت.... جي داستانن جي ذڪر مان نٿا ٿڪجو.
    وري خير سان سنڌي قوم پرست!! انهي ڪردار جي ڪهاڻي ئي الڳ آهي!؟ ويچاري اياز شيخ ڇا چيو....
    ستر لک سپوتو
    هوشو، هيمو بڻجو
    هرڪو جهڙو دودو
    دولهه دريا خان
    سنڌو ديس مهان.
    ادا! مون کي پنهنجي ڪرت جي ڪري ۽ ذاتي دلچسپي جي ڪري به انهن انقلابين جي سڌ پيئي هوندي. الا جي انارڪي ۽ لاقانونيت مان انقلاب آڻڻ جي سُڌ ڪنهن هنن جي مغز ۾ وڌي آهي. ياد اٿئه! پهريون اهم اغوا حڪومت سنڌ جي وزير بديع الحسن زيدي جو هنن يارن ڪيو هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ پهريون سنڌي به قتل انهن بندوقن سان ٿيو جيڪي چندا ڪري سنڌي نوجوانن کي سنڌين جو رکوالو ڪرڻ لاءِ وٺي ڏنيون ويون هيون.
    اڄ ستر لک نه پر پنج ڪروڙ سپت سنڌو جا سپوت نه هيمون آهن، نه هوشو آهن، نه دودا آهن، نه دولهه دريا خان آهن پر
    جي وڏيرا آهن ته پاٿاريدار آهن
    جي سيد، مير، ڄام، سردار آهن ته
    ڌاڙيلن ۽ ظالمن جا ساٿاري آهن
    جي امير، وزير آهن
    ته سنڌ جا سوداگر آهن
    جي ڪامورا آهن ته راشي ۽ ڪانئر آهن
    جي هاري، ٻڪرار ۽ ريڍار آهن
    ته ڌاڙيلن جا رهندا ساٿي آهن
    ۽ سندن پيرو ڊاهيندڙ آهن.
    يار! سنڌي قوم جي ذاتي ۽ اجتماعي غيرت کي ڇا ٿي ويو آهي؟ هن ڌرتيءَ تي اسان جا پٽ، پوٽا، ۽ پڙ پوٽا به رهڻا آهن. اچڻا آهن ۽ رهندا. ڪيسين هي اجتماعي بي حسي ۽ بي غيرتي رهندي. جن ڳالهين کي هڪ آزاد، مهذب معاشري جو ماڻهو باعث شرم سمجهندو آهي تن تي اسان جي قسمتن جا والي، اسان جي مستقبل جا معمار ۽ حال جا راهگذر ٺاهڻ وارا فخر محسوس ڪن ٿا.
    ڪٿي چچ نامي ۾ صحيح ته ڪونهي لکيل ته حضرت عثمان غنيءَ کي سندس جاسوس سنڌ جي باري ۾ لکيو؛
    ”هتي جو پاڻو گدلو ۽ ميرو، ميوا تُرش ۽ نڙي کي وٺندڙ، آبهوا بي ڀروسي ۽ ائين ئي هتان جا ماڻهو....“
    سو، منهنجا يار! تون ئي ٻڌاءِ ڇا لکان.... ڪنهن لاءِ لکان...... ۽ جو هيڏي آرام سان هي رام ڪهاڻي ٻڌائي مانءِ..... تنهنجي خيال ۾ انهن حقيقتن جو اهڃاڻ به مون لاءِ ايترو آسان ٿيو هوندو. اڙي چريا! ڪيترا دفعا رڙيو آهيان. حضرت عمر ابن ابي خطاب وانگي دعا گهري اٿم.
    I wish I was a dead dry leaf blown over the rocks by winds
    ڪاش! مان هڪ بي جان پتو (وڻ جو) هجان ها جنهن کي هوا اڏاري پهاڙن تان ڦٽو ڪندي وتي).
    سو ڀاءُ!! ائين اٿئي! مون ته سوچيو هو ته لکندس.... ڇا لکندس..... ڪنهن لاءِ لکندس.... خبر اٿئي.... انهن لاءِ جن لاءِ اياز چيو آهي..........
    هي گيت اٽل انسانن جا
    هي گيت روپهري ٻانهن جا
    پر شور هوائن جئن جوانن جا
    هي گيت رسيلن رنگن جا
    يا جهولا مست امنگن جا
    ڪٿا آڻيان! ٻڌاءِ! ڪٿان آڻيان.... ڪٿان آڻيان رسيلا رنگ ۽ مست امنگون.....!! مون وٽ ته اندر جي ڦٽن ۽ زخمن کانسواءِ ڪجهه ڪونهي. ڄاڻ به وڏو عذاب آهي.

    (عوامي آواز، 10 مارچ 1992ع)


      آگاهي

    تون چوين ٿو ته آئون عام ماڻهن جي شعور کي جاڳايان. رومزره جي زندگي ۾ سوين داستانون آهن. ناانصافيون آهن. انيڪ درد آهن. محروميون ناڪاميون آهن. تن جي آکاڻي لکان. هڪ ننڍڙو واقعو اسان جي معاشري لاءِ اکيون پٽڻ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. جي اکيون نه ٿيون پٽجن ته به هڪ تازيانو آهي. ياد گيري آهي. چهنڊڙي آهي. پاڻ جهڙن کي آئينو ڏيکاريان. متان کين پنهنجي بدشڪلي نظر اچي ۽ پنهنجي پس منظر جي سونهن ۽ سوڀيا سندن عمل ۽ ڪرت تي اثر انداز ٿئي. آئون ڪو ناصح ۽ مصلح ته ڪو نه آهيان. انسان جي ڪرت خارجي عوامل جي تحت ٺهي ٿي. ماڻهو جو بظاهر آهي ۽ ڪري ٿو ان تي سندس ذاتي اثر شايد ايترو ئي هوندو آهي جيترو گهاڻي پيڙهيندڙ اٺ جو سندس پيڙهڻ جي عمل ۾. آئون ”به امر الاهي“ جي وڪالت ڪو نه ٿو ڪيان. صرف مادي جي حرڪت تي اثر انداز ٿيندڙ قوتن جي بي پناهه طاقت جو قائل آهيان. زندگي هر مظهر ۾ خارجي عوامل جي تابع رهي ٿي. ڪي ڄاتل ۽ ڪي اڻ ڄاتل.
    جسم انساني جي خلين کان وٺي نظام شمسي، ڪهڪشان، هوا ۽ پاڻيٺي امتزاج جي طوفانن تائين هيءَ ڪائنات ڄاڻ ۽ اڻڄاڻائي جي ڀوائتي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي. ها البته هڪ مظهر آشڪار آهي ته سڀ ڪي هر شيءِ هر ذرو. ڪٿي ڪنهن هنڌ ڪنهن عمل. چاهي ڄاتل چاهي اڻ ڄاتل جي تابع آهي. سو ادل!! انهيءَ اڻ ڄاتل، اڻ ڏٺل ڪائنات جي هڪ انتهائي حقير ۽ هيچ ذري جي ڇا مجال ته ويهي مبلغ ۽ ناصح ٿئي. مڪان وزمان جي سلسلئه دوران تي راءِ زني ڪري. ٻڌ! جڏهن آئون پنهنجي پتڪڙي جيون جي باري ۾ سوڇيندو آهيان ۽ انهيءَ جي تسلسل ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو آهيان ته ڪجهه دير لاءِ ڦونڊجي ضرور ويندو آهيان. پر هڪدم وري خيال ايندو اٿم ته هيڏي ساري Cosmos ۾، جڳ ۾، آئون ۽ مون جهڙا ساهوارا ڪيڏا نه حقير جيوت آهن. ڪيترا نه بي حيثيت آهن. حساب ۾ Iota جي به شايد ڪا حيثيت هجي. هي انسان شايد اهو به نه هجي تڏهن اهو ڄاڻندي منهنجو وجود ڪاري اماؤس جي رات ٿي ويندو آهي. منهنجي تن من تي انڌاري ڇانئجي ويندي آهي. تمام فلسفهءِ حيات ڪوري ڪاغذ جيان بي حيثيت ٿي ويندا آهن.
    ڪاري نينگر خدا جي تلاش ۾ نڪتي يا ڀوري نينگر خدا جي تلاش ۾ نڪتي، تارن ۾ چنڊ، مانڊاڻ، ۾ سج ۾ ۽ پوءِ بت شڪني ۾ ابن آذر خدا جي تلاش ۾ نڪتو. غار حرا ۾ رسول عربي، انسانيت جو ڇوٽڪارو ڳولڻ نڪتو. شاهزادو ابن شاهه زادو سڌارٿ بڙ جي وڻ هيٺان نرواڻ جي ڳولا ۾ اچي وارد ٿيو ۽ تت ڪيائين ته:
    دکم سروم دکم
    (جو آهي سو ڏک آهي. ڏک آهي سدا ڏک آهي......)
    ڀل پوءِ نرواڻ جو سنهري رستو اٺن ۾ سمجهائي يا ڏهن ۾. تت وري به ”ڏک آهي. سدا ڏک آهي.....“
    آئون ته مورڙو ڪو نه آهيان جو ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ مانگر مڇ مارڻ لاءِ لٿو آهيان. نه ڪنهن روزميه داستان جو ڪردار آهيان جو.......
    وجهن ڌڙ ڌڙن تي هاڪارين هنن، ڪرن ڪنڌ، نچن، رڻ، گجيو، راڙو ٿيو.... منهنجي ته ڪا به ميراث ڪونهي.
    مان ته پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان، نڪتم عمل ۽ علم جي تلاش ۾، خبر پيئي ته اڄ به ڪورو جاهل آهيان. آگاهي سان هانءِ ٺرڻ کپيو ٿي. پر نه، ڄاڻ وڏو عذاب آهي. چاهي اها ڄاڻ ڇو نه هجي ته آئون اڻڄاڻ آهيان. لڇان ۽ لوچان واري ڪيفيت هوندي آهي. چوءِ ڦير انڌاري آهي.
    ٻڌاءِ! ڇا ڪيان!!

    (عوامي آواز، 31 مارچ 1992)


    زاهد مخدوم

    زاهد مخدوم اُداس، غمگين ۽ روئڻهارڪو منهن ڪري اچي مون وٽ لانگهائو ٿيو. سمجهيم ته هيءُ سدا بهار نوجوان ايڏو ڪومايل ٿو نظر اچي سو ضرور ڪا ويڌن هوندس. پر ڪڇيم ڪي ڪين- زاهد کي ڀاڪر پائي، سندس نرڙ چمي کيڪاري کيس صندليءَ تي ويهڻ جو چيم. ٽٽل آواز ۾ چيائين ”نه، يار نه.... منهنجو متيرو گم ٿي ويو آهي..... منهنجي جگر جو گوشو الائي ڪيڏانهن هليو ويو آهي.... مون ڏاڍو ڳوليو آهي پر ڪو نه ٿو لڀي.... ڪو نه ٿو لڀي.......“ اکين ۾ ڳوڙها تري آيس..... سڏڪن ڀريل آواز ۾ چيائين، ”ماڻس کان پڇان ٿو ته چوي ٿي متيرو هميشه لاءِ گم ٿي ويو آهي، چريا!! هو اتي ويو آهي جتان ڪير به واپس نه ورندو آهي...... رضوان امين هن معصوم کي حوض ڪوثر جو فرحت ڏيندڙ پاڻي پيارڻ وٺي ويو آهي. متيرا پيءَ!! ڇا توکي اهو پسند نه آهي ته جنت الفردوس ۾ ستر حورون متيري کي رباب جي مڌر ڌن تي نغما ٻڌائين، بجاءِ انهيءَ جي ته هو تو وانگي هن دورنگي دنيا جي غمن ۾ سانڀجي وڏو ٿئي ۽ بلبل هزار دستان جي ڪمري نمبر 294 ۾ سازندن سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي، نائڪ جي پاندان جي سلامي لاءِ ڳاڙها نوٽ پيش ڪري ”پينو“ جي مجري تي پوليس جي آخري سيٽي تائين ويٺو هجي“........ مون زاهد مخدوم ڏي ڏٺو. زاهد هونئن به هر فعل ۾ شدت جو قائل آهي. سندس محبت، سندس نفرت، سندس الفت، سندس بي نيازي، سڀ انتها تي هونديون آهن. اهو سوچيم پئي ته زاهد وري گويا ٿيو، ”يار هي سڀ غلط آهي. سڀ ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڪو ديش، ڪا منزل ايڏي پري ڪو نه هوندي آهي جو اتي نه پهچي سگهجي. هي جو چون ٿا ته متيرو هن رنگ و بوءِ جي دنيا کان تمام پري.... تارن ۽ چنڊ جي ديش کان به پري .... ڪنهن اڻ ڄاتي ..... اڻ ڏٺي ديش ۾.... جنت الفردوس ۾ آهي..... سو، ڪيترو پري هوندي جنت!!؟؟ منهنجي خوابن، منهنجي پيار ۽منهنجي آدرش متيري لاءِ آئون سڀ فاصلا کن پل ۾ طئي ڪري سگهان ٿو. منهنجي پيار جي طاقت فاصلن ۽ دوريءَ کان گهڻي سگهي آهي. تمام گهڻو سگهي آهي.“ ائين چئي مون کي ٻانهن مان ورتائين، ”هل، ته هلون.... متيري کي ڳولڻ“ آئون بي ستو ٿيو ويٺو رهيس.
    ”اُٿ!! نه هلندين مون سان متيري کي ڳولڻ؟ ڇو؟ اڻ ڄاتل ڏورانهون پنڌ آهي؟ واٽون اڙانگيون آهن ڇا؟ منزل جو ڪو پتو نه آهي؟ يا زمان ومڪان جي قيد کي ٽوڙڻ جي سگهه نٿو سارين پاڻ ۾.....؟! چڱو......... ڀلا نه هل – آئون اڪيلو ئي سفر تي سنڀران ٿو. مون کي طاقتور بڻجي سفر ڪرڻ جي قوت آهي. زمان ۽ مڪان جي قيد کان آئون آزاد آهيان. چڱو...... موڪلاڻي ڪونهي... وري ڪڏهين.... ڪنهن هنڌ.......... ڪنهن زماني ۾ گڏباسين........ تنهنجو منهنجو ساٿ ته ازل جو ليک آهي.........“ ائين چئي زاهد اٿيو ئي مس ته مون ورائي ٻانهن ۾ هٿ وجهي کيس ويهاريو سندس ڪلهي تي زور سان هٿ هڻي چيم، ”مون ڏي ڏس!! ۽ منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ! ۽ هانءَ سان هنڊاءِ!! پاڻ ننڍپڻ جا دوست آهيون. اسان، جڏهن سنڌو ماتا جون بستيون وسنديون هيون تڏهن چانڊوڪيءَ ۾ ونجهوٽي کيڏي هوندي ۽ جي پارو ڪرندو هوندو ته باهه جو مچ ٻاري بيت بازي جا مقابلا کٽيا هوندا. امير حمزي ۽ سيف الملوڪ جا داستان چاچي گلڻ کان ٻڌا هوندا. چاچو گلڻ..... ويچارو چاچو گلڻ.... جواني ۾ ئي فوت ٿي ويو..... شادي به ڪو نه ڪئي هئائين...... ياد اٿئي سدائين ويٺو جهونگاريندو؛
    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهن..... گلڻ چاچو بنا ڪنوار جي ئي گهوٽ هو. تنهنجا منهنجا آدرش به ساڳيا..... قسم به ساڳيا..... سپنا به ساڳيا...... تون ڇو خود فريبي ۾ اچي مبتلا ٿيو آهين؟ چريا! جنهن بهشت جي ڳولا ۾ تون چنڊ تارن جي ديش کان به پري وسندڙ جهانن جي ڳالهه ٿو ڪرين سو هر انسان سان گڏ هوندو آهي. سندس پاڇي جيان!! جيئن پاڇو سج جي نصف النهار هئڻ وقت وجود سان هڪ ٿي ويندو آهي تيئن ڳولا جي سفر ۾ تنهنجي وجود ۾ هڪ وقت اهڙي سڃاڻپ ايندي آهي جو وجود ۽ بهشت هڪ ٻئي ۾ سموئي ويندا آهن. نه ته بهشت جو ڪو وجود ڪونهي....... هي جو تون متيري جي ڳولا ۾ نڪتو آهين............. اڙي سپنن جا سوداگر!! ڪهڙي پٽ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟ تنهنجو ڪٿان آيو!؟ تو ته قاسم جي مهندي رتڙن هٿن جا زخم ڏسي رت سان لائون لهڻ جو قسم کاڌو هو؟ تو شادي ڪڏهن ڪئي؟؟ چريا!! تو ته شادي ئي ڪا نه ڪئي آهي؟! متيري جو ڪو وجود ڪونهي. متيرو تنهنجو تخيل آهي. تنهنجو آدرش آهي. امر جليل جي ”هوءَ“ وانگي متيرو تنهنجي تشنگي آهي. تنهنجي تانگهه آهي. تنهنجو اُلڪو آهي. تنهنجي اندر جي انڌاري کي روشن ڏيئي جي لاٽ آهي.“ منهنجو آواز اوچو ٿيندو ويو ۽ نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا اٽڪندا ويا.
    ”بس ڪر..... بس ڪر..... مون کي ڳاڙهو گهوٽ ڪونهي ٿيڻو..... تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين....“ زاهد ڄڻ پولار مان پئي ڀُڻڪيو.
    ”نه زاهد، نه!! آئون ڪوڙو نه آهيان. مون ڪڏهن ضرورتن به ڪوڙ نه ڳالهايو هوندو. تون مڃ ته تو شادي ئي ڪو نه ڪئي آهي. متيرو ڪٿان آيو؟ متيرو تنهنجو خواب آهي. تو ۽ مون جهڙن سوداگرن جي ساري عمر متيري جي ڳولا ۾ گذري ويندي آهي. ائين ئي رلي رلي.... رڙي رڙي.... زندگي جو سفر ڪٽجي ويندو آهي.... ويدن جو زمانو مهاڀارت ۾.... مهاڀارت جو زمانو گوتم جي دانش ۾، ۽ وري مغلن ۾، ارغونن ۾، ترخانن ۾، سمن ۾، سومرن ۾ ڦرندو رهندو.... ڦرندو رهندو.... ۽ تنهنجي منهنجي ڳولا جاري رهندي........ پر بيهه!! زاهد!! ترس!! متيرو ته آهيئ ي ڪو نه؟ تو شادي ڪٿي ڪئي هئي؟؟“ ۽ منهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي آئون لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳس.

    (عوامي آواز، 21 اپريل 1992ع)


      زاهد مخدوم ۽ متيرو

    اچي زاهد مخدوم ۽ ميتري جي عشق ۾ ڦاٿس. سوچيم ته متيري.... کي ڳوليندس. جهنگ، بيابان، صحرائن ۾ ويندس ميتري جي ڳولا ۾. ڪهڪشائن جي هُن پار. آسمانن ۾ زاهد جي آدرش جي تلاش ڪندس. پر پوءِ پنهنجا سور سرجيا. سور به ته سڪ مان ئي سرجن ٿا. جي ڳولها نه هجي. تلاش نه هجي، هُج نه هجي. چاهت نه هجي. پيار نه هجي ۽ وڇوڙو نه هجي ته نه سڪ لڳي نه ئي سُور سَرجَن. اهو سورن جو سرجڻ گوتم جي فلسفي جو بڻياد هيو.......
    ”انهن شين جن کي اوهين چاهيو ٿا جو نه هجڻ ڏک جو ڪارڻ آهي، ته انهن شين جو هجڻ جي اوهين نٿا پسند ڪريو وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي......“ ڳولا...... تلاش...... چاهي پنهنجي وجود جي هجي..... چاهي سسئي جي هجي....... سڪ، اتساهه ۽ پيار لازم جزو آهي، پر ڇا ڪجي...... سڪ، پيار!!...... حمل فقير ياد ٿو اچيم.....
    سڪ مڙيئي سور، سور ڀي سرجيا سڪ مؤن
    صبر سڪ وڃايو، ماٺ نه اچي مور
    دانهون درد فراق منهنجي جون ڏيهه ٻجهن ٿيون ڏور
    حمل! هي ڪلورُ جو ساجن سُڻي ئي ڪين ڪي
    الائي ڇو........... ويلا لنگهي ويندا آهن....... هر هر ياد ايندو آهي، ڄڻ اندر مان اڌما ڏيندو ذهن جي سمونڊ تي ترندو آهي..... سکن جي سيد چئي آءٌ پکي ڪو نه پياس جيڪر آءٌ هياس گري گوندر ول جي.“ ياسيت پسند چئو يا ڪجهه به چئو. تاريخ انساني پڙهي اٿم. هي جي“ عالم جا آدرش ٿيا سي جر ڦوٽي جيان ڦونڊ جي صفحه هستي تان مٽجي ويا. پوءِ کڻي باب نيست سنهري لفظن ۾ لکي ويا هجن يا اڻمٽ نقش ڇڏي ويا هجن، پر هڪ ڳالهه يقيني آهي. سقراط کي زهر جو پيالو سندس ڪم علم ۽ ڪم عقل هم عصرن پياريو. اڄ اهو ئي زهر (هيملاڪ) اسلام آباد جي پهاڙين ۾ بي تحاشا پيدا ٿيل آهي، پر سقراط ڪونهي. گيليلو کي سندس زماني ۾ ٽڪٽڪي تي چڙهڻ کان بچڻ لاءِ چوڻو پيو ته سج ڌرتي جي چوڌاري گهمي ٿو.... ته اولمپيا جي ديوتائن جو مان رهي اچي. آخر ته زيوس جي سنهري رٿ مشرق کان نڪري مغرب ۾ غروب ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهين مصلوب ٿيڻ کان بچيو ته چيائين (جيڪي آهي...... سو آهي.....)
    حسين ابن علي مقتل ڏي هليو ته لبيڪ چئي هليو.
    سڀ ويا وارو وڄائي ويا.
    هي جو آهي سلسله تنفس.... سو الائي ڪيئن آهي، ڪيترو آهي.
    مون کي هميشه هڪڙو آمريڪي گيت ياد ايندو آهي........
    Micheal! My little one, it’s hard to die
    ها، مرڻ ڏکيو آهي. It’s Hard to die پر مرڻ کان وڌيڪ ڏکيرو مرڻ واري جي يادن جي صليب کي کڻي جيئرو رهڻ آهي.... هي نستو، ڏٻرو ۽ ڪمزور خاڪي وجود ڪهڙا ڪهڙا لاشا کڻي زندگي جي بيابانن ۽ صحرائن جو سفر ڪٽيندو.... هتي ته پنهنجو وجود به ايڏو ڳورو ٿو لڳي جو جي جيئڻ جا سهارا ۽ بهانا نه هجن ته پل پل جيئري جهنم هجي.
    ۽ اڄ زاهد منهنجي سامهون پنهنجي لخت جگر، پنهنجي نورچشم...... پنهنجي آدرش..... پنهنجي تمنا...... پنهنجي سڪ...... متيري جي يادن جي لاش جو وجود کنيو هينئو. هاري ويٺو........
    زاهد، منهنجا ڀاءُ، منهنجا دوست...... جي ڄامشوري جي ٿڌڙي هير ۽ چانڊوڪيءَ رات ۾ تو ۽ مون علامه قاضي جي مقبري تي مڌ جي مستيءَ ۾ الوٽ ساري رات ڪيڏارو آلاپيو هوندو..... جي ناري جيل ۾ گرمي ۽ لُڪ ۾ گڏجي لوساٽيا هونداسون...... ته..... ته آءٌ توکي اڻ ڏٺي ديش ۾...... اڻ ڄاتي ۾...... اڪيلو ڪو نه ڇڏيندس. تون اڪيلو متيري جي ڳولا ڪو نه ڪري سگهندين. هي پنڌ اڙانگو آهي...... ڏاڍو اڙانگو آهي.....

    (عوامي آواز، 13 مئي 1992ع.)


      متيري جي ڳولا

    ان ڏينهن ته زاهد مخدوم بنا ڪي ڪڇئي پڇئي اٿيو ۽ ٻاهر هليو ويو. سندس اکيون جي ٿوري دير اڳ ٽامي جيان تتل هيون سي اجهامي ويون... خالي خالي.... ڄڻ پولار ۾ پيهي ويون هجن... متان... متان... ڪنهن ويلي.... زمينن ۽ آسمانن جي سنگم کان به پري ڪنهن جهانن مان متيرو ڪنڌ ڪڍي ليئو پائي کيس ڇرڪائڻ لاءِ ڪري ”هاو.... اڙي، بابا ته ڊڄي ويو“ هائو، بابن جي نصيب ۾ برابر ڊڄڻ ئي لکيو آهي. هي الڪا، هي انديشا، هي وڇوڙا..... هيءِ اُڻ تڻ هر تخليق ڪار جو مقدر آهي.... پيءُ به ته هڪ تخليق ڪار آهي نه......
    آئون سوچ ۾ ٻڏي ويس. برابر، زاهد شادي ڪو نه ڪئي هئي. هن ڪنهن ونيءَ سان لائون ڪو نه لڌيون هيون. قاسم جي اجڙيل سهاڳ رات ڏسي.... سندس مينڌيءَ رتڙن هٿن کي تيرن سان پرڻ ٿيندي ڏسي..... هن لائون نه لهڻ جو قسم کاڌو هيو.... هن ڌرتيءَ ماءُ جو قسم کاڌو هيو ته جيسين هو هن ڌرتي جي معصومن جي مينڌيءَ رتن هٿن کي زخمي ڪندڙن جا هٿ نه وڍيندو..... جيسين هو سقراط کي زهر پياريندڙن کي صفحهءِ هستي تان ختم نه ڪندو.... جيسين هو ظلم ۽ ڏاڍ جي اونداهي رات جو خاتمو نه آڻيندو..... هو پنهنجا هٿ مهينديءَ سان ڪين رنگيندو. ائين ئي ته متيري جي پئدائش ٿي. تخليق ٿي. آدرش ۽ اُڪير متيري کي جنم ڏنو. آخر آدرش هوا ۾ ته جنم ڪو نه وٺندو آهي. متيرو زاهد لاءِ سندس وجود جي Extension هئي. تڏهن ئي ته زاهد ور ور ڏيئي جهونگاريندو هو.... ڇا به چوين، مان مرڻو ناهيان،
    ويس مٽائي ورڻو آهيان:
    هو چوندو هيو ته ڇا ٿيو جي مان هليو ويس.... متيرو ته آهي جو منهنجي جنگ جاري رکندو.... مون جهڙن انيڪ ديوانن جي قسم ختم ناهي ٿيڻي.....
    هڪ جوت ٻجهي ٻي جوت جلي
    هر وقت جهروڪا جهرڪن ٿا......
    زاهد جو لڇڻ ڏسي پڪو پهه ڪيم ته متيري کي ڳوليندس. متيري کي ڳولڻ کپي.... متيري جو ملڻ ضروري آهي. متيرو منهنجي يار جي تخليق آهي. سندس وجود جي توسيع آهي، پر زاهد کي ڪو نه ٻڌائيندس. اڪيلو متيري کي ڳوليندس. زاهد جو نازڪ پتڪڙو وجود اڳي ئي بيابان ۽ جهنگ جهوري بي ستو ٿي پيو آهي.... زندگي منجهائنس ڪافي خيرات وصول ڪري چڪي آهي..... مون کي اڪيلو ئي وڃڻ کپي.... جڏهين متيرو مليو ته پوءِ زاهد سان احوالي ٿيندس. ۽ ائين آئون سفر تي اُسريس – متيرو معصوم هيو – کيس رضوان امين آب ڪوثر جو فرحت بخش پاڻي پيارڻ وٺي ويو هيو. سو، جهنگ، بيابان، انيڪ ڌرتيون، ڪهڪشائون لتاڙي صدين جو سفر ڪندو اچي بهشت برين جي دروازي تي لانگهائو ٿيس – بهشت جي دروازي تي ايندي هيڪر ته خيال آيم ته نانگ جي وات ۾ ويهي اندر وڃان – پوءِ سوچيم ته آئون تڙيل ته ڪو نه آهيان نه ئي ملعون آهيان. ڇو نه بهشت جي داروغي سان اندر اوريان ۽ کيس ٻڌايان ته آئون هيڏو سارو سفر ڪري ڪنهن جي ڳولا م آيو آهيان – من رحم پويس – سو ائين ڪيم – منهنجو ڀڀوت ڀريل وجود ڏسي کيس مونتي رحم آيو ۽ مون کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏنائين.
    ڇا جنت جو نظارو هيو – ٿڌڙي هير پي لڳي – چوڌاري فرحت بخش نظارا هيا – صاف شفاف پاڻي جون نهرون هيون – دنيا جهان جا انيڪ ميوا هر طرف هيا – هلندو ويس- هر طرف حسين حورون ۽ غلمان ٽولن ۾ پئي گهميا- ڳوليم ته متان متيرو ڪنهن ستر حورن جي ٽولي ۾ نه هجي يا متان کيس غلمان ته ٺاهي ڪو نه ڇڏين – پر..... هي ڇا!! يا الله آئون ڪٿي اچي ويو آهيان – چوڌاري محفلون گرم آهن... هي ته يحيٰ خان آهي سندس پويان جنرل عبدالحيمد ۽ ڪئين ٻيا چمڪندڙ ٽمڪندڙ تارن ۽ پيٽن وارا- بليڪ ڊاگ جي بوتل هٿ م ۽ يحيٰ خان بوتل کي منهن لڳائي پيو پيئي.... وري هي ڪير!! جنرل راني....!! سندس چوڌاري حسينائن جو ميلو.... مون کي ڏسي سڃاتائين..... آئون به سندس لاهور جي گلبرگ واري بنگلي تي حاضري ڀريندو هئس – نه پنجن ستارن وارو جرنيل هئيس ۽ نه ئي 22 گريڊ جو افيسر- پر هي درگاهون ته اهڙيون آهن جتي.....
    ايک هي صف مين کهڙي هوئي محمود و اياز....
    مون کي ڏسي چيائين.....
    Hi! Man! Care for some whiskey….
    (جوان! شراب پيئڻ پسند ڪندين؟) مون مشڪي ڏنو – چيائين، ”بليڪ ڊاگ؟“ چيو مانس ”نه، توکي خبر آهي ته آئون بليڪ ليبل پيئندو آهيان- ۽ ٻيو ته آئون جرنيل ڪو نه آهيان“ هي ٿڌي هير ڪٿان ٿي اچي. جرنيل راني جو ٺاهيل پٽياله پيگ هٿ ۾ کڻي اڳيان وڌيس ته اتي هڪ باريش بزرگ نظر آيو- مون کي هٿ ۾ جام ڏسي توبهه استغفار ڪري چوڻ لڳو..... ”ڪاڪا! اي تي مينون زمين دي شراب لگدي اي.“ پڇا ڪيم ته خيراتي اسپتال جي نالي ۾ هڪ ٻي صنعت لڳائڻ وارو بزرگ هيو – بزرگ کي ڏسندي مون کي ياد اچي – ذهن جي پردي تي فلم هلڻ لڳي. R.B ڪينال لاهور شهر جي هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين (Lined channel) (پڪي نهر) آهي- اتي رات به ڏينهن جو سمان پيش ڪندي آهي – ولي خان R.B ڪينال تي ٻرندڙ – جهل مل ڪندڙ روشني ڏسي چيو ته ”اسان جي ڪارخانن کي بجلي ڪو نه ٿي ملي ۽ لاهور ۾ رات جو نهر ڪناري ڏينهن هوندو آهي. “ شايد ولي خان کي خبر ڪونهي ته اڄ به مامون الرشيد زبيده کي بتيلي تي وٺي نهر ڪناري جو سير ڪرائيندو آهي – لاهور ۾ هڪ وسندي آهي ماڊل ٽائون – ماڊل ٽائون پوين چند سالن کان هر طرف سرسبز ۽ شاداب نظر ٿو اچي – چوڦيري سبزو، وڻ، گل ڦل ۽ پارڪ اٿس. هڪ دوست سان گڏ ماڊل ٽائون مان لنگهڻ ٿيو، ٻڌايائين ته هي يڪو فرلانگ کن جيڪي ڪوٺيون آهن سي غريبن ۽ بي واهن جي همدرد ۽ هڏ ڏوکي امير المومنين جي خاندان جون آهن. وري لنگهياسين اتفاق چيريٽيبل اسپتال وٽان.چيائين، ”ياد آهي توکي ته اسي جي ڏهاڪي جي پهرين سال غالبن 1984ع ۾ شهيد امير المومنين هتي پنهنجي هڪ نوجوان پوئلڳ جي بزرگ ۽ شريف نفس والد جي عظيم آدرشن جي تڪميل جي پوئواري ڪرڻ ڪاڻ ڀڳڙن مٺ هي زمين ڏني هئي ته هتي خيراتي اسپتال ٺهندي.
    اڙي يار، منهنجو پيءُ جڏهين فالج جو مريض ٿيو ۽ مون هتي داخل ڪرايو ته ڊاڪٽر چيو ته پهريائين پنج هزار جمع ڪرايو پوءِ معائنو ڪندس. بابا! هن خيراتي اسپتال ۾ معمولي آپريشن جا به ويهه- ٽيهه هزار رپيا لڳن ٿا..... هي اسپتال ڪونهي..... ٻي شوگر مل آهي..... ائين چئي هن روئي ڏنو. مون کي خبر هئي ته ڇو رنائين. لک کن رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود اسپتال سندس پي کي چڱو ڪو نه ڪيو ۽ هو گذاري ويو......

    (عوامي آواز، 19مئي 1992ع)


      متيري جو نه ملڻ

    جنت جي سفر جو سلسلو جاري رهيو. نيڪ بزرگ، جو رب جي ڪرم و فضل سان مملڪت خداداد جي واسين جي خدمت ڪرڻ ڪاڻ پنهنجي هونهار اولاد جي مدد سان ويهارو سالن ۾ ملڪ جي صنعتڪاري ۽ ناڻي جو بي تاج بادشاه ٿي ويو هيو. آخر ته کيس اجورو ملڻو هو..... ۽ وري ڪلمھ گو مسلمان به هيو. پر منهنجي ڳولا جاري رهي. من متيرو ڪٿي ملي. اندر ۾ اڻ تڻ به ٿيم پئي ته مولا هي ڇا آهي؟ پر شڪر ڪيم ته اڃا جنرل راني ملي اٿم...... جي انور خٽڪ مليو ته.... ويساهه ته ڪو نه کڄندو..... نه نه ......... پر نه..... ائين ڪو نه هوندو...... هو غفور و رحيم آهي..... هر ڪلمي گو مسلمان جي بخشش ڪرڻ وارو آهي..... ۽ آئون هلندو رهيس. اوچتو ڪنهن اچي منهنجي ڪلهي تي زور سان هٿ هنيو. ورائي ڏٺم ته رئيس ڌڱاڻو خان. رئيس منهنجو ننڍپڻ جو دوست. رئيس هماليه جي چوٽي جيڏي بلند ارادن جو مالڪ ۽ هوا جو رخ محسوس ڪري ذاتي ۽ سياسي وفاداريون مٽائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيو. سندس دوستي جو دائرو دره خيبر کان وٺي بلوچ سردارن، ملتان جي پيرن سنڌ جي نامور گادي نشينن کان ڪامورن تائين هيو. زماني جي گرمين سردين رئيس کي نيٺ انهيءَ نتيجي تي پهچايو آهي ته
    ”ڊالر!! ميان جو آهي سو.... ڊالر......“ آخر ته صوفي سنڌ، وحدت الوجود جو اثر به ته وڌو آهيس. سڪي جي سڪ به هڪڙي ڪرنسي ۾ اٿس. ڊالر!! سرڪار جي ثنا جي داستان مان ٿڪندو ئي ڪونهي. نيٺ هڪ ڏينهن ڦاٽ ڦاٽو. جڏهن رئيس پنهنجي نيڪ ارادن ۽ ڪاوشن جو ذڪر ڪيو ته پاڻ هڪ خيراتي ٽرسٽ ٺاهيو اٿن جنهن لاءِ سرڪار 250 ايڪڙ زمين ڀڳڙن مٺ تي ڏني آهي. انهي زمين تي اسپتال ٺهندي ۽ ميڊيڪل ڪاليج ٺهندو. ٽرسٽ لاءِ سرڪار 1200 ايڪڙ ٻيا ٽيهه ساله ليز تي به ڏنا آهن. اسپتال ۽ ڪاليج جي اڏاوت لاءِ بين الاقوامي ادارن (International Agencies) سرنديءَ وارن کان چندو ڪيو. رئيس جا ارادا ٻڌي وائڙو ٿيس. مطلب هڪڙو سمجهه ۾ آيم ته مڙيئي سرڪار کان تيرهن چوڏهن سئو ايڪڙ زمين ڦٻائڻي.
    عالم بالا ۾ رئيس منهنجي ڪلهي تي هٿ هڻي مون کي وائڙو ڏسي اهوئي چيو ”ڪيئن؟ ڪيو هئم نه نفعي وارو سودو...... ڊالر به ڪمايم........ اسپتال به ٺاهيم..... ۽ ويٺو آهيان حورن جي هنج ۾.“ مٿو ڦرڻ لڳو..... مولا!! هي ڇا آهي؟ پر نه، تون وڏو ڪريم آهين..... غفور رحيم آهين. ائين سوچي اڳيان وڌيس. منهنجا مولاا هي ڇا آهي.... اڳيان وڌيس ته بابره شريف ملي..... مان کيس حيدرآباد جي چڪلي کان سڃاڻيندو هئس.... منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو...... پروردگار...... رب! هي آئون ڪٿي آيو آهيان. وري زاهد، مخدوم منهن ۾ اچي ويو. چيائين ”يار!! تون هتي ڪيئن؟“ ”اڇا! ڪلمي گو مسلمان آهين تنهن ڪري جنت پيو ڀوڳين......“ ”زاهد! توکي خبر آهي متيرو تنهنجو پٽ مري ويو..... ۽ تون جنت جا مزا ٿو ماڻين“ چيائين ”ادا! ميترو، مون کان وڌيڪ با غيرت ۽ باضمير هيو. هن آخر تائين ماڻهپي کي پنهنجو مذهب، ايمان ۽ خدا مڃيو...... هينئر به خير سان دوزخ جي ستين طبقي ۾ اوٿان سان گڏ ويٺو اقوام عالمن جي يڪجهتي تي بحث ڪري.“
    آئون ۽ زاهد جنت جي فرشتي کان اک ترڪائي نڪري آياسين دوزخ گهمڻ ۽ ميتري سان ملڻ. منهن ۾ گڏيو شهزادو سڌارٿ گوتم ٻڌ. سندس سڄي پاسي جو ڏسون ته ڪرشن ڪنيهو گوپين جي جهرمٽ کانسواءِ بانسري جا مڌر سر پيو ڪڍي. هي ڇا؟ اڳيان گنگا رام مليو جنهن لاهور ۾ گنگا رام اسپتال ٺهرائي هئي. ساڻس گڏ گلاب ديوي به هئي. جنهن گلاب ديوي اسپتال ٺهرائي هئي. باهه جا الا هئا. جنهن ۾ گنگا رام اسپتال جي لاءِ هزارين ايڪڙن وقف ڪرڻ وارو گنگا رام پيو کامي ۽ پڇي. سندس وقف زمين اڄ به ساهيوال ضلعي ۾ ”گنگا پور اسٽيٽ“ نالي سان آهي. جنهن جي سڄي آمدني ۽ ملڪيت پنهنجي جيئري گنگا رام اسپتال جي نالي ڪري ويو. گنگا رام ويچاري رڳو ايترو پڇيو.................. ”ادا!! منهنجي اسپتال ۾ زمين جي نالن جي طهر ته ڪو نه ڪرائي آيا آهيو....... ۽ جي ائين ڪيو اٿو تڏهين به اهو ٻڌايو ته اسپتال ۾ اڃا به غريبن جو ڪو اوهي واهي آهي يا نه؟“
    زاهد چيو ”هل ته يار هلون. مون کي متيري سان ڪونهي ملڻو...................... واپس هلي رب کي ٻاڏايون ٿا ته جي تنهنجي جنت ۾ ڌڱاڻو خان، جرنل راڻي رهن ٿا ته پوءِ مون کي دوزخ ۾ گنگا رام جي قدمن ۾ جاءِ ڏي....“
    ۽ اسين واپس موٽي آياسين، زاهد مخدوم دعا گهرڻ..... ۽ آئون ڪنهن راڻي جي تلاش ۾... جا مون کي بليڪ ليبل جاپٽياله پيگ ٺاهي ڏي ته آئون سُڌ سان سُٻَنڌ ٽوڙيان. سُڌ عذاب ٿي ڏي.... ڏاڍي تڪليف ٿي ڏي. اندر ٿو وڍجي. جي هڪ ئي جهٽڪي سان پورو ٿيڻ هجي ته مون کي سو دفعا قبول آهي.... پر هي ته ذرو ذرو.... ريشو ريشو هر هر ڪاتيءَ هيٺان ٿو اچي. ڪيڏانهن وڃان.... مون کي سگهه ڏي پروردگار..... سگهه ڏي......

    (عوامي آواز، 26 مئي 1992ع)


      گوپي چند نارئڻ داس اوڏ

    منهنجا پراڻا ساٿي ۽ دوست امداد اوڍو ۽ ڊاڪٽر جبار مليا. ڳالهين مٿان ڳالهيون ڪندي امداد چيو ”يار! تو لکڻ ڇو بند ڪيو.... لکندو ڪر!!“ ڊاڪٽر به ساڳي ڳالهه ڪئي. مون ابتا سبتا جواب ۽ بهانا ٺاهيا..... پر ڊاڪٽر ۽ امداد پراڻا ساٿي آهن. چڱي طرح سڃاڻن. هر بهاني جو وٽن جواب هيو. بهانو ته خير بهانو آهي..... پر اصل ڳالهه کين ڇا ٻڌايان ۽ ڪيئن ٻڌايان.....؟
    ڪهڙي ريت پنهنجي ڪم علمي ۽ جاهليت جو اعتراف ڪريان.... ڪيئن پنهنجي ڪج روي ۽ آوارگي جي داستان ٻڌايان.... ڪيئن آئون امداد جهڙي ڀاءُ ۽ جبار جهڙي دوست کي رڙندو ۽ روئندو پنهنجي بي حسي جي ڪٿا بيان ڪيان..... يا پنهنجي اڻ کٽ المين ۽ دردن جي آکاڻي اوريان..... هي درد، هي الميه، هي سور.... هي جيون ڪٿا جي اڻ چٽيل اڻ پوري گدلي ۽ ميرانجهڙي تصوير..... ڇا ٻڌايان..... ته جي اوريان ته ڏونگر ڏري پون..... يا پنهنجي تنگ دامني تي روئان ته.... سکن جي سيد چئي آئون پکي ڪين پياس..... درد، سور، ڏک... ذات جي طلسم سان وابسته هئڻ يا ذات جي توسيع (Extention) لازم ڪونهين. ڪي ماڻهو ذات جي سحر کي (Transcend) ڪري ويندا آهين. ٽپي ويندا آهن. مڪتي پوءِ به ڪو نه ملندي آهي. اهو وري هڪ نئون طلسم آهي.... سحر آهي..... جيون جي رام ڪٿا جو عليحده باب آهي. ويچارو ماڻهو سارو جيون دشت ميرانجهڙن اُڊڪن، اُٻهرن اُلڪن..... هيسيل هانَونَ..... اڻ پوري خواهشن...... ٿيڻ جي اميد- نه ٿيڻ جو خوف، ڊپ ۽ هراس. يا نه ٿيڻ جي دعا جا اڌ به اگهامبي ڪونهي ۽ وري ٿيڻ کي ڏسندو رهي دهشت ۽ خوف جي واسينگ جي واسي هيٺ آيل..... ڄڻ جو آهي سو به سور.... جو نه آهي.... سو ويتر ان کان به ڳورو سور.......!! ڇا ڪيان منهنجا مٺا ڀاءُ!! انهيءَ شاد ۽ ناشاد هئڻ جي ڀاري ڇايا وجود تي عجيب جهڙي ياسيت، اداسي ۽ بي وزني جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي آهي. الا جي! گوپي چند صحيح آهي يا مان .گوپي پنجويهه سال کن اڳ مون کي پيٽاري ۾ يا شايد ڄامشوري ۾ چيو هيو.... ”توکي روئڻ ڪو نه آيو !! نه بابو نه!! روءَ! لڙڪن کي نه روڪ! هي موتي روح جي مندر کي ڌوئي پاڪ ڪندا آهن.“ مون چيو مانس ”گوپي! مون کي جڏهن صدمو رسندو آهي ته آئون بلڪل روبوٽ ٿي ويندو آهيان. هر احساس کي دل ۽ دماغ مان. ڦٽو ڪري ڪڍي پاڻ کي نيري ڇتري هيٺ ٺپ اڪيلو سمجهي ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. شايد...... شايد..... مون کي ائين محسوس ٿيندوآهي ته ...... ڄڻ منهنجي جذبن کي ذري به وٿي ملي ويئي ته منهنجو هانءُ ڦاٽي پوندو..... دماغ جون رڳون ڦاٽي پونديون.....“ ..... ”مون کي ان مهل صرف ۽ صرف هڪ خيال هوندو آهي..... نه نه!! مون کي جيئرو رهڻو آهي“ گوپي وراڻيو ”نه بابو! ائين نه آهي!! اصل ۾ تون تمام گهڻو حساس آهين ۽ انهي حساسيت توکي پنهنجي چوڌاري هڪ خول چاڙهڻ ۾ هٿي ڏني آهي“ مون کي تڏهين به گوپي سان اختلاف هيو ۽ اڃا به آهي. جيتوڻيڪ آئون اڄ به پنهنجي اختلاف جي باري ۾ مشڪوڪ (Sceptic) آهيان. پر مون تڏهن به پنهنجي يار گوپي کي چيو هيو“ نه سهڻا!! اصل ۾ مسئلو ٻيو آهي. آئون شايد پنهنجي بيگانگي، پنهنجي لاتعلقي، پنهنجي ڊپ، پنهنجي هراس، پنهنجي خوف کان ڊڄان ٿو..... ڀاءُ!! مون کي ڊپ ٿو لڳي.... ڊپ.... ڄاڻ جو نه.... اڻ ڄاڻائي جو!! ڪم فهمي ۽ جذبن جي اڻاٺ جو- ڄاڻ ته زندگي جي اٿاهه سمونڊ جي عميق گهراين ۾ ٽٻيون هڻڻ سان به شايد، ڄاڻ ۽ اڻ ڄاڻائي جي سرحدن تي ستن پردن ۾ لڪيل مٺڙو مٺڙو لطيف درد هوندو آهي.... جنهن کان آشنائي شايد عامي جي وس جي ڳالهه نه آهي. تون چوندين ته، جي جذبا سچا هوندا آهن ته زبان کي قوت گوپائي ملي ويندي آهي..... قلم کي لفظن جو اڻ کٽ خزانو مهيا ٿي ويندو آهي.... ها، آئون به سوچيندو آهيان ۽ دعا گهرندو آهيان ته ”ربي! منهنجي زبان کي قوت گويائي عطا فرمائي ۽ منهنجي سيني کي ڪشادو ڪر.....“ جي ٻاتو هجان ته قوت گويائي ملي..... جي سچ ۽ حق جو داعي هجان ۽ اهل طائف مون کي سنگ ريز ڪندا هجن ته سينو ڪشادو ٿئي جو مون ۾ سهڻ جي سگهه پيدا ٿئي.... پر، سهڻا!! آئون ته گونگو ۽ ٻوڙو آهيان. منهنجي قلب تي مهر ۽ تالو حڪمِ ربي سان ڪونهين لڳل.... هي ته منهنجي پنهنجي اَنڌِ آهي. بي حسي آهي – پنهنجي حسته حالي آهي – ڪم فهمي آهي – خود جي پيدا ڪيل بي وسي آهي.
    ڀاءٌ! مان ڏوهي آهيان.... مان ڪنهن ڪنهن جو ڏوهي ناهيان.... پنهنجي ذات جو ڏوهي آهيان. ان هاريءَ جو ڏوهي آهيان جو لڱن کي لوساٽيندڙ لُڪن ۾ ڌرتي جو سينو چيري منهنجي انگ ڍڪڻ لاءِ ريشو پيدا ڪري ٿو.... ان ڪوريءَ جو ڏوهي آهيان جو تاڻي ۽ پيٽي جي سيج کي پنهنجي آڱرين جي لهو سان سينگاري منهنجو تن ڍڪي ٿو.... ان مزدور جو مجرم آهيان جنهن ڪارخانن ۾ چمنين جي دونهن جي ڪارانس ۾ پنهنجي جواني گذاري، پيري ۾ انڌاري کولي ۾ رت ٿُڪيو ته منهنجو جيون آسائتو رهي.... ادل! مان ڪارونجهر جي ڪور ۾ ڀٽياڻيءَ جي شفاف ۽ اجري پاڻي جي وهڪري تي نچندڙ من موهيندڙ ڊيل جو ڏوهاري آهيان، جنهن کي سپاهي الله ڏتي پنهنجي رائيفل سان ماس کائڻ جي بک بهاني شڪار ڪري گهايل ڪيو... مان ان زينب جو ڏوهي آهيان جنهن کي جنوني مولوي پنهنجي انڌ ۾ نه صرف نازڪ هنڌن تي ڏنڀ ڏنا پر تتل لوهي سيخ سندس وجود ۾ وجهي کيس زنده درگور ڪيو.... نه ادا نه!..... مون کان برداشت نٿو ٿئي.... آئون ان معصوم ابهم يارهن سالن جي مزمل جو ڏوهي آهيان جنهن کي سندس رشتي جي مامي بي دردي سان زنا ڪري گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيو.... ڀائو!! مان ڏوهي آهيان.... منهنجو اندر منهنجي ٻاهر کان وڌيڪ ڪارو آهي.... مان ماٺ آهيان!! ڇو؟!
    مون هر عام ماڻهو وانگيان پنهنجي خواهشن ۽ لوڀ جي ڪوريئڙي کي پنهنجي چوڌاري اهڙي ته ڄار اُڻڻَ ڏني آهي جو هرک ۽ موهه مون کي نڪرڻ نه ٿو ڏيئي... مان روئان ٿو....... رڙان ٿو.... دانهيان ٿو..... پتوڙيان ٿو..... پر ڪوريئڙو پنهنجي ڄار وڃي ٿو وڇائيندو.... ۽ آئون اونداهه ۾ هٿاڙيون هڻان ٿو.... لڇان ٿو..... لوچان ٿو.... من ڄار مان نڪران.... سو سهڻا! مون کي معاف ڪر! مان ڏاڍو ڏٻرو آهيان... نستو ٿيل آهيان...) مون وٽ ڪي ڪينهين!! ڪجهه به نه.... ڪجهه به نه به ته ڪي آهي.... فنا!! جا دوام آهي...مان ته ان احساس کان به عاري آهيان... منٽو واري خالي بوتل.... خالي ڏبو!! خالي ڏٻو.....!!!

    (عوامي آواز، پهرين آگسٽ 1994ع)


    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهن...

    هوش سنڀاليوسين ته وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، چنڊ تارا، ڏينهن رات، روشن ۽ کير جيان اڇيون اجريون راتيون ۽ وري مٿان ڪاريون امائوس راتيون، نٽهڻ اس ۽ فرحت ڏيندڙ لڏندڙ پاڇا...... قدرت جي صناعي جا منظر- هڪ سج ٻه پاڇا..................... مندن جي ڦير گهير- سياري جون ڊگهيون راتيون ۽ اونهاري جا وڏا ڏينهن- ڪيفيتن جا تضاد سڀ عجب لڳندا هئا. ننڍڙو پتڪڙو ذهن پريشان ٿيندو هيو، هيءَ سج ڪيڏانهن ويو؟ تارا ڪٿان آيا؟ ذهن تي هر ويچار ۽ سوال تري ايندو هيو. پيءُ کان پڇڻ جي همت ڪو نه ٿيندي هئي. جي ڪڏهن اتفاقن پڇيو هوندو ته جواب مليو هوندو ته ”پٽ، تون اڃا ننڍو آهين. اهي ڳالهيون توکي سمجهه ۾ ڪو نه اينديون“ هاڻي سوچيان ٿو ته سمجهان ٿو ته شايد واقعي سمجهه ۾ نه اچن ها. ڌرتي جو گول هئڻ، سندس پنهنجي محور تي گهمڻ ۽ وري ساڳئي وقت تي سج جي چوڌاري گهمڻ ۽ سڀ کان اهم ته پنهنجي Orbit يا حصار يا دائري مان نه نڪرڻ- ۽ نتيجتن موسمن جي ڦير ڦار- سج ۽ پاڇا نڪرڻ- نظام شمسي جي ترتيب – وري ڪهڪشان جا اسرار ۽ رموز- الاهي پوءِ مادي جي ترڪيبي جزون ۽ هئيت جي پر تحير حقيقت کان آشنائي ٿي. پر هڪ وقت هيو جو ذهن ۾ سوالن جو آکاڙو پريشان ڪندو ۽ دماغ هر وقت حيرت ۽ عجب جي هيسيل ڪيفيت ۾ ٻڏل هوندو هيو. انهيءَ مُنڌل ۽ گومگو واري ڪيفيت ۾ ٿڌڙي هير جو فرحت بخش راس هيو. ”امان وڏي“. ڏاڏي امان کان هر ٻاراڻو سوال پڇندا هئاسين. امان پڙهيل ته ڪو نه هئي پر سندس هر گفتگو منهنجي لاءِ اڄ به افلاطون جي ڊائيلاگن جيان حڪمت ۽ دانش جي مشعل آهي. امان کان چنڊ تارن جي ٽمڪڻ چمڪڻ ۽ وري وسامڻ جو پڇبو هيو ته ابراهيم عليه السلام جي خدا جي تلاش جو سفر ايترو ته سهڻي ۽ پيرائتي نموني بيان ڪندي هئي جو اصل سوال وساري صرف انهيءَ لذت کي محسوس ڪندو هئم ته هي منڊ، هي مانڊاڻ، هي طلسم ذات باري جا اهڃاڻ آهن. سج ۽ پاڇو ان ڪري آهي ته ماڻهو يڪسانيت مان تنگ ٿو ٿي پئي. مينهن ان ڪري ٿو پوي ته خداوند ڪريم کي هن ڌرتي جي واسين لاءِ اناج ۽ ٻيو کاڄ پيدا ڪرڻ مقصود آهي. اها خبر تمام دير سان پئي ته اهڙن اڌگابرن سوالن جو جواب به صرف اهو ئي اڌگابرو جواب آهي. پر ذهن جي ڪوريءَ سليٽ تي ڪو ته نقش اڀريو.
    ۽ ايئن ئي امان مون کي قصا ٻڌائيندي هئي. ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. مومل راڻو، نوريءَ نماڻي جي داستان، راءِ ڏياچ جو قصو مون پهريون دفعو امان کان ٻڌو. ڀٽ ڌڻي جو ڪلام امان ڪنن تي وڌو ۽ انهن داستانن کانسواءِ جنن، پرين ۽ ديون جون آکاڻيون امان کان ٻڌيون.
    ايسپ جي آکاڻين کان به وڌ حڪمت ڀريون آکاڻيون مون پنهنجي اڻ پڙهيل جيجل ڏاڏيءَ کان ٻڌيون، شهادت حسين جو ذڪر ڪندي، قضيه ڪربلا جو ذڪر ڪندي جيجل جي شفاف ۽ سهڻين اکين مان ڳوڙهن جا موتي، پرويل مالا جيان لڙيون لڙيون وهندا هئا ۽ امڙ ور ور ڏيئي ورجائيندي هئي.
    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهن......
    شايد ان ڪچيءَ م ئي ڪوري ذهن تي نقش اڀريا. راڻو سومل کي مومل سان مرداني لباس ۾ ستل ڏسي ڇو هليو ويو. ٻيائي جو احساس به برداشت نٿو ڪري سگهجي. نوري نماڻي هئي. ايڏي حسين عورت پر پوءِ به. ”تون سمون آئون گندري مون ۾ عيبن لک“. نماڻائي، نهٽائي، خود کي فنا ڪرڻ ڪهڙا جذبا آهن؟ حسن ابن علي جو قافلو ڪيئن لٽيو؟ شام غريبان جو درد شايد ڏونگر به ڏاري وجهي! معصوم شاهه زاده، جن نبي جي ڪلهي تي سواري ڪئي هئي. سي ڪيئن بي گورو ڪفن ٿيا. هيڏانهن ماڻهو جي همت قرباني، شجاعت، بهادري جي معراج ۽ هوڏانهن ڪٺور ڪوفين ۽ يزيدي لشڪر جي پستي ڪانئرپڻو، خود غرضي، ذلت ۽ لالچ جي انتها.
    هي ماڻهو ڇو ائين آهي؟ ليلان راڻي هوندي به مڻين جي مٺ تي سهاڳ وڪڻيو ڇڏي ته ٻاگهي سرتين سوڌو ٻرندڙ مچ ۾ ٽپو ڏيئي جان ڏني. امڙ ڇو روئندي هئي ۽ ور ور ڏيئي ڇو ورجائيندي هئي.
    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهن.....
    ڇا امان کي چاچي عيسيٰ جو جوان موت ياد ايندو هو. يا امان پنهنجي ڏک کي زمان و مڪان جي قيد کان آجو ڪري ڌرتي واسين جي هر ڏک ۾ شامل هئي. ڇا امان ”گهوٽ“ جي آفاقي علامت کان آشنا هئي.
    امڙ! مون کي خبر نه آهي – پر هاڻ مون کي ادراڪ ٿيو آهي ته هي ٻلوان، هي وير، هي ڌرتي جي سڏ تي لبيڪ چئي شهيد ٿيندڙ سورهيه، هي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جنگ جوٽيندڙ – هر دور ۾ ايندا آهن. هنن جي دنيا ڪانئرن جي قافلي کان الڳ هوندي آهي – پر.... امڙ! هو جيئندا مڙيئي ٿورڙا ڏينهن آهن. اڄ آئون جڏهين سمجهه ڀريو ٿيو آهيان ته مون کي اهائي ڳالهه رت روئاڙيندي آهي.
    امان! تون مون کي اهي ڳالهيون نه ٻڌائين ها. ڇو ٻڌايون تو مون کي اهڙيون ڳالهيون. اهڙيءَ آگهئي مون کي ائين وڪوڙيو آهي جو منهنجي ذات هر ويلي سرحدن جا ليڪا ڪڍندي وتي.

    (عوامي آواز، 8 آگسٽ 1994ع)


      سائو سومر

    ”وڏو وزير هر سومر تي هڪ ڪلاڪ فون تي عوام جون شڪايتون ٻڌندو“ (عوامي آواز 4 جولاءِ 1994ع) خبر جي تفصيل ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وڏي وزير سيد عبدالله شاهه اعلان ڪيو آهي ته هو هر سومر تي صبح 9 وڳي صبح کان 10 وڳي تائين فون نمبر 5686110 تي عوام جا مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته منهنجي نه هئڻ جي صورت ۾ ريڊر کي مسئلا ٻڌايا وڃن.
    ٽن ڏينهن کان پوءِ اکين نظارو ڪيو ته هڪ خبر مطابق: ”ايڊيشنل سيڪريٽري پلاننگ هر سومر تي صبح 9 کان 10 وڳي تائين عوام جي مسئلن کي فون نمبر 75127512 تي سنئون سڌو پاڻ ٻڌندو“ اڃا ڏينهن اڌ ئي مس گذريو ته خبر آئي:
    ”واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي ايم ڊي جي هڪ اعلان مطابق ايم ڊي هر سومر تي صبح جو 9 وڳي کان 10 وڳي تائين فون نمبر..... تي عوام جون شڪايتون ٻڌندو.“ اڃا اها خبر پڙهي مس ڪئي سون ته: ”ڊائريڪٽر ايڪسائيز ڪراچي هر سومر تي صبح جو 9 وڳي کان 10 وڳي تائين فون نمبر....... تي عوام جون شڪايتون ۽ مسئلا ٻڌندو.“
    وري مٿان ٻه ڏينهن به ڪو نه گذريا ته..... ته ايڪسائيز جو ٻيو ڊائريڪٽر سجاڳ ٿيو. وڃ! هي عبدالمجيد پٺاڻ ٿي گوءِ کنيو وڃي اسان کان!! سو سائين! ڊائريڪٽر ٽيڪسز به هر سومر تي فون نمبر 7721497 تي عوام جون شڪايتون ٻڌندو. ۽ انهيءَ ريت ڪيترن ئي سرڪاري ڪامورن اعلان جاري ڪيا. عوام ويچارو حيران پريشان. هر ڪنهن کي ايڏو ته خيال اچي ٿيو آهي اسان جي شڪايت ٻڌڻ جو.
    چوٿين جولاءِ 1994ع ۽ پيپلزپارٽي جي پهرين منتخب حڪومت جو آمريت ۽ ڏاڍ ذريعي خاتمو – جولاءِ 5-1977ع سترهن سالن جو اڙانگو سفر-سفر جو منزل.... صبح 9 وڳي کان 10 وڳي تائين فون تي عوام جون شڪايتون ٻڌڻ.
    ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ البته ڪرم فرمائي هڪ ترميم ڪئي آهي. پاڻ صاحب جليس جن هر سومر تي ساڍي ڏهين وڳي کان ساڍي يارهين وڳي تائين پنهنجي علائقي جي غريب عوام يعني ڪلفٽن، ڊفينس، زيب النساءِ روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ جي واسين جا فون نمبر 7731676 ۽ 31603 تي مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌڻ فرمائيندا.
    الله خوش رکين! سائين ڪهڙيون شڪايتون ٻڌڻ پسند ڪندا. ڪور ڪمانڊر صاحب بهادر ۽ آءِ جي صاحب جي گهر سان ذري گهٽ لڳندي ديوار واري گهر ۾ رهندڙ ڪنور ادريس سنڌ جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري اغوا ٿيو. آءِ جي صاحب جي گهر جي بلڪل سامهون سرڪاري فليٽ مان ڌاڙو لڳو، خير اهي ڳالهيون ته پيون هلن.
    اصل ڳالهه ته جيڪا سومر جي حوالي سان ياد آئي سا هئي سمن سرڪار جي درگاهه شريف تي سائي سومر جو ٻانگي ڪڪڙ جو نذرانو. مون کي ڪڏهين سمجهه ۾ ڪو نه آيو ته هي سائو سومر ڇو؟ ۽ وري نذرانو صرف ڪڪڙ جو ڇو؟ سو به ٻانگو ڪڪڙ!! هاڻ سمجهه ۾ اچي ٿو ته ٻانگو ڪڪڙ ڇو ۽ سومر جو ڏينهن ڇو؟ قبله سمن سائين هڪ پهتل جلالي فقير هو. کيس خبر هئي ته هڪ ڏينهن ظل سبحاني سومر جو ڏينهن خاص مقرر ڪندا ۽ اسين سڀ ٻانگن ڪڪڙن وانگيان رڳو ”ڪڪڙون ڪو.... ڪڪڙون ڪو.....“ پيا ڪنداسون. اڳئين زماني ۾ ٻانگا ڪڪڙ ٻڌندا هئاسين ته صبح ڪاذب ويلي ٻانگون ڏيندا هئا ۽ موذن به ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌي اٿندو هو ۽ وهنجي سهنجي وضو ڪري اٿي وڃي مسجد ۾ ٻهاري ڏيئي پوءِ اصل ٻانگ ڏيندو هو. پر هاڻ اسين سڀ صبح 9 وڳي کان 10 وڳي صبح تائين ٻانگن ڪڪڙن وانگر پيا فونن تي ڪڪڙون ڪو..... ڪنداسين پر خبردار متان ڪنهن ائين چيو......
    واڪا ڪرڻ وس مون.....
    ففٿ ڪالمسٽ جو ٺپو لڳي ويندس. مون کي ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن سربازار مون کي ٿڦ هڻي ڪڍي هجي يا مون کي وچ چونڪ ۾ اگهاڙو ڪيو هجيس. وزيراعليٰ جي اعلان تائين ته ٺيڪ آهي. هڪ صوبي جو وزيراعليٰ سو به سنڌ جهڙي مصيبت زده صوبي جو وزيراعليٰ عام شڪايتن لاءِ جي ٿورو وقت ڪڍي ٿو ته به سمجهڻ جي ڳالهه آهي. پر هر ٻيو سرڪاري ڪامورو ۽ اهلڪار به فون تي ڪلاڪ جو وقت سو به هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڪڍي ۽ وري ان جي وڏي واڪي پڌرائي ڪري. انهيءَ کان مٿي سنڌ واسين ۽ عام ماڻهن جي ذهانت جي توهين نٿي ٿي سگهي. شايد تڏهن ئي ڪنهن چيو هو؛
    ”ديون (Giants) جو وقت لنگهي ويو. هاڻ ڄامڙن جو عهد آهي. اسين سڀ ڄامڙا آهيون.
    مون به سائي سومر جي عهد کان پوءِ تمام عمراني معاهدا، روسو، هابس، والٽيئر، ارسطو، هيگل، مارڪس، ميڪاولي سڀ جي ڪتابي صورت ۾ منهنجي ننڍڙي گهر ۾ ڄارن ۽ اڏوهي جو کاڄ پئي ٿيا. سي سڀ ٻورين ۾ ڀري عربي سمونڊ جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. مون هاڻي عهد ڪيو آهي ته آئون بحث نه ڪندس. ڳالهائيندس ڪو نه. گستاخي ڪو نه ڪندس. سينو تاڻي ڪو نه هلندس. آئون سمن سرڪار تي سائي سومر جو نذرانو ٿيندڙ ٻانگو ڪڪڙ ٿي پنهنجا پساهه پورا ڪندس. مون ته پنهنجو نالو به مٽائي ڇڏيو آهي. هاڻ آئون پاڻ کي ڄامڙو سڏرائيندس. آئون ڄامڙو آهيان. ها ها آئون تمام پتڪڙو حقير، ۽ خسيس ڄامڙو آهيان. مون تي ناراض نه ٿيو. آئون ٽوڪ يا طنز ڪو نه ٿو ڪريان. خدارا! مون کان ناراض نه ٿيو. متان مون کي پيرن هيٺ چيڀاٽي ڇڏيو. آئون مڃان ٿو ته آئون ڄامڙو آهيان.

    (عوامي آواز، 11 آگسٽ 1994ع)


      امانت

    خليفته المسلمين عمر بن ابي خطاب جنهن جي نالي کان قيصر و ڪسريٰ جا سلطاني گنبذ ڏڪندا هئا. جنهن لاءِ پيغمبر اسلام دعا گهري هئي ته رب تعاليٰ کيس مشرف به اسلام ڪري، ساڳيو عمر ابن ابي خطاب جنهن جي اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ مسلمانن کلئي عام نماز پڙهڻ شروع ڪئي ڇو ته اسلام کي هڪ مضبوط تلوار هٿ اچي وئي هئي. عمر ابن ابي خطاب بهادرن جو بهادر هو. شجاعت ۾ سندس مٽ ڪو گهٽ هيو. سندس رعب، دٻدٻي ۽ دهشت جو عالم اهو هيو جو شرعي حد جو نفاذ بصورت سخت عمل عمر رضي الله تعاليٰ عنه جي وقت ۾ ئي ممڪن ٿيو. جي گورنر غلام کي ٿڦ هڻي ته غلام به ائين ئي سرعام گورنر سان پلئو وٺي سگهي پيو. انتظامي عملداري جي سجاڳ ذهني، اڻ ٿڪندڙ محنت، احساس ذميداري، خوف خدا شايد عمر ابن ابي خطاب تي دنگ ٿيون ڪن. سبحان الله! ”جي دجله و فرات جي ڪناري تي هڪ ڪتو به بکيو رهيو ته اي عمر! روز محشر تون ذميدار هوندين“ شام و عراق جو والي پنهنجي پٺيءَ تي ان جي ٻوري کنيو هلي ۽ جي غلام آقا جو ٻوجهه کڻڻ چاهي ته.... اهو جنهن جي نالي کان وقت جي شهنشائن جون ننڊون ڦٽيون هيون، عمر رضي الله تعاليٰ عنهه جي نالي کان ڇرڪندا هئا. دنيا جي سلطنتن جا والي... اهو عمر روئندو زارو قطار چوندو وڃي. ”بخدا! آئون توکي هي ٻوجهه کڻڻ ڏيان پر روز محشر منهنجو ٻوجهه ڪير کڻندو.“
    تاريخ گواهه آهي ته انهيءَ ڳالهه تي ڪا به ٻي راءِ ڪونهي ته ٻئي خليفي حضرت عمر عليه السلام جو شمار ڄاتل دنيا جي بهترين منتظم ۽ حڪمران طور ٿئي ٿو.
    اهو ئي عمر ابن ابي خطاب جڏهن تمام تر ملڪوئيت ۽ سلطنت سان مسجد نبوي جي منبر تي خطبو ڏيڻ لاءِ بيهي ٿو ته هڪ عام مسلمان برسر عام اٿي کيس ٽوڪي ٿو، ”اي عمر! غنيمت مان هر ڪنهن کي هڪ چادر ملي هئي. جنهن مان تنهنجو جبو ڪيئن ٺهيو؟“ پاڻ قداور جوان هئا ۽ هڪ چادر مان سندن جبو ٺهڻ کي زير بحث آڻڻ معنيٰ سندن ديانتداري تي شڪ ڪرڻ، پاڻ پنهنجي پٽ عبدالله بن عمر کي اشارو ڪيائون جنهن شهادت ڏني ته مون پنهنجي حصي جي چادر بابا کي ڏني هئي ته جيئن سندن جبو ٺهي سگهي. عمر بن عبدالعزيز جنهن کي عمر ثاني چوندا هئا هڪ رات ڏيئو ٻاري ڪاروبار مملڪت ڪري رهيا هئا. جيئن ڪم ختم ڪيائون ته چيائون روشني گل ڪريو گهر واري چيو ”انڌيرو آهي پاڻ فرمايائون ” ڪار مملڪت جي ڪاڻ مون ڏيئي ۾ سرڪاري تيل وجهائيو هيو، ڪار سرڪار ختم ٿيڻ کان پوءِ اها روشني استعمال ڪرڻ منهنجي لاءِ خيانت جو مرتڪب ٿيڻ آهي. الله اللهه....!!
    چڱو پري نه وڃو!! اسين رائج الوقت نظام جي ڳالهه ٿا ڪريون. ماڻهن جي ڳالهه ٿا ڪريون نظام (سسٽم) جي ڳالهه ٿا ڪريون. ماڻهن جي ضابطا اخلاق ۽ ضابطا ڪار جي ڳالهه ٿا ڪريون ۽ پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهڻ جي ڳالهه ٿا ڪريون. گهڻي بحٿ ۾ پوڻ يا اٿل ڪرڻ جي به ضرورت نه آهي. هي موٽر وي اسڪينڊل، هي پيلي ٽيڪسي اسڪينڊل، هي مهراڻ بينڪ سڪينڊل، صدر مملڪت تي ڇنڊا، الائي ڪيترا ننڍا ۽ وڏا اسڪينڊل روز ٿا ٿين. آبپاشي وارا ڪروڙين رپيا ”مٽي“ ڪري کايو وڃن. آبڪلاڻي آئي نه آهي انجنيئر جي گهر ڄڻ عيد، ننڍن وڏن کي حڪم دعا ڪريو، نماز پڙهيو، ڪنيءَ خيرات ڪريو، سيزن آهي، جي خير ٿيو ته به واهه . جي ملڪ ٻڏو ته به پٿر ۽ مٽي. ته ڪيڏانهن ڪو نه ويئي آهي. هتي ته ڏٺوسين يارن کي ڪروڙ جي مٽي، سا به ڪوڙي، چئن چئن سالن کان پوءِ پئسا منظور ڪرائين ۽ بل ڪڍرائين. آخر سائين جو خرچ به ته آهي.
    حڪومتن ۽ دلالن ڪامورڪي لڏي جي ارڏائين، شاهه خرچين، قاعدي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي رواج کي هٿي ڏيڻ ۽ ان ميدان ۾ سڀ ليڪا لتاڙي وڃن، ان موضوع تي دفتر لکي سگهجن ٿا. پر هن وقت هيءَ سڄي اپٽار ڪري منهنجو مقصد صرف چند ڳالهين ڏي ڌيان ڇڪائڻ هيو. من اهي واقعا اسان لاءِ اکيون کولڻ جو سبب بڻجن.
    ريوڊي جنيرو، برازيل ۾ 1992ڌاري ماحولياتي تي عالمي ڪَٺ ٿيو. وزيراعظم پاڪستان لاهور جي هر ٽين مانجهي سانجهي کي کڻي خاص اڏام ذريعي ريوڊي جنيرو پهتو. خير سان ان ڏينهن ۽ قريب انهيءَ وقت تي ڪينيڊا جو وزيراعظم به هڪ عام ڪمرشل جهاز ۾ آيل هجي،کيس جڏهن اها خبر پئي ته هي جو هر ويل پنندڙ ملڪ، تنهنجا حڪمران ايڏا شاهه خرچ آهن. تنهن اتي ئي ايئرپورٽ تي هڪ نمائندي جي پڇڻ تي چيو ته ”جي جن حڪومتن کي اسين پٺتي پيل سمجهي امداد ڏيون ٿا ۽ هو خرچ ڪرڻ ويل پنهنجون ترجيحات صحيح نه ٿا رکي سگهن ته اسان امداد بند ڪنداسون.“
    اسين پينو!!... چڙهيون خاص اڏام ۾.... ۽ جيڪي امداد ڏين.... سي عام مسافر جهاز ۾!!..... واهه سائين!! مغل شهزادا الائي اسان جو مقابلو ڪري سگهن ها يا نه.
    ۽ سائين وري عوام جي سجاڳي ڏسو آسٽريليا جي هڪ وزيراعظم فرينڪلن بابت. هڪ ذاتي دوري کي سرڪاري دورو ڏيکاري صرف سفري ووچر پاس ڪرائين. ته هنگامو ايڏو ٿيو جو نه صرف کيس استعيفا ڏيڻي پئي پر مٿس ڪيس هليو. جنهن ۾ کيس ٻه سال سزا آئي.
    ۽ اڃان ٻڌو سائين!! ڪردار ۽ خود احتسابي. لاديني ته نه پر بقول اسان جي ڇڙواڳ معاشرو، آمريڪا، گيري هارٽ،جارج بش واري اليڪشن ۾ پنهنجي پارٽي يعني ڊيموڪريٽس جو تمام مضبوط اميدوار هيو. تان جو سندس فوٽو هڪ اخبار ۾ اچي. لانچ تي هڪ حسينه، گيري هارٽ جي هنج ۾ ويٺل هجي، باقاعده ڪپڙا اوڍيل. پر عام ماڻهن ۾ ايڏو ته چوٻول ٿيو ۽ سڀ کان مٿي، مسٽر گيري هارٽ تي ايڏو اثر پيو جو هن پارٽيءَ جي پرائمري اميدواري لاءِ به ويڙهه نه ڪئي. حالانڪه ان وقت گيري هارٽ جارج بش کان وڌيڪ مقبول هيو. اها آهي خود احتسابي!!
    ۽ هتي.... اسان وارا همراهه وڏي واڪي اعلان ڪندا نه فلاڻي فلم هيروئين جي نٿ مون لاتي يا فلاڻي جو ڪراچي ۾ پهريون مجرو مون ڪرايو. ڪوشش جاري هوندي ته ڪنهن ڊانسر ڪنهن ڳائڻيءَ، ڪنهن هيروئين سان اسان جو نالو ”واهه سائين واهه وزير هجي ته.....!! ريمان مريس ٿي مٿانس... هاڻ ته کي لفٽ ئي ڪونهي....“
    اهو آهي اسان جو ڪلچر!! چسڪو وٺڻ!!

    (عوامي آواز، 28 آگسٽ 1994ع)


    اهرمن محشر برامان هي.....

    ”هڪ اخباري رپورٽ مطابق ملڪ جي وڏن شهرن خصوصن ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور کان ڪارون چوري ڪري انهن جي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ، انجڻ ۽ چيسز نمبرن کي بدلائي ملڪ جي اهم شخصيتن کي بطور تحفه پيش ڪرڻ واري گروهه جو انڪشاف ٿيو آهي. انهي گروهه جون ڊرگ مافيا وانگيان ملڪ جي وڏن شهرن ۾ شاخون پکڙيل آهن....“ ۽ انهي طرح هن وقت به تقريبن پوڻيون ٻه هزار گاڏيون انهن اهم شخصيات جي زير استعمال آهن. (اداريو-جنگ ڪراچي-17 آگسٽ)
    ساڳي اخبار 16 آگسٽ يا 17 آگسٽ تي به پهرئين صفحي تي شه سرخي سان ٽه ڪالمي خبر ڏٺي جنهن مطابق انهن اهم شخصيات ۾ ڪي سابق وزير ۽ اسيمبلي ميمبر شامل آهن. خفيه ادارن اهڙن ماڻهن جون لسٽون ترتيب ڏنيون آهن ۽ حڪومت سنجيدگيءَ سان انهن ماڻهن يعني ڪار چور مافيا ۽ سندن پشت پناهي ڪندڙن وڏين مڇين ۽ اهڙين چوري جي گاڏين واپرائيندڙن وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي سنجيدگيءَ سان سوچي رهي آهي.
    ڪار چوري پاڪستان جي عام ماڻهو جو اهم مسئلو يقينن نه آهي. ملڪ ۾ ٻاويهه کان چوويهه لک گاڏيون آهن جن ۾ رڪشا، موٽر سائيڪل، ٽرڪ، ٽرالر، ٽينڪر، بس، جيپ ۽ ڪار وغيره سڀ شامل آهن. ذاتي چڙهي لاءِ هيٺيون متوسط ۽ وچيون متوسط طبقو موٽر سائيڪل ۽ مٿيون متوسط يا اوچو طبقو موٽر ڪار استعمال ڪندو آهي، جيڪي گاڏيون اندازن ستن کان نو لک ٿينديون. يعني اهو مسئلو سنئون سڌو قريب 12 ڪروڙ آبادي جي اعشاريه ست سيڪڙو ماڻهن سان لاڳاپيل آهي ۽ اڻ سڌي طريقي سان ٽي فيصد آبادي موٽر ڪارون استعمال ڪري ٿي. هن غريب ملڪ جا اهم ترين مسئلا آهن ته ٽيهه فيصد عوام روز هڪ ڊالر ۽ ان کان گهٽ ڪمائين ٿا. جتي ٽن کان چئن هزار ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر مس آهي. جتي تعليم جي شرح 20 سيڪڙو به ڪونهي. جتي ويهه فيصد ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي مس ٿو ملي. جت ٻاروتڻي جي شرح اموات 10 سيڪڙو کان مٿي آهي. جت بيروزگاري جون واڳون پنهنجو موتمار وات پٽيو ڪيترائي جوان ڳڙڪايو ڇڏي. جت رشوت، سفارش چور بازاري جي بازار گرم آهي. جنهن هنڌ، جنهن ملڪ ۾ مسئلا ائين چوڌاري وڪوڙيل هجن جو ماڻهن جي گروهه جو بنيادي اخلاقي ريشو ئي ڀيانڪ تباهي ۽ اونداهي جي ڪناري لڳندو هجي. اتي بظاهر آبادي جي اعشاريه ست فيصد ماڻهن سان لاڳاپو رکندڙ يا کين اثر انداز ڪندڙ مسئلو ايڏي وڏي اهميت جو حامل شايد نه ليکجي يا ان کي وڌ ۾ وڌ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ناڪامي سمجهيو وڃي يا وري سرمايه ڪاري جي سيڙپ ۾ رخنو ڪري ڏنو وڃي.
    پر اهو ساڳيو مسئلو نهايت ڳنڀير صورتحال اختيار ٿو ڪري جڏهن پوڻا ٻه هزار گاڏيون چوري ٿيل آهن. سي بااختيار ۽ بااثر ماڻهن جي زير تصرف هجن. ۽ انهن ۾ سابق وزير ۽ ميمبر اسيمبلي ۾ شامل هجن. ۽ پوءِ ان قسم جو حلف جو ڇا.....!!
    ”...... ته..... آئون پنهنجا فرائض منصبي مملڪت جمهوريه اسلاميه پاڪستان جي آئين مطابق ايمانداريءَ ۽ فرض شناسي سان پنهنجي بهترين قابليت مطابق سرانجام ڏيندس.....“
    مٿي ذڪر ڪيل لسٽون معتبر ذريعن مطابق قانون نافذ ڪندڙ ادارن ٻه اڍائي سال اڳ مرتب ڪيون هيون. جنهن جي ڪجهه حصن تي ڪراچي جي انگريزي رسالي ”هيرالڊ“ هڪ اسپيشل ايڊيشن شايع ڪيو هو ۽ اهو ايڊيشن مارڪيٽ ۾ ايندي شرط بڪ اسٽالن هاڪرن ۽ دڪانن تان بزور اسلحه کڻي غائب ڪيو ويو. سڀن کي ياد هوندو ته پريس ۽ ڪن بااثر شخصيات ۽ ادارن جي دخل انداز ٿيڻ تي اهو ايڊيشن وري شايع ٿيو هيو. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جا ان وقت مخالف ڌر جي اڳواڻ هئي ان ايوان ۾ به انهيءَ مسئلي تي آواز اٿاريو هيو.
    * ان وقت سڀ کان شرمناڪ واقعو جو پريس ۾ به آيو هيو. اهو 1989ع جي مرسڊيز کي پنج هزار رپين ۾ سي آءِ اي جي هڪ سپاهي کي سپرداري تي ڏيڻ. اها به سڀن کي خبر هئي ته ساڳي ڪار قانون جي محافظن جي هٿان سنڌ جي هڪ مرد آهن کي تحفي ۾ ويئي.... ۽ شايد اها به سڀن کي خبر پئي، مرد آهن سوڌو ته اها گاڏي هڪ انتهائي قريبي دوست ملڪ جي سفارت خاني مان چوري ٿيل هئي.
    * ملڪ جي سياست جي حوالي سان هڪ نهايت معتبر ۽ ايماندار سياستدان کي بنا ڪاغذن جي صوبي جي بااختيار شخص جي معرفت گاڏي رجسٽر ڪرائيندي ٻڌوسين.
    * هڪ معتبر شخص کي مرسڊيز وڪڻندي ڏٺوسين جا هن پاڻ قبوليو ته بنا ڪاغذن جي آهي ۽ چوريءَ جي هئي جا سستي هئڻ ڪري هن ورتي هئي.
    * سنڌ جي مرد آهن صوبي جي سابق وزيراعليٰ بنا ٽيڪس، ڪسٽم ڊيوٽي جي پنهنجيون لموزين ڪارون رجسٽر ڪرايون.
    * هڪ ميمبر ۽ سرنديءَ واري شخص جي گاڏي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جهلي ته بنا ڪاغذن جي هئي. جي پوءِ ٺاهيا ويا. اصل مسئلو شخصيتن جو ڪونهي، مسئلو آهي مجموعي قومي ڪردار ۽ اخلاق جو. ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ اُهي ماڻهو ياافراد، جي قومي ڪردار جي تشخيص واضح ڪرڻ ۽ لائحه عمل طئي ڪرڻ جا ذميدار هوندا آهن اهي ئي بدقسمتيءَ سان ذاتي مفادن ۽ فائدن کي هر شيءِ کان وڌيڪ عزيز سمجهندا آهن ۽ سڀ کان بدنصيب آهيون اسين سنڌي ماڻهو جتي ”تون منهنجي پٺي ٺپر، آئون تنهنجي پٺي ٺپريان….“
    مون کي ته ائين لڳندو آهي ته اڄ جي حوالي سان هي عمراني معاهده هي طبقاتي ونڊ ورڇ ۽ ڪشمڪش سڀ ڪجهه پراڻا ۽ آئوٽ آف ڪانٽيڪسٽ يا متروڪ ٿي چڪا آهن. اسين هڪ اهڙي عجيب دور ۾ پهتا آهيون جتي شايد صرف ٻه طبقا وجود رکن ٿا. هڪ مربي ۽ ٻيو سندس احسان منديا (Beneficiary) طبقو. لٽ مار جو نظام جاري آهي. ٻئي طبقا باهمي ترغيب جي اڻ ٽٽندڙ زنجير ۾ ٻڌل آهن ۽ ترغيب جي مضبوط ۽ مربوط پاليسي وسيلي باقي رڍن جي ڌڻ کي پيا هڪلين.
    يزدان هي سويا هوا
    اهر من محشر بدامال بي.....
    ..... انا الله وانا اعليه راجعون......

    (عوامي آواز، 5 سيپٽمبر1994ع)


    هرپل صليب تي...

    دوستن حڪم ڪيو- مون لکڻ شروع ڪيو سندن چوڻ هيو ته هر ڇنڇر تي تنهنجو ڪالم ايندو. مون واعدو ڪيو ته آئون ٻه ٽي قسطون ڪنهن ڏينهن گڏ موڪليندس. نه سندن واعدو پورو ٿيو نه ئي مون انجام پاڙيو، مون جڏهن سهيل سان لکڻ جو واعدو ڪيو هيو ته سندن ذهن ۾ خالص ادبي نڪته نظر هيو ۽ منهنجي دل ۽ دماغ ۾ باهه جا اُلا هيا، آئون ابراهيم ابن، آذر ڪو نه هيس جنهن تي باهه ٿڌي ٿئي، آئون ته انهن مان آهيان جي هر ويلي هر پل اندر جي آنڌ مانڌ جي چتا تي چڙهندا رهندا آهن. ڪافي ڏينهن گذري ويا..... ڪالم نه لکيو. سهيل ميار ڏني. سهڻا، تو ته ميار ڏيئي جان ڇڏائي، تو مون کان به پڇيو ته تنهنجو حال ڇا آهي... انهيءَ مهيني ڏيڍ ۾ منهنجو انگ انگ، رونءِ رونءِ ٽانڊن تي تڙپيو آهي. ڪسجڻ ته اسان جو مقدر آهي. مقدر اٽل آهي. شايد .... پر هر گهڙي هر پل صليب تي چڙهڻ، خواهشن، ارمانن جي سيج تي بي مقصد ويهڻ..... اهڙي اذيت آهي جا ڀوڳڻ هر عامي جي وس جي ڳالهه نه آهي. ور ور ڏيئي ڀٽ ڌڻي ٿو ياد اچيم.....
    ”جيڪر آئون هياس گري گوندر ول جي“.... آئون ڪڏهن به نه ته ياس پسند رهيو آهيان. نه ئي ڪڏهن هِيڊونِسٽ رهيو آهيان. خود آزاري ۾ لذت به هوندي آهي پر اهي ڳالهيون هاڻ الاهي پراڻيون ٿي ويون. انهن فڪرن کان انسان الاهي مٿانهون ٿي ويو آهي. وٽس وقت نه آهي جو ويهي پنهنجي ذاتي ڪاميابين، ناڪاميابين تي سوچي. اڄ عشق وحسن ڪيترو به آفاقي هجي پر.... هر ڪو ڄاڻي ٿو ته آئون هن لامحدود ڪائنات ۾ هڪ نهايت ئي ننڍڙو ڪڻو آهيان. ذاتيات نهايت ئي محدود آهي ۽ ڪائنات وسيع ..... پر منهنجي وجود کي ڄڻ ڄارو لڳي ويو آهي، ڇو، مون کي به سمجهه ۾ نٿو اچي.
    هي الميو هر انسان جو آهي. ڇو ڀلا. اڻ ڄاتل ڄارو هر وجود کي وڪوڙيو وڃي. ڪوريئڙو به نظر ڪو نه اچي. مون کي معاف ڪر منهنجا دوست، منهنجا ڀاءُ! آئون اڻ ڄاتي جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهيان، منهنجي تمنائن ۾ ڪا آنڌي آئي آهي. آئون پاڻ کي نستو ۽ ڏٻرو پيو محسوس ڪيان، بيوس ۽ لاچار ڪاش! مون کي گوتم جو.
    سروم دکم دکم....
    سمجهه ۾ اچي- هر شيءِ دک آهي، دک آهي، سدا دک آهي ۽ دک ڇو آهي. ڇو ته جنهن شيءِ کي مان پيار ڪيان ٿو. سا ڪانهي، جنهن سان نفرت ڪيان ٿو سا آهي، جا چاهيان ٿو سا ڪانهي، جا نٿو چاهيان سا آهي، نيٺ مان ڪاڏي وڃان.
    نرواڻ ته مون کي نه حاصل ڪرڻو آهي نه ئي کپي. نرواڻ حاصل ته گوتم کي ڪرڻو هيو. مان سدا ڀٽڪندڙ روح.... مان ڇا ڪيان شانتي حاصل ڪري.... مان ته چوان ٿو ته شانتي معنيٰ ماٺ! ۽ ماٺ موت برابر آهي. مون کي موت نه کپي. مان هر دم روان دوان رهڻ چاهيان ٿو. ۽ روان دوان رهڻ جي قيمت چڪائڻي هوندي آهي. نديم ملڪ وانگيان .... هر آيل منهنجي جسم ۾ شاور جوڙي روز رت مان غسل ڪري ٿو.....
    هر واقعو، هر آيل، هر ملاقاتي هر عرضيدار منهنجي جسم ۾ انيڪ گهاوَ ڏيئي منهنجي رت سان غسل ڪري ٿو. جو هو مون کي منهنجي ڪوتاهين، هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلمن انيڪ گهاون جي داستان ٻڌائي خود ته آرامي ٿئي ٿو پر منهنجي من ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري ٿو ۽ منهنجو الميو اهو ئي آهي ته آئون احساس گناهه سو به، ناڪرده، ۾ سڙندو رهان ۽ پچندو رهان ڇو ته مون هڪ واري واعدو ڪيو آهي ته هن ڌرتي تي جو به ظلم ٿيو سو مون تي ٿيو ۽ سو هن اونڌاهيءَ ڌرتي تي مون جو قسم کنيو آهي سو نڀايان پر وجود کي وڪوڙيل غم جو ڪهڙو علاج ڪيان.

    (عوامي آواز، 10 سيپٽمبر1994ع)


      هڪ ڪاسائي ٻيو چور، ٽيون قانون کان بالاتر

    سابق صدر روهه تائي وُو پندرنهن ارب رپين جي حساب رکڻ ۾ ۽ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري جيل ۾ بند ڪيو ويو. هن اهي پندرنهن ارب رپيا مبينه طور تي ڪوريا جي 35 واپارين ۽ صنعتڪارن کان پارٽي فنڊ جي نالي تي ورتا هئا ۽ انهن پئسن جي خرچ ڪرڻ جو وٽس ڪو حساب نه هيو. تائي وُو جي گرفتاري ۽ مٿس بدعنواني جي الزام، جتي بين الاقوامي چوٻول پيدا ڪيو اتي ڪوريا جي عوام ۾ قومي سطح جي ليڊرن جي ڪردار جي باري ۾ واضع شڪ شبا پيدا ڪيا. جن پارٽي فنڊ جي نالي تي جمع ڪيل 15 ارب رپين جو حساب نه رکيو ويو آهي ته ڇا انهن صنعتڪارن ۽ واپارين کي قومي خزاني ۽ معيشت جي مفاد جي برعڪس مراعات ته ڪو نه ڏنيون ويون؟ ساڳئي وقت انهن 35 صنعتڪارن ۽ واپارين ۾ به اچي ڦڙ ڦوٽ ۽ ٿرٿلو مچيو. ڊائيوو ۽ هنڊائي جي خالق جهڙن گڙنگ شاهوڪارن جن کي ڪوريا جا ”شيبوئل“ ڪري چيو وڃي ٿو، کي به شامل تفتيش ڪيو ويو. ”شيبوئل“ جي عرفيت ڏکڻ ڪوريا جي انهن گهراڻن لاءِ آهي جن کي اسين پاڪستان جي ڪنهن زماني ۾ مشهور 22 خاندانن سان ڀيٽ ڪري سگهون ٿا. توڙي جو ڪوريا جي انهن شاهوڪارن جي مقابلي م اسان جا دائود ۽ سهگل ڪجهه به ڪونهن. دلچسپي جي ڳالهه اها آهي ته انهن 35 ڄڻن مان صرف اٺن لاءِ امڪان آهي ته انهن تي ڪيس هلايو وڃي ۽ صرف هڪ ڄڻو جيل ۾ آهي. سرڪاري حلقن جو چوڻ آهي ته انهن گڙنگ صنعتڪارن ۽ شاهوڪارن کي جيل ۾ وجهڻ يا مٿن ڪارروائي ڪرڻ سان ڏکڻ ڪوريا جي معيشت تي نهايت برو اثر پوندو. اها خبر هر ڪنهن کي آهي ته انهن ”شيبويلن“ جي بادشاهي بينڪن مان حاصل ٿيندڙ رعايتي قرضن تي ٿي آهي. جنهن جي زور تي هنن ايڏي ته ترقي ڪئي جو هڪ ڊرائيور دنيا جي ممتاز صنعتڪارن مان هڪ ٿي ويو. اهي آهن آزاد معيشت جا ڪرشما اسرندڙ ملڪن ۾.....!!
    ڊسمبر 1995ع؛ ڏکڻ ڪوريا.
    اڃا پنن تان مسُ سڪي ئي ڪو نه هئي ته ڏکڻ ڪوريا جو ٻيو صدر چُن دُو هوان گرفتار ڪيو ويو. مٿس الزام هيو ته هن 1980ع ۾ شهرين جي مظاهري تي گولي هلائڻ ۽ لٺبازيءَ جو حڪم ڏنو هيو جنهن ۾ ڪيترائي بي گناهه مارجي ويا. جاچ دوران ٻيا الزام به سامهون آيا. خبر پئي ته مار!! هي همراهه ته پهرئين کان اڳڀرو نڪتو. هن شهزادي ته 20 ارب رپين جو ڌڪ هنيو هيو.
    اڃا خبرون هلن پيون. ڏکڻ ڪوريا انهن واقعن جي منظرعام تي اچڻ کان پوءِ هيءَ چوڻي عام ٿي پئي آهي ته:
    ”هڪ صدر ڪاسائي هيو، ٻيو چور ۽ ٽيون قانون کان بالاتر...“ قانون کان بالاتر ڪير هوندو. پاڻ سمجهو ٿا. جيڪو ويٺو آهي. مزو ماڻيو صنعتڪارن جن پنهنجي سلطنت پائيدار ڪئي، سستا قرض وٺي، کين هٿ نٿو لڳائي سگهجي ڇو ته ڪوريا جي معيشت خطري ۾ پئجي ويندي.
    دهلي: 18 جنوري 1996ع
    ”وزراعظم نرسمهارائو جي ڪابينا جي ٽن وزيرن بدعنواني جي الزامن کان پوءِ استعيفا ڏيئي ڇڏي، جا ڀارت جي هڪ صدارتي فرمان ذريعي منظور ڪئي ويئي“ اهي ٽي غريب وزير بلرام جَکڙ، ماڌوراءِ سنڌيا ۽ وديا چرن شڪلا آهن. جن تي الزام آحي ته ڀارتي جنتا پارٽي جي ايل ڪي آڏواڻي جي نالي سان کين سٺ لک رپيا وصول ٿيا پر خرچ جي مد جو حساب نه آهي.
    هي آهي نظام جو ضبط ۽ اخلاق، ته ٽنهي وزيرن هڪ وفاقي اداري جي تحقيق کان پوءِ استعيفا ڏني. استعيفا تي قصو پورو ڪو نه ٿيو آهي. سندن خلاف ضابطي جي ٻي ڪارروائي هاڻ هلندي. هي ته صرف الزام هيو. سوچ جو مقام آهي!!؟
    تصوير جو ٻيو رُخ؟؟!..................!!..............
    آخر ٻانڀڻ کي به عزت پياري آهي. نور عباسي مرحوم کي مشهور مثل ”واٽ ويندي ٻانڀڻ.... “ ياد هئي، هاڻ ته واٽ بند هوندي به ٻانڀڻ جو گهر ويٺي به خير نه آهي.
    شل ڪو ڏينهن اچي ته آسڪر وائيلڊ مانائتو ٿئي.....
    ”۽ جيڪي خوبصورت شين ۾ خوبصورت معنيٰ ڳولين ٿا اهي سڀاويڪ آهن. انهن لاءِ اميد آهي....“
    (Those how finds beautiful meanings in beautiful things are the cultivated for them, there is hope.)
    ڇو ٿا هي ماڻهو معنائن کي بدشڪل ۽ بي رنگ ڪن!! ايڏو ته ڪروڌ ۽ پاپ اڳيئي وسي پيو. هن ڌرتيءَ جي سينڌ شل ايڏي سڃي نه ٿي وڃي جو ڪا گل ٻاٽي ئي نه ٿئي.

    (عوامي آواز، 5 فيبروري 1996ع)


      اسلام آباد ۾ نانگ

    قومي اخبار پهرين فيبروري 1996ع؛ اسلام آباد ۾ نانگ گهڙي آيا. خبر جو متن، خبر مطابق.“ فيض آباد کان زيرو پوائنٽ اسلام آباد وڃڻ واري روڊ تي نانگن واسو ڪيو آهي. اهي نانگ هڪ گز کان ڏيڍ گز ڊگها آهن ۽ عوام جي دلچسپي ۽ توجهه جو مرڪز بڻيل آهن.“
    هي خبر پڙهي ذهن جي ڪوري پني تي هڪ ٻئي مٿان تيز رفتار فلم جي ٽوٽن جيان ٽريلر ۽ ٽڪرا هلڻ لڳا. ياد آيم ته پروفيسر غلام مرتضيٰ ڌاريجي جو هڪ مضمون عوامي آواز ۾ آيو هيو. مرتضيٰ ڄامشورو يونيورسٽي جي زوالاجي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي. نباتات ۽ حيوانات سندس پسنديده موضوع آهن. مرتضيٰ پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته سقراط کي جو زهر ڏنو ويو هيو جنهن کي ”هيملاڪ“ چون ٿا ۽ نباتات جي ٻولي ۾ ڪونم مڪويٽم چون ٿا سهڻن ننڍڙن اڇن ڦلن ۽ ٽاري تي دورنگي چٽ وارو سهڻو ٻوٽو، زهريلو، امر ڏاهي سقراط جو خاتمو ڪرڻ وارو اسلام آباد ۽ چوپاسي تمام گهڻي تعداد ۾ ٿئي ٿو.
    واهه ڙي مولا واهه!! تنهنجي قدرت جا ڏيک!! هيڏا واضح – اسلام آباد کي ته ڪنهن به سقراط کي زهر پيارڻ جي ضرورت ئي ڪونهي. ٽي ايس ايليئٽ ويچارو پٽيندو مري ويو ته ”اسين سڀ خالي، کوکلا ۽ بهه جا ڀريل ماڻهو آهيون.“ برنارڊشا به منهن مٿو پٽيو ته ”اسين پتڪڙا ۽ ننڍڙا ماڻهو آهيون.“ ڏاهپ جي جنس جو هتان لنگهه ئي ڪو نه ٿئي پوءِ زهر ڪنهن کي ڏجي!! متان ايئن ته ڪونهي ته چوڌاري زهر جا ٻوٽا پيدا ئي ان ڪري ٿين ٿا جو مٽيءَ جو تاثير اهڙو آهي جو اتي اسرندڙ هر شيءِ ۾ زهر جو تاثير ضرور هوندو. هاڻ خبر ٿي پوي ته هي ڇو؟! جي جيڪي گڏ نپيا پليا ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جا ڳيت ڳاتن تن کي ڏاٽي وهائيندڙ هاريءَ ۽ مترڪي هلائيندڙ مزدور کان بيگانگي ڇو ٿي ويئي آهي. سندن وجود ۾ ڪروڌ ۽ لوڌ جو تاثر ڇو پيدا ٿي ويو آهي. رحم، نرم دلي ۽ درد سندن ويجهو ڇو ڪو نه ٿو وڃي؟ سو اهو ئي ته آهي زهريلي ٻوٽي جو واس.
    مون کي ياد آيو ته ويهارو کن سال اڳ جڏهن ڪجهه ڏينهن اسلام آباد ۾ رهڻ ٿيو ته ٻه چار ڏهاڙا لاڳيتو بارش ٿي. اسان هريل بدين ۽ ميرپورخاص تي، سو ڀانيوسين اجهو ٿي لائيٽ وڃي. بجلي وري اهڙي ته نڪ وڍي جو چوي ته مان ڇو وڃان. ابا هڪ ڏينهن ٻيو ڏينهن، ٽيون ڏينهن، مينهن ۾ آفيسن وغيره جو چڪر لڳائي وري اچي هاسٽل ۾ ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. ڪجهه دوست پاڻ ۾ هئاسين. مينهوڳي ۽ هلڪي ٿڌ جو مزو دوبالا ڪريون ۽ سمهي رهون. ٽئين ڏينهن جڏهن بارش هٽي ته شام جو دوستن چيو ته هلو جوگنگ تي مون چيو ته ”يار گپ هوندي“. هريل هئاسين ڌڌڙ، ڇيڻا، پولڙيون، کڏا کڏا رستا جي ڪڏهن، ڪنهن زماني م ڪول تار وڇايل رستا هيا. اچيو کلن. چيائين ”او، سائين! هي اسلام آباد آهي“. هتي پاڻي اصل ڪو نه بيهي“. ٻاهر نڪتاسين ته ڏٺم واقعي روڊ رستا صاف هئا. چوپاسي هٻڪار هئي. گل ڦل، وڻ ٽڻ وهنجي ڪنوار جيان ٽڙيل ۽ آجيان ڪندڙ پئي لڳا. مون جنهن کٻڙن ۽ ڄارين کانسواءِ ڪي ڪين ڏٺو هو، حيران ٿي چيو،.... ۽ پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪاري ٿيندوءَ....“ پر اندر جو سڙيل کاميل ڪامريڊ وري ٻاهر نڪتو. پر يار، مون کي هن شهر جي رستن ۽ عمارتن مان ملڪ جي ڏهه ڪروڙ باسين جي رت جي هٻڪار ٿي اچي. ايڏو تضاد سهوليتن جو. منهنجن ماروئڙن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي. سواري لاءِ بس ڪونهي، اجهي لاءِ گهر ڪونهي ۽ ........ هتي..............!! هي ڪهڙو انصاف آهي.
    پر ڳالهه پي ڪئي سين، فيض آباد کان زيرو پوائنٽ تائين نانگن جي. فيض آباد ته راولپنڊي ۾ آهي ۽ زيرو پوائنٽ اسلام آباد ۾ يا شايد چونڪ فيض آباد اسلام آباد ۾ آهي پر اهو رستو سڄو اسلام آباد وفاقي عملداري ۾ آهي. سقراط ته بانءَ ڪئي ان ملڪ ۾ هئڻ جتي چوڌاري سندس لاءِ زهر جا ٻوٽا واسينگن جيان ڪر کنيو بيٺا هجن، پر جي هجي ها هن وقت ته ضرور سوچي ها. پر هيءَ سوچ سقراط کان ڳوري آهي. هن مسئلي تي علاما خفقاني ضرور راءِ زني ڪري سگهندو. مسئلو ايڏو ته منجهيل ۽ ڏڦيڙ وارو آهي جو جواب هڪ نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته حڪومت جي سازش هجي ميان نواز شريف کي خوفزده ڪرڻ ۽ کيس اسلام آباد واپس ورڻ جي خواب مان ڪڍڻ لاءِ بنا مرلي وڄائڻ جي نانگن جو ڄار وڇائڻ. پر فيض آباد کان راولپنڊي به ته پري ڪونهي. پنڊيءَ وارو همراه نئون نئون آيو آهي. هيڪر ته نانگن جو ڊڄ ڏيوس. جي نه ڊنو ته...... ته..... ته، اسين پاڻ ڊڄي وينداسين.
    هڪڙي ڳالهه ٻي سمجهه ۾ ڪو نه آئي نانگ به گز ۽ ڏيڍ گز جا!! نانگڻ جو ذڪر ڪونهي. ويچارا اڪيلا نانگ بغير ماديءَ جي اٻاڻڪا ڪو نه ٿيندا. ائين ته ڪونهي جو ڏيڍ گز معنيٰ ساڍا چار فٽ وڃي ٿيا. ڄام صاحب مرحوم جا باڊي گارڊ سنتوش ۽ سڌير ٽي فٽ، چار فٽ، اصل روپ ۾ يعنيٰ سو سال کان پوءِ نانگ کان ماڻهو ۽ وري نانگ ٿي پيا هجن. هڪ ڳجهارت ٻي به آهي ته فيض آباد کان زيرو پوائنٽ ڇو؟ زيرو پوائنٽ کان فيض آباد ۽ پوءِ سڌو سنئون رستو ڏيئي ڪراچي جو سفر ڇو نه ٿا ڪن. پورو ملڪ مولا جو پيو آهي. سندن کاڄ لاءِ، لڳي ٿو شينهن ۽ ٻڪريءَ واري تڪرار کان پوءِ هاڻ نانگ به هيٺائين ڏي هلن يا مٿائين ڏي هلن. مڙيئي ٻڪريءَ جي نصيب ۾ شينهن جو کاڄ ٿيڻ لکيو آهي. هيئن ٿئي يا هونئن ٿئي. پر خبر اٿو ته اسلام آباد ڪنهن ٺاهيو هيو، نالو ته صدر ايوب خان جو آهي پر اسلام آباد شهر جو نقشو جڳ مشهور شهري رٿابندي جي ماهر لارڊ گريفن (يا ڪجهه اهڙو نالو اٿس. ڀل چُڪ لاءِ معافي) ٺاهيو هيو، هن دنيا جا ٻه دارالحڪومت اسلام اباد ۽ آسٽريليا جو دارالحڪومت ڪينبرا هڪ ئي طرز تي ٺاهيا آهن. چون ٿا ته ڪينبرا پهتئو ته ڀائيندوءَ ته روڊ رستا سڀ جيئن ٻيو اسلام آباد هجي. البته اتي نڪو هيملاڪ جو ٻوٽو ٿئي نه ئي وري نانگ نڪرن ۽ سائين منهنجا، جنهن شخص سڄي رٿابندي تي نگراني ڪئي ۽ شهر اڏايو ان جو نالو آهي، آغا محمد يحيٰ خان“. جيڪو بعد ۾ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر، صدر پاڪستان ۽ مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿيو.
    اها اسان جي بدقسمتي آهي ته تاريخ جا ڪيئي زاويا ڪيئي رنگ، ڪيئي گڻ اسان کان پوشيده رهجيو وڃن. آغا محمد يحيٰ خان به تاريخ جي انهيءَ ظلم جو شڪار آهي. پاڪستاني فوج جي بهترين پيشه ورانه صلاحيتن جو اعليٰ مثال هيو. پر تاريخ جي مذاق کيس اسان جي سامهون رڳو هڪ شرابي ۽ عياش جنرل جي طور پيش ڪيو آهي. اسڪندر مرزا نواب خاندان جو فرد هيو. انڊين برٽش آرمي جا ڪميشنڊ آفيسر هئا. صدر پاڪستان جي عهدي تي پهتا. هڪڙو مرڻ وقت ڪنگلو هيو، ٻيو لنڊن جي هوٽل ۾ ملازمت ڪندو هيو. نه پرمٽ ورتن نه ڏنن. اسڪندرمرزا تي وڏو الزام، وڏي ۾ وڏو به ته اهو هو نه ته، ناهيد اسڪندر مرزا انشورنس جو ڪاروبار به ڪندي هئي. ٿي ويچارن سان ايوب کهڙي واري ڪار، کهڙي صاحب سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان اڪيلي سر ويڙهه ڪري الڳ ڪرايو. سنڌ واسين کي اها ڳالهه ياد ڪونهي پيو اڃا ون يونٽ جو الزام ڀوڳي.
    تاريخ جي پنن کي جي حالات حاضره ۽ گذشته جي مانڌاڻيءَ ۾ ولوڙينداسين ته................ ڪانگ ڪيا آکيرا..............
    هاڻ ڪانگ ۽ نانگ به ته هم قافيه ۽ هم رديف آهن. ڇا ڪيون.

    (عوامي آواز، 20 فيبروري 1996ع)


    لالڻ سائين! آئون ته گولي گلام تنهنجي در جي

    ذهن عجيب پريشانيءَ ۾ مونجهاري ۾ اچي پيو آهي. رکي رکي مائي ڀاڳيءَ جو آواز ذهن جي مفلوج پردن تي پڙاڏو ٿيو پيو هٿوڙا هڻي.....
    ”سمن سائين!! آءٌ ته گولي گلام (غلام) تنهنجي در جي.....“
    جهڏي ٽنڊي باگي، روڊ لڳ سيد سمن شاهه جو روضو آهي، جتي ويجهي ماضيءَ ۾ سمن فقير وسندو هو. سمن سائين، جهڏي جنهن کي جهڏو گدام به ڪري سڏيندا آهن، جي ڀرسان هڪ وڻ جي هيٺان سياري اونهاري پٺن اگهاڙو ويهندو هو. باشرع هيو يا نه سا خبر نه آهي پر اها خبر اٿم ته اسان جو چاچو مرحوم رٽائرڊ ڪليڪٽر۽ عليڳڙهه يونيورسٽي جي پهرئين مسلمان سنڌي گريجويئيٽن مان هڪ هوندي به سمن شاهه جي حاضري ڀريندو هيو. جهڏي کي پاڪستان جي ٻي نمبر وڏي مرچ منڊي هئڻ ڪري ايتري شهرت ڪانهي جيتري سمن سرڪار جي ڪري آهي. ۽ هاڻ وري لالڻ سائين يا ”لالو لاشاري“ جي ڪري ٿي آهي. لالو لاشاري به جهڏي جي ڀرسان جهڏي نبي سر روڊ تي مڪاني هوندو آهي. چون ٿا ته اڪثر پٺن اگهاڙو يا ته واهه جي ڪپ سان يا واهه اندر يا ڳوٺ ڪرم خان لغاري جي ڀرسان بس اسٽاپ تي ويٺو هوندو آهي. لالڻ سائين هڪ نيم مجذوب فقير آهي. جنهن وٽ ڪجهه وقت کان ماڻهن جا لشڪر پيا اچ وڃ ڪن. فقير هر ڪنهن کي دعا ڪيو ويٺو آهي. ڪجهه اسان جي لغاري دوستن جي مهرباني جن لالڻ سائين جي ڪرامتن جا قصا محفلن ۾ عام ڪيا جو هر ٻڌندڙ جو من هرکيو ته، وڃي ڪنهن ڪرامت جي ڪانيءَ کان دعا ڪرائجي ۽ ڪجهه وري لالڻ سائين وٽ وي آءِ پي اچ وڃ، واقعي جهڏي گودام جا وارا نيارا ٿي ويا. چون ٿا ته ضلعي ميرپورخاص سان واسطو رکندڙ هڪ وزير صاحب لالڻ سائين جي ڪرامتن جو قائل ٿيو ۽ ائين لالڻ سائين جي هاڪ ايوان اقتدار تائين پهتي. وزيراعليٰ سنڌ به لالڻ سائين کي ڏسڻ ۽ سندس دعائن لاءِ جهڏي گودام جي پاسي آيو. قبلا سائين کي ڏسندي سنڌ جي ڪافي وزيرن ۽ ڪامورن به لالڻ سائين ڏي پنڌ ڪيو. وزراعظم بينظير ڀٽو صاحبه جن به ايڏهين لانگهائو ٿيون. سندن ور آصف زرداري صاحب به تر ۾ آيا. آصف صاحب لاءِ ته ميرپورخاص سندن ٻيو گهر آهي. پاڻ ڪافي وقت ميرپورخاص جي ڀرپاسي ۾ زمينداري ڪئي اٿائين ۽ تر جي هر ماڻهوءَ سان سندس قرب ۽ رستو اڄ به ائين آهي جيئن ڏهه پندرهن سال اڳ هوندو هيو. انهي بهاني ٽنڊوباگو جهڏو رستي جو نصيب کليو. سالن کان وساريل سنڌ جو هي اهم رستو، جو سنڌ جي ٻن وڏين منڊين، ڪنري ۽ جهڏي کي ڪراچي سان ملائي ٿو. مسين مسين مرمت ۽ ويڪري ٿيڻ لاءِ منظور ٿيو. هڪ ننڍڙو ٽن ڪلوميٽرن جو ٽڪرو جو جهڏي نبي سر روڊ کي باءِ پاس طور ٽنڊي باگي جهڏي روڊ سان ملائي ٿو سو بدين جي ايم اين اي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي مهربانين سان پتافي موڙ وٽان به منظور ٿيو.
    لالڻ سائين بينظير ڀٽو صاحبه ۽ سائين عبدالله شاهه سان هيليڪاپٽر ۾ چڪر ته کاڌو، کين بقول راوي دعائون به ڪيون پر علائقي جي عوام جو به ڀلو ٿيو. هاڻ جي مائي ڀاڳي جيئري هجي ها ته جهڏي جو عوام ضرور فرمائش ڪري ها ته جيڪي سمن سائين تي ڳايئي سو لالڻ سائين تي به ضرور ڳاءِ. لالو لاشاري مجذوب فقير هجي. ڪرامتن جو ڪاني صاحب هجي يا نه هجي. اڄڪلهه ڪرم خان لغاري اسٽاپ تي رڳو موٽرن جي اچ وڃ آهي. ايريگيشن جا عملدار ۽ ٺيڪيدار لالڻ سائين جي ڪڍ!! منطق، تجربي ۽ تجزيه جي سهاري هڪ راءِ ته قائم ڪرڻ جو حق ضرور هوندو آهي پر پنهنجي راءِ کي ٻين تي مڙهڻ جو حق ڪنهن کي به ڪونهي. سو اهو حق آئون پاڻ کي به ڪو نه ٿو ڏيان ۽ نه ڪنهن جي تضحيڪ ڪرڻ ڪا صحت مند سوچ آهي. جنهن مهل هي سٽون لکڻ ويٺس ٿي ته ذهن ۾ ڪجهه هيو. مرحوم بزرگوار محمد عثمان ڏيپلائي ياد ٿي آيو جنهن سڄي عمر پيري مريدي مت موڙهيل اڻڄاڻ سنڌي جي فقيرن ۽ درويشن، پيرن ۽ سيدن جي استحصال جي خلاف قلم جي جنگ ڪئي. سوچيم پي تي هي جو هيڏا سارا اڪابر آهن. حڪومتون هلائين ٿا. علم جي روشني وڌائي ۽ جهالت جي خلاف نبرو آزما ٿيندڙ. سي وڃن وري جهڏي گودام..... دعائون وٺڻ، ٻيلي ائين نه ڪريو. پر وري انهي بهاني ملندڙ علائقي جي ترقي کي نظر انداز ڪرڻ به ته منافقت واري اک ٻوٽ آهي. جي ماڻهو انهي علائقي سان واسطو رکن ٿا انهن کي خبر آهي ته جهڏو ٽنڊوباگو ڪيڏو نه اهم روڊ آهي ۽ جهڏو باءِ پاس ڪيڏو نه ضروري آهي. اهي رستا علائقي جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا.
    سوچيم پي ته مرحوم بزرگوار محمد عثمان ڏيپلائي کي ليلائيندس ته سائين! اسان جي جند اڃا مرشدن مان ڪو نه ڇٽي آهي. پر لکڻ تي آيم ته قلم جهل ڪئي. هاڻ وري انهيءَ تسلسل ۾ اچو عوامي آواز جي 29 جنوري 1996ع واري اخبار م خبر هئي ته علي محمد جنائي ٺٽي وارو عمري جي سعادت ماڻڻ ڪاڻ حرم شريف روانو ٿيو آهي. اتي هو 25 رمضان شريف تائين عبادت ڪندو ۽ گڏوگڏ جنن جا جهيڙا به نبيريندو ڇو ته جنن ۾ سڱابندين ۽ ٻين قبيلائي مامرن ۾ جهيڙا گهڻا وڌي ويا آهن. شابس هجي علي محمد ٺٽوي کي. ٺٽي ۾ هونئن به چوندا آهن ته سوا لک اولياءَ ابدي ننڊ ڪن پيا. مڪلي ۾ رڳو ترخانن، ارغونن ۽ سمن جون قبرون ڪينهن پر ڳاڻاٽي ۽ شمار کان گهڻا اولياءَ دفنيل آهن. لڳي ٿو ته هي جو ٺٽو وري وري ويران ٿيو. ڪٿي هندوستان جي عظيم درسگاهن جو شهر سنڌ جي گادي جو هنڌ ۽ ڪٿي اهي گهٽيون ۽ رستا جتي کڏا کوٻا، ڪن ڪچرو ۽ ڪني پاڻي جا بيٺل دٻا. سي متان ڪرامتون ته ڪونهن!؟ يا پاڻ اولياءَ صاحبان مڪلي تي ٽڪريءَ مٿان ٿڌيون هيرون پيا کائين ۽ شهر واسين لاءِ آهي. سم ۽ ڪلر واري زمين. ڪسر بچي هئي شهر ۾ هڪ عدد جنائي جي سو علي محمد پوري ڪئي. ڀلا جنن جي سڱابندين جي مامري نبيرڻ لاءِ حرمين شريف جو پنڌ ڪيائين. هاڻ انهي بهاني جنن جي قبيلن جا قبيلا به پي آءِ اي ۾ سفر ڪري جدي ويندا، تڏهن ته پي آءِ اي ۾ سفر ڪندو ته هونئن سيٽ ڪونهي. پر جي لاچار ملندي ته اڪثر سيٽون خالي ملنديون جن جو سفر ڪن ٿا!! وري سائين، ڳالهه ته ٻڌو اهي جو ڪراچي ۾ هيڏا سارا جن ويٺا آهن ۽ اچي مامرو مچايو اٿن انهن جو فيصلو ڪير ڪندو؟
    بهتر آهي ته علي محمد جنائي واپس اچي کيس ڪجهه ڪو نه چيو ويندو. هتي وارن جنن جا فيصلا حرم پاڪ ۾ نه ڪري، انگريزيءَ ۾ جو چوندا آهن، مارل آف دي اسٽوري يعنيٰ بمعنيٰ ڪهاڻي جو مقصد، اهو ته ماڻهو ايڏو ته خوف ناڪ جن آهي جو جنن جا قبيلن جا قبيلا جڏهن وڙهيو چٽ ٿين ته فيصلو وڏي جن يعنيٰ انسان کان ڪرائين ٿا. ڇا نه عجيب ڳنڍيون آهن. ماڻهو جي شعور ۾ ۽ نفسيات ۾!! ڪڏهين جن! ڪڏهين ڌاڳو، ڪڏهين ڦيڻو، ڪڏهين تعويذ دعا!! هو جو چوندا آهن ته نڪ جي هيٺان جو پيو وهي واپري سو جي نظر اچي ۽ ان تي ماڻهو غور ڪري ۽ ڌيان ڌري ته زندگي شايد گهڻي آسان ٿي وڃي.
    ٺٽي وارن کي لڳي ٿو ته جنن سان گهڻو عشق آهي. پهرين سومار فقير هو جنهن کي ”سومار جنڙي“ به چوندا هئا. سومار جنڙي وٽ به ڪهي پنڌ ڪري ماڻهو ايندا هئا. ڀت (ديوار) ڏانهن هٿ ڪري ڪنهن کي کٽمٺڙو، ڪنهن کي سوپاري، ڪنهن کي پان گهرائي ڏيندو هو. ديوار ڏانهن هٿ ڪرڻ خالي ۽ شيءِ جي گهر ڪرڻ ته هڪدم هٿ ۾ اها شيءِ اچي ويندي هئي. هڪ دوست ٻڌايوته سومار چيو ته ڪهڙي به دوا چاهي ولايت مان گهرائڻي هجي منهنجا جن آڻي ڏيندا پر دوائن لاءِ پئسا کپندا هئا. پانن، کٽمٺڙن، سوپاريءَ وانگيان دوا مفت ۾ . ڪو نه ملندي. اهو ڪو نه پڇيم ته دوا جا پئسا رپين ۾ کپيا ٿي، يا ڊالرن ۾ ڀلا دوا مفت ۾ ڇو نه؟ چيائين ”ادا!! ولايت ۾ ته دڪانن ۾ ڪيمرائون به لڳل هونديون آهن. انگريز پاڻ چڱو ڀلو ڀوت آهي. جهلي جن کي ماري دنبو نه بڻائي ڇڏين. يا سعودي عرب ۾ چوري جي الزام ۾ هٿ نه ڪپي ڇڏين ۽ هتي جي جن جهلاڻو ته به ڪنهن ڪاموري يا ميمبر جو ڪارڊ يا يوٿ، اولڊ، ڪلچر، ايگريڪلچر مڙيئي ڪو نه ڪو سچو ڪوڙو ڪارڊ ڏيکاري جند ڇڏائيندو، نه ته به بندر روڊ واري بابي جو ڦوٽو ته پري نه آهي هر ڪنهن لاءِ لهر نه لوڏو.
    آخري خبرن مطابق علي محمد جنائي سعودي عرب مان موٽي آيو آهي. اتي سعودي اميرن کي جنن جا آواز ٻڌرائي پنهنجو معتقد بڻائي آيو آهي. نيٺ ٺٽائي آهي نه!! هتي سمجهيائين ته ملي ملي سوزوڪي ڪار ملندي. سعودي اميرن کان ڪار ملي ته به پيجارو يا ٽوياٽا. سعودي شيخ جي مريد ٿيو ته روز روز جي ڪراچي ۽ اسلام آباد جي پنڌن کان آجو ٿي پوندو. غريب جن به هر ٽئين ماڻهو وٽ ظاهر ٿي ٿڪجي پوندا ڪٿي باغي نه ٿي پون.

    (عوامي آواز، 26 فيبروري 1996ع)


      ا....ب.....ٻ....پ......

    شڪيل عادل زادو اردو ۾ ”سب رنگ ڊائجسٽ“ ڪڍندو رهيو آهي. شايد ستر جي ڏهاڪي ۾ شروع ڪيو هئائين. جون ايليا به ان زماني ۾ عالمي ڊائجسٽ ڪڍندو هو. ٻئي ڊائجسٽ هاڻ شايد ڪو نه ٿا نڪرن. وري ورهيه ٿيا جو ڊائجسٽ پرهڻ ڇڏي ڏنا. شڪيل ته 90 واري ڏهاڪي جي شروع ۾ پهرين مهيني جي بجاءِ ٻه مهينا، پوءِ ٽي مهينا پوءِ چار، ڇهه ۽ سال ۾ هڪ رسالو به ڪڍيو. ماهانو پرچو سو به جڏهين هڪ دفعو سال ۾ نڪري . نيٺ بند ٿيو. ائين ئي شايد اردو ۽ سنڌي جا تمام سٺا رسالا جئين افڪار، نقوش، نئين زندگي، سهڻي ۽ ٻيا بند ٿيا. هر ڪنهن رسالي جي بند ٿيڻ يا زوال جو سبب ڪي قدر عليحده به هيو، پر مالي مشڪلات، سرڪيوليشن ۾ خاطر خواهه اضافو نه هئڻ ٻه وڏا سبب هئا.
    شڪيل ائين ياد آيو جو هڪ وقت تي شڪيل ايڊيٽوريل صفحو لکڻ کان پوءِ پنهنجي نالي سان ”عفي الله عنه“ لکڻ شروع ڪيو. مون کي سندس انهي ڪيفيت سان عشق جي حد تائين هم آهنگي ٿي ويئي. وري جو سندس هڪ مائٽ ٻڌايو ته شڪيل ته پنهنجي زال کي به هميشه بيوهه ڪري سڏيندو آهي. ”اڙي او بيواهه“!! جيئرو ئي لاش! انسان ويچارو آهي به ته هر دم ويچارو جيئرو ئي لاشو!! هردم، هر پل، هر گهڙيءَ، پنهنجو لاشو ڪلهن تي کڻي پيو هلي. زندگي جي تاريڪ راهن ۾ اونداهين اڻ کٽندڙ گڦائن ۾، شڪست وريخت جي دل ڏاريندڙ عمل مان لگهندي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيو پوي.
    امداد اوڍي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ظهير ميراڻي جي مهرباني جو هميشه جڏهن به ملندا هئا ته لکڻ لاءِ زور ڀريندا هئا. سندن خيال ۾ منهنجا ڪچا ڦڪا لفظ ”ڪالم“ جي صورت ۾ هڪ نظريو، هڪ طريقو آهن، جن جو اظهار ڪندي مون کي هڪ اهڙي درجي تي اچڻو آهي، جتي آئون پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي ڪا مستقل شڪل ڏيئي سگهان ٿو. ڳالهه هي آهي سهڻا ته، جي مشاهدا پيمانو بڻجڻ ته جذبات جي شدت ۽ تپش ايڏي ٿي محسوس ٿئي جو ذهن نستو ٿيو پيو. شعور پنهنجو دفاعي عمل ڪتب آڻي چوڌاري لوهي ڪوٽ اڏيو ڇڏي ٿو. هي جيون ڪڏهين به پنهنجو نه سمجهيو اٿم. هن جان تي ڏاڍا قرض آهن. هاري جو قرض آهي جو پنهنجو تن اگهاڙو رکي منهنجي لاءِ مشقت ڪري اناج ميسر ڪري ٿو. مزدور جو قرض آهي، مون تي، واڍي جو قرض آهي، رازي جو قرض آهي، انهن معصوم ابهم ٻارن جو قرض آهي،جن کان هن نظام جي استحصال سندن معصوميت کسي ورتي آهي. ان ماءُ جو ۽ ڀيڻ جو قرض آهي، جا پيٽ ڀرڻ ۽ لنڱ ڍڪڻ ڪاڻ غيرت ۽ عزت جو سودو ڪرڻ تي مجبور آهي، منهنجو ته انگ انگ قرضي آهي، سڄو وجود ئي وڪوڙيل آهي احساس جرم سان ۽ تجربا وري ڪهڙا!! زمانو ئي توهان تي تجربا ڪري ٿو. اوهين ته هڪ وهڪري ۾ آهيو. الائي ڪڏهين ۽ ڪٿي وڃي ڪپر لڳو ۽ ڪنارو الائي سڻائو يا اڻائو؟! ڪنهن کي خبر!!
    پر يار! ڀل اڻ ڄاتو ڪنهن نه ڄاتو هجي، هڪ ڳالهه اٽل حقيقت آهي. هي جو ماڻهو آهي جو ڀل جَرَ ڦوٽي مثل هجي. ڪائنات جي وسعتن ۾ ڀل هڪ خوردبيني جيوَ جي حيثيت نه هجي، پر ڪائناتن کي تسخير ڪرڻ سندس سعيءَ آهي. خواب آهي، مذهب آهي، ڌرم آهي، مايوسي هن لاءِ ڪفر آهي، سعيءَ لازم آهي. وڙهندو وڙهندو ڪرندو ته به وري اٿندو ۽ اٿي وڙهندو. وري ڪرندو، ور ور ڏيئي اٿندو، رڙهندو به ته به وڙهندو. اڏول پهاڙن جيان، اونهون ڄڻ پاتال ۾ پاڙون پيهل هجن، ور ور ڏيئي هن زخمي جي روح کي ڪا جنجهوڙ ايندي آهي. جا سندس جسم ۽ دماغ ۾ آنڌمانڌ پيدا ڪندي آهي.
    برابر دوست چوندا رهندا، ڪوشش به ڪيم ته من شانت ٿئي. ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي هجي يا نه هجي پر لازم ۽ فرض ته آهي، پر تمام تر سعيءَ حاصل رهي. ذهن جي پردن تي جا ڪورڙيئي ڄار بڻي سا مضبوط تر وڪوڙ وٺندي ويئي. نيٺ.... نيٺ.... اڄ اخبار ۾ هڪ مضمون پڙهيم، هيڏانهن هوڏانهن نهاريم- پسگردائي تي نظر وڌم، پنهنجي ئي ٻارن کي ڏٺم، پنهنجي ڀاءُ جي ٻارن ڏانهن نهاريم ۽ ذهن جي پردي تي بي اختيار 1972ع جو نقشو چِٽجي آيو.
    سنڌي ٻولي تي انتهائي بي رحم، راتاهو تڏهين ئي هنيو ويو هو. عدالت ۾، آفيسن ۾، روينيو رڪارڊ ۾ هر هنڌ سنڌي ٻولي رائج هئي. اسڪول هر هنڌ سنڌي ميڊيم موجود هئا. تان جو پنجاب جي ڪجهه حصي ۾ (ڏاکڻو رياست بهاولپور وارو) سنڌي اسڪول ۽ روينيو رڪارڊ سنڌي ۾ موجود هو ۽ رائج هو. سنڌي سياستدانن مهرباني ڪري ٻوليءَ جو بل پاس ڪرائي اردو کي مڪمل سرڪاري زبان تسليم ڪرڻ سان گڏ سنڌي اسڪولن تي به مڙهيو. سنڌ ۽ پنجاب جي اردو پريس سڄا پنا ڪارا ڪيا ۽ ”اردو ڪا جنازه هي“ جو نعرو بلند ڪري سنڌي ٻوليءَکي هميشه لاءِ هيٺائين حيثيت ۾ ڌڪي ڇڏيو. مزي جي ڳالهه هي آهي ته جي ان وقت جي ڪنهن کي يادگيري هجي ته کيس چڱي طرح سان ڄاڻ هوندي ته ڪراچي کان وڌيڪ لاهور ۽ فيصل آباد وارن کي سيڪ آيو. جي آءِ سي ايس، يا سي ايس پي يا ڊي ايم جي هوندي به آفيسن ۾ صرف ۽ صرف پنجابي ڳالهائيندا آهن. ان وقت ڪن سنڌي اديبن ۽ سنڌ دوستن موقعي جي نزاڪت ۽ آئيندي کي ڏسندي ڪافي ڪوشسون ورتيون.طارق اشرف هڪ ننڍڙو ڪارڊ ڇپرايو جو دوست هلندي هلندي ورهائيندا هئا، پڙهندا هئا ۽ هنجون هاريندا روئيندا هئا. ڪارڊ هيو؛
    ”اب ٻ پ ڀ ت........
    سنڌي لکو – سنڌي ڳالهايو... سنڌي پڙهو... هر گهر ۾ ڄڻ صف ماتم متل هئي. جيجل ٻولي تي هي راتاهو ۽ سو به سنڌي حڪمرانن طرفان تحفو، سنڌ جو پڙهيل طبقو انهيءَ ڳالهه تي يڪ زبان هيو ته ”لساني بل“ اردو لاءِ ته بنهه هاڃيڪار ڪونهي، پر سنڌي ٻولي جي لاءِ ڪاري وار هيو، پر ميڊيا ۽ وري سنڌي ماڻهوءَ جو ڪمزور حافظو، هر ڪنهن کي وسري ويئي.
    اڄوڪيءَ اخبار ۾ مضمون هيو ”ٻوليون مرن پيون“. ماهرن جي تحقيق مطابق اڄ 6000 (ڇهه هزار) کن ٻوليون رائج آهن، جن مان 90 فيصد يعني 5400 ٻوليون ايندڙ سئو سالن کان اڳ ختم ٿي وينديون. ٻولين جي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ هڪ ته دنيا جي چئني ڪنڊن جو سُڪڙي ويجهو اچڻ، وڏين ٻولين يا مک ٻولين جو اثر ۽ ٻيو وري ڪن ٻولين جو استحصال ۽ کين اوسر نه ملڻ آهي، پهريان ٻه سبب ته آهن سائنسي بنياد، پر ٽيون سبب آهي جنهن جي اسان کي تشويش ٿيڻ کپي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سندس اوسر لاءِ نه ته سرڪاري سطح تي ڪا ڪوشش ٿي ٿئي، نه ئي ڪو اهڙو موثر غير سرڪاري ادارو آهي نه ئي سنڌي ماڻهو ذاتي حيثيت ۾ ڪو قدم ڀري ٿو. متان ترڪي ڪردن وارو حال نه ٿئي جي آهن ته سوا ڪروڙ پر هو ترڪي زبان پڙهڻ تي مجبور آهن.
    سو منهنجا ڀاءُ! هيءَ صورتحال اسان سڀن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. اهل قلم ۽ اهل دانش پنهنجي سر ويهي ڏسن ته اڄ سنڌي ٻولي ڪهڙي حال ۾ آهي. ويهه سال کن اڳ جڏهن مون مقابلي جو امتحان ڏنو ته سنڌي جي پيپر ۾ هڪ دفعو جيئن سگريٽ پيئڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ته ڄڻ امتحان هال ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو، هر دوست ٻاهر نڪتو هڪ هڪ ٿي، ٻه ٽي سوال ته هر ڪو پڇندو ويو. ”چچ نامون ڪنهن لکيو آهي“؟ ”مرزا قليچ جا ڪي ٽي ڪتاب ٻڌايو؟“ ۽ ”مير علي شير قانع ڪير هيو؟“ ٻن ٽن ڄڻن کي ته ٻڌايم. باقي جا لوڌ آئي تنهن سان محترم حفيظ قريشي جي زبان ۾ سندن شايان شان سلوڪ ڪيم.
    اڄ جي ڪا اخبار کڻو ٿا. پڙهڻ لاءِ جي ڪو رسالو کڻون ٿا ته ٻولي جي خوبصورتي ڏسڻ لاءِ سڪيو وڃون.
    اب ٻ پ ڀ
    سنڌي پڙهو، سنڌي ڳالهايو... سنڌي لکو....

    (عوامي آواز، 20 مئي 1999ع)


    اڌ گابريون ڳالهيونI-

    شڪر جو تاڃي پيٽي جي وڪوڙ مان ته نڪتس. پوين ڪالم ۾ جي اڌ گابريون ڳالهيون ڪيون هئم، تنهن جو حاصل ته الائي ڇا هيو، پر جڏهن اڻ ڄاتي جي ڳالهه ئي ڪيم، جڏهن اڌورن اڻ پورن خوابن کي ورجايم ٿي، جڏهن ذهن جي دفاعي عمل جي خودبخود هڪ ميڪانيڪي عمل طور تهن ۽ پردن جي پويان لڪڻ جي ڳالهه ٿي ڪيم ته محسوس ٿي ڪيم ته هڪ نفسياتي خود تحليلي عمل مان پيو لنگهان ۽ ذهن جي پردن تي پيل ڪوهيڙو هٽندو پيو وڃي. متان عمل ۽ سعي جي عزم جو ورجائڻ ان ڪوهيڙي کي هٽائڻ جو سبب ته ڪو نه آهي.
    هي جو الائي ڇا هيو؟ الائي ڇا آهي؟ شڪ، وهم، وسوسو ۽ بي يقيني ڀانيو ٿا ته منفي عمل آهي. نه اصل نه. هي شڪ ۽ بي يقيني بذات خود منفي تحريڪ نه آهي. هي ڪيفيت ته انسان جي زندهه هئڻ ۽ باعمل هئڻ جي اولين شرط آهي. جي شڪ ۽ ”ڇا“ جو وجود نه هجي ها! ته ابن آذر تارن ۽ پوءِ چنڊ، پوءِ سج ۽ وري پوءِ مانڊاڻ جي منڊيندڙ کي ڳولي نه لهي ها، هي ڇو؟ ڇا؟ ڪيئن؟ جڏهن جستجو ۽ عمل پيهم هم مزاج ٿين ٿا تڏهن ئي ذهن جا دريچا کلن ٿا.
    هي ته ٿيون ڳالهيون ۽ اپٽار – ڇڙي اپٽار به آهي ته هڪ رنگ به آهي. اچون اصل ڳالهه ڏي – ٻه ٽي مسئلا هيا جي پوين ڏينهن ۾ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سرفهرست رهيا.
    بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي احتساب ڪيس ۾ سزا، بينظير ڀٽو جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيل اپيل جو رد ٿيڻ، محترمه بينظير ڀٽو جي طرفان احتساب عمل کي يڪطرفو ۽ جانبدار قرار ڏيڻ، محترمه طرفان ڪڏهين ملڪ اچڻ ۽ ڪڏهين نه اچڻ جو اعلان ڪرڻ ۽ پيپلزپارٽي طرفان يا پاڪستان عوامي اتحاد طرفان ڪنهن به قسم جي تحريڪ يا رد عمل ۾ ناڪامي، محترمه طرفان زرداري صاحب کي سياست مان پاسي ڪرڻ جو اشارو، زرداري صاحب جو بيان ته هو هڪ سپاهي آهي ۽ رهيو آهي ۽ صرف ڪمانڊر جي حڪم جو تابع آهي. سوال هي آهي ته ڇا پاڪستان جو عوام محترمه ۽ سندس ساٿين کي بي قصور سمجهي ٿو ۽ جي ائين آهي ته پوءِ ڪنهن موثر تحريڪ يا رد عمل ۾ ڪهڙو امر مانع آهي يا هن ملڪ جو عوام حڪمران طبقي جي استحصال، شاه خرچين، بداعمالن ۽ سڀ کان وڌيڪ غرور ۽ فرعونيت کان بيزار آهي. سچ ته هي آهي ته هن ملڪ جي عوام سان ايتري ته ويڌن ٿي آهي، ويساه گهاتي ٿي آهي جو عام ماڻهو ڪنهن به اقتدار، جي گهاٽين ۾ گهمندڙ ڌر کي پنهنجو نٿي سمجهي. جي بينظير آئي ته ڇا؟ جي نواز شريف آيو ته ڇا؟ گهر پوءِ به ڀريندا جي نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي جي درن جا دادلا هوندا يا جي لاهور ۽ پنڊيءَ جا ساکي هوندا. جي کڻي سرڪاري انگ اکر مڃجن ته به ووٽ ڏيندڙ ٽيهه سيڪڙو کان به گهٽ وڃي ٿيا. احتساب جو عمل ڀل يڪطرفو ۽ جانبدار هجي. ڪير ته آخر ڪڏهن حساب ڪري. جتي ڳڻيل 285 يا 287 چوٽي جا ڪامورا ۽ سياستدان پاڻ ۾ ويجها عزيز هجن، يعني نانيءَ رڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا. اڃان ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته جن وٽ سائيڪل ڪو نه هوندي هئي. اهي بي ايم ڊبليو ۽ لينڊ ڪروزر ۾ چڙهيو گهمن ٿا. جي روڊ ٺهن ته به ڀلي صرف هڪ وڏيري جي زمين تائين ڇو نه ويندو هجي، ڪروڙ رپيا ڀلي خرچ ٿين. پرائمري اسڪول هجي توڙي بنيادي صحت جو يونٽ هجي توڙي پيئڻ جو صاف پاڻي هجي. ملي انهن کي ٿو جي هم نوا ۽ حاشيه بردار هجن ٿا، ترقياتي ڪمن ۾ ترجيحات جي اهڙي وتائي واري وَٽَ جو رواج هلي پيو آهي جو ڀلي ٽنڊي باگي کان جهڏي (وايا پنگريو) ۾ گوڏي جيڏا کڏا هجن ڪو پڇڻ وارو ڪونهي باقي عالمي بئنڪ جي قرض تي نئين سر ُڦير گهير ڪري ساڳيو پنڌ ڀل وڌائجي پر نئون روڊ ٺاهجي. شڪر جو حيدرآباد ۽ ڪراچي واري سپر هاءِ وي کي ئي وڌائي ويڪرو ڪري ڪجهه ٻيون لينون ٺاهي ڏيڻ جو پروگرام رٿيو آهي نه ته پهريائين ته اسي ميل وڌيڪ فاصلو هجي ته به پرواهه ناهي.
    اڄ جي محترمه تي ڪيس آهن ۽جي محترمه ۽ سندس پارٽي نواز شريف صاحب ۽ سندس ساٿين جي خلاف 35 ريفرنس داخل ڪيا آهن ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. ڀلا ڪيستائين رڳو تپيدار ۽ آبدار پنجاهه رپين جي رشوت ۾ ٻڌبو. حساب ته هر ڪو ڏي نه. هن ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو آهي جو وزيراعظم، وزراءِ اعليٰ، وزير، مشير، سيڪريٽري، ڪامورا ۽ ويندي فوجي آفيسر جن ۾ نيوي جو سپھ سالار به شامل آهي احتسابن جي عمل ۾ لڙهي ويا آهن. احتساب ڪرڻ وارا فرشتا ڪو نه آهن. الاهي تاريڪ گوشا به هوندا، ذاتي عناد به هوندا ۽ آهن پر هن عمل جو جاري ٿيڻ ۽ جاري رهڻ تمام ضروري آهي. نيٺ اهڙو وقت به ايندو جو اهو ئي عمل وقت جي ڇاڻيءَ ۾ ڇڻي شفاف ٿيندو. پري ڇو وڃون هندستان ته پاسي وارو ملڪ آهي. اهو لالو پرشاد يادو. اها جيئي لليتا وزيراعليٰ هيا، اهڙا ڪيئي وزير هندستان ۾ رهيا آهن جن چند سالن ۾ پنهنجي بدديانتي ۽ ڪرتوتن جو حساب ڏنو آهي.
    جڏهن ڪو عمل نئون ايندو آهي ته سُڪن سان گڏ آلا به سڙندا آهن، ماڻهو ذاتي عناد جو به حساب وٺندا آهن. ڪي زيادتيون به ٿيون هونديون، پر ملڪ جي استحڪام لاءِ، قوم جي ڀلائي لاءِ ۽ عام ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ته خود مختيار ادارا هجن جي ڇنڊڇاڻ ڪن. تحقيق ڪن. حساب ڪتاب ڪن ته نه ڪو ڪامورو ڇڙواڳ ٿئي نه ئي اولمپيا پهاڙ جي چوٽي تي ويٺل برهمڻ حڪمران طبقو هن ملڪ کي پنهنجي جاگير، ادارن کي ذاتي ملڪيت ۽ عوام کي پنهنجو ڪڙمي سمجهن.
    وقت لڳندو انهيءَ کي پر نيٺ ته ڊهندي. هي ڪاڪ. وقت جي ضرورت آهي. ماڻهن جو حق آهي ته هي بادشاهه ۽ شهزادن جو تسلط ختم ٿئي. هي پرين ۽ شهزادين جي ڏند ڪٿائن جو زمانو ڪونهي. هر ماڻهو کي ٻه چٽيون روشن اکيون ۽ ٻه ڪن آهن، جو ڏسي ٿو. ٻڌي ٿو ۽ سمجهي ٿو. جي ڪڏهين اسان جو مراعات يافته طبقو سمجهي ٿو ته نه ئي سج لهڻو آهي نه ئي ماڻهو ڏسن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته هو ڀليل آهن، جن ادارن جا رکوالا ٿي هو انهن ئي ادارن جي مفادن تي راتاها هڻن ٿا سا سڀ ڪنهن کي خبر آهي، فرق صرف هي آهي ته اڄ بک، بيروزگاري ۽ بي عزتي جي ڪري ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا، جو کين ڪو موثر منظم طريقو سمجهه ۾ نٿو اچي سڀان جڏهن سندن صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ته ماڻهو کين سندن محلن مان گهلي ڪڍندا. هي بي ايم ڊبليو، هي لينڊ ڪروزر، هي ڪوڙي شان، هي عوام الناس جي پورهئي ۽ پگهر جي استحصال مان ٺهندڙ بينڪ اڪائونٽ، محل ۽ ماڙيون ڪٿي غريب ۽ بي وس ماڻهن جي غيض و غضب جو نشانو نه بڻجي پون.
    خبر اٿو هن غريب ملڪ جي حالت جي ۽ ڪيئن هن مسڪين ملڪ کي لٽيو ويو آهي، ماضي ۽ حال ۾ ڪي ذرو فرق هوندو. دل ٿي چوي ته ڪجهه انگ اکر پيش ڪجن ته ڇا حال آهي. اسان سان ڪنهن ڪهڙي ويڌن ڪئي آهي سا ڳالهه ڪرڻ لاءِ وڏي همٿ کپي. هونئن ته زبان زدعام آهن اهي آکاڻيون، پر ڪالم طويل نه ٿي وڃي تنهن ڪري اهو احوال ٻي قسط ۾.

    (عوامي آواز، 27 مئي 1999ع)


      اڌ گابريون ڳالهيونII-

    پوئين قسط ۾ عرض ڪيو هئم ته اقتدار جي ايوانن ۾ موڪليل اسان جا نمائندا اسان سان ڪهڙي ويڌن ٿا ڪن. سياستدان چاهي هو جاگيردارنه ماحول جو پليل هجي يا وري صنعتڪار ڇو نه هجي يا وري هڪ نئون طبقو به ته اسريو آهي. وچولي درجي ۽ هيٺائين وچولي درجي جو ورڪر جو پنهنجي حاشيه برادري ۽ جانثاري جي صلي ۾ ”اندرئين حلقي“ ۾ اچي ميمبر ۽ وزير ٿي ويو آهي. هي صاحبان بجاءِ عوام جي مفاد م ڪم ڪن صرف ۽ صرف ڪامورن سان حالي موالي ٿي پنهنجي ذاتي خوشحالي جا در کولڻ ۾ پيا آهن. اول ته ڪامورو جو پاڻ به وچئين طبقي سان تعلق رکي ٿو. اڪثر ڪري ڪنهن وزير، ڪنهن امير جو مائٽ ٿي وڃي ٿو. جي رشتيداري ٿي وڃي ته واهه واهه نه ته اهڙا ته جُٽَ ٿيو وڃن. پاڻ ۾، جو هڪ مربي ۽ محسن ته ٻيو احسان مند ۽ خادم. پوءِ سندن چوياري نيون نيون ترڪيبون ڳولينديون آهن، لٽ ڦر جون، بدديانتيءَ جون، ڪميشن جون، رشوت وٺڻ جون، پارٽي ورڪر يا غريب عوام کي نوڪري ڏيارڻ جو نعرو هڻي اهي سيٽون وڪڻڻ جون. جي ڪو ڪامورو ان رنگ ۾ رنڱجڻ کان انڪار ڪري ته ڦاٿو. او ايس ڊي ٿيڻ ته ڪا ڳالهه نه آهي. انڪوائريون ڌمڪيون، بدتميزي، اخير ۾ پوليس، ايف آءِ اي جهڙا ادارا ته هنن برهمڻ جا پالتو آهن. ڪنهن به حڪومت ۾ لوڌ هوندي آهي هر وقت او ايس ڊي ايس جي. چاهي سپريم ڪورٽ ڀلي چيو هجي ته او ايس ڊي ڪرڻ خلاف ورزي آهي بنيادي چارٽر جي اصولن جي. پر همراهه اهڙا ته نڪ وڍيا آهن جو دل گهري دادلي کي ٽي ٽي چارجون ڏيندا پر جو سندن طريقيڪار تي پورو نٿو لهي يا جنهن جو ڪو وڏيرو ڌڱاڻو خان يا ڀولو شاهه نٿو مربي هجي، سو ڀل گهر ويٺو هجي.
    اهي آهن هن سسٽم جون خاميون، هڪ ته چوپاسي، هر هنڌ، هر ملڪ ۾، بيروزگاري، بک بيماري، ڪمزور معاشي نظام جي ناهمواري ۽ ٻيا انيڪ مسئلا آهن. ايشيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽن جو بحران آهي. مليشيا ۽ ٿائلينيڊ جي سڪي کي مضبوط ناڻو رکندڙ صرف هڪ فرد ڊانواڊول ڪري سگهي ٿو. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ڪيترائي اهڙا امير ادارا ۽ فرد واحد به آهن جن جي ڪمائي پاڪستان جهڙي غريب ملڪ جي سڄي سال جي آمدني کان مٿي آهي ۽ مٿان وري ”ملڪ سڄو ابي جي جاگير آهي.“ وارو رويو. ڪير ته حساب ڪري، عالمي بئنڪ به تازو ئي هڪ رپورٽ شايع ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي حوالي سان جيڪي تدابير ٻڌايل آهن ته ڪيئن ملڪي معيشت کي بهتر ڪجي. تنهن ۾ ”درست حڪمراني ۽ هڪ شفاف، پائيدار ۽ غير لچڪدار مستقل بنيادن تي قائم نظام احتساب جي قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. عالمي بئنڪ جي طرفان مٿين ٻن قدمن کي انتهائي ضروري قرار ڏيڻ مان اهو به اشارو ملي ٿو ته پاڪستان ۾ ”درست ۽ چڱي حڪمراني“ جي ته اڻاٺ آهي پر نظام احتساب به مستقل بنيادن تي هجڻ ضروري آهي. اسپتال، ڪو يتيم خانو پنهنجي حق حلال جي اباڻي ملڪيت مان ٺهرائي ڏيڻ جو رواج ته گنگارام، ديوان ڄيٺچند ۽ نورز جي ڊنشا کان پوءِ شايد لڏي ويو. اسان رابن هڊ کي ديومالائي ڪريڪٽر بڻايون پوءِ به ٺيڪ. هو صرف شاهوڪار لٽيندو هو ۽ غريبن ۾ ورهائيندو هيو. هي ته جو نظام آهي سو ته ملڪ جون پاڙون پٽڻ وارو آهي. انهيءَ جو ته حساب ٿيڻ کپي.
    ۽ صورتحال ڪيڏي نه ڳنڀير آهي. انهيءَ جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪنهن معاشي ماهر جي به ضرورت ڪونهي. مرحوم ڊاڪٽر محبوب الحق جي ٺاهيل اداري ”انساني ترقي لاءِ ادارو“ ويجهڙائي ۾ هڪ تحقيق بعنوان ”پاڪستان ۾ غربت“ شايع ڪئي. انهيءَ تحقيق جي اشاعت ۾ ”اقوام متحده جي اداري براءِ ترقياتي پروگرام) (يو اين ڊي پي) سهڪار ڪئي. رپورٽ مطابق 1990ع واري ڏهاڪي ۾ بيروزگاري، افراط زر، سست ترقي ۽ بدتر سماجي سروسز غربت جي ٽائيم بم جي ڦاٽڻ جي عمل ۾ تيزي آندي آهي.
    رپورٽ مطابق سوا چار ڪروڙ ماڻهو يا آبادي جو 30 سيڪڙو کان مٿي آبادي ”انتهائي غربت“ ۾ رهي ٿي. پوڻا پنج ڪروڙ بالغ ماڻهو يا 62 سيڪڙو بالغن جي آبادي نه پڙهي سگهي ٿي، نه لکي سگهي. ائين عورتن ۾ بالغ اڻ پڙهيلن جو تناسب 76 في صد آهي. ڇهه ڪروڙ ماڻهن يا آبادي جي54 في صد ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ڪونهي. ساڍا چار ڪروڙ ماڻهن يا آبادي جي 40 سيڪڙو ماڻهن کي بنيادي صحت جي ضروريات ميسر ڪونهي. قريب هڪ ڪروڙ ٻار جي 5 سالن کان ننڍا آهن ۽ 5 سالن کان ننڍن ٻارن جي آبادي ۾ 38 سيڪڙو آهن تن کي صحيح خوراڪ نٿي ملي ۽ هنن جي ذهني توڙي جسماني نشو نما متاثر ٿيندي. رپورٽ مطابق ڳوٺن ۾ غربت شهرن جي نسبت وڌي آهي ۽ ڳوٺن ۾ غربت جو وڌڻ جنم ڏيندو شهرن ڏي نقل مڪاني کي. شهرن ۾ نقل مڪاني وري وڌائيندي ٻوجهه شهرن جي بينادي سهوليتن تي جي اڳ ئي نه هئڻ برابر آهن ۽ ائين ئي ڦيٿو پيو هلندو.
    ضرورت ته هن ڳالهه جي آهي ته بجاءِ وڏا وڏا راڪاسن جيڏا پروجيڪٽ کڻجن، بنيادي صحت، تعليم، زرعي ترقي ۽ صنعتي ترقي تي زور ڏجي، خود انحصاري تي ڀاڙجي. اڳي ئي معاشي حالتون ڪمزور آهن. 99-1998ع جي بجيٽ جا قريب 600 ارب هئي. تنهن ۾ رکيل آمدني جو تخمينو ته هيو، ڪوئي پوڻا چار سئو ارب وري گهٽيو. پر خيال آهي ته وڌ ۾ وڌ 300 ارب تمام محاصل مان آمدني ٿيندي. هاڻ جي ڪل 300 ارب جي آمدني مان 200-250 ارب قرضن ۾ واپسي ڪجي. وري قرض کڻي يا نوٽ ڇاپي بجيٽ جو حساب پورو ڪجي ته نتيجن قرض وڌندو. رپيو ملهه گهٽائيندو، مهانگائي وڌندي، غربت وڌندي ۽ غريب ۽ امير جو فرق يا ويڇو وڌندو، تمام معاشي ادارا انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته انساني ترقي لاءِ هڪ اهم ترين ڪم غريب ۽ امير جو ويڇو گهٽائڻ آهي ۽ ”انتهائي غربت“ ۾ رهندڙن کي انهيءَ درجي مان ڪڍڻو آهي.
    اڃا ته وري ڳالهيون ئي ٻيون پيون هلن. عقلمندن جو هڪ بااثر طبقو آهي جنهن جو خيال آهي ته زرعي ٽيڪس وڌائڻ تمام ضروري آهي. آبيانو، عشر، ضلعي ٽيڪس، يونين ڪونسل جا آڪٽراءِ ٽيڪس شايد کين ٽيڪس ڪو نه ٿا لڳن.
    زرعي پيداوار ڪيتري گهٽي آهي. زراعت کي نظر انداز ڪرڻ سان اسان کي ڪيتري ڪڻڪ ۽ ٻيون جنسون ٻاهران گهرائڻيون پون ٿيون. اهو ليکو ته ويچارن وٽ آهي ئي ڪو نه. 1981ع ۾ اسان 5 ارب رپين جي خوراڪ درآمد ڪندا هئاسين ۽ خير سان 98-1997ع ۾ صرف خوراڪ جي مد ۾ ڪيل درآمد 20 ارب رپيا آهن. اسان پنهنجي خوراڪ جي ضرورتن جو قريب اڌ ٻاهران گهرايون ٿا. زرعي سيڪٽر کي نظر انداز ڪرڻ جو هڪ مثال ته اهو آهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن زراعت ۾ خود ڪفالت جون اسڪيمون مليون هيون تڏهن زرعي شعبي ۾ شرح پيداوار ۾ 7.4 في صد اضافو ٿيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ گهٽجي 4.4 سيڪڙو رهيو. جو وري 80 واري ڏهاڪي ۾ گهٽجي 3.34 في صد رهيو ۽ خير سان 90 واري ڏهاڪي ۾ زرعي شعبي ۾ شرح پيداوار (1991ع کان 1997ع تائين) ۾ اضافو صرف 2.34 في آيو آهي ۽ 1980ع کان وٺي ست سال اهڙا آيا آهن جن ۾ منفي رجحان رهيو آهي. يعني گهٽتائي آئي آهي. اربن رپين جو ته صرف پام آئيل ۽ سويابين آئيل گهرايون ٿا ته سڻڀو کاڄ ملي. هي هيترو سارو ساحلي علائقو پيو آهي. متان ڪا اهڙي اسڪيم شروع ڪيو جو اسان وٽ ئي سويا بين ۽ پام آئيل ٿئي. پوءِ درآمدي اسڪيمن مان متان ڪو متارو ٿيڻ کان رهجي نه وڃي.

    (عوامي آواز، پهرين جون، 1999ع)


      جمهوري آمريت

    نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي، هيءَ ڪاڪَ..... طلسم ۽ جادو تي ٺهندڙ، ريتيءَ تي بيٺل ڪاڪ محل آخر ته ڪرڻو آهي. ڊهڻو آهي. جت ماڻهن جي امنگن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ ايندڙ هن ٽئين دنيا جا اڳواڻ ذاتي شهنشاهيت ۽ ”جمهوري آمريت“ قائم ڪري رياست ۽ عوام جو استحصال ڪندي نه ڍاپندي حرص ۾ مبتلا ٿي اڻ کٽ پيسو ميڙين ٿا اُتي ڪو وقت اهڙو اچيو وڃي جو نيٺ ملڪ جو عوام، هي بي وس ۽ لاچار ماڻهو اٿي کڙا ٿي سندن طلسم جي ڄار کي ٽوڙين ٿا ۽ ٺڳيءَ ۽ ڍونگ جي ڪاڪ محل کي ڊاهن ٿا. تيسين دير ضرور ٿي وڃي ٿي. پل هيٺان ڪافي پاڻي لنگهيو وڃي. پر ڪوٽ ڪيرائجن ٿا. تخت اونڌا ٿين ٿا. تاج اڇلجن ٿا. جيتوڻيڪ هاڻ بادشاهت جو زمانو نه آهي پر ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ جتي ادارا مضبوط نه آهن، شفاف ۽ منصفانه نظام احتساب ڪونهي ڪو، جتي حڪومتي اختيار ڏاڍ ۽ جبر جا نوان طريقا اختيار ڪري رياست ۽ رياستي ادارن کي مجهول ۽ غير موثر بڻايو ڇڏين، اتي جمهوريت عوام الناس جي امنگن جي ترجمان ته ڪو نه ٿي هجي پر صرف حڪمران طبقي ۽ مراعات يافته ماڻهن جي ننڍڙي گروهه جي مفادن جي تابع ”جمهوري آمريت“ ئي رهجي وڃي ٿي. عمرانيات جو اڀياس ڪندڙ دانشور هن ڳالهه تي متفق آهن ته مضبوط ادارن جي غير موجودگي جي ڪري، نظام حڪومت نه صرف غير شفاف ٿيو وڃي پر جنهن کي جمهوريت سڏيو ٿو وڃي اها ”جمهوريت آمريت“ جي شڪل اختيار ڪيو وڃي. نه ته ڇا جمهوريت ۾ اهو ممڪن آهي ته حڪمران طبقو نه صرف غير ضروري مراعات يافته هجي پر تمام رياستي دارن تي ڪلي اختيار رکي ۽ احتساب کان بالاتر هجي. جمهوريت صرف هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي ذريعي چند برهمڻن جي انتخاب جو نالو نه آهي. بقول ولي خان جي ته هاڻ جنهن وٽ ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ لاءِ هجن سو آرام سان قانون ساز اسيمبلي جي ميمبر ٿي سگهي ٿو ۽ انهن ئي پئسن سان ڪنهن ميمبر جو ووٽ خريدي سگهي ٿو. ولي خان مطابق اسان کي انهيءَ وقت کان ڊڄڻ کپي جڏهن قانون ساز ادارن ۽ حڪومت تي انهي جو قبصو هوندو جو سو، ڏيڍ سئو ڪروڙ خرچ ڪري سگهي ٿو ڀل اهو هيروئين جي واپار جو پيسو ڇو نه هجي. ماڻهن جو حافظو تمام ڪمزور آهي ۽ ويهين صديءَ ۾ ذرائع ابلاغ ذريعي ماڻهن جو ذهن متاثر ڪرڻ، سندن ڌيان اصل مسئلن تان هٽائڻ، سندن ڌيان غير ضروري مسئلا پيدا ڪري اوڏانهن ڦاسائڻ جا طريقا تمام عمدگي اختيار ڪري ويا آهن. خلق خدا پنهنجا گناهه پاڻ ڀوڳيندي. ڪڏهن ڪنهن صورت ۾ ڪڏهن ڪنهن صورت ۾. اصل ضرورت ته آهي سخت، شفاف ۽ غير جانبدارانه احتساب جي، مضبوط رياستي ادارن جي جتي ڪو ڪوڙين ڊگرين رکڻ وارو عثمان فاروقي وري نه اچي سگهي. ايماندار عدليه ۽ نوڪر شاهي جي، کري ۽ سچي واپاري جي، غريب ۽ امير جي ويڇي کي گهٽائڻ جي. عجب ڳالهه آهي ته لائق چانڊيو، عجب خان ڊاڪو ۽ محمد خان ڊڪيت اسان جي لاءِ قابل ذڪر آهي. جي سماج جا ناسور آهن انهن جي ڪمن کي ڍڪڻ لاءِ مختلف تاويل ڏيڻ ته ڪو اسان کان سکي.
    هي سڀ ياد آيو جو اخبار ۾ پڙهيم ته انڊونيشيا جي سابق مرد آهن ۽ 32 سالن جو حڪمران سابق صدر سوهارتو اٽارني جنرل کي هڪ اختياري ليٽر ڏنو جنهن مطابق هن انڊونيشي حڪومت کي اختيار ڏنو ته هو سندس ڪنهن به ٻاهرين اڪائونٽ جي جاچ ڪري سگهي ٿي. خاص طور سوئزرلينڊ ۽ آسٽريا جي حسابن جي جن جي باري ۾ هن تي الزام آهي ته هن نو ارب ڊالر اتي موڪليا آهن ۽ هي سڄو هنگامو ڇاتي ٿيو. ٽائيم ميگزين پنهنجي 24 مئي جي شماري ۾ لکيو هيو ته سوهارتو ۽ سندس ڪٽنب 15 ارب ڊالر ڪٺا ڪيا آهن جن مان هنن 9 ارب ڊالر سوئيزرلينڊ جي بينڪ مان ويانا (آسٽريا) موڪليا آهن. جتي سوهارتو ٽائيم ميگزين کي هتڪ عزت جي دعويٰ جو نوٽيس ڏنو آهي. اتي جنيوا (سوئزرلينڊ) جي بينڪن جي ترجمان چيو آهي ته وٽن ڪو اهڙو ثبوت ڪونهي ته ڪو سوهارتو جا پئسا سوئز بينڪن ۾ آهن. ائين ئي آسٽريا ۾ متعلقه سرڪاري ادارن طرفان سوهارتو جي طرفان ڪنهن به قسم جي آسٽريا ۾ پئسي منتقل ڪرڻ جي امڪان کي رد ڪيو آهي.
    وري ٻي ڏينهن جي اخبار جي خبر مطابق سوهارتو جي ٽئين نمبر پٽ جنهن جي ملڪيت جو ڪاٿو ايشيا ويڪ جي 29 مئي 1998ع واري رپورٽ ۾ 4.5 بلين ڊالر يعني تقريبن اڍائي کرب پاڪستاني رپيه (ٻه کرب ساڍا اٺٽيهه ارب رپيا) لڳايو ويو آهي تنهن چيو ته ٽائيم رسالي اسان جي خاندان جي ملڪيت جو ڪاٿو لڳائڻ ۾ ڪي قدر درست ڳالهه ڪئي آهي. پر پئسن جي منتقلي ۽ ڪل ملڪيت جو ڪاٿو ڪجهه وڌيڪ آهي. معنيٰ ته ٽائيم رسالي مطابق ڏنل قريب اٺ کرب جي ملڪيت يعني 15 ارب ڊالرن جي ڪاٿو درست ڪونهي.
    پر چيو وڃي ٿو ته سوهارتو جنهن پنهنجي زندگي جي شروعات هڪڙي ننڍڙيءَ هاريپ سان ڪئي تنهن جي خاندان جي ست فردن وٽ اٺ ارب کان ٽيهه ٻٽيهه ارب کن ڊالرن جي ملڪيت آهي جنهن ۾ جهاز راني، انشورنس، بينڪون، انڊسٽري، پيٽروليم، سون جون کاڻيون، زرعي زمينون جنگلات جا ٺيڪا، شهري جائداد ۽ ٻيون انيڪ شيون شامل آهن. صرف هڪ ئي فرد وٽ ايڏي ملڪيت آهي جو پاڪستان جهڙي ملڪ جي سال جي ٽيڪس آمدني کان وڌيڪ آهي.
    سوال آهي ته ٽئين دنيا جي ملڪن جا رهواسي اهڙيون حالتون ڪيئن ٿا برداشت ڪن جو سندن حڪمران کرب پتي ٿيو وڃن. شاهه ايران به ائين ملڪيت ٺاهي. مارڪوس ۽ سندس زال اميلدا به ائين اربن جي ملڪيت رياستي ادارن جي پائمالي ڪري ٺاهي. هندوستان ۽ پاڪستان ۾ به حڪمران طبقي جي بي قاعدگين کان هر هڪ واقف آهي.
    پر جتي انڊونيشيا جو سوهارتو قانون جي هٿن ۾ پاڻ کي ڏيئي ڇڏي ٿو اتي اسان وارا همراهه پهرين ته مڃين ڪو نه. پوءِ جي خبر پئي ته چون، پوءِ ڇا ٿي پيو. وري چون ته اسان سان بي واجبي ٿي ٿئي. ۽ جي اقتدار ۾ هجن ته چوڻ واري کي هڻ ڪاٺ ۾.
    درست، چڱي ۽ نيڪ حڪمراني ايشيا ۽ ٽئين دنيا جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. رياستي ادارن جي مضبوط، شفاف ۽ غير جانبدارانه احتساب ۽ بهادر عدليه جي موجودگي کانسواءِ ٽين دنيا جو مقدر رڳو طالع آزما سڪندرن جي خراب عزائم جو کاڄ بڻبو ۽ نوان نوان صحارا ۽ اٿوپيا ٿيندا ويندا.

    (عوامي آواز، 10 جون 1999ع)


      اوبانجو.............. منڊيلا

    آفريڪا.... اونداهو کنڊ، جهنگ، بيابان، صحرا... مهذب دنيا صدين تائين آفريڪا کي اونداهو کنڊ سڏيندي آئي آهي. جتي بيابانن ۽ جنگلن جو اڻ کٽ سلسلو آهي. جتي جا واسي اڄ به اڇيءَ ۽ ڀوريءَ چمڙيءَ وارن کان هيٺائين درجي جا انسان سمجهيا وڃن ٿا. آفريڪا جنهن جي باري ۾ اڄ به اڻ ڄاڻ اتي جي ڪاهنن، جادو، تير ڪمانن کان وڌيڪ ڪجهه به نٿا ڄاڻن.
    اڄ آفريڪا سڄي مهذب دنيا ۽ سڌريل ملڪن جي صف ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. اوچو..... هماليه جي بلندي جيان. رياست متحده آمريڪا جي ٻي ڳالهه آهي. چاهي اسان آمريڪا جي ڪيترن ئي قدمن کي پنهنجي پيماني تي پرکيندي نندڻ جي ڪيون پر ان ڳالهه کان ڪنهن کي انڪار ڪونهي ته آمريڪا ۾ انساني آزادي، چاهي اظهار خيال جي صورت ۾ هجي چاهي عمل جي آزادي هجي بي مثال آهي. دنيا جو طاقتور ترين انسان، دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت هئي. ڇا سينيٽ جي ميمبرن جو ڪردار هيو. ڇا ته ادارن جي مضبوطي هئي. مونيڪا ليونسڪي سان چند گهڙيون گهاري هيڏي وڏي مسند تي ويٺل بل ڪلنٽن هڪ بي وس، لاچار ۽ متضاد شخص بڻجي ويو. گيلپ سروي ۽ اظهار راءِ لاءِ ٿيندڙ جانچ آئي تنهن ۾ به جيتوڻيڪ ماڻهن جي اڪثريت موناليونسڪيءَ سان سندس لاڳاپن کي سندس ڪارڪردگيءَ کان عليحده ڪري ڏٺو ۽ سولي سنڌيءَ ۾ سندس ڍري اڳٺ کي سندس ذاتي معاملو ڄاڻايو. پر ظرف ۽ ڪردار ته ڪير هنن ڪافرن کان سکي. اکين ۾ پاڻي آڻيندي عوام کان، مونيڪا کان، زال کان سڀن کان معافي ورتائين.
    سٺ جي ڏهاڪي ۾ مشهور زمانه ڪرسٽائين ڪيلر سان رڳو تلاءَ ۾ وهنجڻ جي اسڪينڊل جي منظرعام تي اچڻ تان نه صرف هڪ وزير استعيفا ڏني پر جلد ئي حڪمران پارٽي کي پنهنجا ٽپڙ گول ڪرڻا پيا.
    برطانيا جي لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو سربراهه پيڊي ايش ڊائون هن وقت تائين پنهنجي پارٽي جي سربراهي تان عليحده ٿي چڪو هوندو. ايش ڊائون صرف 58 سالن جي ڄمار جو آهي. سندس اڳواڻي ۾ لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا پارليامينٽ توڙي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ بهتر نتيجا آيا آهن. نه ته ايش ڊائون پنهنجي پٽ کي جانشين ڪيو نه ڌيءَ جي حوالي ميراث ڪيائين. نه ڪنهن ڀاءُ کي وارث ٺاهيائين. ايش ڊائون جي پارٽي جي اڳواڻي تان استعيفا ڏيڻ جو سبب تمام سادو، سنئون سڌو ۽ قابل تحسين آهي ته هن جي خيال ۾ سندس استعيفا ڏيڻ سان پارٽي ۾ نئين قيادت اسرندي جا پارٽي ۾ نئون روح ڦوڪيندي.
    ڪاش! اي ڪاش! اسان جي غريب ملڪ جي ڪنهن سياسي جماعت کي اهڙو ليڊر ملي سگهي. ٽي دفعا ٿيل وزيراعظم اقتدار ۽ اختيار کي ڪل اختيار ۾ منتقل ڪرڻ جو سوچي ٿو. ٻيو ته ٺهيو پر ايئر مارشل اصغر خان جهڙو اعليٰ ڪردار جو ماڻهو به ڪڏهن ائين سوچي به ڪو نه ٿو ته کيس پارٽي جي اڳواڻي تان هاڻ هٽڻ کپي. سندس شروعات جا ساٿي ته هڪ هڪ ڪري کيس ڇڏي ويا.
    پر هي ته هئي ڳالهه آمريڪا ۽ برطانيا جي. اسان ته ڳالهه ڪئي سين پي اونداهي کنڊ جي. فيض احمد فيض ٿو ياد اچيم:
    آجائو مين ني سن لي تري ڍول ڪي ترنگ
    آجائو، مست هو گئي ميري لهو ڪي تال
    ”آجائو، ايفريقا“
    آجائو مين ني ڌول سي ماٿا اٺاليا
    آجائو، مين ني ڇيل دي آنکون سي غم ڪي ڇال
    آجائو، مين ني درد سي بازو ڇڙا ليا
    آجائو مين ني نوچ ديا بي ڪسي ڪا حال
    ”آجائو، ايفريقا“.........
    ڪڏهن هي بي وسيءَ جو ڄار ٽٽندو. ڪڏهن دردمندن ۽ دکين جي اندر جي آنڌ مانڌ کي تعبير ملندي. الائي ڪڏهن. پر، نائيجيريا جي اوليوسيگن اوبانجو ۽ ڏکڻ آفريڪا جي نيلسن منڊيلا اهڙا مثال قائم ڪيا آهن جو سندن عظمت کي سلام ڪرڻ تي دل ٿي چوي.
    اوبانجو 1976ع ۾ هڪ فوجي انقلاب ذريعي حڪومت جون واڳون سنڀاليون. جيتوڻيڪ سندس اقتدار جي مسند تي ويهڻ بلڪل اتفاق هيو. انقلاب يا بغاوت جي سربراهه سندس سينيئر آفيسر کي ماريو ويو هيو. اوبانجو نه ته آيتون پڙهيون نه ئي ”عظيم تر خوشحالي جا ڏهه سال“ ملهايا، نه ئي يارهن سال جمهوريت جي پائمالي ڪئي. ان جي برعڪس اوبانجو اليڪشن ڪرائي. فوج کي واپس بيرڪن ۾ آندو ۽ پاڻ فوج تان استعيفا ڏني. جلد ئي طالع آزما ميدان ۾ آيا. فوج حڪومت تي قبضو ڪري ورتو. اوبانجو کلم کلا فوج جي اقتدار جي مخالفت ڪئي. تنهن ڪري کيس جيل ۾ وڌو ويو. چند سالن جي جيل کان پوءِ اوبانجو کي آزاد ڪيو عوام جي عزم ۽ همت حڪمرانن کي اليڪشن ڪرائڻ تي مجور ڪيو. اليڪشن ۾ اوبانجو ۽ سندس هم خيال پارٽيون کٽي آيون. فوج کي اقتدار اوبانجو جي حوالي ڪرڻو پيو. ائين پندرهن سالن جي فوجي تسلط جو خاتمو ٿيو. اوبانجو پنهنجي حلف برداري (صدر نائيجيريا) جي موقعي تي عهد ڪيو ته هو ڪرپشن جو سختيءَ سان خاتمو ڪندو. هن چيو ته جنهن معاشري ۾ ڪرپشن آهي اهو معاشرو ڪڏهن به اسري نٿو سگهي. نائيجيريا به ته خير سان اسان وانگيان دنيا جي گهٽ ايماندار بلڪه بي ايمان معاشرن ۾ شمار ٿو ٿئي.
    اوبانجو معاشري مان بدعنوانين جي خاتمي لاءِ خالي وعدا ڪو نه ڪيا.ملڪ جون واڳون سنڀاليندي ئي اوبانجو 93 وڏن عهدن وارن فوجين کي رٽائر ڪيو. هي فوجي آفيسر، گهڻي ڀاڱي فوج جا حاضر ملازم هوندي به ڪسٽم، پوليس، صوبائي ڪونسلن ۾ وڏا عهدا ماڻي رهيا هئا. آفيسرن ۾ ڪرنل جي عهدي کان وٺي ميجر جرنيل به هئا جن جو نالو فوج جي ٿيندڙ سربراهه طور به ورتو ويو پئي. اوبانجو 29 مئي 1999ع ۾ پنهنجي صدارتي عهدي جو حلف کڻندي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي، فوج جي پيشورانه تربيت، فوج کي سول معاملن کان الڳ رکڻ ۽ انتطاميه کي صاف ڪرڻ جو عزم ڪيو هو ۽ انهيءَ عزم تي پڪو رهيو. نيلسن منڊيلا.... ها.... اهو ئي نيلسن منڊيلا جنهن نسلي امتياز جي خلاف جنگ جوٽي. اهو ئي نيلسن منڊيلا جو آدرشن، امنگن، جذبن ۽ اڌمن جو علمبردار رهيو. جنهن انساني حقن جي جدوجهد ڪاڻ ڦوهه جواني گنوائي. جنهن ستاويهه سال لاڳيتو جيل ۽ قيد جون عقوبتون سٺيون. نسلي امتياز جي خاتمي کان پوءِ ڪارن کي حقن ملڻ سان نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جو صدر چونڊيو. نيلسن منڊيلا ڪو عام ماڻهو نه آهي. دنيا جهان جا سڀ ملڪ، سڀ ليڊر سندس ايڏي ته عزت ڪن ٿا جو کيس چاليهه کان وڌيڪ يونيورسٽين جن ۾ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج به آهن کان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي چڪي آهي. منڊيلا، 1993ع ۾ ”نوبل انعام براءِ امن“ رکندڙ آهي. هن پنهنجي ئي پارٽي ۾ ٿيندڙ غيرقانوني ۽ غير اخلاقي حرڪتن لاءِ جاچ ڪميشن مقرر ڪري، رپورٽ اچڻ تي ٻين سان گڏ پنهنجي پياري زال وني منڊيلا خلاف به ڪارروائي ڪئي. معياد پوري ڪري نه صرف صدارتي عهدو ڇڏيائين پر پنهنجي پارٽي آفريڪي نيشنل ڪانگريس جي صدارت تان به عليحده ٿيو ته نوجوان قيادت اڳيان اچي.
    ڇا اسين ڪنهن اوبانجو جي تلاش ۾ آهيون؟ ڪنهن منڊيلا جي واٽ پيا نهاريون. ڇا اسان جو مقدر صرف اهو آهي ته ڪن جو موروثي حق آهي حڪمراني ڪرڻ (چاهي سندن حڪمراني يورپ جي اونداهي ۽ جهالت جي دور جهڙي هجي) ۽ ڪن جو فرض آهي صرف آداب غلامي نڀائڻ!؟

    (عوامي آواز، 17 جون 1999ع)


      اي رب! منهنجو سينو ڪشادو ڪر......

    27 مئي جي عوامي آواز ۾ ”اڌ گابريون ڳالهيون“ ڪندي پڙهندڙن کان پڇيو هئم ته ڇا کين خبر آهي ته هن غريب ملڪ جي حالت ڪهڙي آهي؟ ڪيئن هن مسڪين ملڪ کي لٽيو ويو آهي؟ اهو سوال نه صرف تفصيل طلب آهي پر تحقيق گهري ٿو. ۽ تنهن کان وڌيڪ مون کي حضرت موسيٰ ٿعليه السلام جي دعا ياد ڏيرائي ٿو.
    ”اشرح لي صدري“.....
    ”اي رب!) منهنجو سينو ڪشادو ڪر.....“ سينو ڪشادو ڪر ته ڄاڻ کي هنئَين سان هنڊائي سگهان، سينو ڪشادو ڪر ته برداشت ڪري سگهان، سينو ڪشادو ڪر ته سهي سگهان، سينو ڪشادو ڪر مالڪ! ته ڄاڻ جي سمونڊ کي سُرڪي سُرڪي ڳِيتون ڏيندي به پي وڃڻ جي سگهه ساري سگهان، سينو ڪشادو ڪر مولا! ته سنسار جي سرگم ۾ تنهنجا اهڃاڻ ڳولي لهان، سينو ڪشادو ڪر اي وڏي شان وارا! ته جو چوڻ چاهيان ٿو اهو بي ريا ۽ بي ڊپو ٿي چئي سگهان.
    وڃان پيو شعور ۽ ڄاڻ جي سفر تي ۽ هليو آهيان اُڌمن ۽ اُڊڪن جي باهه سان کيڏڻ. قصو ڪوتاهه. مون جو پڇيو هيو ته ڇا عام پڙهندڙن کي ڄاڻ آهي، انهيءَ مان منهنجي مراد اها ڪو نه هئي ته ڪو سنڌي ماڻهو نٿو ڄاڻي ته ملڪ جي معيشت کي درپيش مسئلا نه صرف اسان لاءِ پر ايندڙ نسلن لاءِ سندن بقا لاءِ ڪيڏا اهم آهن. پر انگن اکرن جي تفصيل يا ته وسريو ٿي وڃي يا ته ايڏي ڏکي زبان ۾ هجي ٿي جو منجهايو ڇڏي. ايسپ ويچاري آکاڻيون لکيون، ڏاڍيون سهڻيون، سٺيون ۽ نصيحت ڀريون. سنڌي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿيل آهن. ڀانيان ٿو ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ئي سنڌي ترجمو ڪيو هيو. مٿان وري آيو جيمس ٿربر جنهن ٻين لکڻين سان گڏ اسيپ جي آکاڻين کي مزاح نگاري ۾ ته آندو تبديلي ڪري. پر سندس تبديلي ۽ ردو بدل مزاح نگاري کان وڌيڪ موجوده زماني جي حرفت ۽ اٽڪل جو ”مرثيو“آهي. ڪيئن، هڪ ئي مثال ڏيندس. ايسپ جي هڪ آکاڻي ۾ ڪوئو ستل شينهن جي بت تي چڙهي ٿو. هيڪر ته هيسيل آهي، پر جڏهن ڏسي ٿو ته شينهن اگهور ننڊ ۾ پيو کونگهرا هڻي ته همت وڌيس ٿي. آهستي آهستي سندس سڄي جسم تي ويو گهمندو. اچي ٺينگ ٽپا ڏيڻ شروع ڪيائين. تان جو شينهن جي اک کلي. جسم تي ڪنهن شئي کي چرپر ڪندي محسوس ڪيائين. ڏسي ته ڪئو سندس بت کي فٽبال جو ميدان سمجهي ويٺو راند ڪري . هٿ ورائي چنبي ۾ ڪئي کي جهليائين. ڪئي سمجهيو ته اڄ جان ڪو نه ڇٽندي سو هٿ ٻڌي نماڻو ٿي ليلائي چيائين ”بادشاهه سلامت! اوهين جهنگ جا بادشاهه، هيڏا طاقت وارا، هيڏا ٻلوان، آئون جيتامڙو، ننڍڙو ڪوئو، مون کي مارڻ مان اوهان کي ڪجهه به ڪين ورندو، نه ئي آءٌ توهان جي کاڄ جو هڪ گرهه به ٿي سگهان ٿو . بادشاهه سلامت کي رحم آيو، اتي ڪئي خان جي همت وڌي. عرض ڪيائين ته ”جي اڄ سائين جن منهنجي جان بخشي ڪن ته آءٌ به ڪنهن ڏينهن تنهنجي ڪم اچي سگهان ٿو.“ شينهن بادشاهه حقارت مان کليو ۽ ڪئي کي آزاد ڪندي چيائين ”ڇا ياد ڪندين توکي آزاد ڪيوسين. پر اڙي ڪئا! تون وري منهنجي ڪهڙي ڪم ايندين.“ ۽ خدا جي ڪرڻي هڪ ڏينهن ڪنهن ماريءَ شڪار لاءِ ڄار وڇايو. اتفاقن شينهن اچي ڄار ۾ ڦاٿو. پوءِ ته شينهن جي گجگوڙ ۽ راڙ جهنگ گجائي ڇڏيو. پتڪڙو ڪئو پنهنجي ڪٽنب سان ويٺو هيو تنهن جو ٻڌو ته ڊوڙندو اچي پهتو. لقاءُ ڏسي شينهن بادشاه کي چيائين .”سائين! هڪ پل کن صبر ڪريو. هي غريب اجهو ٿو حاضر ٿئي.“ وڃي پنهنجي سڄي ڪٽنب کي واهر لاءِ وٺي آيو. ڪئن جي لشڪر منٽن ۾ ڄار ڪتري ذرا ذرا ڪري ڇڏيو. ڪئي شينهن بادشاهه کي سلام ڪيو ۽ شينهن مشڪندي پنهنجي واٽ وٺي ويو. آکاڻي جو تت يا حاصل ته نيڪي وڃائي ڪو نه ٿي ۽ ٻيو ته جڏهن ڪئو شينهن جي چنبي ۾ اچي ڦاٿو ته شينهن هن سان اهو رويو رکيو جيڪو شينهن جي مانَ مطابق هيو.
    وري اچو جيمس ٿربر تي. اها ساڳي آکاڻي ٿو بيان ڪري . فرق صرف اهو ته جڏهن شينهن جي چنبي ۾ ڪئو اچي ڦاسي ٿو ته ڪئو کيس ٻڌائي ٿوته ڪيئن سندس پڙ ڏاڏي ۽ شينهن جي پڙ ڏاڏي جي آکاڻي هئي. ڪيئن سندس پڙ ڏاڏي ڄار ڪُتري شينهن جي احسان جو بدلو لاٿو هيو ۽ شينهن کي آزاد ڪرايو هيو. ۽ ثبوت طور ڪئي کيس ٽين درجي سنڌي جي ڪتاب ۾ ٻنهي بزرگن جو ڦوٽو به ڏيکاريو جنهن ۾ ڪوئو پنهنجي ڪٽنب سميت ڄار کي ڪتري ٽڪڙا ٽڪڙا پيو ڪري ۽ شينهن آزاد پيو ٿئي. اچو آکاڻي جي ٻي حصي ڏي. ساڳي ڄار، ڪئي ۽ سندس ڪٽنب جو ڦونڊجڻ ۽ هڪل ڪرڻ ته بادشاهه سلامت! متان دلگير ٿيو، تاريخ وري پاڻ کي ورجائي ٿي. اچي ڪئي ۽ سندس ڪٽنب ڄار تي پنهنجي تيز ۽ تکن ڏندن سان حملو ڪيو. هل هلان، هل هلان، ڄار نه ڪٽجي سو نه ٽُڪجي، ڪئي کي اچي پگهر ورتو. هي ڪهڙي ماجرا. تان جو اچي بندوقن ساڻ شڪارين جو ٽولو مٿان پهتو. شينهن ڏسي سندن واڇون ٽڙي ويون. شينهن جو شڪار مفت ۾ . لاٽري کلي ڄڻ. اصل ماجرا هي هئي ته ڄار نائلون جي هئي. ڪئو ته ٽٻر سوڌو ڀڄي ويو.
    آکاڻي جوحاصل. هڪ ته، شينهن ڪئي کي جان بخشي پنهنجي بادشاهي فياضي جي ڪري ڪو نه ڪئي، پر اڳتي جي ڪم جي اميد تي ڪيائين. يعني شينهن جو جهنگ جو بي پرواهه بادشاهه آهي سو به خصلتون مٽائي ويو آهي. ٻيو..... ٻيو هي ته ماريءَ به شڪار ڦاسائڻ جا نوان طريقا ايجاد ڪيا آهن.
    ايسپ وڃي پرلوڪ سڌاريو، جيمس ٿربر بقول حليم بروهيءَ چرچائي هيو تنهن ڪري جلدي مري ويو. پر جي هاڻ ڪو ايسپ هجي يا ٿربر هجي ته ڪهاڻي الاهي مختصر ڪري بيان ڪري. پهرئين ئي ڌڪ ۾ جڏهن ڪئو شينهن جي جسم مبارڪ تي چڙهڻ جي ملحداڻي، ڪافراڻي ۽ ناپاڪ جسارت ڪري ٿو ته بادشاهه سلامت هڪ ئي چنبو هڻي کيس ڳڙڪائي وڃي ٿو. چاهي غريب ڪئو هن جي کاڄ جي هڪ گرهه جي اٺين پتي به نه ٿيندو هجي، ڀل ته ڪئو ٽين سنڌي جو پراڻو ڪتاب ڏيکاري يا فوٽن جو پورو البم ڏيکاري.
    ريتون مٽجي ويون آهن، رواج مٽجي ويا آهن. جو ڪلهه پُن هو سو اڄ پاپ آهي ۽ اسين... اسين.... توهان، اسان بي حيثيت ڪئا آهيون. نه ڊوڙون نه ڊُڪون، پر نه..... اسين جيتامڙا آهيون، بي زبان ٻڪريون ۽ رڍون آهيون رڳو بادشاهن جي درٻارن ۾ سندن رحم جي آسري کان هڪ پاسي ٿي پاڻ سڃاڻون، پاڻ پتوڙيون ته اهو وقت ضرور ايندو جو.
    سب تاج اڇالي جائين گه........
    پنهنجي لاءِ نه ته پنهنجي ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ جي ماريءَ مار جا نوان طريقا ايجاد ڪيا آهن ته هن ڄار کي ٽوڙڻ لاءِ چي گويرا ۽ ٽراٽسٽڪي جو فلسفو ڪم نه ايندو. ڪٿان شروع ڪري ڪٿي پهتم. مطلب ته اوهان سمجهيو هوندو. ڪئي ۽ شينهن جي آکاڻي جو دور ڏاڍو هيبتناڪ آهي. پر وري به ..... ڇا ڪيان.... وري به.... جي سوال پڇيا هئم، تن تي ڪجهه روشني وجهڻ جي ڪوشس ڪندم. ٻي واري ئي سهي ڇو ته ڪالم گهڻو ڊگهو ٿي ويو آهي.

    (عوامي آواز، 24 جون 1999ع)


      ڪيئن ڊهندي....؟!!

    اربع 16 جون 1999 جي سنڌي اخبار جي گهڻي ڀاڱي پهرين يا پوئين صفحي تي ٻه ڪالمي خبر جو عنوان هن ريت هيو؛
    ”حيدرآباد ۾ همراهه ڪفارو ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجو مرداڻو عضوو ڪٽي ڇڏيو.“ خبر جي تفصيل ۾ ڄاڻايل هيو ته، ”حيدرآباد جي کوکر پاري ۾ خواب ۾ مليل بشارت جي بنياد تي ٽي سال اڳ ۾ ڪيل گناهه جو ڪفارو ادا ڪرڻ لاءِ 27 سالن جي پرڻيل نوجوان غلام نبي لاشاري پنهنجو عضوو وڍي پاڻ کي نامرد ڪري ڇڏيو. کيس علاج سانگي حيدرآباد سول اسپتال جي سرجيڪل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. لاشاري ٻروچ جيڪي وڌيڪ تفصيل اخبار وارن کي ڏني تنهن مطابق هن ٽي سال اڳ 9 محرم تي هڪ غير عورت سان قرب ونڊيو، جنهن کان پوءِ سندس لاڳاپا سندس گهر واريءَ سان خراب ٿيندا ويا. لاشاري پنهنجي جوان زال تي به الزام هنيو آهي ته هن جا هڪ ٻي ماڻهوءَ سان ناجائز لاڳاپا هيا، سندس اعتراض تي سندس ساهرن بجاءِ هن جي زال کي روڪڻ جي کيس ئي گهران ڪڍي ڇڏيو. جنهن تي هو حيدرآباد ۾ پنهنجي هڪ دوست وٽ رهڻ لڳو. واقعي کان اڳ واري رات جو کيس هڪ پاڪ بزرگ خواب ۾ آيو جنهن کان هن سندس گهرو زندگي تباهه ٿيڻ جو ڪارڻ پڇيو. بزرگ کيس 9 محرم تي ڪيل گناهه ياد ڏياريو ۽ ڪفاري طور ان ڪنيءَ شئي کي وڍڻ جو ڏس ڏنائين. صبح جو جڏهن جوان سنوارت ڪرائڻ لاءِ ويو ته سنوارت ڪرائيندي پاڪيءَ تي نظر پيس ۽ هڪدم بزرگ جو ڏس ۽ ڪفارو ادا ڪرڻ جو خيال ٿيس. وٺي کڻي هٿ ورائي پاڪيءَ سان پنهنجو مرداڻو عضوو وڍي ڦٽو ڪيائين. ۽ هاڻ پاڻ فرمائين ٿا ته مون گناهه جو ڪفارو ادا ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي ڪو پڇتاءُ ڪونهي.
    سبحان الله!! واهه ڙي لاشاري صاحب واهه! اسان جا ٻروچ دوست چوندا آهن ته ”بابا، اسان ٻروچ...... بُزَ چريا آهيون.“ منهنجو ته هميشه کين چوڻ هوندو آهي ته اها ئي اوهان ٻروچن جي سياڻپ آهي. پاڻ کي چريو چئي سڄي سنڌ کي ڦيرين ۾ وجهي ڇڏيو اٿو. پر نه يار، لاشاري ٻروچ ته سڀني کي مات ڏئي ڇڏي. هاڻ پڪ ٿي ته غلام مصطفيٰ جمالي واقعي سچي ڳالهه ڪئي هوندي. موري جو غلام مصطفيٰ جمالي ننڍپڻ جو يار آهي. هر قسم جو چرچو ڀوڳ ڀل ڪيڏو به ڪڙو ڇو نه هجي. برداشت ڪري وٺندو آهي. هڪ ڳالهه ته ڪيترا دفعا ورجائي هوندائين منهنجي چهري تي بي يقيني جو تاثر ڏسي قرآن جا قسم به کنيا هوندائين. ڳالهه هن ريت آهي. چيائين ته، ”اسان جمالين ۾ حيجباڻي پاڙو سڏائيندا آهيون. ٺپ مٿي ڦريل ۽ گهٽ سمجهه وارا سمجهيا ويندا آهيون ۽ ائين آهيون به. توهان شهري ماڻهو هلندي ڦرندي يا محفل ۾ به واکرو ڪندي (هوا ڪڍڻ) ڀل وڏي آواز سان هجي يا ڪيڏي به ڌپ وارو هجي بلڪل پرواهه نه ڪندا آهيون. اسان جي همراهن جو ذڪر ٻڌ. هڪ ٻروچ کان محفل ۾ هوا نڪري ويئي، اوڏي مهل ئي محفل مان اٿي هليو ويو. گهر وڃي ڪهاڙي کنيائين ۽ جهنگ منهن ڪيائين. ڪجهه پرڀرو نڪري وٺي ٿو اچي ڪهاڙي سان پنهنجي مقد (ويهڻ واري جاءِ جتان هوا خارج ٿي هئي) کي ڌڪ هڻي چئي اڙي لخ جي لعنت هجيئي!! راڄن ۾ بڇڙو ڪئيءَ، اچي رتو ڇاڻ ٿيو. تان جو صدمي ۽ رت گهڻي وهڻ جي ڪري ساڻو ٿي نيم بيهوشي ۾ ڪري پيو. ماڻهن کڻي اسپتال حوالي ڪيس.
    غلام مصطفيٰ جي قسمن جي باوجود ڪجهه اعتبار ايندو هيو ته ڪجهه فڪشن لڳندو هيو. پر لاشاري جيڪا ڪار ڪئي آهي تنهن کان پوءِ جماليءَ جي بيان ڪيل آکاڻي بلڪل درست ٿي لڳي. خير هي ته هئي اجائي ڳالهه مان ڳالهه. پر اجائي ڳالهه مان ڳالهه ئي ته ڪا ڳالهه آهي. وري ٻڌو. اڃان 16 جون جي اخبار رديءَ ۾ ويئي ئي ڪو نه هئي ته 22 جون جي اخبارن ۾ شه سرخين سان خبر آئي؛
    ”دڙو ۾ مڇريل زال ٻي شادي جي خواهشمند مڙس جو خاص عضوو ڪپي ڇڏيو.“ تفصيل مطابق زرعي بئنڪ بٺورو جي مئنيجر بشير احمد ڪورائي جو هڪ غير عورت سان واسطو هيو. هن انهيءَ عورت سان ٻي شادي ڪرڻ پئي چاهي يا گهٽ ۾ گهٽ سندس زال حاجران کي اهو شڪ هيو. حاجران پنهنجي مڙس کي ٻي عورت سان واسطا نه رکڻ ۽ ٻي شادي نه ڪرڻ لاءِ بار بار منٿون ڪندي رهي. مڙس کيس يقين به ڏياريو ته هو ٻي شادي نه ڪندو پر حاجران اعتبار نه ڪيو ۽ نيٺ هڪ رات جڏهن بشير احمد ڪورائي اگهور ننڊ ۾ ستل هيو ته مسمات حاجران سندس مرداڻو عضوو ڪٽي ڦٽي ڪري ڇڏيو. مڙس بي هوش ٿي ويو. حاجران سمجهيو ته مڙس مري ويو. آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر سندس ڀائيٽي کيس بچائي وڌو. هاڻ مسمات حاجران گرفتار آهي ۽ جيل ۾ روئيندي فرمائي ٿي ته مڙس سان موهه اٿم ۽ بيوفائي برداشت نه ڪري سگهيس.
    هيڪر ته اهي خبرون ذهن جي ڪنهن الجهيل ڪنڊ پاسي ۾ وڃي اٽڪي پيون. رکي رکي کل اچي. پوري سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڀتين تي لڳل اشتهار ياد اچن. ”مرداڻي ڪمزوري جوشرطيه علاج.“ ”ڪاري پاڻي، بواسير ۽ نامرديءَ جو خاتمو حڪيم الله ورايو.“
    احمد خان جمالي چوندو هيو ته ”يار، هڪ ڳالهه ته سمجهاءِ. ڪارو پاڻي ٿئي اک ۾، بواسير ٿئي..... ۾ ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي. هي جو اک ۽ ....جي وچ ۾ هيڏا سارا عضوا آهن تن جو علاج ڪندي حڪيم الله ورائي کي ٻرو ٿو چڙهي.“ ۽ وري..... نامردي جي علاج جا ايڏا ته اشتهار آهن هر هنڌ جو لڳي ٿو ته نامردي اسان جي قومي بيماري آهي. آهي ته برابر سچي ڳالهه. هڪ دودي سومري کان پوءِ سومرن جي ننڍڙي جٿي جي غيرت ۽ شان تان قربان ٿيڻ کان پوءِ ابڙن جي سردار جو پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ ساٿين سوڌو ”سام“ مٿان گهورجڻ کان پوءِ قومي سطح تي نامردي ئي واسو ڪيل آهي. جي غريب هوشو وڙهيو ته هيڪلو، ويچارو مير صاحب ته ميدان ۾ ئي ڪو نه لٿو.
    وري خيال پي آيو ته ڀلا عضوو وڍي ڇو ڦٽو ڪيائين. ادي لاشاري کي جي سچو پچو ڪفارو ادا ڪرڻو هيو ته اهو آني جيترو ڇيڇڙو کڻي ٻليءَ کي کارائي ڇڏي ها. ويچاري دعا ڪري ها ۽ ادڙي حاجران کي موهه ته هيو مڙس سان، پوءِ کيس (مڙس کي) ٽڪر نه ڪري ها. هن غريب بي زبان عضوي ڪهڙو ڏوهه ڪيو. باقي موهه الائي ڇا سان وڃي ٿيس.
    کل مشڪري پنهنجي جاءِ تي. اصل ڳالهه اها آهي ته اهڙيون ڄٽڪاڻيون ۽ بي سمجهي جون ڳالهيون ٻڌي دل روئندي آهي. ڪڏهن ڪنهن کي وري اشارو ٿيندو آهي ته سنت ابراهيمي تي عمل ڪر. اهو ٻڌندي ئي ماڻهو ننڊ مان اٿي معصوم نياڻي يا ٻچڙو کنيو نڪري پون. ڪيڏانهن؟ چئي، ”خواب ۾ اشارو ٿيو آهي. وڃان ٿو سنت ابراهيمي پوري ڪرڻ“. حضرت ابراهيم به ته پنهنجو پٽ ڪٺو ٿي نه ۽ ائين ڪئي معصوم ابهم ٻارڙا هنن مذهبي جنونين ۽ بيمار ذهنن هٿان زندگي وڃائي ويٺا آهن.
    افسوس ٿو ٿئي هن اٻوجهه قوم تي. يا ته متاع زندگي اشارن تي ڪفاري ڪاڻ يا حسد ۽ ساڙ مان ڪٽيو ڦٽو ڪري ڇڏين. سچ پڇو ته هڪ کان وڌيڪ واقعا منهنجي ڄاڻ ۾ آيا هوندا جتي ڪنهن سنگتياڻي رکي ته زال حجام ٿي ويئي. سنگتياڻي مٽائين ته وري پراڻي سنگتياڻيءَ حجم وارو ڪم ڪيو. جي ٻنهي ٽنهي مان اڪريو ته وري اشارو ٿيو ته ڪفارو ادا ڪر. ڪٿي ڦاٿا آهيون. ماڻهو ته چنڊ کان به وڃي پري نڪتو. علم ۽ ڄاڻ جو سمونڊ آهي جو پيو کولبو وڃي روز روز ۽ هر پل حضرت انسان جي عظمتن کي سلام ڪندو وڃي. گهوڙا ڙي! اسين اٽڪيا پيا آهيون ڪفارن ۾. ٻيءَ سان ڇو لڳين. عضوا ڪٽڻ، نڪ ڪپڻ، چوٽي ڪپڻ.... ڪڏهن سڌرنداسين... شايد ڪڏهين! شايد ڪڏهين به نه.

    (عوامي آواز، 1 جولاءِ 1999ع)


      درست حڪمراني

    هر پاسي سانت ۽ ماٺ جو راڄ هجي. تاريڪ ۽ اونداهي رات، هڪ شخص ڏيئي جي ڌيمي روشنيءَ ۾ ڪي ڪاغذ ۽ ورق غور سان پڙهندو رهي ٿو. ڪٿي ڪٿي پل لاءِ سندس عقابي نظرون ڪنهن ڪاغذ جي مضمون تي پيهي وڃن ٿيون. قلمدان مان قلم ڪڍي ڪجهه لکي ٿو. ڪٿي پنهنجي صحيح ڪري ٿو ۽ وري ٻيو ڪاغذ اٿلائي ٿو. تان جو ڪاغذن جو انبار ختم ٿئي ٿو. ”الحمدالله“ چئي جهيڻي روشنيءَ واري ڏيئي ڏي ڪنڌ ورائي ڦوڪ ڏيئي ٿو. ڏيئو وسامي ٿو. اٿي مصلو وڇائي پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ سربسجود ٿيڻ جي تياري ڪري ٿو ته سندس زال جو آواز اچي ٿو، ”نماز ته پڙهي وٺو ها پوءِ کڻي ڏيئو وسايو ها. ڏاڍو انڌيرو آهي.“ جواب ملي ٿو، ”! نماز منهنجي ۽ منهنجي رب جو معاملو آهي. هن ڏيئي ۾ جو تيل پيل آهي سو بيت المال جي پئسن مان آيل آهي ۽ بيت المال عمر وٽ مسلمانن جي امانت آهي. عمر جو ڪو حق نه آهي ته هو امانت جو استعمال ڪري. هيستائين ته مون ڪار مملڪت جو فرض سرانجام پي ڏنو تنهن ڪري ڏيئيو استعمال پئي ڪيم. مون تي لازم آهي ته آءٌ ذاتي طور تي بيت المال مان خرچ نه ڪيان“ ۽ پوءِ روئي روئي پنهنجي رب جي حضور ٻاڏائي ٿو، ”اي مالڪ جاهه و جبروت! تون ئي آهين جنهن کي سموري عزت، فضيلت، بزرگي جڳائي ٿي. تون ئي حاڪمن جو حاڪم آهين. اي الله! قسم آهي تنهن جي پاڪ ذات جو ته مون کي تنهنجي بخشش، رحم، ڪرم ۽ تنهنجي ٻاجهه ۾ يقين ڪامل آهي. پر اي مالڪ! تنهنجي قهر، پڪڙ، غيض و غضب کان آئون ڊڄان ٿو. اي الله! هن حقير ٻانهي تي رحم ڪر، هن جي ڪوتاهين کي معاف ڪر، جو بار تو منهنجي ڪلهن تي رکيو آهي نه مون ۾ ان کي سنڀالڻ جي همت آهي نه ئي نڀائڻ جي . اي رب! تون ئي غفور و رحيم آهين، عمر کي سندس ڪوتاهين لاءِ معاف ڪجان!.“
    هي هيو عمر بن عبدالعزيز خليفته المسلمين. جنهن جي دور خلافت ۾ هڪ پاسي ته مسلمانن جي حڪومت جي سرحد هند وچين تائين وڃي پهتي هئي ته ٻي پاسي مشرقي يورپ، اسپين ۽ آفريڪا تي هلالي جهنڊو ڦڙڪندو هيو. ڪنهن سلطنت، ڪنهن حڪومت، انسان جي تاريخ ۾ ايڏي وسيع تر علائقي تي اثر نه رکيو هيو. ها البته تاج برطانيا ڪيئي صديون پوءِ يونين جيڪ جي برطانوي جهنڊي کي دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڦڙڪايو.
    عمر بن عبدالعزيز رکوالو هيو اعلى روايتن جو. پاسبان هيو چار يارن جي نقشِ پا جو. امين هيو ان راهه جو، جتي جنهن عمر ابن خطاب جي نالي جي دهشت کان قيصر و ڪسريٰ جي محلاتن جا گنبذ ڏڪندا هئا. انهيءَ عمر ابن ابي خطاب کي ڀري محفل ۾ ٽوڪيو ويو ته ”اي عمر مال غنيمت ۾ ته هر ڪنهن کي هڪ چادر حصي ۾ آئي هئي. هي تنهن جو جبو هڪ چادر کان وڌيڪ ڪپڙي مان ٺهيل آهي. بخدا! جيسين تون اهو حساب نه ڏينديون تيسين تون هن منبر خلافت تي بيهي مسلمانن کي خطبو ڏيئي نٿو سگهين.“ ۽ عمر ابن ابي خطاب، جو جڏهن ايمان آڻڻ کان پوءِ اگهاڙي تلوار کڻي ڪعبته الله ۾ داخل ٿيو ۽ بيانگ دهل ڪلمو پڙهي اعلان ڪيائين، ”اي سرداران قريش! مون محمد جي دين تي ايمان آندو آهي. آئون شاهدي ٿو ڏيان ته الله هيڪڙو ئي آهي ۽ ان کانسواءِ ڪو الله نه آهي ۽ محمد ان جو (سچو) رسول آهي. اي سرداران قريش! اڄ ڏينهن تائين توهان محمد ۽ ان جي ساٿين کي ڪعبه ۾ عبادت ڪرڻ نه ڏني. آئون اعلان ٿو ڪريان ته آئون انهي واحد رب جي عبادت ڪرڻ لڳو آهيان. آهي ڪنهن ماءُ ڪو ٻار ڄڻيو. آهي ڪنهن جي ٻانهن ۾ ايتري همت جو مون کي روڪي سگهي.“ ۽ ائين چئي عمر ابن ابي خطاب الله اڪبر چئي نماز جوٽي. قريش جا ٻلوان، جوڌا مرد سڀ ڄڻ بت بڻجي ويا. ڪنهن کي همت ڪو نه ٿي ته عمر ابن ابي خطاب کي ويجهو وڃي. اهو ئي عمر رضه جڏهن منبر تي بيٺو آهي. سندس احتساب ٿئي ٿو ته ڪنڌ هيٺ ڪري منبر تان لهي ٿو ۽ پٽ عبدالله ابن عمر ڏي اشارو ڪري چوي ٿو ته هن کان جواب وٺو. عبدالله ابن عمر مسجد نبوي ۾ بيهي وڏي واڪي چوي ٿو، ”منهنجي حصي ۾ آيل چادر مون پنهنجي پيءُ کي ڏني ته هو جبو ٺهرائي سگهي جو سندس پراڻو جبو تُنَ تُنَ ٿيل هيو ۽ ستر پوشي لاءِ به ناڪافي ٿيڻ لڳو هو. ”اعتراض ڪندڙ ائين چئي ويهي رهي ٿو. ”اي عمر! توکي بيشڪ حق آهي ته تون مسلمانن کي خطاب ڪرين.“ ۽ صرف پوءِ ئي عمر ابن ابي خطاب منبر تي چڙهي ٿو. الله جي ساراهه بيان ڪرڻ، حمد بيان ڪرڻ ۽ مسلمانن کي خطاب ڪرڻ. خود احتسابي، عاجزي ۽ نهٺائي انهن عظيم ترين شخصيتن جو امتياز رهيو آهي. پنهنجي ذات کي مثالي بڻائڻ ئي حڪمراني جو اولين اصول آهي. ڪار سرڪار ۾ منتظم لاءِ سڀ کان اول اعليٰ ڪردار جو هئڻ ضروري آهي. ماڻهن جي ڌڻ جي رکوالي ڪرڻ واري کي پنهنجا هٿ صاف رکڻا پوندا آهن. درست ۽ چڱي حڪمراني لاءِ ضروري آهي ته خوف خدا هجي. نيت صاف هجي. جن تي حڪمراني ڪئي وڃي ٿي انهن سان عدل ۽ انصاف ڪجي. ريا ۽ رغبت کان پاسو ڪجي. سرڪاري اهلڪار مقرر ڪرڻ وقت معيار صرف ۽ صرف ميرٽ هجي. ميرٽ اها نه جيڪا ذاتي تارازي تي توري وڃي پر اها جا مسلمه اصولن مطابق هجي.
    درست ۽ چڱي حڪمراني لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪار سرڪار ۾ مصروف اهلڪارن جي عزت نفس کي مجروح نه ڪيو وڃي. سندن حقن کي پائمال نه ڪيو وڃي. بقول معراج خالد ته قانون نافذ ڪرائڻ وارن کي ڀريل مجمع ۾ ذليل نه ڪيو وڃي. عرضدار کي ڪرسي ڀلي ڏيو پر جي ٿاڻيدار کي پٽ تي ويهاريو ويندو ته عمارت زمين بوس ٿي ويندي.
    اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ايس ايس جعفري هڪ واقعو بيان ڪيو ته جڏهن هو سيڪريٽري انڊسٽريز (صنعت) هيو ته هڪ ٽينڊر ٿيو. جنهن ۾ ڪا ڌر سڀ کان گهٽ ريٽ ڏيئي ڪامياب پئي ٿي. احمد دائود ٻئي نمبر تي هيو. ايوب خان جو خيال هيو ته ڪيڏو نه بهتر ٿئي جي احمد دائود کي ٺيڪو ملي ۽ ايوب خان کيس گهرائي اهي لفظ به چيا. پر جعفري صاحب ايوب خان کي چيو ته اهو قاعدن جي خلاف ٿيندو. ايوب خان کيس هڪ پل لاءِ ڏسندي، چيو ته هو ڀل قانون مطابق ڪم ڪري ۽ ائين ٺيڪو احمد دائود کي نه مليو. صدر پاڪستان محمد ايوب خان پنهنجي تمام تر خواهش جي باوجود قاعدن ۽ قانون کي لتاڙڻ پسند ڪو نه ڪيو.
    پر ايوب خان کان پوءِ شايد قاعدا ۽ قانون به موڪلائي ويا. حڪمران ته ٺهيو پر سندن چمچا ڪڙڇا به ناڪار ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي. ناڪار جي صورت ۾ ڪنهن ڪنهن سان ڪهڙي ويڌن ٿي ٿئي. ٻيو ته ٺهيو پر اعلى عدالتن جا جج به محفوظ ڪو نه رهيا. سول سروسز کي هونئن به 1973ع جي آئيني تبديلين کان پوءِ آئيني تحفظ ڪو نه رهيو آهي.
    هاڻ حڪمران لڏو سوئيز بينڪن ۾ به ڪروڙين ڊالر رکيو انڪار ڪيو وڃن ۽ پيٽ ڦاڙڻ جون ڌمڪيون ڏين. هر ڪار سرڪار انجام ڏيندڙ کي، صحافي کي، مخالفت ڪندڙ کي. داستانون ڀريل آهن جي عالم آشڪار آهن. درست ۽ چڱي حڪمراني لاءِ سڀ کان اول اقتدار ماڻيندڙ برهمڻ پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪن ته پوءِ سڌاري جو امڪان آهي.

    (عوامي آواز، 8 جولاءِ 1999ع)


      خودڪشي.... هارا ڪاري

    ”سنڌ ۾ مهيني اندر 100 ماڻهن پاران خودڪشي. پاڻ ماريندڙن ۾ عورتون به شامل آهن....“
    ”آپگهات ڪندڙن 70 مرد ۽ 30 عورتون شامل سنڌ جي ٻهراڙين ۾ آپگهات جي واقعن ۾ واڌارو....“
    عوامي آواز آچر 4 جولاءِ 1999 عوامي آواز پنهنجي خبر جي تفصيل ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته سنڌ پرڳڻي ۾ بيروزگاري، گهريلو مسئلن، جنسي بيمارين، عشق ۾ ناڪامي، زبردستي جي شادي ۽ وسيلا گھٽ هئڻ سبب اڪثر سنڌ واسين زندهه رهڻ بجاءِ خودڪشي ڪرڻ ۽ موت قبول ڪرڻ پسند ڪيو آهي. خودڪشي جي رجحان ۾ اضافو ذهني دٻاءُ جي ڪري به ٿيو آهي.
    اڃا انهي خبر ڇپي چار، پنج ڏينهن به مس ٿيا هئا ته هڪ شام جي اردو اخبار ۾ خبر پڙهي ته ڪراچي جي ڪنهن وسنديءَ (شايد نيو ڪراچي) ۾ انٽر جي هڪ شاگردياڻي ڦاهو کائي پنهنجي حياتي جو انت آندو. تفصيل موجب پاڙي جو هڪ اوباش ڇوڪرو کيس تنگ ڪندو هو يا ته پنهنجي گهر جي ڇت تان چڙهي جتان ڇوڪريءَ جي گهر جو انگڻ پڌرو هيو. ڇوڪريءَ کي اشارا ڪندو هيو يا ته ڪاليج ويندي سندس پيڇو ڪندو هو ۽ زبردستي ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ڇوڪريءَ جي ساڻس سنگت نه رکڻ ۽ کي منهن نه ڏيڻ جي جواب ۾ هو کيس ڌمڪيون ڏيندو هيو. ڇوڪريءَ جي ماءُ سندس گهر شڪايت ڪئي ته ورندي ۾ ڇوڪري ڇوڪريءَ جو فوٽو ڪڍي سڄي پاڙي ۾ ورهايو ته هي منهنجي محبوبه آهي. پاڙي وارن مان ڪير به هن اوباش نوجوان کي سمجهائڻ وارو نه ٿيو، تان جو انهيءَ ذلت، بي عزتي ۽ شرم جي هٿان مجبور ٿي سورنهن سالن جي معصوم شاگردياڻي ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آندو.
    وري اربع 14 جولاءِ تي عوامي آواز ۾ هي خبر پڙهي ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ نوجوان ناريءَ جو 65 ساله پوڙهي سان پرڻي کان پوءِ آپگهات ۽ تفصيل مطابق 1984ع ۾ ناريءَ حوا جي ڀاءُ تي تر جي وڏيري ”ڪارنهن“ جو الزام هنيو. حوا جي مائٽن نوجوان ڪاري کي بچائڻ لاءِ تر جي وڏيري کي منٿ ميڙ ڪئي، وٽيس ٻيو ته جيڪي ڪجهه هيو پر ”حوا“ ته هئي جا ٽن چئن سالن جي ٻار هئي. پر وڏيري حوا جي بالغ ٿيڻ تي سندس حق ٿيڻ گهريو جو هنن قبول ڪيو. وڏيري حوا جي ڀاءُ کي ته ڪارنهن جي الزام کان بچائي ورتو پر سندس هوس ۽ شهوت حوا جي جوان ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. حوا وڏي ٿيندي وئي ميٽرڪ به پاس ڪيائين ۽ ليڊي هيلٿ ورڪر جي نوڪري وڃي ڪيائين. هاڻ وڏيري کي هن حسين ۽ جوان جسم جي طلب بت ۾ سيسراٽ وجهڻ لڳي. مائٽن وعدو نڀائڻ جي ڪئي. حوا انڪار ڪيو. وري ڪنوار ڪري ٿي ويهاريون ته حوا موت سان لائون لهڻ قبول ڪيو پر 65 سالن جي هوس جي پوڄاري جي ونيءَ ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ زهر پي پنهنجي زندگي جو انت آندو.
    مسلسل ڪيئي ڏينهن کان ذهن تي ٻوجهه رهيو ڪيئن هي ارڏا ۽ ٻلوان ماڻهو جي آسمانن جي وسعتن کي تسخير ڪرڻ جا خواب لهن ٿا سي استحصال ۽ بي وسيءَ جي ڄار ۾ وڪوڙجيو هن خوبصورت جيون جو انت آڻين ٿا. ذهن جي پردن تي فلم جيان چرخي گهمڻ لڳي. اڳيان پويان.... فليش بيڪ، فارورڊ... مسمات حوا انٽر ۾ پڙهندڙ نوجوان ناري.... جيون جو انت.... وڪٽر هيوگو..... وڪٽر هيوگو..... ڪٿي آهين!؟ تو ئي ته چيو هيو نه.
    ” جيسين هن ڌرتي تي ماڻهو جو استحصال عورت کي ذلت پڻو ڏيڻ..... ختم نه ٿو ٿئي تيسين تائين هي ڪتابون بي ڪار نه آهن “ زندگيءَ جي لڙ ڇڙ ۾ الاهي ٻين قيمتي شين سان گڏ ڪافي بهترين ڪتاب جي الائي ڪهڙي ڪهڙي جاکوڙ ڪري گڏ ڪيا هوندم، سي لڀن ئي ڪو نه ٿا. وري به شڪر ٿو ڪيان جو جڏهن پاڻ کي ڳوليان ٿو ته ڪنهن اونداهي ڪنڊ ۾ ئي سهي، نستو ڏٻرو ۽ ماندو وجود ئي سهي. پر ڪو پاڇو ته ملي ويندو آهي. مون جهڙا ڪئين آهن جن کي ته اهو پاڇو به ڪو نه ٿو ملي. متان ائين ته ڪونهي ته. ڳوليان ڳوليان شال ۾ لجهان هوت......
    وري خيال آيم ته جيون جو انت جي مايوسي ڪارڻ هجي ته ٻي ڳالهه آهي پر هڪ ٻيو پهلو به ته آهي. علامه آءِ آءِ قاضي به ته پاڻ کي سنڌو جي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيو هيو. ”تون به لهر، آئون به لهر اچ ته لهر ملي لهر سان.“ پر هي ته هڪ درويش ۽ صوفي جي سوچ هئي، جتي مڪان وزمان جي قيد پابندي کان آزاد ذهن جاڳندڙ حققيت هيو ۽ مادي جسم بي حقيقت پاڇو هيو. وجود کان نيست جو سفر ئي هستيءَ ڏي سفر هيو.
    جاپان ۾ رائج هارا ڪاري جي رسم ياد آئي. جنهن ۾ ننڍڙي تيز تلوار سان پيٽ ڦاڙي آپگهات جي رسم کي مذهبي تقدس هيو. ڪيئن؟ جو جي عزت تي حرف آيو يا ڪو اهڙو ڪم ٿي ويو جو شريفانه ۽ ماڻهپ جي دائري ۾ نه ٿي آيو ته ذلت تي موت کي ترجيح ڏني ويندي هئي. اهڙي خودڪشيءَ کي هارا ڪاري يا هارا ڪيري چئبو هيو. جنگ عظيم ٻي ۾ جڏهن جاپان تي اتحادين جي فوج جو قبضو ٿيو ۽ جاپاني فوجن هٿيار ڦٽا ڪيا ته ڪيترن هزارن بهادر ۽ غرتمند جاپاني فوجين ”هارا ڪاري“ ڪري پنهنجو انت آندو. انهن ”هارا ڪاري“ ڪندڙ فوجين کي اڄ به جاپان ۾ هيرو مڃيو وڃي ٿو.
    پري ڇو وڃون سنڌ تي عربن جي ڪاهه يا جنهن کي اسين محمد بن قاسم جي هٿان سنڌ جي فتح سڏيون ٿا. ان وقت به راڻي لاڏيءَ پنهنجي سرتين سوڌو ”ستي“ ٿي باهه جي ٻرندڙ الن ۾ ٽپو ڏيئي امر ٿي وئي. سومرن جي ”ٻاگهي“ ۽ سندس سرتين جو به باهه جي ٻرندڙ مچ ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آڻڻ تاريخ جي صفحن ۾ حقيقت آهي. ٻاگهي جنهن جيئري پاڻ کي ڌارين جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڀاءُ کي چيائين:
    جي ويندي گولي گُجرين
    ته به چوندا دودي ڀيڻ......
    ۽ جڏهن سورمن جا سڀ ڪونڌر ڪسجي ويا. سام جهليندڙ ابڙا به سام تان قربان ٿيا ته ٻاگهيءَ ۽ سندس سنڌي سورمين سرتين باهه ۾ سڙي پنهنجي حياتي جو انت آندو پر ڌارين جي هٿ ڪو نه آيون. سو موت ته اٽل آهي جي عزت ڪاڻ جلد به اچي ته به آڌر ڀاءُ ڪرڻ جي لائق آهي.
    پر هي جو بک، بيروزگاري، استحصال ۽ ذلت پڻي جي ڪري زندگي جو خاتمو ٿو آندو وڃي تنهن لاءِ اسان سڀ ذميدار آهيون. روز محشر هي خون اسان مان هر ڪنهن جي ڳچي ۾ هوندا. ڇو خاموش تماشائي بڻيا ويٺا آهيون. ڇو؟ جواب ڏيو نه؟ يا جواب وٺو انهن کان جي هن استحصال جو ڪارڻ آهن.

    (عوامي آواز، 29 جولاءِ 1999ع)


      سنڌو...سپت سنڌو

    سنڌو.... سپت سنڌو.... ستن دريائن کي پنهنجي آغوش مادر ۾ جاءِ ڏيڻ واري سنڌو... مست موجن واري مهراڻ... سرسوتيءَ جي ريکائن جي امين..... هماليه جي فلڪ بوس برف پوش پهاڙن جي ارڏي، لاڏلي ۽ زور آور سنڌو.... پهاڙن، وادين ۽ ميدانن جو سينو چيري ڌڌڪا ڪندڙ، گجگوڙ ڪندڙ، راڙو ڪندڙ سنڌو.... سنڌو جنهن جي اُڌمن کي بند به روڪي ڪو نه سگهيا. اها سنڌو، اڄ شانت ٿيندي پئي وڃي.... سنڌو ماٺ ٿيندي پئي وڃي..... سنڌو سُڪندي پئي وڃي. سنڌو مرندي پئي وڃي. هماليه، قراقرم ۽ راڪا پوشي جي پهاڙن جو سينو چيري ايندڙ صاف شفاف نيري آسمان جي رنگ واري پاڻيءَ سان لبريز هنزه ندي، کي پنهنجي اڃايل ڪک ۾ سانڍڻ واري سنڌو.... سدا اڃايل.. سڪايل. جذبن ۽ اُڌمن جي ماريل مانديءَ ماءُ جيان هر وقت پنهنجي آغوش کولي رهڻ واري سنڌو.... اڄ ويران پئي ٿيندي وڃي. جت جر وهيو ٿي جار اُت واريءَ واسو ڪيو آهي. ڪٿي آهن اهي ٻلوان! ڪٿي آهن اُهي جوڌا جي رڪ جيان مضبوط جسم ۽ جان ڪيو، اکين ۾ باهه جا ٻرندڙ اُلا کنيو، ڳاٽ اوچو ڪيو ڪفن سر سان ٻڌي، جهونجهار جٿا ٿي جهونگاريندا هئا.... جيئي جيئ!! ڪير جيئي؟ سنڌ جيئي... جيئي جيئي!! سنڌو جيئي! سدا جيئي! کير پئي.. ڪير پيئي؟ امڙ پيئي.... ماءُ پيئي.... سنڌو پيئي.... سنڌو وقت جي ظالم وهڪري سان گڏ سُنڍِ ٿيندي وڃي. سنڌو جي ڇولين ۽ مهراڻ جي مستين جي رنگن کي چوکو ڪندڙ هماليه ماحوليات جي بي رحم چنبي ۾ اچڻ شروع ٿيو آهي. ايندڙ ويهن سالن ۾ هماليه جي برف پوش چوٽين ۾ دفن چارسو ننڍا وڏا گليشيئر ختم ٿي ويندا، ۽ ان ريت پاڻي جي اڻ کٽ ذخيري جي اڻاٺ ٿيندي. هونئن به دنيا ۾ پاڻي جي ذخيري جي اڻاٺ شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي. ايشيا جي اسرندڙ معيشتن ۾ جتي شهري آبادي ۾ اڻ ڳاٽو اضافو آيو آهي اتي ته پاڻي جي ڪمي ايڏي ته شدت سان محسوس ٿي ڪيئي وڃي جو ڪوالالمپور، سينگاپور، جڪارته، منيلا هرجاءِ تي ڄڻ هنگامي صورتحال آهي. ايشيائي بينڪ مطابق ته جي انهن ملڪن ۾ بنيادي ضرورتن لاءِ ئي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻي آهي ته ايندڙ سال تائين 50 کان 60 کرب رپيا خرچ ڪرڻا پوندا. سينگاپور ۽ مليشيا سوڌو انهي خطي ۾ جنهن کي ايشيا پيسفڪ ڪري سڏيو ويندو آهي سمونڊ جي پاڻي پيئڻ لائق ٺاهڻ تي زور آهي. پر هتي ته ماجرا ئي ٻي آهي. حالتن تي نظر رکڻ وارا ائين چون ٿا ته ايڪويهين صدي ۾ جي به جهيڙا ٿيندا، سرحدي ڇڪتاڻ ٿيندي تنهن جو ڪارڻ صرف ۽ صرف پاڻي هوندو. ايندڙ ويهن سالن ۾ چار سئو گليشيئر صفحه هستي تان مٽجي وڃن يا هماليه ئي کڻي صوماليه جو صحرا ٿي وڃي اسان جو مسئلو ٻيو آهي. ڪيئن؟ فصلن جي سوڪڙ جو ذميدار پنجاب آهي. سنڌ حڪومت وفاق آڏو احتجاج ڪري (آبپاشيءَ جي سيڪريٽري، عوامي آواز، اڱارو 27 جولاءِ 1999).
    ”جيستائين هيڊ پنجنند وٽان پاڻي گهربل مقدار ۾ گڊو وٽ نٿو پهچي تيستائين سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران جاري رهندو. آبپاشي عملدارن جو موقف، عوامي آواز 27 جولاءِ 1999ع).
    چشمه لنڪ ڪينال ۾ پاڻي ڇڏي سنڌ جي حقن تي راتاهو هنيو ويو آهي. فصل سڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن. سنڌ کي پوري پاڻي ملڻ کانسواءِ چشمه جهلم لنڪ ڪينال کولي نٿي سگهجي. معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪيئي ويئي آهي.“ سيد خورسيد شاه ميمبر قومي اسيمبلي جو اسيمبلي ۾ خطاب 24 مئي 1999ع. ”پاڻي جي معاملي تي ايندر ڏهه سالن دوران ننڍن صوبن ۽ پنجاب ۾ ويڙهاند جو خطرو“ (عوامي آواز 27 جولاءِ 1999ع) اڳيان هلندي”عوامي آواز“ لکيو آهي ته ”سنڌو ۾ پاڻي جي وڌيڪ لاٿ زرعي معيشت تباهه ٿيڻ جو خدشو، تربيلا ۽ منگلا وٽان اضافي پاڻي کڻڻ سبب صورتحال سنگين ٿيندي پئي وڃي. خبر جي تفصيل ۾ ڄاڻايل آهي ته ايندڙ ڏهه سالن ۾ پاڻي جو جيڪو وڏو بحران پيدا ٿيندو. تنهن جي سلسلي ۾ پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست واري مسئلي تي وڏو تڪرار جنم وٺندو. وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي گوهر ايوب خان وڌيڪ فتصيل ڏيندي قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ٻڌايو ته ايندڙ 25 سالن ۾ ملڪ جي آبادي ٻيڻي ٿي ويندي. پاڻي جي موجوده ذخيرن ۾ اضافي کانسواءِ صورتحال ڳنڀير ٿي ويندي. پاڻي جا ذخيرا 32 سيڪڙو جي حساب سان گهٽجي رهيا آهن. تربيلا منگلا ۾ پاڻي جي ذخيره اندوزي جي سگهه تيزي سان گهٽجي رهي آهي. تربيلا ۽ منگلا جي پاڻي جي ذخيره اندوزي جي سگهه کي وڌائڻ ممڪن ڪونهي. جي ڪو نئون ڊيم ۽ پاڻي جي ذخيره اندوزي جو سرشتو ڪالاباغ طرز تي هينئر به ٺهڻ شروع ٿيو ته ان کي مڪمل ٿيندي گهٽ ۾ گهٽ پندرهن سال لڳندا. سو به جي تمام مرحلا وقت سندس خوش اسلوبيءَ سان ئي ٿيا ته. وفاق جي ترجمان ۽ وفاقي وزير پاڻيءَ ۽ بجلي اهو تسليم ڪيو آهي ته ايندڙ ڏهه سالن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جي مسئلي تي وڏو تڪرار جنم وٺندو. اهو تسليم ڪرڻ ته تڪرار آهي ۽ وڌندو سا به شابس هجي گوهر ايوب خان کي جنهن مڃيو آهي ته هيستائين ته وڏو ڀاءُ بي موسمي ۽ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي چشمه جهلم لنڪ ڪينال کوليندو آهي ته به چوندو آهي ته پاڻي سمونڊ ۾ ٿو وڃي. اوهين ڀلي لک ڀيرا چئو ته سائين سمونڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ جي صورت ۾ ٺٽو ۽ بدين ڌٻڻ ٿي ويندو. لکين ايڪڙ سرسبز ۽ شاداب زرعي زمين سامونڊي ويرن جي نظر ٿي ويندي. هي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پنج هزار نه پر ان کان گهڻو مٿي پاڻي جڏهن ويندو تڏهن ئي ڪراچي کي پاڻي ملندو، ماحولياتي توازن برقرار رهندو. سامونڊي ويرن جي اثر زائل ٿيندو، پر نه. وري چوندا ته سنڌ ٿو پاڻي بند ڪري، هيٺائين وارو مٿاهين واري جو ڪيئن ٿو پاڻي بند ڪري اها ته شينهن ۽ ٻڪري واري آکاڻي آهي. ۽ هي جو ويڙهاند جو خطرو آهي سو ويڙهه به شينهن ۽ ٻڪري جي ويڙهه مثل آهي. جيڪي ڪرڻو آهي سو ته شينهن ڪندو ۽ ٻڪري... سمجهو پاڻ!! پر هن سڄي معاملي ۾ جس هجي ادريس راجپوت کي. ادريس راجپوت جتي هڪ فرض شناس ڪاموري جيان حقيقتن جو کلم کلا اظهار ڪيو آهي ته اتي سنڌ واسي هئڻ جي حيثيت سان ائين پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي جو ڪو به سنڌي ۽ ڌرتيءَ جو سپوت سڏائيندڙ به نه ڪري سگهيو آهي. ادريس راجپوت سنڌ اسيمبلي جي فلور تي جتي هڪ پاسي پنجاب جي زيادتين ڏي نشاندهي ڪئي آهي ته ٻي پاسي بااثر سنڌي وڏيرن جي ڏاڍاين، سڌا واٽر ڪڍائڻ، پاڻي چوري ڪرڻ ۽ ٻين زيادتين کي به وائکو ڪيو آهي. ڪاش! جڏهن چشمه لنڪ ڪينال ٺهيو ٿي جڏهن پاڻي جي ونڊ ورڇ واري فيصلي جي ارهه زورائي ٿي پئي ته ان وقت به اسان وٽ ڪو ادريس راجپوت هجي ها. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست جي نظام تي هم آهنگي هجي. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن وڏو صوبو اڳتي قدم وڌائيندو ۽ سنڌي وڏيرو ذاتي مفاد کان مٿڀرو ٿي وک وڌائيندو.

    (عوامي آواز، 5 آگسٽ 1999ع)


      پوءِ به پريان جو پنڌ ڀلو

    فضل قلباڻي – ڪليڪٽر صاحب بهادر ڪسٽم – وڏي شان وارو ڪامورو – منهنجو ويهارو سالن جو دوست ۽ ذهني سفر جو ساٿي – اڄڪلهه جهازن جي قبرستان گڊاني تي به ڪسٽم جو اعليٰ عملدار آهي ته وري اڌ بلوچستان لاءِ به ڪسٽم جي سرڪاري ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي اوڳڙ لاءِ ذميدار آهي. اسان ته ڪسٽم، انڪم ٽيڪس ۽ ريوينيو جي ننڍڙن غير اهم ڪل پرزن کي به وڏي شان ۽ ٺٺ سان هلندي ڦرندي ڏٺو هوندو. وڏين جهاز جيڏين گاڏين کانسواءِ ته هلن به ڪو نه... ڪو ويلو مانيءَ جو هوندو جو گهر کائين نه ته جيسين فائيو اسٽار هوٽل ۾ لنچ ۽ ڊنر نه ڪن تيسين اوڳرائي ڪو نه اچين. ٻه ٽي بيگمات نه هجن ته سندن شان ۾ ڄاڻ ڪا گهٽتائي رهجيو وڃي ٿي. ملن ٿا ته زوري به پنهنجي ڪرائي کي جهٽڪو ڏيو پنهنجي سوني روليڪيس ڏيکاريندا. ويٺا هوندا ته هروڀرو هڪ ٽنگ جي گوڏي تي پنهنجي پير جو مريو رکندا. هوڏانهن مريو ۽ پير لوڏيندا ۽ هيڏانهن چيلهه ڀر گسڪندا ويندا تان جو سندن نئون چمڪندڙ بوٽ ذري گهٽ اوهان جي ٻوٿ جي ويجهو اچي نه پوي ۽ جي اوهان پنهنجي يتيم ٻوٿ جي سرحدن ۾ ٿيندڙ حددخليءَ تي به ڪو اعتراض نه ڪيو ۽ ائين به رڙ ڪري ڪو نه چيو ته ”نڀاڳا! مون کي ڪو مرگهيءَ جو دورو ته ڪو نه پيو آهي جو وتين جوتو سنگهائيندو“ ته به ڦاٿا اوهين – حقارت مان نهاري چوندا، ”اڙي! منهنجو جوتو نه ڏٺئه“ ”ها! ڏٺم!“ ”وري ڏٺم! ڇڙو ڏٺم ڄٽ! تو ٿرئي کي ڪهڙي خبر ته هي ”بالي“ آهي. خالص سوئزرلينڊ جو ۽ هٿ جو ٺهيل – مان پوئين واري جڏهن لنڊن ويو هئم ته رستي ۾ سوئزرلينڊ ۾ ڪجهه ڏينهن رهيم- پنج سئو پائونڊن جو ورتم ، ڪيئن آهي؟“ حساب لڳائيندا ته چاليهه هزار جو ته وڃي جوتو ٿيندو. سمجهه کان ڳالهه ٻاهر ٿي ويندي. مٿو ڦري ويندو. هيڪر ته ڀنواٽي وٺي ويندي. دماغ کي دل چوندي ته پنهنجو اٺ سال پراڻو پشاوري چپل جنهن کي وري مضبوطيءَ لاءِ گاڏيءَ جي پراڻي ٽائرن جو ترو هڻايو هيو سو کڻي لاهي ڏاڍو ٻوٿ تي هڻجيس ۽ پڇجيس ته جڏهين تون لجپت روڊ تي ڇهن آنن ۾ ماني کائڻ جي عياشي ڪري، بڪين تي تيل مکي نور محمد هاءِ اسڪول تائين پنڌ ٺوڪيندو ۽ اتان ڄامشوري جي بس ۾ بنا ڀاڙي ڏيڻ جي لٽڪندو يونيورسٽي ويندو هئين تڏهن تو وٽ گهڻا باليءَ جا جوتا هئا. پر نه ڏوهه ته اوهان جو آهي. اهڙي بدبودار ۽ ڪراهت ڏيندڙ ڪردار سان اوهين ملو ئي ڇو ٿا. ڪنڌ نمائي دل ۽ دماغ تي دونهين ۽ ڪوهيڙي جي چادر تاڻيو ٿڪل ٿڪل واپس ٿيندو هئس. تان جو عمر جي هن حصي ۾ عمل ۽ فڪر مون کي انهيءَ جهنجهٽ کان آجو ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ذهني ڪيفيت، ڪجهه پننهنجن ۽ پراون جون مهربانيون. هڪ مضبوط لوهي ڪوٽ ڏيئي ڇڏيو اٿم پنهنجي چوڌاري، جنهن ۾ اهڙن تڪليف ڏيندڙ ڪردارن جي داخلا بند آهي. من کي شانت ڪرڻو جو آهي. دل ۽ دماغ جون ڪجهه دريون ته بند ڪرڻيون آهن. ڪجهه اهڙيون دريون جتان بدبودار هوا ايندي هجي. ها جڏهن مان ايترو مضبوط ٿيندس. جڏهن منهنجي اندر جي اور پنهنجيون پاڙون پاتال ۾ پيهي وڃڻ جي سگهه ساريندي تڏهن مان پنهنجي دل، دماغ ۽ حواسن جا تمام در، هر دريءَ هر گهٽ کولي ڏيندس جو پوءِ مون کي ڪراهت ڪو نه ٿيندي. مون کي نفرت ڪو نه ٿيندي. نفرت ته منهنجو مذهب ڪونهي. ڪروڌ ۽ ڌڪار کي ته مون هميشه پاڻ کي پري رکيو هوندو. جي ڪنهن چير ڏيئي به ان تي لوڻ ٻرڪيو هوندو ته منهنجي دل ڪوسي ڪو نه ٿي هوندي. مون ان عذاب کي به پنهنجو ڪيتو سمجهي لوڙهيو هوندو. ڳالهه ٿي ڪيم سهڻي من موهڻي ماڻهو جي ۽ نڪتس وڃي اڻ وڻندڙ ٿانَ تي. پر تضاد جو هيو هر ٻن ۾. فضل اڄ به اهڙو ئي آهي جهڙو ويهه سال پهرين هيو. اندر جو اجرو، روشن اکين ۽ آلائشن کان پاڪ صاف، هڪ با اصول ۽ باضمير ڪامورو، سهڻو ماڻهو. جڏهن به فضل سان ڳالهائڻ ٿيندو آهي ته منهنجو ماڻهو ۾ ويساهه پختو ٿيندو ويندو آهي ۽ آدرشن جي راهه ۾ وک وڌائڻ لاءِ اتساهه وڌندو آهي. هو اڳي جو نه چوندو هئم....
    واٽ اواٽي ڪير ڪري،
    پريان جو هي پنڌ پري ...............(اياز)
    سو، فضل سان ڳالهائڻ کان پوءِ يقين ۽ ويساهه جي گهاٽيءَ ۾ مسلسل عمل ۽ جدوجهد سان لهڻ جو عزم ور ور ڏيئي ورجائڻ تي دل ٿيندي اٿم جو فضل منهنجو ايمان تازو ڪندو آهي. ته.......
    پوءِ به پريان جو پنڌ ڀلو.....
    اڄ وري فضل فون ڪئي. ”هيلو“ مون چيو. ”نيٺ ته ڊهندي.... اڙي ابا! ڊهندي يا ڪو نه ڊهندي“. فضل جو زندگيءَ سان ڀرپور آواز آيو. ”ادا! ڊهي ته ڊهي نه ته وڃي ڌوڙ پائي. ”مون وراڻيو. چوڻ لاءِ ته چئي ويم. ڪجهه لڄي به ٿيس پر پوءِ هڪدم خيال آيو ته فضل قادر قلباڻيءَ کي چڱي ريت خبر آهي ته هي وارياسي ڀٽن ۽ سون جيان چمڪندڙ چلڪندڙ وارِيءَ جي ديش جو واسي ماڻهن جي ان قبيلي مان آهي جن جي مذهب ۾ لِڪ حرام آهي. جي وڏي واڪي چوندا آهن ته ” تون ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان.“ جي رڙهندا رهندا ته به وڙهندا. ڪجهه آٿت آيم ته ذهني رشتا لفظن جا محتاج نه هوندا آهن. فضل کلي ڏنو. چيائين ”ڀاءُ! مون کي تنهنجي ڪالم جو اهڙو ته چسڪو لڳو آهي جو اسلام آباد ۾ هوندو هئس ته به ”عوامي آواز وٺندو هئس ته تنهنجو ڪالم ضرور پڙهان. هڪ ڏينهن امر صاحب کي به پڙهايم. امر جليل کي به وڻيو.“ ڇا چوانس – دماغ ۾ ته گهڻي آنڌماند هئي پر قلباڻيءَ کي ڇا چوان. هن نڀاڳي سان ته منهنجو رشتو اهڙو آهي جو لفظن جي محتاجي کان مٿڀرو آهي. ڇا ٻڌايانس ته آئون ڀل سمونڊ ڪناري رنگ برنگا پٿر ۽ خوشنما ڪوڏيون ۽ سپيون ميڙي ٺينگ ٽپا ڏيئي خوش ٿيندڙ معصوم ٻار جيان ڇو نه هجان. آئون ڀل اهو نستو ۽ ڏٻرو بک وگهي پويان پساهه کڻندڙ ابهم ٻار ڇو نه هجان جو بک ۾ پاهه ٿيندو به ماءُ جي سراٽيل، لٽڪيل ۽ ٿڃ کان خالي ٿڻن ۾ منهن وجهڻ جي سگهه به ساري ڪو نه ٿو سگهان. پر..... پر..... آئون ماڻهن جي ان قبيلي مان آهيان جنين جو درد ڀنل باهين کي ڀڙڪائي ٿو. ويراڳين کي ماندو ٿو ڪري. منهنجو درد آفاقي آهي. هي ته حسيني قافلي جو درد آهي جو روز اول کان ڳڀرو ۽ لک لُٽ جوان جوڌن جا جسم لٽائي ٿو. آهه! مون کي ته ڪا محرومي ڪونهي. ڪو ناڪامين جو احساس ڪونهي. ڀرپور جواني گذاريم. اڄ به جيون جي ڪاري اماس رات جي پوين پهرن ۾ زندگي جو ڏيئو ٽم ٽم ڪندي. روشن ۽ چٽو لڳندو اٿم. پوءِ هي دل ۾ ڪهڙي درد جي پيڙاهه آهي. هي اکيون هر ويلي اشڪبار ڇو ٿيون ٿين. ڇا انهن لکها ڳڀرو جوانن لاءِ جن کي اونداهين جو واڳون ڳڙڪائي ويو يا انهن معصوم ابهم ٻارن لاءِ جن کان هن ظلم ۽ پاپ سان ڀريل معاشري سندن مرڪ ڇني ورتي يا مريم جي هم نام ۽ حوا جي ڌيءَلاءِ جا بک ۽ حالي ڪاڻ جسم وڪڻڻ تي مجبور آهي. يا مسافر شام لاءِ جا بي سروساماني جي عالم ۾ سردارن جي سردار حسين ابن علي جي لٽيل قافلي جي مهندار ٿي يزيد جي درٻار ۾ آئي. آهه! قيامت ڇو نه آئي. پر نه، هي قافلا لٽجڻ، هي شهادتون ته روز اول ئي لوح محفوظ تي لکيل هيون. سو، ادل اسان ته انهيءَ درد جي منزل جا راهي آهيون.
    فضل! تو ٻڌايو هو نه ته امر جليل وڏو ماڻهو آهي. انهن معنائن ۾ جن ۾ آئون چوندو آهيان؟ هو جو هڪ ڀيري تاڙين جي ڦهڪي ۽ گونج ۾ اسٽيج تي آيو ۽ جڏهين ڪافي دير تائين اها گونج ۽ پڙاڏو ماٺ نه ٿي ته روئي پيو. هٿ ٻڌندي، سڏڪا ڀريندي چيائين ”بس ڪيو“ الله جي واسطي بس ڪريو. مون کي ايڏي محبت نه ڏيو جو آئون موٽ نه ڏيئي سگهان.“ ها، برابر! امر جليل وڏو ماڻهو آهي. دل م درد رکندڙ ۽ اکين ۾آلاڻ سانڍڻ وارو.
    ۽ ٻڌ! تون وري چريا، منهنجن ڪچن ڦڪن لفظن کي ”ڪالم“ چوندي امر جليل جي ڪالمن جي ڳالهه ڪرين ۽ چوين ته توکي امر سان ملائيندس. ڇا ملائي ڪندين. مون کي خبر آهي ته امر سان ملي مون کي پنهنجو قد ڏاڍو ننڍو لڳندو پر مون کي انهي ڳالهه جو ڪو فڪر ڪونهي. قد ته ننڍو تڏهين لڳي جڏهين منهنجو ڪو وجود هجي. آئون ته پاڇو آهيان. رڻ ۾ گجڪندڙ راڙو آهيان. آهيان ڪٿي؟
    ها البته علامه عابدي مرحوم جي ياد تازي ٿي سگهي ٿي. مرحوم سان منهنجي ٿورڙي ئي ملاقات هئي. الائي ڇا هيو پر هر واري جڏهين اسان جي ملاقات ٿيندي هئي ته هڪ جملي کان مٿي ڳالهائي ڪو نه سگهندا هئاسين. علامه صاحب پڇندو هيو ”ڪيسي هو آفتاب ميان! ”آئون وراڻيندو مانس، ”ڪرم هي ميري مولا ڪا“ ائين چوندي هميشه منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ويندو هيو. نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا اٽڪي پوندا هئا ۽ علامه صاحب جو اکين مان ڳوڙهن جا ڄڻ آبشار وهندا هيا. ائين ئي هڪ دفعو منهنجي آفيس ۾ جو آيو ته انهن ٻن جملن کان پوءِ شايد ڪلاڪ کن ٻئي اوڇينگارون ڏيئي روئندا رهياسين. علامه عابدي شعله بيان مقرر، لفظن جو بادشاهه ۽ نه ئي هي تنهنجو ناشناس ڀاءُ لفظن جا محتاج هيا. درد جو رشتو مشترڪه هيو. صدين کان سانڍيل جو آهي. بند ٽوڙيو وجهي.
    ڇو ٿو مون کي هلڪو ڪرين. مون کان برداشت ڪو نه ٿيندو امر جليل سان ملڻ، آئون ته توسان به ڪو نه ملندو آهيان. هاڻ خبر پئي ته ڇو؟

    (عوامي آواز، 12 آگسٽ1999ع)


    سوچن تي پهرو

    15 آگسٽ تي شام جو پوڻين اٺين وڳي ڊش اينٽينا تي ايندڙ ”سوني“ چينل تي فلم ”بارڊر“ ڏيکاري وئي. مون کي هونئن ته نه ڪو ٽي وي جو خاص ڪو شوق آهي، نه ئي فلمن جو. ڪڏهين ڪڏهين البته بي بي سي يا سي اين اين تي خبرون يا ڪو پروگرام ڏسڻ لاءِ ويهي رهندو آهيان ۽ ائين ئي اتفاقن ڪڏهين فلم ڏسڻ تي به دل چوندي اٿم. ڪوشش ڪندو آهيان ته فلم ڏسڻ وقت اڪيلو هجان. ڪا فلم ته هانءَ ڇڄيو وجهي. اڄ به ياد اٿم ته جڏهن هندوستاني فلم ”مڌر انڊيا“ ڏٺي هئم ته جنهن مهل گانو آيو.
    ”دنيا م آئي هين تو جينا هي پڙي گا“.... ته روئڻ اچي ويم. هي جيون جي زهر آهي ته به پيئڻو آهي. ڏک آهي ته به سهڻو آهي. آهه! وري.... سروم دکم... اي بنارس جا يوگي! هي ڪهڙي درد سان آشنا ڪرائي وئين.
    ”جو آهي سو ڏک آهي... سدا ڏک آهي... ”تون ته نروان به حاصل ڪري وئين. مون کي هر ويلي ٻرندڙ باهه جي مچ تي لڇڻ ۽ لوچڻ جي راهه ڏيکاري وئين. فجر ويلي تائين جيسين ٻانگي جي خوش ڪن آواز اچڻ کان اڳ ئي ڪڪڙن ٻانگو ڏنيون ۽دريءَ جي هٽيل پردي مان سفيديءَ ليئو پاتو تيسين مون کي ڪا سرت ڪو نه هئي. وري وري ٿي واپس بٽڻ دٻايم. ريموٽ ڪنٽرول وري ٿي گاني کي شروعات کان منظر تي آندو. رات جو پويون پهر مون روئندي، رڙيون ڪندي گذاريو. مالڪ.... مالڪ....!! ڇو؟! ڇو هي پهاڙ جيڏو ٻوجهه رکيو اٿئي؟ ۽ جي رکيو اٿئي ته به آسان ته ڪر. آسان ته ڪر مولا!!
    ٻارن جو ٻڌايو ته بابا، بارڊر فلم پاڪستان ۾ بين آهي ۽ پاڪستان جي خلاف آهي ته ڪجهه ته اعتبار به آيو ۽ ڪجهه وري ذهن جي آنڌ مانڌ ۽ جستجو شوق ڏياريو ته هي فلم اڄ ڏسبي. وري جو فلم جو هڪ گانو ڪيئي دفعا ٻڌو هوندو...
    سنديسي آتي هين،
    همين تڙپا تي هين...
    چٺي آتي هي
    وهه پوڇي جاتي هين،
    اڌر ڪب آئوگي
    اڌر ڪب آئوگي.
    سهاڳ رات وڇڙيل ور جي پنهنجي محبوب ونيءَ لاءِ لوچ، لڇڻ، تڙپڻ، سڪ ۽ پيار، سڪ سپرين جي، جا اعليٰ عرفان آهي. ماڻهوءَ لاءِ، هي درد، هي پيار، انساني رشتن جو سٻنڌ ڪيئن ڪچي ڌاڳي ۾ مٽجيو وڃي. ڪيئن لال لڱن کي چندن ٻور لايو شعله بدن ڪنواريون مڱيندن جي اوسيئڙي ۾ واٽون نهارينديون رهجيو وڃن ۽ سندن جوڌن جوان مڱيندن کي جنگ جا ڀيانڪ شعلا موت ۽ مايوسيءَ جي اوڙاهه ۾ گم ڪيو ڇڏين. آهه....!! ڪيئن اعليٰ ۽ ارفع ترين جذبا بي نام ۽ بي معنيٰ رهجيو وڃن.
    انهن سوچن ۽ اپٽار فلم ڏسڻ لاءِ اتساهه وڌايو. فلم جو مرڪزي خيال آهي ”جنگ ۾ حب الوطني ۽ سرفروشي.“ فوج جا ڪجهه آفيسر ۽ جوان مرڪزي ڪردار آهن جي پنهنجي انڌي ماءُ، پنهنجي محبوب، سهاڳ رات به ڇڏيو وطن جي حفاظت لاءِ فرض جي سڏ تي لبيڪ چون ٿا. ڏيکارين ٿا ته ڪيئن هڪ ننڍي فوجي ڪمپني پوري ريجمينٽ سان وڙهي ٿي ۽ آخري گولي. آخري سپاهي تائين وڙهي ٿي. ڇو ته فلم هندستان جي ٺهيل آهي تنهن ڪري ظاهر آهي ته پروپيگنڊا ۽ وڌاءُ تمام اجايو آهي. تمام لچر پروپئگنڊا فلمن وانگيان هن فلم ۾ به ديوي مئلن کي جيئرو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. ڀارتي فوجي سک هوندي به ديوي ديوتائن ۾ ايمان رکي ٿو. پاڪستان کي حملا آور ۽ بزدل به ڏيکاريو ويو آهي. واقعا بلڪل افسانوي ۽ هٿ گهڙيل آهن. پر صرف جنگ جي حد تائين. انساني ناتن ۽ رشتن جي لطيف ۽ نازڪ احساسن کي ڏاڍي سهڻي نموني اجاگر ڪيو آهي. مجموعي طور فلم ۾ جتي به انسان جي دل ۽ دماغ جي نازڪ ۽ لطيف حِس کي کنيو ويو آهي سو ڏاڍو سهڻو آهي. جي هن فلم ۾ فضول ۽ اجائي پاڪستان مخالف پروپيگنڊا نه هجي ها ته وطن جي سرفروشن ۽ جانبازن جي ڪهاڻي ڏاڍي چڱي ريت چٽيل آهي.
    هيڪر خيال ۾ آيم ته ڇو ڀلا هي فلم يا ٻيون هندستاني فلمون بند ٿيون ڪيون وڃن يا بند آهن. جڏهن ته هر ڪيسٽ واري وٽ بليو فلمون به ملن ٿيون ته هندستاني فلمون به ملن ٿيون، کڻي ”بارڊر“ نه ملندي هجي. درست ته 1965ع جي جنگ کان پوءِ ئي عوام ۾ خاص طور پاڪستان جي فلم انڊسٽري جي مطالبي تي ڀارتي فلمون بند ڪيون ويون. اهو به درست ته هندستاني فلمون بي حد مادر پدر آزاد آهن. پر پوءِ به ثمينه پيرزاده جي فلم ”انتها“ جا هڪ طرف ته ڪافي حد تائين هڪ هندستاني فلم جي ڪاپي آهي ته ٻئي پاسي بوس ڪنار کان وٺي بستري تائين ذري گهٽ کلم کلا اظهار ڪندڙ آهي، انهيءَ کي ڪٿي رکندؤ.
    پر پوءِ ياد آيم ته نه، هتي اسان جو ڏاڏو آدم ئي نرالو آهي. اصل ڳالهه هي آهي ته فيصلو ڪندڙن وٽ منطق ۽ سوچ جي ڪافي اڻاٺ آهي. فلم جي بندش ته ڀلي هجي. مون کي ان تي به اعتراض ڪونهي، مون ئي ته ماضيءَ جا ٻه واقعا ياد آيا.
    ننڍڙا هئاسين ته ٻڌوسين ته بزرگوار چاچو محمد عثمان ڏيپلائي جيل ۾ بند ڪيو ويو. ڪو ملڪ ۽ حڪومت جي خلاف لکيو هئائين. اڙي ڀائي! ڇا لکيو اٿس. ڪنهن به ڪو اطمينان جوڳو جواب نه ڏنو. بس، ملڪ دشمن، ڪميونسٽ، اهي لفظ ئي ڪنن تي پيا. ڳالهه آئڙي ڪو نه. هر ڪنهن کان پڇيم. ڪنن ۾ سرپر ڪندي ڪنهن چيو ته ڪميونسٽن جو ادب ٿو ڇاپي. اڃا ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي تان جو خبر پئي ته گورڪيءَ جي ”ماءُ“ جو سنڌي ترجمو ڪيو هئائين. ڪتاب تي بندش پئي. ضبط ٿيو، پريس تي تالو لڳو ۽ ڏيپلائي صاحب خير سان جيل بند ٿيو. گورڪي جي ”مدر“ انگريزيءَ ۾ پڙهي هئي. ادب جي جيتري به ڄاڻ هئي. تنهن مان اها خبر هئي ته گورڪيءَ ته روسي انقلاب کان اڳ هيو ۽ ڪميونزم سان سندس ڪو واسطو ئي ڪو نه هيو. ڳولي وڃي لڌوسين ته ”ماءُ“ پڙهجي متان سنڌي ٻولي ۾ اچي ”ماءُ“ ڪميونسٽ ٿي وئي هجي. ڪجهه سمجهه ۾ ڪو نه آيو. نيٺ جيل مان ٻاهر اچڻ کان پوءِ چاچا مرحوم ئي ٻڌايو ته سرورق جي اندرئين پاسي مون صرف ايترو لکيو هيو ته ”ون يونٽ ٽوڙيو“ صرف ايتري لکڻ تي سنڌ جي ماڻهن جي اڪثريت هڪ جڳ مشهور ڪتاب پڙهڻ کان محروم رهجي وئي. ”ماءُ“ شايد وري ڪو نه ڇپي وئي. انهيءَ سرورق جي اندرئين پاسي لکڻ تان وري ياد آيو ته 1978ع يا 1979ع ۾ هڪ ڪتاب ”فريڊم ايٽ مڊ نائيٽ“ جي نالي سان آيو هيو. هڪ فرانسيسي ۽ هڪ شايد آمريڪي يا انگريز جو گڏيل ڪتاب هيو. هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي تي لکيل بهترين ڪتابن مان هڪ آهي. ايندي ئي بند ٿي ويو. مون البته جاکوڙ ڪري ڪٿان ورتو. ٻن سالن کان پوءِ ٻيهر ايڊيشن آئي. ساڳيو ڪتاب بند ڇو نه ٿيو. خبر پئي ته پهرئين ايڊيشن ۾ سرورق جي اندرئين پاسي لکيل هيو ته ”هي انهيءَ جناح جي آکاڻي آهي جيڪو شراب پيئندو هو، نماز نه پڙهندو هيو پر ڪروڙين هندستاني مسلمان کيس پوڄيندا هئا“. هاڻ سائين ڏيو منهن! جماعت اسلامي ۽ احرار المسلمين پنجاهه سال اهو چون ته به چڱا. ڏوهه ٿيو هڪ فرانسيسي جو ۽ سالن جي تحقيق جو.
    جا ڳالهه ڪرڻي آهي سا هيئن آهي ته ذهن جي وسعت لاءِ، معاشري جي صحت مند نشونما لاءِ، تحرير ۽ تقرير جي آزادي ضروري آهي. ضروري آهي ته هر ماڻهو کي پهچ هجي. دسترس هجي. ان سوچ تي، انهي تي لکي. جو ٻيو ماڻهو سوچي ٿو، لکي ٿو، ڪيئن ذهني ڇنڊ ڇاڻ ڪندو. روبوٽ ته معاشرو ڪو نه ٺاهيندا. جيسين سوچن تي پهرو هوندو تيسين ذهن ڪو نه جاڳندو. شال ڪو سمجهي.

    (عوامي آواز، 9 سيمپٽر1999ع)


      تاريخ جو سبق

    جڏهين اسڪولي ٻار هوندا هئاسين تڏهين جي ڳالهيون اڻوڻندڙ لڳنديون هيون، تن ۾ هڪ ”تاريخ“ جو مضمون به هيو. تاريخي مضمون ۾ جيڪا ڳالهه سڀ کان اڻوڻندڙ لڳندي هئي، اها هئي ته صحيح لفظ ”تاريخ“ آهي يا ”تواريخ“. ٻي ڳالهه جا صفا ڀانءَ نه پوندي هئي سا هئي سن ۽ تاريخون ياد رکڻ. ٽئين ڳالهه جا منجهائيندي هئي سا اها هئي ته بادشاهه ڏاڍو نيڪ هيو. هٿن سان قرآن لکندو هيو، ٽوپيون سبندو هيو پر ڀائر سڀ خير سان هڪ هڪ ڪري مارائي ڇڏيائين. ۽ پيءَ کي نظربند ڪري ڇڏئين. ڏاڍو نيڪ هيو؟! سبحان الله. سمجهه ۾ ڪونه ايندو هيو ته هي نيڪ بادشاهه جي رڳو وتي ٽوپيون سبندو ته پوءِ هيڏي وڏي بادشاهت جو انتظام ڪيئن هلائيندو هيو. اسان کي ته قميض ۾ هڪ بٽڻ جي ٽانڪڻو هجي ته اڌ گهر اٿلائي پٿلائي سئي سڳو ڳوليون ۽ خير سان اڌ ڪلاڪ لڳيو وڃي، هڪ بٽڻ ٽانڪڻ ۾ ۽ وري جڏهين ٽانڪي بس ڪيون ته زال چوي ته ”ڏسين به ڪونه، ڌاڳي جو رنگ قميض جي رنگ سان ميچ ڪونه ٿو ڪري“. ڇا چئجي نيڪ بخت هي توکي ڏيان ها ته ڪلاڪ لڳائين ها ۽ ڪُر ڪُر عليحده ڪرين ها ته هنڊي سڙي ويئي. شابس آهي بادشاهه کي. وتي سڄو ڏينهن سيبا ڏيندو. شام جو ٽوپي سبجي پوري ٿي. مارڪيٽ ۾ وڃي وڪڻندو ته هڪ تندوري نان جيترو ملهه به ڪونه ملندس. پوءِ ڀلا ڪيئن هوندو. وزير امير ويس مٽائي موتين جي ملهه وٺندا هوندا ۽ ٻي ڏينهن نراڙ تي اهائي ٽيڏي ٽوپي پائي قصيدا ڳائيندا هوندا. ڪيئن هوندو؟ سمجهه ۾ ڪونه ايندي هئي. وري هر ٻيو پٽ يا ڀائيٽو ڀاڻيجو رات جو ستل باشاه کي ماري صبح جو بادشاهه ٿيندو هيو. ماڻهن کي سندن ئي پيسن تي حج ڪرائيندو هيو. هاڻ وري هو نيڪ ٿي ويو. الا! ڪيئن نيڪ ٿيو. ابو جڏهين رات جو ستو ته شهزادو شرابي ۽ زاني هيو. ابي جي ڪنهن دلپسند بانديءَ سان گڏجي، خواجه سرائن کي پاڻ سان گڏي آڌي رات جو پي ماري ڇڏئين. صبح جو بادشاهه ٿيو. هاڻ نيڪ ٿي ويو. رستا ٺهرائي ٿو، مسافر خانا ٺهرائي ٿو، نه يار، ڪو ڀولو ٿيندو هوندو. ڳالهه دل کي آئڙي ڪونه ٿي ۽ ڪڏهين ڪڏهين ته اهڙي مٿي کي ڦيري ايندي هئي جو ساهه ٻوساٽبو هيو. هندستان جي تاريخ ۾ هڪڙي ئي وائسراءِ جو نالو آسان لڳندو هيو. لارڊ ”ڪرزن.“ باقي نه سمجهه ۾ ٿي آيا نه ئي اچارڻ سولا هيا. فرانسيسي تاريخ ته صفا جهڙو دٻي ۾ ٺڪريون. لوئي پهريون ته لوئي ٻيو ته لوئي چوٿون. لڳي ٿو ته تاريخ لکڻ وارن کي به سندن نالو ڪونه ايندو هيو. اسين غريب ڪهڙي ڏوهه ۾ ڦاٿا آهيون.
    وقت گذرندو رهيو، آخر تائين ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي ته محمود غزنويءَ کي ڪهڙي نانگ چڪ پاتو هيو جو سترنهن دفعا هندستان تي ڪاهه ڪيائين. هي شاهجهان بادشاهه يا ته پيو هلندو هيو ۽ عمارتون ٺهرائيندو يا وري جنگيون ڪندو. نيٺ سندس نيڪ، پرهيزگار ۽ خدا ترس پٽ منجهائس اسان جي جان ڇڏائي. جڏهين ڪجهه سمجهه ڀريا ٿياسين ته پوءِ ئي تاريخ پنهنجي تمام تسلسل ۽ تضاد ۾ سامهون اچي ورق اٿلائڻ شروع ڪيا. آئون تاريخ جي انهن شاگردن مان آهيان جي استادن جي هڪ قابل ذڪر گروهه سان انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪندا آهن ته مغليه سلطنت جو زوال محمد شاهه رنگيلي جي عيش و عشرت نه پر انگريز جي تڪنيڪي مهارت آندو. تاريخ جي ورقن ۾ عظيم حڪمران طور ذڪر ڪيل شاهجهان ۽ اورنگزيب عالمگير جي پاليسين مغل سلطنت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ انهن پاليسين ۾ وڏي ۾ وڏي غلطي سندن دارالخلافه کان مستقل دوري هئي. شاجهان ٽيهه سال کن حڪومت ڪئي ۽ انهيءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ يادگار منصوبن جي تعمير ۽ دکني سلطنتن سان هٿ چراند، سرحد صوبي جي باغين جي سرڪوبي ۾ گذاريو ته اورنگزيب وري شاهجهان کان به ٻه هٿ اڳيان رهيو. پنجاهه سالن جي دور حڪومت ۾ اورنگزيب ٽيهارو سال ته ڪڏهين مرهٽن جي سرڪوبي لاءِ پيو وڃي ته ڪڏهين سکن سان پيو وڙهي ته ڪڏهي ڪابل تائين پيو ڪاهون ڪري ته ڪڏهين جي ڀائر گورنر هيا انهن جي پويان هٿ ڌوئي ڪاهي پوي ته وري يڪا ڏهاڪو سال بيجاپور ۽ گولڪنڊا جي مسلمان رياستن کي فتح ڪري. ۽ مسلمان رياستن سان وڙهڻ جو وڏو ڪارڻ به اهو ته هو شيعا آهن. دارالحڪومت کان پري رهڻ، خزاني تي ڳاٽي ڀڄندڙ وزن وجهڻ ۽ ائين خزانو خالي ڪرڻ، عظيم الشان يادگار منصوبا ۽ عمارتون ٺهرائڻ مغل سلطنت جي زوال جي سببن مان چند سبب هيا.
    هي تاريخ دانيءَ جو پيٽ ۾ سور انهيءَ ڪري پيو اٿم جو تازوئي اخبار ۾ پڙهيم ته وزيراعظم پاڪستان ميان نواز شريف ٽيهه مهينن جي دور حڪومت ۾ ٻاويهه ملڪن جو دورو ڪيو. ڊان اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته نه، وزيراعظم ٽيهه مهينن ۾ ٻاويهه دورا نه ڪيا آهن پر سندن ريڪارڊ موجب ايڪونجاهه دورا ڪيا آهن، جن ۾ ڪن ملڪن جا هڪ کان وڌيڪ دفعو جا دورا به شامل آهن. انهن دورن جي ڪري وزيراعظم صاحب ملڪ کان 150 ڏينهن ٻاهر رهيو آهي. اڃا اندروني دورن جو ڪاٿو ته ڪنهن لڳايو ئي ڪونهي. هاڻي جيڪو خرچ ٿيو هوندو تنهن جا نه تفصيل آهن نه ئي اسان جو مقصد انهيءَ تي بحث ڪرڻ آهي. دورن جي ڪري ملڪ جي خوشحالي تي ڪيترو اثر پيو يا گڏيل لاڳاپا ڪيترا وڌايا ويا، ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع ڪيترو مضبوط ٿيو؟ اهو بحث به اسان جي دائري ۾ ڪونهي. اسان کي ته فقط شاهجهان جي مماثلت نظر آئي تنهنڪري عرض رکيوسين. الاهي! جان جي امان ملي يا نه پر رهي نٿا سگهون. هن مٽيءَ سان ايڏي ته محبت آهي جو ڪڏهن ڪنهن ويلي هن بيڪار جند تان آسرو لاهي به ڳالهه ڪرڻ کان ڪونه ٿا مڙئون.
    ٻي ڳالهه خيال ۾ آئي ته انهن دورن جي دوري جو اثر محترمه تي به گهٽ ڪونه هيو. پنهنجي دور حڪومت ۾ هو مهيني ۾ ذري گهٽ سراسري طور هڪ کان مٿي يا ڏيڍ دورو ڪيائين. ڪنهن کي ياد آهي ته آمر ايوب خان يارنهن ٻارنهن سالن ۾ ڪيترا غير ملڪي دورا ڪيا هئا. شايد ٻارنهن يا چوڏهن. پر پوءِ به آمريڪا اسان جي امدادي ساٿارين مان هيو. چين عظيم تر دوست هيو. ايوب خان جي ڏهن سالا دور حڪومت ۾ ئي اصل صنعتي ترقي جو بنياد پيو. زرعي معيشت کي جا هٿي ايوب خان جي زماني ۾ ملي، زرعي پيداوار ۾ جو اضافو ٿيو، سو ڪنهن دور ۾ ڪونه ٿيو. حڪمراني بلڪل درست ۽ بهتر هئي. قانون جي بالادستي هئي. ڪهڙا عوامل انهيءَ جو ڪارڻ هيا. تاريخ جا پنا اڃا پراڻا ڪونه ٿيا آهن. اڃا ته پنن تان مس به سڪي ڪونهي. کولي ڏسو. ورق اٿلايو.

    (عوامي آواز، 16 سيپٽمبر 1999ع)


    سلام صاب … آخري سلام …

    سلام صاب … آخري سلام … مرندڙ کي آخري سلام وٺڻ جو ته حق ڏيو. ڪڇ جي رڻ کان وٺي ڪارونجهر ٽپيو ميدانن، جهنگلن، صحرائن ۽ دريائن جي زمين پار ڪندو، ڪشمير ۽ هماليه جي برف پوش فلڪ بوس چوٽين تائين، انڊمان جزيرن جي ڪاري پاڻيءَ کان وٺي طورخم جون سرحدون اورانگهيندو تاج برطانيه جي جاهه جلال جي نشاني يونين جيڪ باهمت ۽ باعزم آڱرين تي ڳڻن جيترن ماڻهن جي فرض شناسي، ولولي، بهادري ۽ قربانين جي صدقي ڦڙڪندو رهيو. هزارين ميل پري انگلستان ۾ ويهي گوري صاحب ماڻهن جي هڪ ننڍي جٿي جي ذريعي ڪيئن حڪومت هلائي. اها ڪٿا پڙهڻ جهڙي آهي. چوڻ لاءِ ته اسان برطانوي هندستان کي بيٺڪ ۽ انگريز کي استحصالي سامراج ضرور سڏيون ٿا پر ڪاش …… ڪاش …… ڪير اهو ڏسي ته انهيءَ سامراج ئي ڪلڪتي کان وٺي پشاور تائين ۽ ٻي پاسي ڪراچي تائين هزارين ميل ريلوي جي پٽڙي وڇائي. اڄ جي ڀارت ۾ ته شايد ڪجهه سو ڪلوميٽر ريل جي پٽڙي وڇائي ويئي آهي. خير سان هن پنهنجي پياري پاڪستان ۾ ته نه رڳو سوين ميل ريلوي لائينون بند ڪيون ويون آهن پر ريلوي پٽڙيون ته ٺهيو پر گاڏا به خبر سان لڀن ڪونه ٿا. رهي ريلوي جي زمين ته الله بچائي هڪ پاسي جيالا ته ٻي پاسي پيارا. جا قبضو ٿي ته بهتر جيڪا بچي سا اوڻي پوڻي نيلام ڪنداسين.
    انهي ظالم سامراج ۽ استحصالي قوت بيراجون ٺاهيون. روڊ ٺاهيا، اسڪول تعمير ڪيا، اسپتالون ٺاهيون، لکين ايڪڙ غير آباد، ويران زمين آباد ٿي. دنيا جو بهترين آبپاشيءَ جو نظام وجود ۾ آيو.دنيا جي عجوبن مان هڪ ”ريءَ ٿنڀي ري ٿوڻيءَ“ روهڙي، سکر جي لئسڊائون پل وجود ۾ آئي. هي جو پنجند هيڊ ورڪس، گڊو بئراج، نارا ڪئنال، جمڙائو ڪينال، رائيس ڪينال وهندي نظر اچن ٿا. لکين ايڪڙ زمين سرسبز ۽ شاداب ٿئي ٿي. سڀ انهيءَ استحصالي سامراج جون غلطيون آهن. ٽيهه سال اڳ به هر موٽر رکڻ وارو چاهي موٽر ڪار هجي يا جيپ هجي، ڪينال جي پٽڙيءَ تي سفر ڪرڻ پسند ڪندو هيو. پٽڙيءَ جي ٻنهي پاسي شاهي ڊگها وڻ، سوسو سالن عمر جون ڊگهيون ٽالهيون، هٻڪار ۽ سڳنڌ ڏيندڙ وڻڪار هوندي هئي. پٽڙيءَ تي هر وقت بيلدار ڪم ڪندڙ ڇنڊڪار ڪندڙ. دريشي ڪندڙ پيا هلندا هئا. ڪينال جي پٽڙي پڪي روڊ جيان هموار ۽ سخت هوندي هئي. مجال آهي ته ڪٿي ڳنڍو لڳي يا ڪو کنڊ پئي. سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. اڄ … اڄ باقي ته خبر ڪونهي پر سنڌ جو آبپاشيءَ جو نظام وڃي ٿو بد کان بدتر ٿيندو. بيلدار وتن ٿا وڏيرن جي اوطاقن ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندا ۽ پٽڙيون وڃن پيون وڻن کان وانجهيون ٿينديون. بيلدار ويچارو ڇا ڪري؟ سندس صاحب به هر ويلي نوڪريءَ بچائڻ لاءِ وتن وزيرن ۽ ميمبرن جي خوشامد ڪندا ۽ سندن ڊرائيوري ڪندا.
    ڪنهن ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ وڃو. ويندي تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۾. اسپتال، اسڪول، مسافرخانو، ڍڪ، جانورن جي اسپتال، پوسٽ، آفيس، تار گهر، ريلوي اسٽيشن سڀ هن استحصالي سامراج جي ٻه سو ساله دور. پر نه ٻه سو ساله به نه، فقط سندس آخري 50 کان 80 سالا دور جون ٺهيل آهن. گوري صاحب کي سندس ٻه سوساله دور ۾ پهرين صدي ته پير ڄمائڻ ۾ لڳي ويئي. تانجو جنگ آزادي لڳي ۽ آخري مغل تاجدار به موڪلايو. هاڻ انگريز پاڻ کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو ۽ روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون، پلون، واهه ۽ بيراجون ٺهرائڻ شروع ڪيائين. جو ڪم چندر گپت موريه هزارين سال اڳ شروع ڪيو ۽ اڪبر اعظم ٻه ٽي سو سال اڳ هٿ ۾ کنيو هو. سو انگريز ئي مڪمل ڪيو. انتظامي امور لاءِ بهترين نظام وجود ۾ آندو. عدالتي نظام جي هڪ لکيل ۽ واضح قانون تحت تشڪيل ٿي. غيرآباد ۽ ويران زمينون آباد ٿيون. آبادڪاري جو سرشتو رائج ٿيو.
    ۽ اڄ… اڄ… جي به مسافر خانا هيا سي يا پيارن يا جيالن قابو ڪيا. باقي جي بچيا ٿي، تن تي بچي ويلن جي اک پئي. سنڌ ۾ ڪٿي به هاڻ ڍڪ نه بچيو آهي نه ڍورن جون اسپتالون هلن ٿيون. ڍورن جون اسپتالون ته ٺهيو ماڻهن لاءِ ٺهيل اسپتالون، جنهن حال ۾ آهن سو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. 1970ع ۾ ڪراچي- حيدرآباد سپر هاءِ وي ٺهي راس ٿيو. 1978ع تائين سپر هاءِ وي ائين هيو. ڄڻ اڄ ٺهيو هجي. 1978ع ۾ وڃي لوڻي ڪوٽ جي ويجهو 10_15 ڪلوميٽر جي ٽڪري کي معمولي مرمت جي ضرورت پئي. ان وقت چوويهه فٽ ويڪري روڊ جي مرمت جو خرچ اٽڪل ويهه کان پنجويهه لک رپيا هوندو هيو. سپر هاءِ وي تي شايد ڪجهه ٻيڻ جي قريب يعني چاليهارو کن لک خرچ آيو. هڪ ميل جو. تعمير جو معيار ۽ جزيئات به تمام بهتر هيا. نه رڳو چوويهه فٽ بهترين ڪارپيٽ ٿيل روڊ هيو پر اٺ اٺ فٽن جي پٿر جي روڙي وڇايل عليحده هئي. هاڻ خير سان ڏهه ڏهه ۽ چوڏهن چوڏهن ڪروڙ روپين جي خرچ سان ٺهيل هڪ ڪلوميٽر جو روڊ به سال اندر ويجهيو وڃي. آهي ڪو داد فرياد ڪرڻ وارو.
    ڪو وقت هيو جو هڪ پوليس وارو خالي هٿن وڃي به سڄي ڳوٺ کي نوڙي سان ٻڌي ايندو هيو. اڄ… اڄ ويهه ٿاڻن جي پوليس گڏجي هلي تڏهين به جوابدار فقط تڏهين جهلبو، جڏهن نڌڻڪو هوندو. ڪليڪٽر صاحب ۽ پوليس ڪماني جڏهن دوري تي نڪرندا هيا ته سندن هيبت ۽ دهشت کان ماتحتن جون ننڊون حرام ٿي وينديون هيون ته ٻي پاسي عوام جي چهري تي سرهائي ۽ شادماني ايندي هئي ته هاڻ سندن درد دور ٿيندا، ڪو عام بهتري جو ڪم ٿيندو. اڄ ڪليڪٽر صاحب يا تپيدار وٽ به مجبور آهي يا ته وري اهڙا به جوان ٻڌاسون جي تپيدار صاحب جي ديري تي وڃي سرڪاري زمين جي لٽ ڦر ۽ ورهاست جي نظام جي نظرداري ڪن. ڪماني صاحب صوبيدار جي ڪرايل عيش و عشرت محفلن ۾ مور ٿيو وڃيو ويهن.
    ڇا ٿيو؟ ڪيئن ٿيو؟ ڪٿان شروع ٿيو؟ ڪيئن هن مضبوط عمارت کي اڏوهي جو کاڄ بنايو ويو؟ جت هنس راڄ هيا، اتي ڪانگن ڇو آکيرا ڪيا آهن؟ انهيءَ دل ڏکوئيندڙ داستان کي کولڻ کپي. انهن رازن کي کولڻ کپي، نه ته نسل درنسل هلندڙ ماٺ ۽ سانت جون واڳون اسان جي اميدن ۽ آسرن کي ڳڙڪائي وينديون.

    (عوامي آواز، 23 سيپٽمبر 1999ع)


    استحصالي سامراج ڪير؟

    هزارين ميل ڏور ڏيساور ۾ رهندڙ قوم ڪيئن ”غلام“ قوم لاءِ نئين دنيا جي روشنيءَ جا دروازا کوليا ۽ ڪهڙي ريت عدل و انصاف جو نظام ٺاهيو ۽ سرشتا ۽ ضابطا مقرر ڪيا. ڪيئن ويران ۽ غير آباد زمين کي آباد ڪيائون. ڪهڙي ريت قانون جي بالادستي قائم ڪيائون. تاريخ جا صفحا انهن داستانن سان ڀريل آهن. ڪجهه پنن ۾ ۽ ڪالمن ۾ نه ته انجو ذڪر ٿي سگهي ٿو نه ئي وري ڪو اهو داستان اسان جو موضوع آهي. پر هڪ ڳالهه ضرور آهي. ”استحصالي سامراج“ کان ”غلام قوم“ آزادي ڇا ڪاڻ ورتي؟ آزادي ان ڪري ورتي ته ”غلام قوم“ پنهنجي قومي سرمائي ۽ پنهنجي قومي پيداواري وسيلن کي فقط پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خرچ ڪري سگهي ۽ تاج برطانيه اسان جي پيداواري وسيلن ۾ حصيدار نه ٿئي. ڇو ته هن خطي جي پيداواري وسيلن تي تصرف ڏيساور ۾ رهندڙ قوم جو هيو. تنهن ڪري اها قوم ته ٿي وئي ”استحصالي سامراج“ ۽ اسين ٿياسين بيٺڪ ۽ ”غلام قوم“. پر ”غلام قوم“ آزاد ٿيڻ کانپوءِ خطي جي پيداواري وسيلن، توڙي سياسي ۽ سماجي اوسر هڪ منصفاڻي ونڊ ورڇ واري اصول موجب رهي آهي يا بيٺڪي نظام جي اڻ سڌي مثال آهي؟ ماڻهن جو حافظو کڻي ڪجهه ڪمزور هجي پر ايڏو به چٽ ڪونهي جو اڌ صديءَ جي تاريخ ڪالهوڪيءَ ڪالهه وانگيان پڌري آهي ته اڄ به قومي وسائل جو تصرف توڙي قومي دولت جو بيجا اسراف ۽ لٽ ڦر ماڻهن جي هڪ مخصوص ٽولي جو خاص هنر آهي. پوءِ ڏيساور ۾ رهندڙ ”اڇو“ ماڻهو هجي يا مقامي ”نجات ڏياريندڙ“ ٻئي هڪجهڙا آهن. تاج برطانيا ته سنئون سڌو پنهنجي ”بيٺڪ“ يا ڪالوني جي پيداواري صلاحيت وڌائيندو به هئو ته ان مان پنهنجو مالڪاڻو حصو به کڻندو هئو. نظام واضح هيو، مقصد پڌرا هئا پر ”عوام جي خوشحالي“ ۽ ”عوام جي رکوالي“ جو نعرو هڻندڙ صاحب اقتدار ڪيئن ٿا اربن رپين جي قومي دولت کي ذاتي تصرف ۾ آڻين!! ڪيئن ٿا ملڪ کان ٻاهر پئسا موڪلين!! ڪيئن ٿا سوئيز بئنڪن ۾ اڪائونٽ کولين! ڪيئن ٿا استحصال، ڦرلٽ جبر ۽ ڏاڍ جو هڪ مستقل ۽ نه ختم ٿيندڙ نظام ٺاهين!!ڪيئن ٿا ماڻهن کي دوکو ڏين!! بقول منير نيازي ته ڪنهن جو ڏوهه آهي. ڪير نردوش آهي، اها ڳالهه ڪرڻ جي ته آهي ئي ڪونه، ڪري به ڇا ڪيون؟ هڪ مسلسل پيڙا ۽ عذاب آهي جو ماڻهن جي تقدير بڻجي چڪي آهي.
    خير، اسان ته ڳالهه پئي ڪئي سين ”صاحب“ جي. ”گوري صاحب“ جي. سندس وارث ڀوري صاحب جي، ”ڪاري صاحب“ جي آداب حڪمراني جي جنهن تحت هزارين ميل پري رهندڙن فرض شناس ماڻهن جي هڪ ننڍي جٿي جي سهڪار ۽ مدد سان ڪروڙن تي حڪومت ڪئي وئي ۽ کين بهترين حڪمراني جي نظام سان آشنا ڪرايو ويو.
    سائين امداد محمد شاهه هڪ دفعو ڳالهه ڪئي ته نوابشاهه جي هڪ ميمبر اسيمبلي انگريز ڪليڪٽر کي ڪنهن تپيدار جي بدليءَ لاءِ چيو. ڪليڪٽر جي خيال ۾ تپيدار جي تبديليءَ لاءِ ڪو جواز نه هيو. تنهن ڪري جواب ڏنائين. ميمبر صاحب وڏي وزير ۽ سنڌ جي ليفٽيننٽ گورنر ٻنهي کي چيو. ڪليڪٽر هر ٻنهي بالادستن کي ٻڌايو ته ميمبر صاحب جي گهر بي واجبي آهي ۽ ذاتي عناد جي ڪري آهي، تنهنڪري هو بدلي ڪونه ڪندو. تپيدار ته بدلي ڪونه ٿيو پر ميمبر صاحب ٻه ٽي ٻيا ميمبر ملائي وزارت اعليٰ ڊهرائي وڌي. نئين وزيراعليٰ کي ليفٽيننٽ گورنر کي منٿ ڪري ڪليڪٽر کي بدلي ڪرائڻو پيو پر تپيدار بدلي نه ٿيو. تپيدار جي بدلي ڪو اهم مسئلو ڪونه هيو پر ڇو ته هڪ سرڪاري اهلڪار کي بلاوجهه رڳو ان ڪري تڪليف ۾ وجهجي ته ڪنهن وڏي پٽڪي کي هن جي شڪل ڪونه ٿي وڻي.
    انگريزن ۽ افغانن جي وچ ۾ 19 صديءَ جي آخر کان ويهين صديءَ جي شروعاتي ٻن ڏهاڪن تائين ڪافي ويڙهه هلندي رهي. خبر پيئي ته برطانوي ريزيڊنٽ مقامي حڪومت ۽ جنگجو قبيلائي ماڻهن جي طرفان پنهنجي ۽ پنهنجي عملي کي جان جو خطرو ڄاڻايو. دهلي مان انگريز سرڪار هڪ ننڍو جٿو مدد ڪاڻ اماڻيو ۽ امير افغانستان لاءِ امن جو پيغام به اماڻيو. نه هن جٿي کي خبر پيئي نه ئي انگريز سرڪار کي ته جيسين اهو جٿو ڪابل پهچي. تيسين ريزيڊنسيءَ کي افغانن گهيرو ڪري ڇڏيو. ريزيڊنسيءَ ۾ رهندڙن ٻن ڏينهن تائين مقابلو ڪيو. سندن ماڻهو ڪرندا ويا. تان جو امدادي جٿو پهتو. ٻنهي پاسن کان باقاعده جنگ هلي. انگريز ڪرندا ويا. تان جو هڪ نوجوان ليفٽيننٽ وڃي بچيو. هٿيارن ۽ گولين جو ذخيرو ختم ٿي ويو. اڪيلي ليفٽيننٽ هڪ بهادر سپاهيءَ جيان ڇا ڪيو جو هڪ هٿ ۾ يونين جيڪ جو برطانوي جهنڊو کڻي بلند ڪيائون ۽ ٻي هٿ ۾ سفيد ڪپڙو.سينو ساهي ٻاهر نڪتو ۽ وڏي واڪي اعلان ڪيائين. ”تاج برطانيا جي نالي تي آئون تمام باغين کي حڪم ٿو ڏيان ته پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪن، جيڪو هٿيار ڦٽا ڪندو، تنهن کي معافي ڏني ويندي.“ افغان کلڻ لڳا. هو ويجهو ايندو ويو ۽ پنهنجو اعلان ورجائيندو ويو. تان جو مڇريل افغانين مٿس حملو ڪري کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. اها همٿ فقط يقين ڏياري ٿي، فقط ڪردار ۽ فرض شناسي ئي اهڙو ڪم ڪرائي سگهي ٿي.
    گورو صاحب هليو ويو. آءِ سي ايس يا انڊين سول سروسز هاڻ مٽجي سول سروسز آف پاڪستان يا سي ايس پي ٿي. شروع ۾ يا ته آءِ سي ايس ۽ صوبائي انتظامي سروسز جو ڍانچو هيو يا وري عدليه جو نظام هيو يا پوليس جو انتظامي نظام هيو. پوءِ صحت جو کاتو آيو يا ريلوي جو کاتو وجود ۾ آيو. انجنيئري جي هڪ خاص شعبي هئڻ ڪري پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي وجود ۾ آڻڻو پيو. پر عمومي انتظامي نظام ٽيڪسن جي وصولي ۽ امن امان جي ذميواري آءِ سي ايس توڙي صوبائي انتظامي سروسز کي ڏنل هئي. آهسته آهسته جيئن جيئن مختلف ڪار سرڪار جا شعبا ضروري محسوس ٿيڻ لڳا. تيئن کاتا وڌيڪ کلڻ لڳا. انتظامي سربراهي سنڀاليندڙ تان ويو بار گهٽجندو. تان جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڏهن پندرهن سالن اندر ئي سي ايس پي هڪ عمومي انتظامي ڍانچو سنڀاليندڙ نوڪري ٿي ويئي، جنهن جو خاص شعبو امن امان، قانون جي بالادستي قائم رکڻ ۽ زمين جي معاملن جي سنڀال وڃي رهي. انهيءَ کانسواءِ انتظامي اڪائي جي حد تائين توڙي صوبائي ۽ مرڪزي سطح تي پاليسي ٺاهڻ ۾ سندن عمل دخل رهيو.
    وقت جو ڦيٿو هلندو رهيو. ايوب خان ڪجهه بهترين آفيسرن کي گهر ڀيڙو ڪيو. يحييٰ خان آيو، تنهن وري ايوب خان کان چؤڻ تي آفيسر ڪڍيا. ذوالفقار علي ڀٽو آيو، ڀٽي صاحب نه رڳو آفيسرن کي بنا ڪارروائي ۽ قاعدن ۽ قانون کي لتاڙي نوڪريءَ کان واندو ڪيو پر آئين تحت کين مليل تحفظ به ختم ڪيائين. ڀٽي صاحب جي دور ۾ ڪڍيل آفيسرن جي لسٽ ۾ ته اڌ درجن فوتي به هيا ته هاشم ميمڻ مرحوم جهڙا ايماندار ۽ فرض شناس ڪامورا به هيا.
    هاڻ سي ايس پي ڦري ڊي ايم جي جو چولو پاتو. ايوب خان، يحييٰ خان ۽ ڀٽي صاحب پارن انهن آفيسرن کي قاعدي قانون جي خلاف ڪڍڻ تي به شايد اڃا ڪنهن جو پيٽ ڪونه ڀريو هو. مرحوم ضياءُ الحق ته اهڙو رواج ڪڍيو جو آفيسر اڃا موڪل مهل گهر وڃڻ جي تياري پيو ڪري ته مٿان اچي حڪم نامو پهتو ته هن حڪم نامي ملندي سان ئي تنهنجي نوڪري ختم. شايد گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ڪيترائي ناپسنديده ڪامورا ضياءُ الحق اهڙي آپيشاهي طريقي سان ڪڍيا.

    (عوامي آواز، 30 سيپٽمبر 1999ع،)


      ٻڌءِ نه ٻوڙا

    1997ع ۾ جڏهن تڏهوڪي وزيراعظم نواز شريف معين الدين خان نالي بينڪار کي سڏرائي کيس سينٽرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين مقرر ڪيو ته سندس نوڪريءَ جي معاهدي ۾لکن جي پگهار ۽ ٻين سڌين ۽ اڻ سڌين مراعتن ڪامورڪي حلقي توڙي پريس ۾ ڪافي چوٻول مچايو. عام طور تي چيئرمين سينٽرل بورڊ آف روينيو 22 گريڊ جي وفاقي سيڪريٽري جي عهدي جو آفيسر هوندو آهي. جنهن جي پگهار ٽيهارو هزار رپيا کن هوندي آهي. گهر جي سهولت، موٽر گاڏي، ڊرائيور ۽ ٽيليفون وغيره ملائي سندس مراعتون ستر کان اسي هزار رپيا ماهوار وڃي ٿينديون آهن.ڪجهه گهٽ يا ڪجهه وڌيڪ. انهي ڪري رائج سهوليتن کان مٿڀرو سهولتون هڪ ماڻهوءَ کي مهيا ڪرڻ ڪري معين خان جي تقرري عام چوٻول جو شڪار ٿي.
    پر انهيءَ کانپوءِ ۽ ساڳئي وقت تي اهڙيون ڪيتريون مقرريون ٿيون جن ۾ ڪانٽريڪٽ تحت ڀرتيون ڪيلن جي لاءِ اوچيون پگهارون ۽ مراعتون رکيون ويون. انهن مراعتن ۽ اوچين پگهارن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن حڪومت ۽ قوم لاءِ خبر نه آهي ته ڪيترو اضافي ڪم ڪيو پر ڪامورا شاهي ۾ هڪ تاثر يقيني ٿي ويو ته اهم مقرريون صوابديدي عمل آهي. حڪومت وقت جو.
    معين خان اسٽينڊر چارٽر بينڪ لنڊن ۾ هڪ اهم عهديدار هيو. پاڪستان حڪومت جي سڏ تي هن 1998ع ۾ بينڪ کان موڪل ورتي ۽ اچي سينٽرل بورڊ آف ريونيو جي چارج سنڀاليائين. يارنهن مهينن اندر هن جي موڪل ٿي وئي. کيس سندس عهدي تان هٽايو ويو. معين خان انهن يارنهن مهينن ۾ بورڊ آف روينيو ۾ ڪهڙا سڌارا آندا سا ته اسان کي خبر نه آهي پر هڪ ڳالهه ته رڪارڊ جي آهي ته مالي سال 99_1998ع ۾ ٽيڪسن جي آمدني جوتخمينو جو 350 ارب روپين کان مٿي جو هيو سو ٽي دفعا گهٽايو ويو ۽ نيٺ هڻي هنڌ ڪري 305 ارب رپين جي ٽيڪس آمدني ڏيکاري ويئي. جو به ماڻهو سرڪاري ڪم ڪار کان ٿورڙي به واقفيت رکي ٿو ان کي خبر آهي ته جڏهين مالي سال ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ ته اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو جي انگن اکرن جي ڀيٽ ۽ ٻيو وري ڪسٽم ۽ انڪم ٽيڪس وارن جي طرفان جمع ٿيل رقمن جي مجرا ٿيڻ جو عمل ٿيندو آهي تڏهين خبر پوندي آهي ته انگن اکرن ۾ 5 کان 10 سيڪڙو واڌ ڏيکاريل هوندي آهي يا ٻين لفظن ۾ اصل ڪمائي 5 کان 10 سيڪڙو گهٽ هوندي آهي. خير اسان انهيءَ اپٽار ۾ به ڪونه ٿا پئون. خير سان اصل ڳالهه وڃي اها بيٺي ته لکن جي پگهار ۽ مراعاتون وٺندڙن ملڪي ٽيڪس جي نظام ۾ ڪهڙا سڌارا آندا ۽ ٽيڪسن جي آمدنيءَ ۾ ڪيترو اضافو آيو؟ ڏٺو وڃي ته نه ڪي معنيٰ خيز تبديليون آيون ۽ نه ئي ٽيڪسن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو. ها البته سرڪاري خزاني تي پيل بار ۾ واڌارو ضرور ٿيو. اهو سڀ ڇو ٿو ٿئي؟ معين الدين خان جي زباني ئي ٻڌون.
    معين الدين خان جي چوڻ مطابق سندس وڃڻ جو وڏو سبب هي هيو ته هو ”هنن مان ڪونه هيو، کيس ڪٺ پتلي ڪري ڪونه پي سگهيو.“ هاڻ ”هو“ ۽ ”هنن“ ۾ ڪير شامل آهن؟ ظاهر آهي ته اختيار جا ارباب. پر انهيءَ کان وڌيڪ ”هنن“ جي معنيٰ تڏهن واضح ٿيندي جڏهن اسان معين خان جو ساڳيو ئي بيان 26 سيپٽمبر جي ڊان اخبار ۾ پڙهنداسون. خان صاحب چيو ته سندس دور ۾ هن ٽيڪس آمدني وڌائڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون تن جي هر ڪنهن پير ٻڌي مخالفت ڪئي. انهن اسڪيمن مان هڪ اسڪيم اسمگلنگ ٿيل گاڏين کي پڪڙڻ جي هئي. سندس اندازي موجب ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه هزار اهڙيون سمگل ٿيل گاڏيون هيون جن جا ٽيڪس توڙي ايڪسائيز ڊيوٽي ادا ٿيل ڪونه هئي. انهن مان گهڻيون ئي گاڏيون چوري ٿيل هيون. بورڊ آف روينيو ۽ ڪسٽم وارن 1998ع ۾ پنج مهينا جاکوڙ ڪري اهڙيون 2000 گاڏيون پڪڙيون. سڀ کان مزيدار ۽ افسوسناڪ ڳالهه هي نڪتي ته قومي اسيمبلي جي پارڪنگ واري حصي ۾ هڪ اوچتي سروي ۽ جاچ دوران 180 گاڏيون اهڙيون مليون جن جا ڪاغذ جعلي هيا. معين خان وڌيڪ چيو ته هن ملڪ ۾ اخبار ڌڻي سڀ کان وڏا ٽيڪس چور آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو واپاري طبقو سياستدانن تي اعتبار ڪونه ٿو ڪري.
    هي لفظ ۽ ڪٿا هن غريب جي ڪونهي پر اڳوڻي حڪومت جي هڪ اهم اڳوڻي عهديدار جي زباني آهي ۽ اخبارن ۾آيل آهي. انهيءَ مان اسان اهو نتيجو ڪو نه ٿا ڪڍون ته اسيمبلي جي پارڪنگ لاٽ ۾بيٺل 180 چوري يا ڪوڙن ڪاغذن واريون گاڏيون ڪي معزز ميمبرن جون هونديون. آخر اتي ڪامورا به هوندا ته ڪم ڪارن سان آيل ماڻهو به هوندا. پر ممڪنات جي سائنسي اصول موجب انهن گاڏين مان گهڻو حصو گاڏين جو انهيءَ محترم ۽ مقدس ايوان ۾ ايندڙ ويندڙن جو هوندو جيڪي هن ملڪ جي ماڻهن جي تقدير جا والي آهن.
    مونکي اها خبر پڙهندي ٻه ڳالهيون ذهن تي تري آيون. رڪارڊ جي ڳالهه آهي 1992ع_ 1991ع ۾ هيرالڊ ۾ ئي ڇپيو هيو ته سعودي عرب جي سفارت خاني مان هڪ گاڏي مرسڊيز چوري ٿي جا سنڌ پوليس جي هڪ اهم عهديدار انوقت جي سنڌ داخله واري صلاحڪار کي تحفي ۾ پيش ڪئي. ٻنهي ڌرين کي خبر هئي ته اها سفارت خاني جي چوري ٿيل گاڏي آهي. هڪ دوست پشاور ۾ ڊپٽي ڪمشنر هيو ان ٻڌايو ته هتي اسان وٽ توڙي اسلام آباد تائين هر وڏي ماڻهو وٽ ٻه نمبر جي گاڏي آهي. سبحان الله!!
    وري هڪ تازو واقعو ياد آيو. آمريڪا جي صدر جارج بش جو پٽ جارج بش جونيئر هن وقت ٽيڪساس رياست جو گورنر آهي ۽ آئنده صدارت لاءِ به ڪوشش ۾ آهي سندس زال انگلينڊ وئي. موٽ ۾ ڪجهه سامان گڏ هيس جنهن تي آمريڪا ۾ ٽيڪس لڳندو آهي. کيس خبر نه هئي، ڪسٽم وارن روڪي کانئس پڇا ڪئي هن نه رڳو فوري ٽيڪس ادا ڪيو پر معافي به ورتائين.
    اسان وٽ …… اسان وٽ ته خير سان اهڙا جوان ساماڻا جو آيل مهمانن کان واچون لهرايو ڇڏين. ڪجهه وقت اڳ ٽيڪس چورن جي لسٽ آئي هئي ڪنهن ڪنهن جو نالو نه هيو … همت ڪونهي نالا وٺڻ جي … ها البته اهو ضرور چئي سگهون ٿا ته اڌ – اڌ مني مني ڪروڙ جي گاڏين ۾ چڙهندڙن ۽ هن بدنصيب ملڪ جي تقدير جي مالڪن جن ٽيڪس ادا ڪيو هيو سو به 17 گريڊ واري ننڍڙي ڪاموري جيترو، انهن جي تعداد به ٻه چار درجنن کان مٿي ڪونه هئي. سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي وڏن وزيرن ۽ وزيرن اعليٰ مان شايد ئي ڪنهن جو نالو ٽيڪس ادا ڪندڙن ۾ هجي. وڏي ڀاءُ جو نالو نٿا کڻون متان ملڪ جي سالميت نه خطري ۾ پئجي وڃي. انهيءَ جو علاج پڇو ٿا؟ اڃا سوڌو ته جنهن ڏسيو آهي ان کي مصلوب ڪيو ويو آهي.

    (عوامي آواز، 28 آڪٽوبر 1999ع)


    آخري سنڌي

    پوئين ڏينهنَ جو سلسلو شروع ڪيم هئم سو اڻ کٽ هيو ۽ سچ ته اڻ کٽ آهي. زرار پيرزادي هڪ ڀيري چيو ته توهان جو ڪالم ڪجهه اردو ۽ انگريزي جي ڪالمن جي اڻوسار ڏي ٿو. وري چيائين ته اهو ٽڪنيڪي ۽ انگن اکرن تي مشتمل هوندو آهي. ياد نه اٿم پر شايد ظهير ميراڻيءَ ئي ڪجهه انهيءَ نموني چيو هيو ته، ”لڳندو آهي ته ڄڻ اوهان سوچيو انگريزيءَ ۾ ٿا ۽ لکو سنڌي ٿا.“ منهنجي ڀاڻيجي اشعر مون کي چيو ”ماما اوهان انگريزي ۾ ڇو نه ٿا لکو، اوهان جي انگريزي تمام سٺي آهي.“ اشعر نذير تمام ذهين ۽ سجاڳ ذهن وارو نوجوان آهي. تنهن ڪري مون مناسب سمجهيو ته کيس جواب ڏيان. هو منهنجو رت به ته آهي. سندس تربيت به ته مون تي لازم آهي. مون چيو مانس ته ”ماما، مون کي ليکڪ يا ٻي ڪنهن حيثيت ۾ شهرت نه گهرجي. آئون فقط ۽ فقط هن ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ لاءِ لکندو آهيان.“ مون تي اڌار آهي هن ڌرتيءَ جي، هن مٽيءَ جي،سپت سنڌو جي. هي جي آئون ڪچا ڦڪا لفظ لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته رڳو ان ڪري ته ڪو نياپو ڏيان.“
    منهنجي نظرئي مطابق ته هاڻ اهو وقت ڪونهي جو ڌرتيءَ ماءَ جي عظمت جا گيت ئي سڀ ڪجهه آهن. سنڌو ۾ کير وهي ٿو. سنڌي ماڻهو سٻاجها آهن. سنڌي ماڻهو سچا آهن، سنڌي سپتيا آهن. هي سڀ زيب داستان آهي، سڀ آکاڻي آهي، سنڌي ماڻهو ا، ب، ٻ، پ …… اهڙي ئي عام آکاڻي آهي، جهڙي هر ٻي آکاڻي. تاريخ جو تسلسل ڏاڍو بي رحم آهي. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي حقن جا رکوالائي سنڌ جا وڏا دشمن آهن. ڀلي ته سنڌ جو رهبر هجي يا سنڌ جو ڏهيسر. سنڌي ماڻهن کي ڪوڙيءَ خودپرستي ۽ اڻ لڀ نام نهاد عظمت جي آفيم جي نشي ۾ مبتلا ڪرڻ وارا اسين قومپرست ئي سندن سڀ کان وڏا دشمن آهيون. سنڌي ٻولي به شايد انهن ٻولين ۾ شامل هجي جي ايندڙ سو سالن ۾ ناپيد ٿينديون. ايندڙ سو سال ته ٺهيو، ايندڙ ٽيهن سالن ۾ جتي دنيا جو ڪاروبار انٽرنيٽ ۽ اي ميل تي هلندو، اُتي رڳو چند ٻوليون ئي رهجي وينديون. شاهه جو رسالو رڳو اسان جهڙن ڪجهه چرين جي ذاتي لائبريري جي هڪ ڪُنڊ ۾ دَزَ ۽ مٽيءَ سان ڀريل ملندو.
    مون تي هي جنون ڪيئن سوار ٿيو؟ ڊان جي صفحن ۾ پڙهيم ”دَ لاسٽ آف موهاناس“ معنا ”آخري مهاڻو“ سمجهيم ته مشهور ناول ۽ فلم ”دَ لاسٽ آف موهينڪس“ تان ورتل آهي.اها فلم جي ڪنهن نه ڏٺي آهي ته مهرباني ڪري ڏسي. ”موهيڪن“ آمريڪا جي اصل باشندن جي هڪ قبيلي جو نالو هيو. ريڊ انڊين قبيلو. هي آکاڻي ان وقت جي آهي، جڏهن آمريڪا بلڪه رياست هاءِ متحده آمريڪا تي يورپ جي اڇي چمڙي وارن ڦورؤن جو قبضو ٿي چڪو هو. ڪٿي انگريز ته ڪٿي فرانسيسي ته ڪٿي ڊچ. ڪٿي واپاري ته ڪٿي پيشه ور ڌاڙيل ۽ مفرور مجرم. سڀ هڪ مشترڪه مفاد تحت گڏ ٿي اڻ کٽ وسيلن سان ڀرپور نئين سر زمين تي هڪ متحده رياست جو بنياد وجهي رهيا هئا. اڇي چمڙيءَ وارن مشترڪه مفادن تحت پنهنجون اصل ۽ اباڻيون قوميتون هڪ پاسي رکيون ۽ پاڻ کي هڪ نئين قوم ”آمريڪي“ چوائڻ لڳا. اصل ڌرتي واسي جن جي چمڙي تتل ٽاميءَ جي رنگ جيان هئي، تن کي ريڊ انڊين سڏيو ويو. سندن زمينن تي قبضا ٿيندا ويا، حيلي بهاني سندن وسنديون تباهه و برباد ڪيون ويون. لاشن جي ڍير تي نئين رياست جي اوسر ٿي. اهڙي ئي هڪ قبيلي ”موهيڪن“ جي نوجوان جي آکاڻي آهي.
    سندس قبيلي جي اڇي چمڙي وارن هٿان تباهيءَ کانپوءِ هو سر سان ڪفن ٻڌي اٿي ٿو. وسنديءَ وسنديءَ پنڌ ڪري ٿو. ريڊ انڊين قبيلن کي گڏ ڪري ٿو. وڙهي ٿو. نيٺ سر جو دان ڏي ٿو. موهيڪن قبيلي جي آخري فرد جي جدوجهد ۽ سندس اکين ۾ ٻرندڙ باهه جا اُلا نه وسرندڙ آهن. آمريڪا جي ريڊ انڊين قبيلن جي جدوجهد ۾ اهڙا ڪيئي ڪردار آهن، جيڪي وڙهندا رهيا ۽ مرندا رهيا. تان جو بهتر ٽيڪنيڪي مهارت، بهتر اٽڪلون، ُ حرفتون سڀني گڏجي اڇي چمڙي وارن جي برتري ۽ اقتدار کي تسليم ڪرايو.
    ڊان جي صفحن ۾ ”آخري مهاڻي“ جي ذڪر سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي صدين کان آباد مهاڻن جي ختم ٿيندڙ ڪِرت جي داستان بيان ڪئي آهي. سنڌو درياءَ تي هڪ پاسي ته بند ۽ بيراجون ۽ ٻي پاسي پاڻي جي اُڻاٺ. پلو ته ناپيد ٿيندو وڃي پر مڇي به هاڻ فارمن ۽ هٿرادو تلائن ۾ پرورش ٿي ٿئي.
    ”آخري مهاڻو“ يا ”آخري سنڌي ڳالهائيندڙ“ جي روئڻ ۽ پٽڪي مان ڪي حاصل ڪونه ٿيندو. ضرورت آهي ته سنڌ جو ماڻهو جديد دنيا جي ٽيڪنيڪي هٿيارن سان ليس ٿئي. فني تعليم، ڪمپيوٽر، واپار ۽ جديد زراعت سان آشنا ٿئي. پوين ڏهن سالن ۾ سنڌ جي وڏ وزارت توڙي سنڌ جي حڪومت سنڌي ڳالهائيندڙ سيدن، ميرن، پيرن ۽ ڀُٽن جي حوالي رهي آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ 75 کان 80 سيڪڙو ميمبر سنڌي وڏيرا ئي رهيا آهن پر ڪراچيءَ ۾ ئي سر سيد، بقائي، ضياءُ الدين، جناح، فاسٽ ۽ الائي ٻين ڪيترن ادارن کي سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌي وڏيرن يونيورسٽي ۽ انسٽيٽيوٽ جو چارٽر ڏنو آهي. مجال آهي ته ڪنهن سرنديءَ واري سنڌي يا دانشور يا نام نهاد قومپرست ان ڏس ۾ ڪو قدم کنيو هجي يا جاکوڙ ڪئي هجي. يا ڪنهن سنڌي وڏي وزير يا وزير تعليم پلاٽن، پرمٽن ۽ رشوت خوريءَ کان مٿڀرو ٿي سنڌي قوم جي آئيندي لاءِ حيدرآباد ۾، نوابشاهه ۾، ميرپورخاص ۾، دادو يا خيرپور ۾ ڪنهن فني تعليم جي، انجنيئرنگ يا ميڊيڪل يونيورسٽي جي نجي شعبي ۾ قيام لاءِ ڪا ڪوشش ورتي هجي.

    (عوامي آواز، 4 نومبر 1999ع)


    ڄامڙن جي دور ۾ بنارس جو جوڳي

    الاهي ڏينهن کان ذهن جي پردي تي رڳو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي اچي واسو ڪيو آهي، پڙهڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان ته اکر بي معنيٰ ٿا لڳن. لکڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان ته لڳي ٿو ته وجود ئي سنڍ بڻيل آهي. خالي خالي … بي ثمر … سڪل ۽ خزان رسيده وڻ جيان.
    مٿان اچي فون ڪڙڪو ڪيو. امداد هيو. چيائين ته ادا ڪالم ڪونه پهتو. چيو مانس ته مون وٽ ته ڪي به ڪونهي لکڻ لاءِ. جسم ۽ ذهن نستا ٿي پيا آهن. ٿڪجي پيو آهيان. ڪوشش ڪيان ٿو. سوچن ۾ گم- الا جي ذهن جي ڪهڙي وهڪري ياد ڏياريو. جڏهن آئون گيمنز پاڪستان ۾ انجنيئر هوندو هئم ۽ نوابشاهه- سڪرنڊ روڊ تي وقتي ڪچن ڪواٽرن ۾ رهندو هئم ته هفتي جي پڄاڻي حيدرآباد وڃڻ جي ڪندو هئم. آچر تي وڃي ڄامشورو جو ديدار ڪبو ۽ هڪ مُن موهڻي ۽ دل گهريءَ دلدار جي حاضري ڀربي. عشق جو هيو. هوءَ به مون کي روز ٻي ڏينهن خط لکندي هئي ۽ آئون به هن کي هفتي ۾ ٻه خط ضرور لکندو هئس. ڪافي وقت کانپوءِ هن منهنجا لکيل خط مونکي پڙهايا ته ڏس هي تو مونکي لکيا هئا. تنهنجو عشق ڪيڏانهن ويو؟مون چيو مانس ته هي خط مون پاڻ ڏي لکيا هيا شايد تون به ته اها ڪونه رهي آهين جنهن کي آئون ڏسندو هيس، جا منهن جي نس نس ۾ سمايل هئي. پر تنهنجو قصور نه آهي. قصور ته ڪنهن جو به نه آهي. نه تنهنجو نه منهنجو. جي منهنجي من ۾ اها آنڌ مانڌ نه لڪيل هجي ته ڇو آئون ڪنهن سهڻيءَ من موهڻيءَ جي نگاهه جي تير جو شڪار ٿيان ها ۽ هوءَ منهنجي وياڪل روح کي شانت ڪرڻ لاءِ هر هيلو ڪري، هر بهانو ڪري ها. پر شانتي ته ڪا سدا جي رٺل محبوبه آهي ۽ آئون به ته سدا جو اُڃايل آهيان. شانتي ئي جي منهنجي درد جو دارون هجي. درمل هجي، ته گوتم جي اٺ سنهرن متن جي پنڌ جو پانڌي ٿيان ها. مست الست موالين سان سُلفيءَ جي سوٽن ۾ هست کي نيست جو چولو پارائي سُڌ جي جهنجهٽ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيان ها. آهه! شانتي ته منهنجي منزل ئي ڪونهي. تون به ته منهنجي منزل ڪانه هئين. جي تون منهنجي منزل هجين ها ته ڪيئن آئون هر ڪاڪ محل تي مٿو ٽيڪيان ها. هر جائي آهيان. ائين نه!! تون ڀلي مون کي هر جائي چئو. ڀونري جيان شايد مون به رنگ رنگ جي گلن جو واس ورتو هوندو. هر هر پنهنجي لبن کي آلودهه ڪيو هوندو. حسن جي بارگاهه ۾ سوين سجدا ڪيا هوندا. شايد اندر جي لوڇ پوڇ کي سانت ڪرڻ لاءِ، يا حيواني جبلتن جي زور آور گهوڙي جي ڇڙواڳي هئي.
    هي ماضيءَ جي ڳالهه ٿو پيو ڪيان. اڄ زندگيءَ جي جنهن واٽي تي بيٺو آهيان اُتي ته هر شيءَ بي معنيٰ ٿي لڳيم. رنگ بُو جي دنيا به هڪ خواب کان مٿي نظر ڪونه ٿي اچيم. هست ۽ نيست جو فلسفو اڄ پنهنجي ڪُل بي معنائي ۽ ڇساڻ سان مذمتي ٺٺول پيو ڪري.
    جو گذريو سو الا جي ڪيئن گذريو. جي چڱو هيو ته به ٺيڪ ۽ جي چڱو نه هيو ته به آئون نه ته ماضي کي مٽائڻ تي قادر آهيان نه ئي وري حال تي منهنجو وس آهي. آئيندو ته الا جي ڪنهن ڏٺو آهي ۽ ڪنهن کي ڏسڻو آهي؟ مونکي ته ايندڙ صبح سان به ڪا دلچسپي ڪانهي. لاشو آهي جو پنهنجي ڪلهن تي کنيو پيو جيون جوهي ڪارو چڪر پورو ڪريان.
    متان سمجهين ته آئون ڪو مايوس ٿيو آهيان. اڙي! مايوس ته اهو ٿيندو آهي جنهن کي آس هجي. آس ۽ نراس جي ڦيري مان نڪتي ته مونکي صديون ٿي ويون. ڇا ٿي سمجهين! تنهنجو ڇا خيال آهي. بنارس جو جوڳي اڪيلو ته ڪونه هيو. مان به ته ساڻ هيم- ڀل هن جي ئي واتان دکم سروم دکم (جو آهي سو ڏک آهي) جو ڪلمو نڪتو هيو پر هن جو ۽ منهنجو سفر ته گڏ هيو. آس ۽ نراس جي ڦيري مان نڪرندي ئي مون سندس ڪنن ۾ سرراٽ ڪيو هيو. ”گوتم! شانتي ڪونه ملندي. شانتي ته خواب آهي. ڪنهن جي ڳولا ٿو ڪرين؟ اُٿ! عظيم استاد! هي شانتي جي ڳولا به ته لڇڻ آهي، ڏک آهي، جا شيءَ تو وٽ نه آهي سا توکي ڏک ڏيئي ٿي. ڇڏ! هن جيون جنجال کي. جو آهي سو ڏک آهي.“
    ڏاهي گوتم ڪجهه ٻڌو، ڪجهه اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هليو هيو ويچارو سنهري متا ڏيڻ. تان جو پارو ٿو کاڌو کائي مري ويو. چڱو ٿيو جو آس ۽ نراس جي چڪر ۾ ته ڪونه پيو. صدين جي تاريخ جو تسلسل اکين آڏو پيو ڦيراٽيون ڏي. ڪهڙا ڪهڙا ڪونڌر جوان، هي ٻلوان، قدآور هستيون ڪيئن ڪوتاهه قد بدشڪلن، بداعمالن ڄامڙن جي سازشن جو شڪار ٿي صفحه هستيءَ تان ميٽجي ويا. چند، تمام چند تاريخ جي ڪنهن ڀولي جي مهربانين جي ڪري پنهنجو نالو ڇڏي سگهيا. لکين، ڪروڙين ته شايد ماسڪو جي گمنام سپاهي جي حيثيت به نه ماڻي سگهيا. جيون ته هنن لاءِ هونئن به عذاب ڀوڳڻ رهيو پر موت جي مهربان آغوش به سندن مٿان ٿيل ناانصافين ۽ نامهربانين جو ازالو نه ڪري سگهي. اهو ته سمجهان ٿو ته قدآور ديون جو زمانو برابر گذري ويو آهي ۽ هاڻ ڄامڙا ئي طاقت جي نشي ۾ ٺينگ ٽپا پيا ڏين. ڄامڙن جو دور جو آهي. اسين سڀ ڀل ته بوهه ڀريل ماڻهو هجون. کوکلا ۽ بوهه ڀريل. پر الميو اهو نه آهي. الميو اهو آهي ته ڄامڙن جو دور آهي. هي ڪارا ڪوجها بدشڪل ۽ بداعمالا ڄامڙا سٻاجهن سلڇڻن کي ئي پنهنجي ڌڪار ۽ نفرت جو نشانو بڻائين ٿا. سندن لاشن تي پنهنجي ڪاميابي جا محل تعمير ڪن ٿا.
    اڄ سقراط ته آهي ڪونه جو زهر جو پيالو پي به چوي ته مان حق تي آهيان اڄ اسين در دريون بند ڪري ٺُپ انڌيري ڪمري ۾ ويهي انتظار ٿا ڪريون ته متان منهنجو نه وارو اچي.

    (عوامي آواز، 18 نومبر 1999ع)


    جڏهن نواز شريف کان رينجرس اخبار کسي

    ”نواز شريف کي 40 ڏينهن کان پوءِ مليل اخبار رينجرز وارن ڦري ورتي.“
    عوامي آواز- 21 نومبر 1999ع خبر جي تفصيل ۾ ڄاڻايل آهي ته 12 آڪٽوبر کانپوءِ حڪومت جي تبديلي ۽ نواز شريف جي نظربندي ۽ گرفتاري کانپوءِ اڄ جڏهن هو سرڪاري وڪيل جي بيان جي موقعي تي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پهتو ته وڪيل کيس اخبار ڏني جنهن سان کيس چاليهه ڏينهن کانپوءِ پاڪستان ۽ دنيا جي باري ۾ ڪجهه معلومات ٿي. ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جڏهن واپسي لاءِ کيس بڪتربند گاڏيءَ ۾ سوار ڪيو پي ويو ته رينجرس وارن کانئس اخبار ڦري ورتي.
    هن اخبار ۾ نواز شريف ۽ جهاز اغوا جي ٽن ٻين مک ملزمن سيد غوث علي شاهه، شاهد خاقان عباسي ۽ ڊي جي سول ايويئيشن جي عدالت ۾ پيشيءَ جو ذڪر ڪندي لکيل هيو ته 20 تاريخ تي به نواز شريف اُهي ئي ڪپڙا پاتا هئا، جيڪي 19 تاريخ تي کيس پهريل هئا.
    سي اين اين جي حوالي سان ذڪر هيو ته 19 نومبر تي جڏهن نواز شريف کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري رهيا هئا ۽ هڪ موقعو ته اهڙو آيو جو ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اهو اوڇنگارون ڏئي روئڻ وارو آهي. سندس بي وسي جو ذڪر ڪندي وڌيڪ چيو ويو ته هو جيئن ئي عدالت ۾ داخل ٿيو ته پنهنجي وڪيل کان پڇا ڪيائين ته ”ڪٿي ويهان؟“
    ثبات آهي هُن ذات باري کي جنهن هي مانڊاڻ خلقيو آهي. تمام قوت ۽ طاقت آهي هُن لازوال کي جو جهانن جو ڌڻي آهي. جو خوردبينيءَ جيو کان وٺي عفريتن ۽ ديون جو پاليندڙ آهي. جنهن جي عظمت ۽ بزرگي ڏينهن جي روشنيءَ ۽ رات جي تاريڪيءَ جي مرهون منت ڪونهي. هو ئي آهي جو بي نياز آهي. هُن سبحان جي ساراهه لاءِ تمام دنيا جا سمونڊ جي مس ٿي وڃن ۽ تمام نباتات قلم بڻجي وڃن ته به سندس پاڪيزگي، قوت، هيبت ۽ بزرگي بيان نٿي ڪري سگهجي.
    بيان آهي ته ذات باري جي اسماءِ مبارڪ (جي ڪافي بيان ڪيل آهي پر مستند روايت 99 جي آهي) ۾ سندس صفتون ۽ وڏايون بيان ڪيل آهن. هن گناهگار ۽ خاڪ نشين جي نه ته حيثيت آهي نه ئي کيس جرئت ڪرڻ جو جواز آهي پر پڙهيو اٿم ته اسم اعظم به رب الجليل جي پاڪ نالن جي مخفي آهي. سندس پاڪ نالا سندس وصفون آهن ۽ هڪ گروهه مطابق ڇو ته روح لازوال هن مٽيءَ جي پتلي ۾ ڦوڪيل آهي، تنهن ڪري سندس پاڪ صفتن جي ڪابه هلڪي جهلڪ هو پنهنجي مخلوق ۾ ڏسي ٿو ته کيس پسند آهي. رحم، ڪرم، لطف مهرباني، عزت، مصوري، نگهباني، سخاوت، معاف ڪرڻ سڀ سندس ئي وصفون آهن ۽ رڳو کيس جڳائين ٿيون. پر جڏهن خاڪي انسان ڪنهن به اهڙي عمل ۾ آهي جو فقط سندس ئي وصف لاءِ مخصوص آهي ته ذات باري کي پسند ٿو اچي.
    پر هڪ وصف اهڙي آهي جو الله تبارڪ تعاليٰ تمام اوصاف جو ڌڻي هوندي به انهيءَ وصف کان محروم آهي. اُها آهي ”عاجزي“. ذات پاڪ ته عاجز ڪونهي ۽ عاجزي کان بالا آهي. هڪ اهڙي وصف آهي، جيڪا فقط ۽ فقط ذات پاڪ جي صفت آهي. ذات پاڪ ”متڪبر“ آهي. ”تڪبر“ ۽ وڏائي رڳو کيس ئي سونهي. کيس انسانن ۾ جو سڀ کان وڌيڪ پسند آهي سا آهي ”عاجزي“ ۽ جو سڀ کان ناپسند آهي (ٿوڙي جو اهو سندس ذات پاڪ جو پرتو آهي) سا آهي ”تڪبر“.
    هي بيان ۽ روايت ان ڪري ياد آيم ته نواز شريف جي گرفتاري تي سي اين اين جو بيان ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، تنهن مون کي وزيراعظم نواز شريف جي فيصل آباد جي هڪ عام جلسي جي ياد ڏيارائي. نواز شريف حڪومت جا شروع جا ڏينهن هئا. طاقت ۽ اقتدار جي الوٽ نشي ۾ مست. فيصل آباد ۾ وزيراعظم جي هڪ کلي ڪچهريءَ ۾ ڪنهن مسلم ليگي ڪارڪن ڪن آفيسرن جي شڪايت ڪئي. وزيراعظم هڪدم انهن ٻن آفيسرن کي مجمعي ۾ کڙو ڪرايو ۽ سخت ڳالهائڻ کانپوءِ حڪم ڪيائين ته کين هتي جو هتي هٿڪڙيون لڳائي گرفتار ڪيو وڃي. هڪ آفيسر لاءِ چيو ٿو وڃي ته نه صرف هو بيگناهه هيو پر هن مجمعي ۾ رڙيون ڪيون ۽ وڏي واڪي اعلان ڪيائين ته ”ميان صاحب! خوف خدا ڪريو. الله جي پڪڙ ۾ دير آهي پر انڌير ڪونهي.“ توهان کي ياد هوندو ته انهيءَ ساڳئي خبر جو تنهن وقت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب سجاد علي شاهه نوٽيس ورتو. نه صرف نوٽيس ورتو پر گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيائين ۽ وزيراعظم طرفان بنا تحقيق جي صوبيدارن وارو ڪم ڪرڻ تي انهي عمل کي سندس عهدي سان مطابقت نه رکڻ وارو عمل قرار ڏنائين. گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته اُهو عزت دار انجنيئر انهي واقعي کانپوءِ ٿوري ئي وقت ۾ دل جي تڪليف ۾ گذاري ويو.
    اڄ نواز شريف ٻن ڏينهن کان ساڳيو جوڙو پيو پائي ٿو. ڪروڙن جي هڪ واچ وٺندڙ ارب پتي اڄ هڪ عام جوابدار آهي. انهيءَ انجنيئر جهڙا ته الاجي ٻيا ڪيترا واقعا آهن. اسان جو حڪمران طبقو طاقت ۽ اقتدار جي نشي ۾ اهڙو ته مست ٿي ويندو آهي جو خوف خدا ڇڏايو وڃيس. اڪيلو نواز شريف ڪونهي. هي تڪبر، هي تفاخر، ڪاميابي جو نشو، بڻ بنياد جو نشو ۽ ڇساڻ هن ملڪ جي حڪمرانن جي شايد لازم خاصيت آهي. ڪاش …… اي ڪاش! هو سمجهن ته …… آهي نانءُ الله جو……

    (عوامي آواز، 25 نومبر 1999ع)


    ملڪ تي قابض 322 خاندان

    ”سکر جي ننڍن باقيدارن کان 9 ڪروڙ رپين جي وصولي، وڏن قرض دارن ڪابه موٽ نه ڏني. سکر زون جو سموريون بئنڪون وصولي لاءِ کليون رهيون. اسلام الدين شيخ سميت ڪنهن به باقيدار ڀيرو نه ڀڳو. 14 نومبر تائين صرف 9 ڪروڙ رپين جي وصولي. وڏن باقيدارن بئنڪن سان رابطو نه ڪيو“. (عوامي آواز- سومر 15 نومبر 1999ع)
    سائين منهنجا! وڏا باقيدار ڇو ڀيرو ڀڃن. هن ملڪ جي دولت ۽ اقتدار جي اعليٰ ايوانن تي چار سو ماڻهن جو قبضو آهي. ڦري ڦري هر واري ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اقتدار ماڻين ٿا. اهي چار سو ماڻهو ملڪي دولت جي اٽڪل اسي سيڪڙي تي قابض آهن. 322 ماڻهو قومي خزاني جا ٻه سو ويهه ارب رپيا ڦٻائي ويا آهن. اهي پئسا ته فقط بينڪن ۽ مالياتي ادارن جي قرضن جي صورت ۾ هضم ڪيل آهن. اربن بلڪه کربن جي حساب سان رشوتن، ڪميشنن ۽ سودن ۾ حاصل ڪيل دولت جو شمار ڪونه ٿو ڪجي. انهيءَ 322 ماڻهن جي 220 ارب کايو اوگرائي به ڪونه ٿا ڏين، تن کي جي في ماڻهو جي حساب لڳائجي ته 70 ڪروڙ رپيا وڃي ٿيا. اهڙن اهڙن پرده پوشن قومي خزانو ابي جي جاگير سمجهي لٽيو آهي، جو وڃي ٿيا ست خير. آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندڙ مقدم ۽ مقدس ترين ايوان يعنيٰ قومي اسيمبلي جي هڪ اڳوڻو اسپيڪر به پنهنجي خاندان جي مختلف فردن جي نالي ستن نام نهاد صنعتي يونٽن جي لاءِ ڪروڙن ۾ قرض کنيو پر هڪ صنعت به ڪونه ٿي هلي. ڪنهن ڪنهن هنڌ ته ڪارخاني جو نالو ئي ڪونهي. رڳو قرض کنيو پئسا هڙپ ڪريو ويا آهن.
    ناصر شوان وارن کي شوان ريفائنري لاءِ ارب کن جو قرضو مليو. ريفائنري جو وجود ڪونهي. اڃا ته مهرباني ڪئي آهي نواز شريف صاحب جنهن پهريائين ته قرض موٽائڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ملڪ ۽ قوم تي احسان ڪندي ڏيڍ ارب جو قرض تسليم ڪيو ۽ ٽي بند پيل ڪارخانا انهيءَ قرض جي عيوض سرڪار کي ۽ بينڪن کي ڏيڻا ڪيا. ڏيڻا ڪري وري به سال اينگهه ڪيائين ته من ڪاٿو لڳائڻ وارا اتر ۾ مون کي ٻه ٽي ارب ڏيڻا ڪن. پر ڪارخانن جي ماليت ته قرضن جو ٽيون حصو به ڪونه ٿي پئي سو هر ڪنهن اهڙي تخمينه جات ڪميٽيءَ تان به هٿ کڻڻ جي ڪئي.
    سڀ کان سرس ته رهيو سيف الرحمان جنهن احتساب بيورو جي نالي ۾ جا بليڪ ميلنگ ۽ لٽ مار ڪئي تنهن جو ته حساب ئي ڪونهي. پر قريب هڪ ارب رپين جي قرض جي ادائگي ڪرڻ بدران هڪ پاسي ته يو بي ايل جي عملدارن کي ايف آءِ اي ذريعي هيسايو ته ٻي پاسي بينڪ تي دعويٰ ڪئي ته منهنجي قرض جي ادائيگي انهي ڪري ڪونه ٿي سگهي جو مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو. تنهن ڪري هڪ ته بينڪ مون کي هرجانو ڀري ڏي (۽ هرجاني جي رقم قرض کان وڌيڪ ڪٿيل هئي) ۽ ٻيو بينڪ منهنجو نالو قرضدارن مان ڪڍي مون کي وڌيڪ قرض ڏي. پاڻ انهيءَ ڪوشش ۾ ذري گهٽ ڪامياب ٿي ويو هيو. جي جنرل صاحب اچي ڪڙڪو نه ڪري هاته سينيٽر صاحب ٻه ٽي ارب ٻيا هضم ڪري ها. هڪ ننڍڙي ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ مان ارب پتي ٿيڻ ۽ بي پناهه رياستي طاقت جو بي جا استعمال ڪندڙ سيف الرحمان اڄ به هر هنڌ پنهنجا مهرا رکيون ويٺو آهي. هڪ خبر مطابق ته سندس خاص ڇاڙتو جنهن جي پگهار ته ڏهه، پندرهن هزار آهي پر 15- 20 هزارن جو بوٽ پائيندو آهي، ڏهه هزار کان گهٽ جي ٽائي ڪونه پائي، اڌ لک کان گهٽ جو سوٽ ڪونه پائي، سو خير سان وري به برسر اقتدار آهي.
    1970ع تائين هڪ ڪارخاني جو مالڪ خاندان، اڄ هڪ سو ايڪڙ جي محل ۾ رهي ٿو. هن جا 38 ڪارخانا آهن، فقط پاڪستان ۾. ٻاهرين ملڪن ۾ به بي حساب دولت آهي. هينئر به 37 ريفرنس احتساب ۾ اٿن. بينظير به ته پنهنجي دور ۾ بقول نواز شريف جي مٿائنس ڏيڍ سو ڪيس داخل ڪرايا هيا. هڪ به ڪونه هليو. ائين ئي بينظير ۽ سندس ساٿارين خلاف هڪ سو کن ڪيس ۽ ريفرنس پيا تفتيش ۾ هلن. سزا کاڌي ته رڳو رميش اوديشي. تون منهنجي پٺي ٺپ آئون تنهنجي پٺي ٺپيان. نانيءَ جو ويڙهو آهي، پيو گهاڻو هلي ۽ ماڻهو پيهجن.
    هينئر به جنرل صاحب ته پنهنجي ارادن ۾ مضبوط ٿو لڳي. سندس عزم آهي ته قومي خزاني کي لٽيندڙن جو احتساب ٿيندو ۽ هيستائين سندس عمل به واضح آهن ۽ نيڪ نيتي تي مبنيٰ آهن. پر ڀلو ٿئي انهن قريب 322 خاندانن جو. جي سول توڙي ملٽري ڪامورا شاهي ۾ به پنهنجون پاڙون مضبوط ڪيون ويٺا آهن. ڇا اهي ماڻهو ڪنهن چڱي عمل کي جيڪو ملڪ جي خوشحالي لاءِ هجي، ڪنهن ريت ڪامياب ٿيڻ ڏيندا.
    تت وڃي اهو ٿيو ته عوام کي هر سطح تي پاڻ ئي جدوجهد ڪرڻي پوندي. اهو چٽي طور ڄاڻائڻو پوندو ته هو لولي پاپ ۽ کٽمٺڙن جو شوق ڪونه ٿا رکن. کين واضح ۽ يقيني نتيجو کپي.

    (عوامي آواز، 9 ڊسمبر 1999ع)


    سور ورهايان سرتيون جي ورهايا وڃين

    تنوير به ويو. چڱو ٿيو جو تنوير ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري پاڻ کي دفنائڻ جي وصيت ڪونه ڪئي. هڪ ته جيڪا ڪراڙ ڪنهن وقت ڍنڍ هوندي هئي، سا هاڻ بيٺل پاڻيءَ جو دٻو به ڪانهي. ٻيو وري تنوير اياز شيخ جي وصيت جو حشر به ڏٺو هوندو. اياز شيخ ڪرڻ لاءِ ته وصيت ڪري ويو ته منهنجي مڙهه کي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپر تي دفنائجو. متان کيس آس رهي هجي ته جت ڀٽ ڌڻي طنبوري جي تار تي ڀنل راتڙين ۾ ويراڳين سان رهاڻ ڪندو هيو، اتي اياز کي به مرڻ کانپوءِ اهو واس اچي. واس ته ٺهيو، سندس قبر تي ڪو فاتحه پڙهڻ وارو به ڪونه ٿو اچي. رڳو بهادر شاهه ظفر ئي ڪونه هيو جو ڪاري پاڻي جي سزا ڀوڳيندي ديار غير ۾ پساهه پورا ڪري ويٺو. جيئري ئي وڏي واڪي چئي ويو ته مسافر ٿي مرندس. هي هڪ مغل بادشاهه جو اليمو ڪونه هيو، هي هڪ شاعر جو الميو هيو. دردمند دل جو اليمو هيو. هي جيئندي جيءَ توڙي خاڪي جسم جي قيد کان آزاد ٿيندي، اڪيلائي (نه اڪيلائي نه پر هيڪلائي) فقط انهن جو نصيب آهي جي فاني انسان هوندي به آسمان جا راز چوري ڪن ٿا. اياز جيئري به هيڪلو هيو. مرڻ کانپوءِ به ڪراڙ ڪنڌيءَ تي سانت جي سمونڊ ۾ اڪيلو پيو آهي.
    چڱو ٿيو جو تنوير اها غلطي ڪونه ڪئي. تنوير ته اکيون نابينن کي ڏيڻ ڪيون، گڙدا اديب رضوي جي اسپتال کي ڏيڻا ڪيا. جسم راولپنڊي ميڊيڪل ڪاليج کي ڏيڻو ڪيو ته اتي آئيندي جا ڊاڪٽر سندس جسم جي وڍ ڪُٽ ڪري اناٽامي جي اصولن جي عملي سکيا وٺي سگهن. تنوير نه صرف ڊاڪٽر هيو، شاعر هيو، اديب هيو، محقق هيو پر هڪ مهان آدرش وادي به هيو. ڊاڪٽر تنوير کي ۽ محقق تنوير کي خبر هئي ته جڏهن انسان طب جي تاريخ اڃا ترقي نه ڪئي هئي ۽ علم اعضاءَ ۽ علم بدني يا اناٽامي تي دسترس حاصل نه هئي ته جن جي اڄ انسان ذات احسان مند آهي، سي انساني جسم جي نظام سمجهڻ لاءِ مردا به چوري ڪندا هيا ۽ انهن جي چير ڦاڙ ڪري ئي اناٽامي جو علم اڳيان وڌيو. انهن مردا چور محسنن سان سندس جيئري ڪهڙو حشر ٿيو سا به هر ڊاڪٽر کي ڄاڻ هوندي. اڄ به ميڊيڪل ڪاليجن ۾ سکيا ۽ تجزئي لاءِ مردهه جسم ڏکيو ٿو ملي. پر راولپنڊي ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر تنوير جي وصيت جي پوئواري ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيو. نيٺ تنوير کي اسلام آباد ۾ دفنايو ويو. سندس اکيون ڪن نابينا ٻارن کي لڳايون ويون. گڙدا اديب رضوي جي اسپتال تائين نه پهچي سگهيا.
    ائين هڪ ٻي آسمانن جي راز چورائيندڙ جو انت آيو. پر انت ڪٿي آيو، تنوير ته دلين ۾ آهي. مختصر جسم ۾ قدآور ديو هيو تنوير. شفاف ۽ صفا ذهن جو ڌڻي. ڪشادهه دل، همدرد ۽ سخي، مون کي شاعريءَ جو ڪو ڏانءَ ڪونهي پر تنوير سان رهاڻ ڪرڻ ويلي جڏهن به موضوع فلسفي ۽ ادب جي سرحدن کي لتاڙي وڃڻ جي ڪندو هيو ته آئون کانئس شعر ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندو هئم. سندس شاعري ته هوندي ئي هئي پر مون کي مزو ايندو هيو، جڏهن ادو تنوير ڀٽ ڌڻيءَ کي جهونگاريندو هيو. مون تنوير کان ڀٽ ڌڻيءَ جي بيتن ۽ وائين جون عجيب عجيب معنائون ٻڌيون آهن. تنوير جو ڀٽائي نه صوفي آهي نه وحدت الوجود ۾ مست آهي. تنوير جو ڀٽائي هڪ جيئرو جاڳندو انسان آهي. مون کي تنوير جون سمجهيل تشبيهون ڪڏهن ڪونه وسرنديون. هڪ دفعي چيائين ته هي ڇا آهي ”ساهڙ جا سينگار، متان ڏيکارين ڏَمَ کي…“ پڙهيو هئم پر انهيءَ پاسي ڌيان ئي ڪونه ويو هو ته عرف عام ۾ جنهن کي يار چون تنهن لاءِ سينگار ڪيو ويو ۽ اُهو ڏَمَ يعني مڙس کي ناهي ڏيکارڻو. يا وري
    مومل کي مجاز جا اکين ۾ اَنبورُ،
    نڪا عام، نه خاص، جي ويا سي وڍيا،
    ۽ وري چيائينس …
    ”هلو هلو ڪاڪ تَڙين، جِتي نينهن اُڇَل
    نه ڪا جَهل نه پَلَ، سَڀڪو پسي پرينءَ کي“
    هائي! مون کي اڄ به ياد آهي ته ”اُڇَلَ“ لفظ اُچارڻ ويلي ادا تنوير هٿ جون پنجيئي آڱريون کوليندي تري آسمان ڏي ڪندي هيٺ کان مٿي ڏي ڪيئن اُڇل ڪئي. سندس اکيون ڪيئن چمڪڻ لڳيون. منهنجي ذهن ۾ فوري طور مست سمونڊ جي ڇولين جي اُڇل جي تشبيهه آئي. هرڻيءَ جي اُڇَلَ ذهن تي تري آئي. لفظن ۾ ڪيڏو نه جادو آهي!
    سوچيم ته تنوير تي ڪونه لکندس. هڪ ته تنوير عباسي شاعر، اديب توڙي محقق منهنجي ڪچن پڪن لفظن جو محتاج ڪونهي. ٻيو ته منهنجو تنوير جو مطالعو هڪ طفل مڪتب کان مٿي ڪونهي. ٽيون وري اهو ته منهنجي تنوير کي ياد ڪرڻ سان تنوير جي وڏ ماڻهپي نه وڌي سگهي نه ئي گهٽي سگهي ٿي. تنوير عباسي جو هيو سو هيو. ڀاڀي قمر به ته کيس ”گڊ بائي ماءِ فرينڊ“ چيو. کيس دفنائڻ لاءِ به فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هيا. پر تاجل بيوس جي ڪالم اُتساهيو ۽ لکڻ کانسواءِ رهي ڪونه سگهيس.
    لکڻ به ڇا؟ شايد رڳو دل ۾ اٽڪيل هڪ ڪنڊي کي ڪڍڻ جي ڪوشش…… سليم قاضي منهنجو پيارو دوست ڦوهه جوانيءَ ۾ هليو ويو. آئون حيدرآباد آيس. ٽي ڏينهن رهيو پيو هئم. روز نڪرندو هئم ته سندس والد قاضي اڪبر سان يا اسلم قاضي سان تعزيت ڪري اچان. رستي تان سول لائينز ۾ گهڙندي ئي من مونجهه ڪندو هيو. ڪنهن ڏي پيو وڃان؟ سليم ته هليو ويو. اسلم ۽ سليم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. قاصي صاحب، نالي وارو سياستدان، سابق وزير، سابق سفير …… کيس ڪهڙي خبر ته سليم منهنجو ڇا هيو. اسلم قاضي هڪ ته شهري ماڻهو ٻيو منجهس ان مٽي جي به شايد کوٽ آهي ته هو اها ڳالهه سمجهي. وري هوٽل موٽي ويندو هئس. نيٺ ٽين ڏينهن تي واپس روانو ٿيس. پُرسو ڪونه ڪرڻ ويس سو ڪونه ويس.
    اهو ذڪر ان ڪري پيو ڪيان ته ادا عبدالنبي جو گهر به مون کي ويجهو آهي. اُتي ”قل“ به ٿيا هئا. سوچيم وڃان ٿو. وري خبر پئي ته گورنر صاحب ٿو وڃي. ڪيئي وزير ۽ سيڪريٽري پيا وڃن. ڇڏ يار! هن سوشل رليشننگ مان ڪهڙو فائدو. اهي ئي ٽريفڪ جا سپاهي، توتارا، اڇا اُجرا ڪپڙا، بي معنا جملا، جذبن کان عاري اجنبين جو ميل ميلاپ. ڇڏ يار! هي راند ڪونهي.
    ڪنهن سان ٻه اکر ٻوليان. ڀاڄائي …… سرمد…… ڀاڄائي کان. ته خيرپور ۾ به سال کن رهندي به اجنبيت هئي. سرمد ننڍي هوندي ڏٺو هئم. ها، هڪڙو آهي. ارشاد النبي عباسي. سندس ننڍو ڀاءُ، ننڍپڻ جو دوست ۽ ساٿي. پر ارشاد کي ڇا چوان؟ ”قُل“ پڙهي ثواب بخشڻ ۾ ته ارشاد جو اعتبار ڪونهي. رسمن جو رشتو اسان جي وچ ۾ ڪونهي. هو پنهنجي پيڙا پيو ڀوڳي ۽ آئون پنهنجي. هي ڀوڳنائون هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو حصو آهن. زندگيءَ کي صليب جيان ڪلهي تي کنيو اڪيلو هلندا وتؤن. ڀوڳنائون ڪي ونڊي سگهجن ٿيون!!

    (عوامي آواز، 16 ڊسمبر 1999ع)


    ويهين صدي جو ايشيا

    ايشيا ويڪ هانگ ڪانگ کان نڪرندڙ هفتيوار رسالو آهي، جنهن ۾ عالمي سياست، معيشت، ڪاروبار، سائنسي معلومات، نين ايجادن غرض ته هر ممڪن موضوع تي اُپٽاڙ ٿيل هوندي آهي. ايشيا ويڪ آمريڪا مان به شايع ڪيو ويندو آهي. ايشيا ويڪ هڪ طرح سان ”ٽائيم“ ۽ ”نيوز ويڪ“ جي طرز جو رسالو آهي ۽ انهن جي مقابلي جو معلوماتي خزانو سمجهيو ويندو آهي. جيئن ”نيوز ويڪ“ جي معلوماتي محور جو دائرو گهڻي قدر يورپ هوندو آهي يا ”ٽائيم“ آمريڪا ۾ وڌيڪ دلچسپي ڏيکاريندو آهي تيئن ”ايشيا ويڪ“ جي دلچسپي جو عام محور ته سڄي دنيا آهي پر خاص دلچسپي ايشيا ۽ ايشيائي ملڪن جي حالتن (توڙي جو سياسي معاملا هجن يا معاشي مسئلا هجن يا ڪي نيون ايجادون هجن) سان آهي.
    ايشيا ويڪ جي تجزيه نگاريءَ به هڪ تحقيق ۽ تصديق ٿيل حيثيت رکندڙ آهي. انڊونيشيا ۾ سوهارتو خلاف تحريڪ هلي، وري حبيبي صدر ٿيو. فوج ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ اليڪشنون ٿيون، اوڀر تيمور آزادي گهري، هنگاما ٿيا، آسٽريليا امن فوجون موڪليون ته آسٽريليائي باشندن ڪهڙو ردعمل ڏيکاريو. جي ڪنهن کي پوين ٻن سالن جي انڊونيشيائي حالتن ۽ سياست تي کوجنا ڪرڻي هجي ته ”ايشيا ويڪ“ هڪ هڪ واقعو محفوظ ڪيو آهي. سندس رپورٽر هر هنڌ موقع تي پهتا آهن. حالتن ۽ واقعن کي ڏٺو اٿن. مختلف خيال ٻڌا اٿن ۽ تجزيو ڪيو اٿن. انور ابراهيم ۽ مهاتير محمد جي سياسي تڪرار کان وٺي انور ابراهيم تي لڳل هم جنس پرستي جي تفصيل هجي يا ايشيا جي مضبوط معيشت جي اهڃاڻ. ٿائي ڀات، يا مليشيائي رنگيٽ يا سينگاپوري ڊالر جي لاهه چاڙهه ۽ اٿل پٿل جو جائزو هجي يا عبدالستار ايڌي جي ڪوششن جو ذڪر هجي يا دلائي لامه جي يورپ جي دوري جو احوال هجي، مڙيئي ايشيا ويڪ ۾ چڱو خاصو احوال هوندو آهي.
    1999ع هن صدي، بلڪه هزاروين سال جو آخري سال آهي. ايشيا ويڪ سال جي شروع کان ئي پڙهندڙن کان رايا گهرائڻ شروع ڪيا ته ڪهڙو ايشيائي ماڻهو آهي يا هيو جنهن گذريل هڪ سو سالن دوران پنهنجي زندگي يا پنهنجي ڪمن، تخليق، ڪرت يا ڪردار ۽ عمل سان ايشيا ۽ ايشيا جي ماڻهن کي گهڻي ۾ گهڻو فائدو رسايو آهي. سڄو سال رايا ايندا رهيا. خطن رستي، اي ميل ذريعي، ايشيا ويڪ مختلف يونيورسٽين، تحقيقي ادارن ۽ راءِ رکندڙن سان به واسطو رکندو آيو ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو آيو. تان جو 10 ڊسمبر وارو شماري مارڪيٽ ۾ آيو، جنهن جي ٽائيٽل جو عنوان هيو ”صدي جو ايشيائي“.
    ”اُهو ماڻهو جنهن ايشيا لاءِ سڀ کان وڌ چڱائي آندي.“ ٻڌڻ چاهيو ته ”ايشيا ويڪ“ ڇا ٿي چوي.
    ”سن 1900ع عيسوي ۾ ايشيا ڪمزور ۽ زوال پذير هيو. سندس عظيم الشان ماضي هوندي به ايشيا جو بهتر حصو سياسي، معاشي ۽ ذهني ڏيوالئي جي قريب پهچي چڪو هيو. ڳچ حصو مغربي نو آبادي بيٺڪ هيو. سائنس، ٽيڪنالوجي، طب، تعليم سڀ مغربي اجاراداري هيٺ هئا …… ۽ هاڻ جڏهين ايشيا 2000 کي ويجهو پهچڻ وارو آهي ته ايشيائي قومون آزاد آهن، ايشيا نروار پيو ٿئي. سندس شهري آزاد آهن. ذاتي آزادي، زندگيءَ جو رهڻ سهڻ، تعليم، ترقي، هر شيءِ ميسر آهي. اڄ ايشيا دنيا جي ڪاروبار ۽ معيشت ۾ پنهنجو وارو وڄايو اچي“.
    ”۽ اهو ڏسڻ لاءِ ته ڪنهن ايشيا جي ماڻهن جي بهتري لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي …… اسان محسوس ڪيو ته پنج مکيه شعبا آهن، جن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڪندڙن کي ڏٺو وڃي ۽ انهن پنج شعبن ۾ بهترين ماڻهن مان هڪ جو انتخاب ڪيو وڃي“.
    جن شعبن ۾ ايشيا ويڪ ورهاست ڪئي آهي، اُهي هيا: سياست ۽ حڪومت، ڪاروبار ۽ معيشت، فن و ادب، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۽ اخلاقي ۽ روحاني راهبري. تمام تحقيق، لکندڙن توڙي پڙهندڙن جي راين کانپوءِ ايشيا ويڪ جي ججن ڪهڙو فيصلو ڏنو، اها ته بعد ۾ ٿا ڳالهه ڪريون. في الحال هي ذڪر بي موقع نه آهي ته فن و ادب جي حوالي سان مها ڪوي رابندر ناٿ ٽيگور کي اُتاهون درجو مليو. 1913ع ۾ ادب جو نوبل انعام کڻندڙ پهريون ايشيائي ڪنهن مڃتا جو محتاج ڪونهي. وري مهاڪوي جي ”شانتي نڪيتن“ جو فارغ التحصيل معاشيات ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ امرتياسين به انهن ماڻهن مان مڃيو ويو آهي جن ايشيا جي بهتري لاءِ ڪيو. سوامي ناٿن جو به ذڪر آهي، جنهن ڪڻڪ جي ٻج تي تجربا ڪري وڌيڪ اُپت کڻڻ واريون جنسون ڏنيون، جن ايشيا ۾ سبز انقلاب آندو. اُهوئي هندستان جو پهريان کاڌي لاءِ ڪڻڪ ۽ چانور گهرائيندو هيو سو هاڻ کاڌ جون جنسون ڏيساور وڪڻندو آهي.
    پر جن ايشيا جي وڏن محسنن جو ذڪر ڪيل آهي سي آهن …… پر نه ترسو …… هڪ ٻي مزيدار ڳالهه ڏسيانَو ٿو. اسان چين جي انقلاب جي حوالي سان ماوزي تنگ کي الاجي ڪهڙو درجو ڏيندا آهيون. پر ادي جو نالو جڏهين کڄي ٿو ته اهو چيو پڻ وڃي ٿو ته مائو هڪ نئون ۽ عظيم چين ٺاهيو ۽ پنهنجي خفقان ۽ وڏ- ماڻهپ جي نشي ۾ اُنکي ذري گهٽ تباهه ڪري ڇڏيو. اُتي ئي بنگلاديش جي محمد يونس جو نالو وڏي مان سان ورتو ٿو وڃي، جنهن ”گريمين بينڪ“ يا غريبن لاءِ بينڪ ٺاهي ته وڌندڙ غربت کي ٻُنجو ڏجي. محمد يونس جي بينڪ پنجويهه لک غريب مزدورن، عورتن، بيواهن ۽ يتيمن کي اڄ سوڌو ڪوئي 100 کان 120 ارب قرض ڏئي چڪي آهي. مزي جي ڳالهه هي آهي ته ”گريمين بينڪ“ جا قرضي سڀ غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهو هئا، انهن قرض کڻي شرطن موجب واپس به ڪيو. انهيءَ غريبن جي بينڪ جي قرضن جي واپسي جي شرح 90 سيڪڙو آهي. يعني 100 اربن مان 90 ارب واپس مليا آهن. هتي وٺ وٺان، پڪڙ ڌڪڙ، ڏاڙهي پٽ، فوجي آپريشن پوءِ به واپس مليا گهڻا …… خير سان 8 کان 15 ارب رپيا جي دعويٰ آهي. ڪل هئا گهڻا 230 کان 280 تائين اربن جي ڳالهه پئي هلي. شرح واپسي وڃي پنج سيڪڙو بيٺي. واهه سائين واهه!!
    ٻي قسط ۾ ٻڌائيندس ته ايشيا ويڪ ڪنهن کي هن صدي جو عظيم ايشيائي قرار ڏنو آهي.

    (عوامي آواز، 23 ڊسمبر 1999ع)


    گانڌي: ويهين صدي جو عظيم ايشيائي

    ڳالهه پي ڪئي سون ته ڪهڙو ايشيائي انسان آهي، يا رهيو آهي، جنهن سن 1900ع کان وٺي 1999ع سن تائين هلندڙ صديءَ ۾ ايشيا کي سڀ کان وڌيڪ ڏنو ۽ سڀ کان بهتر ڪم ڪيائين، جنهن هن صديءَ ۾ تاريخ سازيءَ ۾ نه صرف اهم ڪردار ادا ڪيو پر ايشيا جو مان مٿاهون ڪيو. ايشيائي ماڻهن جي ذهني اوسر ۽ جاڳرتا لاءِ به پاڻ پتوڙيو. بکين ۽ بدحالين جي تقديرن سان پنهنجي تقدير کي هم آهنگ ڪيو. غربت ۽ پيڙا جو مقابلو ڪيو. مردهه قوم کي جيئرو ڪيو. آدرش ڏنا.
    ايشيا ويڪ جي هن صدي جي ايشيائي مرد (بلڪه ايشيائي ڇو ته مرد عورت جي تشخيص نه آهي) جي تلاش جاري رهي ته ڪير آهي، جنهن جي هٿ ونڊ ايشيا جو مان مٿاهون ڪيو آهي ۽ سندس تخليق، ايجاد، ڪرت، ڪردار ۽ سڀا هڪ ستل ۽ مردهه قوم لاءِ ديرپا اثر ڇڏيو. وڏا وڏا نالا آيا. مائوزي تنگ، مدر ٽريسا، مها ڪوي رابندر ناٿ ٽيگور، امريتا سين، سوامي ناٿن، بروس لي، چانگ من چو، گوڪينگ سوئي، ڪوري اڪينو، محمد يونس، هوچي منه، دلائي لامه ۽ ٻيا انيڪ نالا آيا. پر ”ايشيا ويڪ“ پنهنجي فيصلي جو آڌار هڪ ته پنجن شعبن ۾ بهترين ايشيائي تي رکيو. ٻيو ته انهن جي چونڊ لاءِ نه صرف لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي راءِ ورتي پر تحقيقي ادارن ڏانهن به رجوع ڪيو ۽ ان کانپوءِ ڇنڊڇاڻ ۽ تجزئي جي عمل کي وٺندي پنج ايشيائي چونڊيا. انهن پنج ايشيائي ماڻهن مان هڪ کي سڀ کان افضل ۽ بهتر قرار ڏنو جو هن ايشيا جو نه صرف مان مٿڀرو ڪيو پر ذلت ۽ پيڙا ۾ پيل ماڻهن سان هڪ ٿي کين مان وارو ڪرائي هڪ لازوال مثال پيدا ڪيو. جنهن جي نه صرف سڄي دنيا ساراهه ڪئي پر سندس ڪرت ۽ سڀا قابل تقليد سمجهي تسليم ڪئي ويئي.
    اُهي پنج ايشيائي ڪير آهن؟ چين جو موجوده دور جو اڳواڻ ڊينگ زياوپنگ جو 19 فيبروري تي بيجنگ ۾ گذاري ويو پر چين کي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪري ويو. ڊينگ، ماؤ زي تنگ جي دور ۾ جاگيردارن جي ضبط ٿيل زمينن، جن کي سرڪاري سرپرستي ۾ ”ڪميون“ کيڙيندي هئي، تنهن کي هارين ۾ ورهائي ويهه ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي پيسجندڙ چڪيءَ مان آزاد ڪرايو. سندس نالو ”حڪومت ۽ سياست“ ۾ سڀ کان مٿڀرو ليکيو ويو. ڊينگ کانپوءِ حڪومت ۽ سياست جي زمري ۾ موهن داس ڪرم چند گانڌيءَ جو نالو سرفهرست ٿي آيو پر ڪجهه ووٽن جي فرق جي ڪري گانڌي ٻي نمبر تي آيو.
    واپار ۽ معاشيات ۾ جاپان جي ”سوني“ ڪارپوريشن جي باني ”موريتا اڪيو“ جو نالو سرفهرست آيو، جنهن جي ”سوني ڪمپني ترقي يافته ملڪن ۾ به ميڊ ان جاپان“ کي هڪ عزت ۽ وقار وارو مقام ڏيارايو.
    فن ۽ ادب ۾ جاپان جو مشهور ۽ ناميارو آسڪر ايوارڊ کڻندڙ فلم ڊائريڪٽر ڪوروسوا آڪيرو سوڀيارو ٿيو. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ چيني بڻ بنياد رکندڙ هانگ ڪانگ جو چارلس ڪي- ڪائو اول آيو، جنهن آپٽيڪل فائيبر جو بنياد وجهي مواصلاتي نظام ۾ انقلابي تبديلي ۽ اڳڀرائي حاصل ڪئي.
    هاڻ اچو پنجين تي. اُهو جنهن اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي اجاگر ڪيو. جنهن مرده قوم کي قوت گويائي ڏني. جو ولايت مان بئريسٽري جو امتحان پاس ڪري آيو، سوٽ بوٽ لاهي کڏيءَ تي اُڻيل گوڏ ٻڌي شودرن سان وڃي رهيو. جيتوڻيڪ هو هندستان جي 600 رياستن مان هڪ ننڍڙي ڪاٺياواڙي رياست جي ديوان جو پٽ هيو، پر هن ماڻهن جي پائخانن جي صفائي به ڪئي ته ماڻهوءَ انهي کي ڪا ڪريل ڪرت نه سمجهن. جو برهمچاري هيو. جنهن ”ستياگرهه“ جي نالي تي سول نافرماني جو متو ڏنو ته ڪيئن ڪمزور ۽ مظلوم، ڏاڍي ۽ ظالم سان بنا هٿيارن جي به ”صرف ظلم سهڻ“ ۽ وري به سندن اکين ۾ اکيون ملائي کيس انڪار ڪرڻ جي قوت رکن ٿا. جيڪو پنهنجي مختصر وجود ۾ هماليه جي پهاڙن جهڙي ارڏائي ۽ قوت رکندو هيو. هڪ چپل ۾ هلندو هيو پر تاج برطانيا کي صرف ۽ صرف پنهنجي اندر جي طاقت ۽ شڪتيءَ سان ڊاهي وڌائين. اهو هئو موهن داس ڪرم چند گانڌي جنهن ”اخلاقي ۽ روحاني قدرن“ واري صف ۾ اولين حيثيت ماڻي.
    پر نه صرف ايترو ڪونهي. ايشيا ويڪ جي لفظن ۾ گانڌي ڏيکاريو ته آزادي ۽ ماڻهپي جو شان ماڻهو جي وجود جو حصو آهي ۽ کين ڪابه طاقت مستقل طور ميساري نٿي سگهي. چاهي اُها قوت ڪو پرماريت تي بيٺل بيٺڪي نظام هجي يا چاهي موجوده دور جو فوجي ۽ آمرانه نظام هجي ۽ ”ائين گانڌي نه صرف عام ماڻهن کي پنهنجي قسمت ۽ تقدير ٺاهڻ وارو بڻايو پر تمام ايشيائين لاءِ عزت ۽ مان جو بي مثال نشان بڻجي ويو“. انهيءَ ڪري ايشيا ويڪ، موهن داس ڪرم چند گانڌيءَ کي هن صديءَ جو سڀ کان وڏو ۽ عظيم ايشيائي قرار ڏنو.
    هيءَ ته آهي عالمي راءِ ۽ محققانه نتيجو. ٿيو ڇا؟ هتي اسين گانڌيءَ جو نالو ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. کوهه جي ڏيڏر جيان آهيون. هُتي هندستان ۾ سندس ئي ڌرم ڀاين کيس گوليون هڻي ماري ڇڏيو. هاڻ بس ڪجي. ڪٿي پڙهندڙن کي عالمي معلومات ڏيڻ جي چڪر ۾ فتويٰ جي زد ۾ نه اچي وڃون. هونئن به قسمت ڪجهه نور عباسيءَ واري ٻانڀڻ جيان آهي. ري گناهه … واٽ ويندي ……

    (عوامي آواز، 30 ڊسمبر 1999ع)


    1960ع واري ڏهاڪي جون هوش اڏائيندڙ ڳالهيون

    اسان جي پياري پاڪستان ۾ اهڙيونته دلربا ۽ هوشربا آکاڻيون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون جو عقل حيران ٿيو وڃي. ننڍي هوندي حاتم طائي ۽ حسن بانو جا ست سوال حاتم طائي جي داستان ۾ پڙهيا. ممتاز دمساز جو قصو پڙهيوسين. عمرو عيار ۽ سندس عياري ۽ چالاڪيءَ توڙي سندس زنبيل جو تذڪرو نظر مان گذريو ۽ رستم سهراب جي رزميه داستان پڙهي سون. هي سڀ ضخيم جلد هيا. جيڪڏهن نٿو ڀلجان ته قصه چار درويش ٽي- ساڍا ٽي سو صفحن جي اي فور سائيز ۾ ڪيئي جلدن تي مشتمل داستان هئي. ائين ئي الف ليليٰ جون هوشربا ۽ دلربا آکاڻيون هيون. ڪيئي ڪيئي جلدن تي مشتمل ڪتابون هوندي به مان اڏوهي ٿي انهن کي ائين چنبڙي پوندو هئم جو سج لهڻ جي خبر ڪونه پوندي هئم. وري اونداهين راتين ۾ بتي هٿ ۾ کڻي وڃي ماڙيءَ تي پٽ تي بسترو ڪري ليٽي ليٽي پڙهندو هئم تان جو ننڊ جي مهربان آغوش وجود کي وڪوڙي ويندي هئي. اڄ ڪٿي ڳوليا به نه ٿا ملن اهي ڪتاب جي بظاهر داستانن ۽ آکاڻين سان ڀريل آهن پر پنهنجي اندر ۾ انسانن جي ڪردار جي عظمت ۽ سندس صاف شفاف نيت، همت، محنت، جدوجهد ۽ ڪوشش کي خراج عقيدت آهن،. انهن ڪتابن کي ڪٿان هٿ ڪريان؟ پر اهي داستانون اڻ لڀ ٿي ويون آهن شڪر جو ايسپ جون آکاڻيون اڻ لڀ ڪونه ٿيون آهن ۽ نه ئي وري جيمس ٿربر ڪو وسريل آهي. جتي ايسپ، ڏاهپ، بهادري، جدوجهد، ديانتداري جو سبق ڏي ٿو اتي ٿربر حال جي ڦرڻيءَ جي سنگينين ڏي به اشارو ٿو ڪري. ٿربر جو سهو جڏهين ڪميءَ سان مقابلو ڪري ٿو ته ايسپ جي سهي وانگيان ڪميءَ کي حقير ڄاڻي سمهي ننڊ ڪونه ٿو ڪري پر پهريان ئي ٻه ڇالون هڻي منزل تي پهچي پويان ڏسي مڇن کي وٽ ٿو ڏي. ٿربر جو ماري جڏهن شينهن جي شڪار لاءِ ڄار ٿو وجهي ته نائيلون جي رسي ٿي هجي نه ڪي عام نوڙي، جا ڪوئو پنهنجي ڏندن سان ٽڪي سگهي. آکاڻيون ساڳيون رهيون. ڪردار ساڳيا رهيا. ٿوري ردوبدل جا آئي سي اهڃاڻ هيا صنعتي دور جي حرفت ۽ اٽڪل.
    پر هاڻ … هاڻ ته خير سان سڀني آکاڻين جو محور مٽجي چڪو آهي.
    ڪيئن؟ ڇو ٿا سور جاڳايو. سائين منهنجا!! 1960ع جو ڏهاڪو عجيب ڏهاڪو هيو. هڪ پاسي ته چي گويرا ۽ ڪاسترو لاطيني آمريڪا ۾ ٽراٽسڪي طرز جي ڪميونسٽ انقلاب لاءِ راهه روشن ڪري رهيا هئا ته ٻي پاسي عظيم فلسفي، ليکڪ ۽ وجوديت جو پرچارڪ زان پال سارتر فرانسيسي شاگردن جي انبوهه جي قيادت ڪندي صدارتي محل ”شانز ايلزي“ جي اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي ٿو ته ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي ٿو وڃي. هڪ تجويز تي ته پوليس ۽ طاقت جي ذريعي ڌرڻو ختم ڪرائجي. فرانس جو مرد آهن. چارلس ڊيگال چوي ٿو ته ”نه، سات (اسان سارتر ڪري ڪوٺيندا آهيون) هنن سان آهي. سات فرانس آهي. سات فرانس جي عظمت آهي“. ها، ته ڳالهه پئي هلي ته هڪ پاسي زان پال سارتر هيو ته وري اهو ئي ”سات“ نواب ابن نواب لارڊر برٽرانڊ رسل سان ساڻ ٿي ”آمريڪا جي ويٽ نام ۾ جنگي جرم“ جي خلاف عالمگير تحريڪ هلائي ٿو. نيٺ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت رياست هاءِ متحده آمريڪا کي ويٽ نام مان ٽپڙ ويڙهڻا پون ٿا. انهيءَ سٺ جي ڏهاڪيءَ ۾ ئي ماڻهو چنڊ تي لٿو. انهيءَ ڏهاڪي ۾ ئي تسخيرِ ڪائنات جا خواب ڏٺا ويا. ٿي سگهي ٿو ته 1960ع جو ڏهاڪو منهنجي ڪمسنيءَ مان بلوغت ۽ وري شهزور جواني ۾ ايندڙ وقت هجي ۽ اهڙي وقت ۾ مشاهدو تيز هوندو آهي. هئا ته تاريخي جن. اسٽالن، خروشچيف، مائوزي تنگ، ياسر عرفات، جان ايف ڪينيڊي، چارلس ڊيگال، اوٿان، هي ته هيا سياسي پسمنظر تي. فلسفي ، ادب ۽ فن جي دنيا ۾ رسل سارتر، آلندي، سولزي نستن، رسول حمزه توف، پڪاسو، ڪهڙا ڪهڙا گوهر ناياب هيا.
    انهي ئي زماني ۾ جتي اسان وٽ مهدي حسن غزل ۽ گائيڪيءَ تي ڇائنجي ويو تيئن ولايت ۾ پهرين ڀولڙن ”مانڪيز“ پوءِ ”بيٽلز“ ۽ پوءِ ”بي جيز“ ريڪارڊ ٽوڙ ڪاميابي حاصل ڪئي. تنهن ۾ بيٽلز ايڏي ته ڪاميابي ۽ شهرت حاصل ڪئي جو ڪنهن به ڳائڻي کي ڪونه ملي هوندي. ”بيٽلز“ پنجن ڳائڻن تي مشتمل گروپ هيو. جو پنهنجا گانا پاڻ لکندو هيو ۽ ميوزڪ به پاڻ ٺاهيندو ۽وڄائيندو هيو. بيٽلز جي ”جان لينن“ ۽ ان کانپوءِ پال ”مڪارٽني“ هڪ ديو مالائي حيثيت ماڻي جنهن جي مقابلي ۾ اڄ جو مائيڪل جيڪسن ڪي به ڪونهي. انهيءَ ڏهاڪي صديءَ جي عظيم ترين باڪسر محمد علي ڪلي جو عروج ڏٺو.
    ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏٺو. ذهني اوسر ۽ ارتقا جا بهترين اهڃاڻ ڏٺا. پر اتي سٺ ۾ جوان ٿيندڙ نسل نوان نوان نشا ۽ تجربا به ڏٺا. ڀنگ، چرس، ڪوڪين، آفيم، ايل- ايس- ڊي، مارفين، پيٿيڊين، باربيچوئڊز، دم مارو دم…… مٽ جاءِ غم… آزاد سيڪس … پر نه، هي ته هميشه رهيا آهن …… ها، ڇڙو ائين ٿيو جو سماجي سيڀاويڪ ۾ اها مڃتا عام ٿي ته نشو ۽ جنسي آزادي انساني فطري عمل آهن. بجاءِ انجي ته انهن سان ويڙهه ڪجي انهن کي سمجهيو وڃي ۽ جيون جي گهڻ رخي عمل سان هم آهنگ ڪيو وڃي.
    هاڻ اچو انهيءَ عمل تي جنهن جي ڪري مون هن ڏهاڪي کي ”عجيب“ چيو آهي. لاطيني آمريڪا ۾ طالع آزما جنرل پيدا ٿيا. طاقت، صرف طاقت …… قوت ۽ ”تون منهنجي پٺي ٺپ آئون تنهنجي“ جو اصول اپڻايو. پئسي جي قوت سان، سازشن سان، هر حيلي سان (توڙي جو اها منشيات فروشي هجي) اقتدار جي اعليٰ ايوانن تائين قبضا ٿيا. ايران ۾ پهلوي شاهه جو سون ۾ تري. برما ۾ جرنيل، آفريڪا جي هيرن جي کاڻين تي قبضي ڪاڻ مذهبي ۽ قبيلائي ڌوڪا ۽ جنون. حرص ۽ طمع جو هڪ چرخو هيو جو هلي پيو. اڳي ته بادشاهيون نه هيون ۽ بيٺڪون به هيون ته به لٽ مار ڪندڙن کي اهو حيا ايندو هيو ته سونا بيضا ڏيندڙ مرغيءَ کي روز هڪ بيضو لاهڻ ڏيو. هاڻ عالمي منظر تي طالع آزمائن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيو ويو جنهن جمهوريت، ماڻهن جي حق، جاگرافيائي حدن ۽ قبيلائي خودمختيار جي آڙ ۾ حڪمرانيءَ جا خواب ڏٺا ۽ حڪمران ٿي ماڻهن جي پئسي تي عيش ڪيا. سندن ئي پيسو کين پيڙهڻ ۽ ايذائڻ لاءِ استعمال ڪيو. ائين چرخي وري هلي.
    اهڙي ئي ڪلچر جي پسمنظر ۾ هڪ ڪتاب آيو. بظاهر ته عام ناول هو. هيرالڊ رابنز جو ”ڪارپيٽ بيگرز“. ڪارپيٽ بيگرز ڪهڙي ويڌن ڪئي؟ ٻي ملاقات ۾ ڳالهائينداسون.

    (عوامي آواز، 20 جنوري 2000ع)


    اُترَ جا حِرفتي …

    جڏهين ويهين صدي پنهنجو ٻاروتڻ ۽ ڦوهه جواني عالمي جنگين جي ڀيانڪ شعلن جي نظر ڪري رهي هئي ته اتي ساڳئي ئي وقت ئي مهاڪوي رابندر ناٿ ٽيگور جهڙا به هيا جن جي ڪويتائن درماندن ۽ دکين کي سڪون ۽ شانتي ڏني. جي ائين نه هجي ها ته مهاڪوي جي گيتانجلي ستن سالن تائين يورپ جي تمام زبانن ۾ گهڻي ۾ گهڻو وڪرو ٿيندڙ ڪتاب ڪو نه هجي ها. جتي هملر ۽ هٽلر انسان ذات جي تباهه ڪاريءَ جو ڪارڻ پيا ونڊين اتي فليمنگ ”پينسلين“ ٿو ايجاد ڪري جا هن صديءَ جي متفقه طور تي تسليم ڪيل عظيم ايجاد آهي. فليمنگ جي ”پينسلين“ ئي ته لکين ڪروڙين انسانن کي ٽي بي جهڙي موذي مرض، توڙي نمونيا توڙي مثاني جي بيمارين کان بچايو.
    نيٺ ويهين صدي پنهنجي سلور جوبلي ملهائيندي ڪيئي غلام ۽ محڪوم قومن کي آزادي ۽ خودمختياري جو تحفو ڏنو. پنجاهه جي ڏهاڪي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ٻي مهاڀاري جنگ توڙي صنعتي ترقي مکيه ڪارڻ هيا ته ڏيساور مان ايندڙ اقليت صرف جاگرافيائي تسلط جي آڌار تي هڪ هٽي قائم ڪو نه رکي سگهندي. صنعتي ترقي نو آبادياتي بيٺڪي نظام کي فرسوده قرار ڏيئي ڇڏيو. سرمايه دارانه نظام جي اوسر ٿي رهي هئي ۽ مارڪيٽي معيشت هڪ هٽي جا نوان اصول وضع پئي ڪيا جن ۾ نوآبادياتي بيٺڪن جو ڪوئي ڪردار نه هيو. اسين خوش ته … ”شانو وي اجادي ملي اي“ هندوستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ جي ڪا مزاحمتي تحريڪ هئي ته 1857ع جي ”باغي سپاهين“ جي هئي… يا وري مولانا سنڌيءَ جي ريشمي رومال تحريڪ هئي يا سڀاش چندر بوش جي هندستاني قومي فوج هئي يا وري ويچارو هيڪلو ڀڳت سنگهه هيو جو ڦاهيءَ چڙهيو. هي جي راڪاسن جيان رڙيون ڪندا، ڦرلٽ ڪندا اچي اسان جي نصيب جي سياهه رات ٿي ڪريا آهن ته اسان پاڪستان لاءِ قربانيون ڏنيون سو ذڪر ڪنهن به مستند تاريخي حوالي نه ٿو ملي. اهي قربانيون ائين هيون جو جي هينئر اسين چئون ته نادر شاهه يا احمد شاهه جي حملي وقت ٺٽي ننگر جي سنڌي سپوتن رت جون نديون وهائي ڇڏيون ۽ قوم تي قربان ٿي ويا. سنڌي جوڌن ته ويچارن آڱر به ڪونه ڪپائي بلڪ پاڻ انهيءَ دور ۾ ئي دريا خان جنهن کي اسين فخر سان دولهه دريا خان چئون تنهن کي ڪهائي آيا. اها ريت ته هلندي آئي. تان جو ويچارو هوشو به اڪيلو وڃي وڙهيو. مير صاحب ته وڏن پيٽن ۽ لٽڪندڙ اڳٺن سان اڃان گهوڙن تي سوار مس ٿيا ته ورڻ جي ڪين. ۽ هنن … هنن آزادي وٺرائي ڏيندڙ متوالن ته بهادر شاهه ظفر جي خاندان جي ناموس جو سودو ڪيو. هنن ٽيپو شهيد سان غداري ڪئي هنن سراج الدوله کي سامراجين هٿان مارايو.
    الاجي ڪٿان جي ڳالهه وڃي ڪٿان نڪتي. ڳالهه ڪئي سون پي ته جنگ عظيم يا ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ، صنعتي اوسر کانپوءِ يعني چاليهه جي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۽ پنجاهه جي ڏهاڪي قومن ۽ ملڪن جي آزادي جو هڪ سلسلو ڏٺو، جتي پهرين مهاڀاري جنگ وقت يا ان کانپوءِ دنيا جي نقشي تي صرف ٻه ٽي درجن ملڪ هيا، اُتي ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ اقوام متحده پنجاهي کن ملڪن تي مشتمل ٺهي ۽ پوءِ ستت ئي اقوام عالم هڪ سو کان چڙهي ويا ۽ هاڻ ته وڃي پوڻا ٻه- ٻه سئو بيٺا آهن.
    ادب، فڪر ۽ فن توڙي سائنس، ٽيڪنالوجي جيڪو انقلاب آندو تنهن جو ثمر لڻڻ ۾ سٺ جو ڏهاڪو اڳڀرو رهيو. انهي سٺ جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هڪ آمريڪي مصنف هيرالڊ رابن ”ڪارپيٽ بيگرز“ جي نالي سان هڪ ناول لکيو. ”ڪارپيٽ بيگرز“ وڪري جو چڱو ڀلو ريڪارڊ ٺاهيو. ”ڪار پيٽ بيگرز“ فلم به ٺهي، ”ڪارپيٽ بيگرز“ جي لفظي معنيٰ آمريڪي خانه جنگي يا جنهن کي آمريڪي سول وار ڪري ڪوٺجي ٿو، ان وقت ۽ زماني سان منسوب آهي لفظي معنيٰ آهي قالين ياڪارپيٽ مان ٺهيل مخمل جهڙو ٿيلهو. ٿيو هيئين جو آمريڪي گهرو ويڙهه کانپوءِ اُتر آمريڪا کان جتي، نسبتا ماڻهو وڌيڪ حرفتي هيا، ماڻهن ڏکڻ آمريڪا ڏي لڙڻ شروع ڪيو، ٽوپلو پاتو، چروٽ منهن ۾ رکيو، انهن اٽڪلي ۽ حرفتي ماڻهن جو ڪل اثاثو اهو ”مخملي ٿيلهو.“ هوندو هيو. اها ئي سندن شناختي ٿي ويئي. نسبتا گهٽ ترقي يافته پر قدرتي ذخيرن ۽ معدنيات سان ڀرپور ڏکڻ ۾ ايندي ئي هنن حرفتن، اٽڪلن ۽ ڏاڍاين سان ڏکڻ جي زمينن، اُپت جي ذريعن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. نه ته اُن زمين سان سندن ڪو رت جو رشتو هيو، نه ڪو سٻنڌ. هو ته پيداواري ذريعن تي قبضو ڪرڻ، مقامي سياست ۾ دخل انداز ٿيڻ ۽ مال ميڙڻ لاءِ آيا هئا. هي ”مخملي ٿيلها“ نه صرف سندن سڃاڻپ هئا، پر سندن ڪُل ”زنبيل“ هئي، جنهن ۾ لٽ مار جون حرفتون ۽ اٽڪلون ڀريل هيون.
    63-1962ع ڌاري شايع ٿيل هن ناول جا مکيه ڪردار هڪ خيالي لاطيني آمريڪي رياست جا مخمل ٿيلهن وارا ليڊر آهن، ڪئين ماڻهن جي انبوهه کي پويان لايو اقتدار اعليٰ جي مسند ماڻين ٿا. رشوت، چور بازاري، رياستي وسيلن ۽ اُپت جي ذريعن تي قبضو ڪندي ذاتي ملڪيتون ٺاهين ٿا. عياشيون ڪن ٿا. ماڊرن رابن هُڊ ٿيو ڏاکڻي فرانس جي جزيري نما بهشت ۾ محل ٺاهي. ٻاهرين مُلڪن ۾ ملڪيتون ٺاهين ٿا. ملڪ ۾ انقلاب اچي ٿو. ٻاهر ڀڄيو وڃن. پئسو- سازشي ذهن خريد و فروخت ذريعي وفاداريون ڳنهيل- وري موٽيو اچن. وري اچيو جاوا ڪن.
    1965ع ڌاري جڏهن ناول پڙهيم تڏهن اڃا اهڙو مشاهدو ڪونه ڪيو هئم پر پوءِ … ايران جو شهنشاهه ڏٺوسين. مارڪوس ۽ سندس ٽي هزار جوتن جا جوڙا رکندڙ مهاراڻي ڏٺي سين. آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ”ڪارپيٽ بگيرز“ ڏٺاسين. پنهنجي ملڪ جي حالتن جو مشاهدو ڪيوسين، جنهن کي هنن ”ڪارپيٽ بيگرز“ ٻنهي هٿن سان لٽيو. پوءِ ذهن تي ڳالهه ويٺي. مار! هي ئي ته ڪارپيٽ بيگرز آهن. نه ڌرتي سان رشتو نه ڪا قابليت نه اهليت. هڪ نظام ٺاهيو اٿن. چوري، ٺڳي ۽ ڪوڙ جيو. سيڪڙن کي خريد ڪيو ڪروڙن جي ڀينگ ڪرڻ لاءِ آتا !!! ڪٿي ائين ته ڪونهي ته هن غريب ملڪ جي تقديرن جي والي ٽي سئو خاندانن جا چشم و چراغ جي ڪانوينٽن ۽ پبلڪ اسڪولن ۾ ان وقت پڙهيا پئي جڏهن ”ڪارپيٽ بيگرز“ آئي هئي ۽ هنن ”ڪارپيٽ بيگرز“ کي پنهنجو مسلڪ ٺاهي ڇڏيو. پنهنجي بائيبل ٺاهي ڇڏي آهي. جي ائين آهي ته ”ڪارپيٽ بيگرز“ سٺ جي ڏهاڪي جي سڀ کان وڏي منحوسيت هئي. يا متان … متان ائين نه هجي. بُک ۽ هوس ته اندر جي هوندي آهي. تاريخ جي هر موڙ تي ”مخملي ٿيلهن“ وارا ايندا رهيا آهن ۽ پيا ايندا ۽ ائين ئي اهڙا به ڪيئي هوندا جي فليمنگ هوندا. سات هوندا، رسل هوندا… مها ڪوي هوندا. ڪويتائون ڪي مرنديون.

    (عوامي آواز، 29 جنوري 2000ع)


    ڪوي ايندا رهندا ……

    ڪويتائون مرڻ جون ڪينهي ڪي. ڪوي ايندا رهندا. جهونگاريندا رهندا، جي ڪاليداس ويو ته هومر ايندو، هومر ويو ته شيڪسپيئر ايندو، شيڪسپيئر ويو ته گوئٽي نروار ٿيندو، گوئٽي نه هوندو ته فردوسي هوندو، خيام هوندو، ڪراڙ ڪنڌيءَ تي يڪتاري ۽ دنبوريءَ تي الاپيندو ڀٽ جو ڌڻي رهندو. جي هي ويو ته ٽيگور هوندو، ٽيگور نه هوندو ته اياز اندر اوريندو. نه ڪو ڪوي مرندو نه ئي سندس ڪويتائون. اندر جي اورڪا فنا ٿيندي …… اصل نه! هي جا من جي اڇال آهي. خاموش، اداس اکين ۾ سپنا آهن. ايندڙ ڪالهه جا- سڀان جا- معصوم ابهم ٻارن جي مستقبل جا- انهن سپن ئي ته انسان کي، انسان ذات کي جيئڻ جو ڏان ڏنو آهي. همت ڏني آهي، نه ته:
    اهرمن محشر بدامان هي……
    جي هر پاسي ڪاري اماؤس رات آهي. بديءَ جو ڀيانڪ ديوتا پنهنجي تمام قوت ۽ شر سان چوڦيريءَ لامارا پيو هڻي ته پوءِ ساري سنسار جي وجود ئي بي معنيٰ آهي. پوءِ لازم آهي ته هر وجود کي لاوجود هجي. ڪاري کي اڇو، سهڻي کي ڪوجهو، ڏينهن کي رات، چٽائي کي سياهي.
    ۽ ائين ئي هر دور ۾ انهن ”مخملي ٿيلن“ وارن پنهنجو وارو وڄايو آهي. مخملي ٿيلن وارا صرف اُتر جا حرفتي، اٽڪلي آمريڪي نه هيا، جن گهرو جنگ کانپوءِ ذخيرن سان مالا مال پٺتي پيل ڏکڻ تي قبضو ڪرڻ جو ڪيو. هي مخملي ٿيلن وارا هر دور ۾، هر هنڌ مختلف ويس اوڍي ايندا رهندا آهن. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو گورو ڪير هيو، مختصر مخملي ٿيلي مان تاج برطانيا جي وفاداري جو پروانو ڪڍي، وسائل ۽ ذخائر سان ڀرپور هندستان جي مال تي عيش ڪرڻ وارو. نه ڌرتيءَ سان سنٻنڌ نه ڌرتيءَ جو واس اچين. نه ڪو سيڪ اچين. ڀل ته زمين جي ڇاتي سڪي ٺوٺ ٿي وڃي کين پنهنجو حصو کپي. جنگ آزادي وڙهي ڪنهن ملائي مکڻ کاڌو. جن جي عمر تحريڪن ۾ گذري، جي ديار غير ۾ دربدر ٿيا. سي پنهنجي ئي وطن ۾ غير ٿيا. ريشمي رومال تحريڪ جي روح روان ۽ خلافت تحريڪ جي بانين مان هڪ هوندي به مولانا عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ گمنام رهيو. ”ٽوڊي بچه“ مولانا سنڌي، کان وڌيڪ مانائتا ٿيا ۽ آزاد پاڪستان جا والي ۽ وارث ٿيا. انگريز جي وظيفه خوار نوابن جا منشي ۽ ڪمدار عزت وارا ٿيا. جن هڪ ڏينهن به جيل نه ڪٽي، آڱر به ڪونه ڪپائي تن اچي نعرو هنيو ته ”هم ني ملڪ ڪي لئي قرباني دي.“ هي ڇا آهي؟ هي ئي ته مخملي ٿيلن وارا آهن.
    مخملي ٿيلن وارا هڪ علامت آهي، حرڪت جي، اٽڪل جي، چالاڪيءَ جي. جو پنهنجو حق نه آهي ان تي به قبضو ڪرڻ ۽ ائين ثابت ڪرڻ ڄڻ اباڻي ملڪيت هئي. مخملي ٿيلن وارا چمڪندڙ اکين، خوشنما لباس، چپن تي هر وقت آسودگيءَ واري مسڪراهٽ، وٽن هر شيءِ جائز آهي. هو سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ يدِطوليٰ رکن ٿا. هي ملڪ به ته انهن ”مخملي ٿيلن“ وارن وٽ يرغمال آهي. ملڪ جي اقتدار جي ايوانن تي قابض 400 خاندان يا 2000 فرد درجنن جي حساب سان ته هر ڪو سڃاڻي. ڪالهه جنهن وٽ سائيڪل ڪونه هئي، اڄ ويهن سالن کان به گهٽ عرصي ۾ ڪروڙن ۾ راند ٿو ڪري.
    هتي اسين نه سياستدان ۽ سندس ساٿاري مخملي ٿيلن وارن جي ڳالهه ٿا ڪريون نه ئي اسين انهن جنرلن جي ڳالهه ٿا ڪريون جي اسلام ۽ جهاد جي نالي ۾ ڪروڙن بلڪ اربن جي آمريڪي امداد توڙي ڳجها فنڊ مشڪوڪ ڇڏي ويا. سندن پوين وٽ اڻ کٽ مشڪوڪ پيسو آهي يا نه آهي. اها ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ هن غلام قوم جو فرد ڪونه ٿو ڪري سگهي.
    ها، پر هڪ قدر مشترڪ آهي، هن سڀن ۾ .سندن ڪردار، سڀا، ڪرتوت سڀ ”ڪارپيٽ بيگرز“ جي ياد ڏيارين ٿا. لٽ، ڦرمار، ملڪي ناڻو ڦري ٻاهر ملڪيتون ٺاهڻ، اوچا خواب، رينيئر جي آرٽ تي ڳالهائڻو، ٻه سو ساله شيمپيئن پيئي، ڪوريا جي چانهه پيئڻ ۽ جن سين کائڻي، اڌ لک جو جوتو پائڻو…… ڪڏهين هنن مخملي ٿيلهن کان ڇوٽڪارو ملندو…

    (عوامي آواز، 30 جنوري 2000ع)


    سُرخ آ … سُرخ آ … آمريڪا سُرخ آ …

    اسان جوانيءَ ۾ پير مس رکيوسين ته هر طرف ٻڌوسين… سرخ آ … سرخ آ … ايشيا سرخ آ … ڳاڙهو ايشيا… هر پاسي کاٻي ڌر جي تحريڪن يا کاٻي ڌر کان متاثر ٿيل انداز فڪر رکندڙن جو نالو هيو، مائوزي تنگ، چواين لائي، هوچي من … چين. روس، ويٽنام، ڪمبوڊيا، نڪسلائيٽس. ادبي ۽ فڪري تحريڪون، نيٽو، سيٽو ۽ وارسا معاهدي جي مقابلي ۾ غير جانبدار ملڪن جي تحريڪ، ايشيا ۽ آفريقا جي غريب ۽ هيڻي ملڪن جي پاڻ پتوڙ، سامراج ۽ استحصال جي جبر ۽ ڏاڍ خلاف تحريڪون، انهن تحريڪن ۽ فڪري ڪاوشن يورپ ۽ آمريڪا جي عام ماڻهن جي ضمير کي چهڪ هنيا. برٽرانڊسل، زان پال سات جهڙا قد آور انسان هيڻن جا ساٿاري ٿي بيٺا ۽ فرانس ۽ برطانيه ۾ ئي نه پر سڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾ به آمريڪي سامراج جي خلاف عوامي تحريڪون هليون. ڀارت، پاڪستان، سريلنڪا، نيپال، انڊونيشيا م ڪميونسٽ پارٽيون هنيون ۽ وري اشتراڪي لاڙا رکندڙ تحريڪون اٿيون. مظلوم ۽ بي وس انسانن جو هڪ ئي نعرو هيو… سرخ آهي … سرخ آهي …
    ايشيا سُرخ آهي …
    ذوالفقار علي ڀٽو ڪميونسٽ نه هيو، نه ئي وري پاڻ کي ڪڏهن اشتراڪي سڏرايئن، پر سندس عمل ۽ فڪر ۾ سامراج مخالفت نمايان هئي. عرب، اسرائيل پهرين جنگ کانپوءِ وري سامراجي هڪ هٽي ڏسندي اهو ڀٽو ئي هيو جنهن اوپيڪ جي تشڪيل جي صلاح ڏني. اسلامي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي آندائين، پر جڏهن سفيد هاٿي کي وڏي واڪي للڪار ڪيائين ته کيس ڦاهي ڏني ويئي. ترڪيءَ ۾ عدنان ميندريس، انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو ۽ ٻيا ڪيترا ائين ئي سامراجي سازشن جو شڪار ٿيا.
    وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو. جو انقلاب فرانس ۾ نه اچي سگهيو اُهو ڏيڍ کن صدي جو سفر ڪندو روس ۽ وري چين ۾ آيو. روس ذهني ارتقا جي انهيءَ وزن کي سنڀالي ڪونه سگهيو، ڪيئي سبب هيا، آئون ذاتي طور تي اُن جو هڪ وڏو سبب اهو به ڏيندو آهيان ته هندوستان جيان روس به هميشه کان ننڍين ننڍين رياستن، راڄواڙن ۽ بادشاهتن ۾ ورهايل رهيو آهي ۽ آرٿوڊڪس چرچ يا رجائيت پسند ملائيت جيترو روس ۾ مضبوط رهي آهي يورپ ۾ ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ڪونه رهي آهي. زمين ئي هموار ڪونه هئي. زوري ٻج ڇٽيو ويو هيو، تڏهن ته انقلاب روس وقت ئي بالشيوڪ ۽ منشوڪ ڌار ٿيا. ٽراٽسڪي جهڙي انقلابي ۽ دانشور به لينن کان ڌار ٿيڻ پسند ڪيو ۽ چين … چين ته وري هميشه کان واپاري طبع رهيو آهي. چين به پوين ڪن ڏهاڪن کان معاشي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ قوم کي ڪوڪو ڪولا، پيپسي ۽ سپورٽ ڪارن جي ريس ۾ وڌو آهي.
    پر جڏهن اهو انقلابي فڪر ڪيوبا پهتو ته ڪاسترو ۽ سندس سرويچ ساٿين جيءَ جان سان نه صرف انهيءَ فڪر کي سنڀاليو پر سڄي ڏکڻ آمريڪا ۾ نروار ڪيو. جڏهن ڪيوبا جي سرزمين تي انقلاب جو سج اُڀريو ته ڪاسترو جي ڪلهي سان ڪلهو لڳائي وڙهندڙ جوڌي جوان ”چي گويرا“ اقتدار ۾ حصو وٺڻ جي بجاءِ ڪلهي تي بندوق رکي ”عالمي اشتراڪي انقلاب“ جي خواب کي تعبير ڏيڻ لاءِ ساٿين کي ساڻ کڻي نڪتو. سندس نظرون بوليويا، چلي، ارجنٽائين، وينزولا جي غريب ۽ پيڙهيل عوام جي آزادي تي هنيون. نظرياتي طرح هو ٽراٽسڪي جي عالمي اشتراڪي انقلاب جو حامي ٿيو. ڪاسترو جو خيال هيو ته ساهي پٽجي پر ”چي گويرا“ جي ته نس نس ۾ رت بجاءِ باهه ٻريل هئي. دکين ۽ درمانندن جي غربت ۽ مفلسي ۾ وڪوڙيل مجبورن جي رت رلايل اکين جي وسامندڙ ڏياٽن هن جي رڳ رڳ ۾ باهه ڀري ڇڏي هئي. هُن محل ماڙيون ڇڏي جهنگ آجهانگيا ۽ وڙهندي وڙهندي بوليويا جي ٻيلن ۾ سامراج جي ساٿارين جو شڪار ٿيو. مري ته ويو پر ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لاءِ، ويهين صدي جا آخري چار ڏهاڪا ئي نه پر اڄ ايڪويهين صديءَ ۾ به چي گويرا جيئرو آهي. انساني حقن جي جدوجهد ڪندڙ اڄ به چي گويرا کي اکين ۾ جاءِ ڏين ٿا، يورپ توڙي آمريڪا ۾ چي گويرا جي تصوير، منڊيءَ تي مهانڊو، نيڪلس ۾ تصوير، قميص ۽ گنجي تي سندس فوٽو مقبول ترين ائٽم آهن.
    انهيءَ ٻوليويا ۾ وري نئون سج اڀريو آهي. ايوو مورليز بوليويا جو نئون صدر ٿي آيو آهي. مورليزاصل ڌرتي ڌڻي آهي. سندس وڏا يورپ مان ڪونه آيا هئا. مورليز غريبن جي حالت مٽائڻ چاهي ٿو. هو ڌرتي واسين لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. سامراجي قوتن جي تمام تر ڪوششن کانپوءِ به مورليز کي پنجاهه سيڪڙو کان به وڌيڪ ووٽ مليا. صدر ٿيڻ کانپوءِ هو سڀ کان پهرين ڪيوبا ويو ۽ ڪاسترو سان مليو. بوليويا کي ويجهو ئي وينزولا جو ملڪ آهي جو نه صرف آمريڪا کي ويجهو آهي پر تيل جي دولت سان مالا مال آهي. وينزولا ۾ به هيوگوشاويز صدر آهي. آمريڪا بهادر هر حيلي سان سندس حڪومت ڊاهڻ جي ڪئي آهي پر شاوير صرف اهي ئي ڪم ٿو ڪري جيڪي سندس ملڪ جي غريب ۽ محروم طبقي جي بهتريءَ ۽ ڀلائي لاءِ هجن ٿا. مورليز ڪيوبا مان موٽندي وري شاويز سان ملڻ ويو. وينزولا جي ڀرسان وري برازيل آهي. اتي لولا ڊي سلوا حڪومت جون واڳون سنڀالي ويٺو آهي. ننڍپڻ ۾ بوٽ پالش ڪندڙ غريب ڇوڪرو اڄ مظلومن ۽ بيوسن جو ساٿاري هر اهو قدم کڻي ٿو جو سامايه دارن کي ناپسند آهي ته عوام جي مفاد ۾ آهي. وري لاڳيتو ارجنٽائين آهي. جتي جو صدر ڪرچز به عوام دوست آهي توڙي جو ساڳئي وقت تي سامراج دشمنيءَ ۾ ٿورو ٿورو محتاط آهي.
    واهه …… پر اڃان ترسو، مزو ته آيو آهي چليءَ ۾.
    15 جنوري 2006ع جي اليڪشن ۾ مشيل بيڪلي (Michelle Bachelet) 53 سيڪڙو ووٽ کڻي صدر ٿي آهي. مشيل 54 سالن جي عمر جي آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي. مشيل کي ٽي ٻار آهن. مڙس مان نه پر ٻين مختلف سنگتين مان. هو لامذهب آهي. واهه ادا تنوير … ڏاڍو ياد ٿو اچين …
    ساهڙ جا سينگار، متان ڏيکارين ڏم کي…
    خير هي ته اضافي جملو هيو، مشيل کان پهريون به چليءَ جو صدر ريڪارڊو لاگوس کاٻي ڌر جو نظرياتي اشتراڪي هيو، مشيل جو والد عظيم قائد آليندي شهيد جو ساٿاري هيو جنهن کي آمريڪي پِٺو پنوشي (آگسٽ پنوشي) تشدد ڪري جيل ۾ ئي مارائي ڇڏيو هيو. خود مشيل به 1973ع کان 1990ع دوران پنوشي حڪومت ۾ قيد و بند جون صعوبتون ڏٺيون.
    آمريڪي سامراج جي سر تي ويٺل هنن انقلابين آمريڪي حڪومت ۽ ادارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي. دنيا جي تمام ترقي پسند باشعور ماڻهن جون نظرون هاڻ ڏکڻ آمريڪا تي کُتل آهن. ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ته ڏاڍ ۽ جبر جون طاقتون سنگينن جي زور تي. خانه جنگي ۽ سازشن ذريعي في الوقت قابض آهن پر … پر … هاڻ ته … آمريڪا سُرخ آهي … آمريڪا سُرخ آهي …

    (سوڀ 23 جنوري 2006ع)


    کنڊ کُٽي يا اٽو کُٽَي…

    ”سينيٽ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ واڌ خلاف مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ، سرڪاري ۽ مل مالڪن ۾ ڳالهيون ناڪام“ … (خبر)
    ”راولپنڊي ۾ کنڊ جي بحران بابت اجلاس. کوٽ ختم ڪري اگهن تي ضابطو آڻڻ جي هدايت. صدر مشرف اجلاس. ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار سلمان شاهه ۽ ٻين کان بحران ۽ قيمتن ۾ واڌ جي وضاحت طلب ڪئي“ … (خبر)
    ”کنڊ جي اگهه ۾ اضافي سبب ماڻهو ڳڙ تي گذارو ڪرڻ لڳا“ (خبر)
    ”هڪ سال جي عرصي دوران کنڊ جي قيمت 22 روپيا مان 40 کان 42 رپيا ٿي ويئي آهي“ … (خبر)
    آهي ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو. هي ته هڪ ننڍڙو نمونو آهي ان تماشي جو جنهن ۾ ترقي پذير ملڪ جي هڪ هٽي سرمايه دار پنهنجي ساٿاري حڪومتي اشرافيه سان گڏجي عام ماڻهو کي پيڙهڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي آهي. ايوب خان جي دور حڪومت ۾ کنڊ جي قيمت چار آنا وڌي ته سڄي ملڪ ۾ ڄڻ باهه ٻري ويئي. ايوب خان خلاف ”چيني چور“ جا نعرا گهٽي گهٽي ۾ ٻڌڻ آيا. ان وقت کنڊ جا ڪارخانا ٿورا هئا ۽ جي هيا سي به گهڻي ڀاڱي سرڪاري هيا سواءِ هيڪڙ ٻيڪڙ جي. هاڻ ته کنڊ جي ڪارخانن تي ملڪي اشرافيه جو قبضو آهي. جي چهرن تان نقاب هٽايو وڃي ته خبر پوندي ته ڦري اڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ڌريون آهن جي مختلف نالن سان کنڊ جي ذخيرن تي قابض آهن. مل مالڪ به هو ته واپاري به هو ته ٽريڊنگ ڪارپوريشن تي به اثر به آنهن جو. درآمدي ۽ برآمدي ڪاروبار جي پاليسي ٺاهڻ ۾ به سندن عمل دخل.
    عجب ڳالهه آهي ته 86-1985ع تائين جڏهن ملڪ ۾ 41 ايڪيتاليهه کنڊ جا ڪارخانا هئا تڏهن کنڊ ٻاهران ڪونه گهرائي ويندي هئي نه ئي کنڊ جون قيمتون اهڙي ريت وڌنديون هيون پر پوءِ ترت ئي افغان جنگ جي غازين، ڪاري ڌن جي مالڪن ۽ حڪومت جي ڪرتن ڌرتن ڪارخانا لڳائي اها تعداد 41 ڪارخانن مان وڌائي 77 ستهتر ڪارخانن ۾ ڪئي ۽ کنڊ ٻاهران اچڻ شروع ٿي. اڄ به کنڊ جي ڪارخانن جي ڪل پيداوار صلاحيت ته 55 لک ٽن آهي پر ڪنهن به سال ۾ 35 کان 38 لک ٽن کنڊ کان مٿي کنڊ ٺاهڻ کان هي استحصالي ٽولو نابري ڪيو ويٺو آهي. اڃان انڌير ته ڪيو ميان نواز شريف جي لڏي. پاڻ خير سان الاهي کنڊ جي ڪارخانن جا مالڪ کنڊ جي پيداوار کپت کان وڌيڪ ٿي ته سائين صنعتن کي ٽيڪو ڏيڻ جي آڙ ۾ کنڊ ٻاهر موڪلڻ شروع ڪئي ويئي ۽ حڪومت تمام سهوليت مهيا ڪئي. وري جو ٻاهران سستي کنڊ ملڻ جو آسرو ٿيو ته ساڳئي ئي وقت تي کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ملي. انڌير وري به جاري رهيو. ايندڙ حڪومت ۾ به ته ملن جا مالڪ هيا. 94-1993ع کان وٺي 2003-2002 جتي کنڊ جي ملن جي مالڪ صرف کنڊ جي پورهئي جي ڪمايل پئس مان قريب 29 کان 30 ارب رپيا کنڊ درآمد تي خرچ ڪيا. هتي اهو ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪونهي ته پوري پاڪستان ۾ لڳل 77 کنڊ جي ملن جي لڳڻ تي به 34 ارب خرچ ڪونه آيو. يعنيٰ سيٺين جيتري جو ڪارخانو لڳايو ان کان وڌيڪ پئسا ته صرف انهن 8-10 سالن ۾ ڪري ويا صرف کنڊ جي برآمد مان، مقامي ڪمائي ته صرف سندن چانهه پاڻي ٿيو. هتي اهو ذڪر ڪرڻ به فضول آهي ته ملن جي لڳائڻ تي اوور انوائسنگ بينڪن جا قرض جي وري معاف به ٿي ٿا وڃن جي سنڀالجن ته ٽڪو آنو پنهنجي هڙان خرچ ٿيل آهن.
    ائين ڇو ٿيو سبب؟ نالو وٺو؟ حڪومتي اشرافيه صرف نالن جي ڦيرڦار آهي . کوسڪيءَ کان وٺي مردان تائين کنڊ جي ڪارخانن جا مالڪ اهي آهن جي ڪنهن نه ڪنهن وقت واڳ ڌڻي رهيا آهن يا واڳ ڌڻين جي حواري- نالو، پارٽي ۽ نعرو پيو مٽبو آهي. مقصد ساڳيا آهن. مالي مفادات جي اڻ ٽُٽ زنجير ۾ ٻڌل آهن.
    افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان وٽ سوا لک ٽن کنڊ پيل آهي ۽ قريب 88 هزار ٽن ٻاهران آيل کنڊ موجود آهي. يعني ٻه لک ٽن اهو ذخيرو آهي جو جيسين مارچ جي پهرين هفتي ۾ ٻاهران کنڊ اچي تيسين قيمتن ۾ ڪجهه استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿو پر انهيءَ مان به يوٽلٽي اسٽور ڪارپوريسن کي صرف ٻاويهه هزار ٽن مهيني جي حساب سان ڏني پيئي وڃي. اڃان ٽيهارو لک کن ٽن ته هن سال پيداوار سيٺين گوڏي هيٺان لڪائي ڇڏي آهي.
    عجيب حساب آهي پر ڪير منهن ڏي. کنڊ جا ڪارخانا ڪنهن ڪنهن جا آهن جي اهو ظاهر ڪيو وڃي ته نه صرف خبر پوندي ته هي ڇو پيو ٿئي پر اسان گونگن ۽ ٻوڙن جو ويساهه هنن سفيد پوش خوش اخلاق. خوش گفتار، خوش پوشاڪ ٺڳن تان کڄي ويندو- آهي ڪو جو اها لسٽ ظاهر ڪري ته ڪهڙي مل ڪنهنجي آهي ۽ ڪير ڪيترو حصيدار آهي؟ سرڪار کان ساڍا اٺ رپيا ڪڻڪ وٺي جڏهن 18 ۽ 20 روپين ۾ اٽو وڪڻڻ شروع ڪيائون ته نيٺ چوٻول ٿيو ته ڪڻڪ جي سمگلنگ، ذخيره اندوزي، اٽي جون ملون سڀن تي ڪهڙن وڏيرن ۽ چوڌرين جي هڪ هٽي آهي ته وري ڪجهه وقت لاءِ اشرافيه جا ڪرتا ڌرتا پٺتي هٽي ويا. چوٻول ڪجهه وڌي ويو هيو شايد …… وري ٻيون مذيدار خبرون ٻڌو.
    ”حڪومت کنڊ تي 40 ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻ کان انڪار ڪري وڌو“ (خبر)
    هي بيان خزاني جي مير سلمان شاهه صاحب جي حوالي سان ڇپيون آهي. فرمائين ٿا ته ملڪ ۾ کنڊ جي کپت 4 ارب ڪلو گرام آهي يعني 40 لک ٽن ۽ ڏهه رپيا في ڪلو گرام جي حساب سان 40 ارب رپين جي سبسڊي ٿيندي. سائين وڏا، صحيح ٿا فرمايو. پر اهو ته تڏهين جڏهين اوهان ڪارخاني کان کنڊ ئي 40 رپين ۾ وٺو، ۽ هنن کان ڇو وٺو. هندستان کان گهرايو، برازيل کان گهرايو. هتي پهچ ئي 26 رپيا ٿيندي. پوءِ ڏسو ته سيٺيون ڪيئن ٿا اگهه ٺيڪ ڪن. پر اوهان ائين ڪونه ڪندو“، اوهان کنڊ جي ملن جي مالڪن کي برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيئي کين ته 40 ارب رپيا ڪمائڻ جو موقعو ڏيئي سگهو ٿا پر عام ماڻهن لاءِ سبسڊي ڇو ڏيو. ٻاهران جي کنڊ سستي گهرائيندو ته ڇا توهان کي هي ٽولو اجازت ڏيندو.
    صدر پرويز مشرف جي زير صدارت ٿيل گڏجاڻي ۾ جتي کنڊ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو هيو ان ۾ تجارت جي وزير همايون اختر علي خان ناڻي جي وزارت تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ انهيءَ بحران جو وڏو سبب ڄاڻايائين ته جي کنڊ برآمد ڪرڻ ۾ دير نه ٿئي ها ته هي بحران نه ٿئي ها.“ (هڪ ٻي خبر)
    هاڻ سائين، اسين جي ٻڪريون ۽ رڍون آهيون ڪهڙو تبصرو ڪري سگهون. پاڻ ئي ظاهر ڪيو پيا.
    هڪ تازي خبر … هڪ نه پر ٻه …
    ”سينيٽ جي هڪ معزز ميمبر ايوان ۾ ٻڌايو آهي ته کنڊ جو بحران انهي ڪري ٿيو آهي جو کنڊ جي ڪارخانن جي ملڪيت مان اڪثريت موجوده وزيرن جي آهي.“ ميمبر صاحب اهو به ٻڌايو ته ”ڪڻڪ جو بحران به انهي ڪري پيدا ٿيو جو حڪومت ۾ شراڪت دارن جون نه صرف فلور ملون آهن پر ڪڻڪ مافيا سان به هو ڀاڱي ڀائيوار آهن.“ هڪ ٻي سينيٽر اهو چيو ته ”ڪجهه ڏينهن اڳ بين الاقوامي منڊي ۾ کنڊ جو اگهه 200 ڊالر في ٽن هيو (يعني 12 رپيا ڪلو) تڏهين حڪومت خبر هوندي به کنڊ نه گهرائي. (ڇو ته وزيرن اميرن جي ملن کي ڏوڪڙ نه ملن ها) هاڻ جڏهين 500 ڊالر في ٽن آهي (يعني ته 30 رپيا) تڏهين کنڊ گهرائي ٿي وڃي. اها سازش آهي.“ جيتوڻيڪ عالمي منڊيءَ ۾ کنڊ هن وقت به بحران هوندي به 400 کان 425 ڊالر في ٽن آهي ۽ قيمتن گهٽجي پئي، اپريل ۾ ته وري اچي 200-250 ڊالر بيهندي.
    وري تازيون خبرون …
    ”شوگرمل مالڪن جي انجمن جي صدر چوڌري ذڪا اشرف چيو آهي ته کنڊ جو قيمتون عالمي منڊي ۾ کنڊ جي قيمت چڙهڻ جي ڪري وڌيون آهن.“ اهو وري تيل وارو حساب، پر تيل ته ٻاهران ٿو اچي. کنڊ ته هن ملڪ ۾ ٺهي ٿي. هي وري ڪهڙو نئون حساب آهي. پوءِ ماني جو لولو به 35 رپيا ڪيو جو برطانيه ۾ هڪ پائونڊ يعني 106 رپين جون ٽي مانيون ملن ٿيون.
    پر شيخ رشيد صاحب ته سڄو ڪچو چٺو کولي ڇڏيو آهي چيو اٿس ته،
    ”کنڊ جون ملون صرف اسان جي وزيرن جون ڪونهن، آصف زرداري ۽ نواز شريف کنڊ جي ڪارخانن جا مالڪ آهن.“ يعنيٰ ته برابر اسان جا وزير کنڊ جي ملن جا مالڪ آهن.
    هاڻ کلي اصل ڳالهه ……
    1977ع کانپوءِ آيل حڪومتن جي ڪرتن ڌرتن ۽ اثر رسوخ رکندڙن هڪ مستقل ۽ مسلسل سعي ڪري ”هڪ هٽي“ نظام کي هٿي ڏني آهي. جتي کائين به پاڻ، وڌين به پاڻ …… ۽ عوام … ڪهڙي عوام … ڪهڙي عوام … گونگا، ٻوڙا، ڇسا ۽ هيڻا …!!

    (سوڀ 14 فيبروري 2006ع)


    مضبوط معيشت، کنڊ، اٽو، دال ۽ پيٽرول

    واڳ ڌڻي خوش آهن ته معيشت مضبوط آهي. مضبوط ٿي رهي آهي. درآمد وڌي آهي، برآمد ڏهه ارب ڊالرن کان مٿي ٿيندي. اسٽاڪ ايڪسچينج مضبوط آهي ۽ انڊيڪس 12000 جي ويجهو وڃي پهتي آهي جنهن جي حصن جي ماليت 90 ارب رپين کان وڌي 34 کرب رپين تائين وڃي پهتي آهي. زرمبادله جا ذخيرا 13 ارب ڊالر کان مٿي ٿيڻ جون اطلاعون آهن. ٽيڪسن جي وصولي تخمينه کان وڌيڪ ٿي آهي. پاڪ- ايران گيس لائين تي ڳالهيون سنوت اختيار ڪري رهيون آهن. پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام 2006ع-2005ع سال لاءِ 272 ارب رپين تي ٻڌل هيو. اطلاعن مطابق 2007ع-2006ع ۾ اهو ترقياتي پروگرام 17 فيصد جي واڌاري سان 320 ارب رپين تي مشتمل هوندو. پر پلاننگ ڊويزن کي ملندڙ ترجيحات مطابق جي ممڪن ٿي سگهيو ته اهو ترقياتي پروگرام 340 ارب رپين تائين به ٿي سگهي ٿو. تيل جا نوان کوهه نڪتا آهن. افغانستان، تاجڪستان، ڪرغستان ۽ پاڪستان وچ ۾ به عالمي بينڪ جي مشاورت سان توانائي جي ميدان ۾ سهڪار لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن. انهن ڳالهين جي نتيجه خيز ٿيڻ سان توانائي جي ميدان ۾ پاڪستان کي پاڻ ڀرو ٿيڻ ۾ هٿي ملندي. گوادر پورٽ هڪ نئين روپ سان نروار ٿيندو پيو اچي. انفراسٽرڪچر لاءِ نوان نوان موٽروي ٺهن پيا. گوادر پورٽ تي وڏن جهازن جي آمدورفت لاءِ سامونڊي چينل کي ويڪرو ڪيو پيو وڃي. 75 ارب رويپن جو ريل لنڪ جو هڪ عظيم منصوبو رٿيو پيو وڃي. ترقي جا ٻيا الاهي اهڙا اهڃاڻ آهن جي خوش ڪندڙ آهن. في فرد آمدني وڌي آهي. مجموعي قومي پيداوار جي شرح ۾ اضافو قابل قدر آهي.
    پر جتي اهي سڀ خوش آئينده مظهر آهن. اتي چنڊ اهم اهڃاڻ اهڙا آهن جن کي نظرانداز ڪرڻ سان نه صرف قوم جي ترقي ۽ خوشحالي تي خطرناڪ اثر ٿيندا پر قومي خوشحالي واريءَ جي گهر جيان ڀُر ڀُري ٿي ڪري نه پوي. اسان هتي انهن چند اهڃاڻن جو ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري سمجهون ٿا جي هن ترقي کي ثمردار ٿيڻ ۾ رخنو وجهي سگهن ٿيون.
    (1) قومي مجموعي آمدني ۾ طبقاتي ونڊ ورڇ جو غير منصفانه نظام
    (2) بينڪن کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ
    (3) قومي ادارن جي نجڪاريءَ جو ماڻهوءَ تي منفي اثر.
    (4) مهانگائي جو واڳون.
    (5) غير ضروري کپت ۽ بچت ۾ گهٽتائي جو رجحان.
    ترقي ڪندڙ ملڪ طئي شده اصولن تحت پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي بنيادي تعليم، صحت ۽ اجهو مهيا ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ذميداري محسوس ڪندا آهن. مجموعي قومي آمدني ۾ کڻي اٺ سيڪڙو کان مٿي واڌارو ٿيو هجي. پر انهيءَ جو فائدو نه ته عام ماڻهو کي ٿيو آهي نه ئي ڪو سرمائي جي ونڊ ورڇ منصفانه طريقي سان ٿي آهي. رهندو غريب وڌيڪ غريب ٿي ويو آهي ۽ امير، امير تر، سرمائي ۽ سرمائي جي وسيلن تي قبضو چند سيڪڙو ماڻهن جو ٿيندو وڃي ٿو جي خطرناڪ حد تائين طاقتور ٿي چڪا آهن. قانون قاعدن ۾ پنهنجي مرضي جي ڦيرگير سندن لاءِ معمول جي ڳالهه آهي. هڪڙو ننڍڙو مثال آهي ته ڪمند جي اگهه، ڪمند پيڙيهندڙ ملن جي چالو ٿيڻ ۽ ٻين متعلقه ڳالهين سان واسطو رکندڙ قانون يعني شگرڪين ڪنٽرول آرڊيننس تحت سڀ کان پهريان شگر ڪين ڪنٽرول ڪميٽي هجڻ لازمي آهي. قانون ۾ صرف ڪميٽي کي هي اختيار آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ قيمت جي سفارش ڪري ۽ گڏ ملن کي هلائڻ جي تاريخ جي به سفارش ڪري. جيتوڻيڪ قانون ۾ سنڌ لاءِ 15 آڪٽوبر کان 31 آڪٽوبر وچ ۾ ملن کي چالو ڪرڻ لازم ڏنو ويو آهي. اڄ ذري گهٽ ڏهه سال ٿي ويا آهن جو کنڊ مل مالڪن جي طاقت جي اڳيان بي وس حڪومتون نه ته ڪميٽي ٺاهي سگهيون آهن نه ئي قيمت تي ڪنٽرول ڪري سگهيون آهن ۽ نه ئي باوجود وزير اعليٰ جي اعلان جي ڪنهن مقرره شيڊول تي ملون چالون ٿي سگهيون آهن. جتي ڪن ماڻهن ۾ اسي اسي لکن جي مهانگي گاڏي وٺڻ جي قوت خريد پيدا ٿي آهي. اتي ئي چاليهه سيڪڙو کان مٿي ماڻهو غربت جي حد کان به هيٺ ڌڪبا وڃن. نه صاف پيئڻ جو پاڻي ميسر آهي، نه تن تي ڪپڙو آهي. نه اجهو آهي. نه بيماري ۽ اگهائي سگهائي ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ وسيلو. سرمائي ۽ سرمائي جي وسيلن تي چند ماڻهن جي هڪ هٽي ڪنهن نظام کي مضبوط ڪونه ٿي بڻائي سگهي. بينڪون ته صفا ڇڙواڳ آهن. معاشيات جي هڪ ماهر ڊاڪٽر شاهد حسن جي تحقيق مطابق جتي سال 2000 ۾ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪندڙ بينڪن جي ٽيڪس کان اڳ ڪمائي ست ارب رپيا هئي اها چئن سالن ۾ يعنيٰ 2004ع جي آخر ۾ ست سو فيصد وڌي 51 ارب ٿي ويئي ۽ 2006ع ۾ 85 ارب کي ويجهو آهي پر ساڳئي وقت تي سرڪار جي آشيرواد جي آڌار تي اهي بينڪون پنهنجي کاتيدارن جي منعافي کي گهٽائينديون اچن. 1999ع ۾ اهي بينڪون کاتيدارن کي 7.6 سڪڙو نفعو ڏينديون هيون. (سراسري طور) جيڪو 1999ع جي افرادِ زر جي شرح يعني 5.7 سيڪڙو ڪٽي به 1.9 سيڪڙو حقيقي نفعو هيو، هاڻ بينڪون جڏهن ستن اربن جي بجاءِ 85 ارب ڪمائين ٿيون ته کاتيدارن کي صرف ۽ صرف 2 سيڪڙو سالانه منافعو ڏين ٿيون. ڇو؟ وري اها ئي ڳالهه هڪ پاسي ٻه ڪروڙ کاتيدار جن ۾ بيواهون، پينشنر، ننڍڙا ملازم، وچئين ۽ ننڍي طبقي جا ماڻهو ته ٻي پاسي چند سرمايه دار. سرڪار کي انهن سرمايه دارن جو مفاد شايد وڌيڪ عزيز آهي. ٻه ڪروڙ گونگا، ٻوڙا ۽ ڇسا ڀلي پيا پيسجن. وزيراعظم پاڪستان خوش آهي ته بينڪنگ جو نظام مضبوط ٿيو آهي. صدر پاڪستان جي اولين ترجيحات مان هڪ اها هئي ته بينڪن مان قرض کڻي معاف ڪرائيندڙن کان هر قيمت ۾ وصول ڪجي. وصولي ته الائي ڪيترن کان ٿي پر پوين ڇهن سالن ۾ 50 ارب رپين کان مٿي جو قرض بينڪن معاف ڪري ڇڏيو. انهن قرضن معاف ڪرائيندڙن ۾ ڪهڙا ڪهڙا اشرافيه جا فرد شامل هئا. اها به ڪنهن کي خبر؟ اهڙي بينڪاري ۽ اهڙو استحصال شايد ڪٿي نه ٿيندو هجي ۽ جي شرح منافعو ٻي ڪنهن هنڌ ائين آهي ته افراط زر به گهٽ آهي.
    قومي ادارن جي نجڪاري جو منفي اثر اڃان تائين اهڙو محسوس ڪونه ٿيو آهي جو سڀني کي ننڊ مان اٿاري. پر اهڃاڻ اهڙا سٺا ڪونه آهن. اسٽيل مل کي خانگي ڪرڻ جون ڳالهيون مس پي هليون ته سريو 16-18 هزار کان وڃي 35 هزار في ٽن پهتو. ڪراچي اليڪٽرڪ سپلائي ڪارپوريشن نجي شعبي ۾ ڏني ويئي ته واپڊا ٽيرف کي ڏيڍوڻي کان مٿي ڪري ڇڏيو. هاڻ ته مئي ۽ جون ۾ جڏهن ڳاٽي ٽوڙ بجلي جا بل ايندا ۽ وري انهي بجلي جا 6 کان 7 ڪلاڪ غائب هوندي آهي ته ماڻهن کي خبر پوندي. ڀاڻ جا اگهه چڙهي ويا. تيل جي نجي ڪمپنين کي کلي ڇوٽ ڏني ويئي ته وري قومي اداري يعني پي ايس او کي خانگي شعبي ۾ ڏيڻ لاءِ ساڳي سمت سان هلائڻ جي ڪئي ويئي آهي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌڻ جو سبب ڏيئي صرف ڇهن سالن ۾ 45 دفعا تيل جي قيمت ۾ ڦيرڦار ڪئي ويئي آهي. 18 رپيا ليٽر وارو پيٽرول 56 تي اچي پهتو آهي.
    مهانگائي چوٽ چڙهي ويئي آهي. حڪومت جي ايوانن ۾ رهندڙن کي ”جيو“ ٽي وي وارن مطابق اها به خبر نه آهي ته دال جا مختلف قسم 60 ۽ 75 رپيا في ڪلو ٿي ويا آهن. 18 رپيا ڪلو کنڊ اڄ 40 رپيا في ڪلو آهي . اٽي جون ملون سرڪار کان 9-10 رپيا جي وچ ۾ ڪڻڪ وٺن ڏيڍ کان 2 رپيا جي فرق تي 11 ۽ 12 رپين ۾ اٽو ملڻ کپي اهو 18 کان 20 رپيا ڪلو ٿو ملي. آهي ڪو جو مل مالڪن کي روڪي؟ کنڊ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ لاءِ قانون ٺهيو ته اڄ قانون ٺهي کي به ڇهه مهينا ٿيا آهن ڪنهن واپاري يا اسٽاڪسٽ پاڻ کي رجسٽر نه ڪرايو آهي. وري خبر پئي ته اهڙيون به ملون آهن جتي پنجاهه هزار ٽن کان مٿي ذخيرو آهي نه ٽيڪس ڏنل آهي نه ظاهر ڪيل آهي. نيب داروغي کي ٻڌڻ لاءِ تيار. هتي آئي ته هڪدم موٽ کاڌئين. هتي سرمايه ڪاري کي هٿي ڏيڻ واري پروگرام تي عمل ڪندي اهڙا اهڙا ته جن پيدا ڪيا وڃن جن کي واپس بوتل ۾ بند ڪرڻ ممڪن ڪونه ٿيندو.
    حڪومتي پٺڀرائي، ميڊيا جي ذهن کي اثرانداز ڪرڻ ۽ ڏيکا ڏيکي وري هڪ عجيب رجحان پيدا ڪيو آهي. کير وارو اخبار وارو، ٺهيلي وارو، گهر گرهستي، ننڍڙا ٻار هر ڪنهن ۾ موبائيل فون جو شوق جاڳيو آهي. سهڻا اشتهار، وري وڏ ماڻهپي، بينڪون وري ڪارن تي قرض ڏين. هر وچولي طبقي، غريب طبقي جو ماڻهو پنهنجي حيثيت، پنهنجي ڪمائي کان مٿي، خرچ ڪرڻ لڳو آهي. بظاهر ته هي سڀ جي ڊي پي جي شرح ۾ واڌارو ڳڻبو پر بباطن اهڙن فضول خرچن جو قومي معيشت تي خطرناڪ اثر پوي ٿو جتي غير پيداواري خرچ، نمائش ۽ آسائش تي خرچ قومي مجموعي بچت تي هڪ ڪاري وار ڪيو وڃي. انهيءَ ڪري ضرب جو اثر جلد ظاهر ٿيندو.

    (سوڀ 23 مئي 2006ع)


    تاريخ جو هڪ ورق

    1783… پيرس … فرانس جي گاديءَ وارو هنڌ… ملڪئه عاليه ”ميري اينٽيونيٽ“ زرق برق لباس پايو هيرن ۽ موتين جي مالائن ۾ جهنجهيل پنهنجي محل جي شاهي خواب گاهه ۾ ويٺي آهي. سندس ٻانهيون کيس تيارپيون ڪرائين. ڪي وارن ۾ ڦڻي پيون ڏين ته ڪي پيرن تي خوشبوءِ پيون ملين. هيٺ درٻار ۾ امراءَ سلطنت راڻي صاحبه جو انتظار پيا ڪن. ايتري ۾ هڪ خادمه داخل ٿئي ٿي.
    ”ملڪه معظمه“ جو اقبال بلند- وزيراعظم سلطنت تمام اهم ڪم جي لاءِ گذارش ڪرڻ چاهي ٿو ۽ باريابي جي اجازت طلب ٿو ڪري. ”ملڪ“ فرانس وزيراعظم کي خواب گاهه جي ٻاهريان ويهڻ جي ڪمري ۾ آڻڻ ۽ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو. ملڪئه عاليه تيار ٿي ٻاهر نڪتي. وزيراعظم فورن گوڏن ڀر ويهي سجدو ڪندڙ انداز ۾ چيو.
    ”ملڪئه عاليه جو اقبال بلند هجي.“
    ”ڪهڙي تڪڙي ۽ اهم ڳالهه آهي.“ وزيراعظم ملڪئه بي نيازي سان پڇيو.
    ”ملڪئه معظمه… محل جي ٻاهر لکين ماڻهن جو هجوم جمع ٿيل آهي. ”وزيراعظم هٻڪندي چيو، ”مونکي خبر آهي، هو منهنجي ديدار لاءِ آتا آهن.“ ملڪئه وراڻيو.
    ”نه، ملڪئه عاليه …“ وزيراعظم وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو.
    ”ڳالهه پوري ڪريو.“ ميڊي اينٽيونيٽ ڪاوڙ مان چيو: ”زبان اجازت نه ٿي ڏي، ملڪئه عاليه-“ وزيراعظم ڏڪندي ڏڪندي وري سجده ريز ٿيندي چيو.
    ”وزيراعظم …!!“ ملڪئه ميري ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿيندي زوردار آواز ۾ ذري گهٽ رڙندي چيو. ”جا زبان ملڪئه جي حڪم تي به ڳالهائي: نٿي سگهي ان کي پاڙئون ڪڍيو ويندو.“
    ”رحم … رحم… ملڪئه معظمه … مان ڪيئن ٻڌايان ته هي بکيا، اگهاڙا ۽ جاهل مزدور، هاري ڪن لامذهب ماڻهن جي چرچ تي اوهان جي خلاف نعرا پيا هڻن.“ وزيراعظم هاڻي ڏڪڻ جي بجاءِ باقاعده ڦٿڪي رهيو هو.
    ”ڇو؟“ ملڪئه عاليه پڇيو.
    ”ملڪ ۾ اناج جي کوٽ ڪري کين ماني نٿي ملي.“
    وزيراعظم وراڻيو.
    ”جي ماني نٿي ملي ته ڪيڪ ڇو نٿا کائين؟ ”ملڪئه“ عجب مان پڇيو.
    ملڪئه ميري اينٽيونيٽ جو اِهو تاريخي جملو ته “If there is no bread, why don’t they eat cakes” تاريخ ۾ هميشه لاءِ لکجي ويو. دنيا ڏٺو ته اهي لڱن اگهاڙا، پيٽ بکيا جيءَ جان تان آسرو پلي ميدان ۾ لهي آيا، شاهي محل توڙي امراءَ ۽ وزيرن جون محلاتون ساڙي ڇڏيائون. اڄ دنيا انهن بکين ۽ اڌ اگهاڙن انسانن جي جدوجهد کي ”انقلاب فرانس“ جي نالي سان ياد ٿي ڪري، ۽ ورهيه ڪونه لڳا، سنگينن ۽ تلوارن جي جٿن هٿن خالي انسانن جي انبوهه اڳيان شڪست کائڻ ۾ ڏينهن مس لڳايا.
    ٺيڪ ٽي سئو ٻاوويهه سال پوءِ تاريخ وري هڪ ٻيو مذاق ڪيو. هاڻ جاءِ مٽاڻي. اٽو مهانگو ٿيو، داليون مهانگيون ٿيون. بجلي مهانگي. وري کنڊ مهانگي. وزيراعظم پاڪستان تازو ئي فرمايو ته:
    ”مهانگائي ڪونهي. ماڻهن جي قوت خريد وڌي آهي.“ الائي ڪهڙن ماڻهن جي قوت خريد وڌي آهي. ڪامورن جي، فوجين جي، سياستدانن جي يا 500 ارب روپين جي افغان آفيم واپار تي پلجندڙ پاڪستاني اشرافيه جي. خبر نه آهي ته ڪهڙا ناعاقبت انديش صلاحڪار آهن، جي هر حڪومت کي اها صلاح ڏيندا آهن ته شير ۽ ٻڪري هڪڙي گهاٽ تي پاڻي پيا پين، سڀ ٺيڪ ڪونهي. ڪجهه به ٺيڪ ڪونهي.
    ڪن ادارن جي چوڻ مطابق هن ملڪ جو چاليهه سيڪڙو عوام غربت جي حد کان هيٺ زندگي گذاري پيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ رپورٽ مطابق سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ غربت جي حد کان هيٺ زندگي گذارڻ واري جي شرح 50 کان 55 سيڪڙو آهي. غربت جي حد کان هيٺ رهڻ جو پيمانو هڪ ڊالر يعني سٺ روپيا روز کان گهٽ آهي. يعنيٰ ته ارڙهن سو رپيا مهينو، روزنامه جنگ جي هڪ تجزئي مطابق هڪ غريب کان غريب ماڻهو کي گهٽ ۾ گهٽ قريبن اٺ هزار رپيا گهرجن ته هو ٽي ويلا نه ته ٻه ويلا ماني کائي سگهي ۽ تن تي هڪ جوڙو ڪپڙن جو پائي سگهي.
    في ڪس آمدنيءَ ۾ واڌارو يا جي ڊي پي جو اٺ سيڪڙو وڌڻ يا برآمد جو ڏهه ارب روپين کان وڌڻ يا خزاني ۾ مٽا سٽا لاءِ هڪ ارب ڊالر جو سرمايو هئڻ سان غريب ماڻهو جو ڳڀو نٿو پيدا ٿئي. هي تمام فسانه گيري تڏهين ڪارآمد آهي جڏهن غربت ۽ اميري جو فرق گهٽجي. اسڪول به پرائيويٽ، اسپتالون به پرائيويٽ. هاڻ روڊ رستا، پليون به پرائيويٽ ته بجلي، گيس ۽ مٿان ريلوي به پرائيويٽ حڪومت ڪو واڻئي جو هٽ ته نه آهي جو صرف منعافي لاءِ هلي. حڪومت جو پهريون ۽ اولين فرض آهي ته پنهنجي عوام کي تعليم، صحت، صاف پاڻي، روڊ رستا، پارڪ، غرض ته هڪ نظام ۽ سرشتو جوڙي ڏيڻ جو. عوام جي زندگي کي بهتر بڻائي، جي اهو نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڦٽن تي لوڻ ته نه ٻرڪين. علم معاشيات ڪا مريخ جي کوجنا ڪونهي جو صرف هڪ ماڻهو جي هڪ هٽي هجي. اسان پڙهيل لکيل ماڻهن کان وڌيڪ هي گونگا، ٻوڙا، ڇسا، جاهل، بکايل ۽ لڱن لوساٽيل انسان سمجهن ٿا. ايترو نه ڪيو جو هو صبر جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏين ۽ خبر نه آهي ڇو، جڏهن خوشامدين جو ٽولو حاڪمن کي وڪوڙي ويندو آهي ته حاڪم هر ڳالهه وساري ڇڏيندا آهن. خاص طور تاريخ جو سبق… ائين نه ڪيو سائين. هنن ٿلن پيٽن وارن کي قابو ڪيو جي هر سال اربين رپيا ڪمائين ٿا ۽ استحصال جي نظام کي مضبوط کان مضبوط ڪن ٿا.

    (سوڀ، 18 مئي 2006ع)


    ملئيشيا… انور ابراهيم … غير فطري فعل

    ”ملئيشيا جي مخالف ڌر جي اڳواڻ انور ابراهيم ترڪيءَ جي سفارتخاني ۾ پناهه ورتي. انور ابراهيم تي مليشيا جي حڪومتي ادارن جي چرچ تي اغلام بازي (يعني سولي سنڌيءَ ۾ لونڊي بازيءَ) جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. انور ابراهيم کي خدشو آهي ته کيس انهيءَ ڪيس جي آڙ ۾ گرفتار ڪري مارايو ويندو.“
    ڪجهه ڏينهن اڳي تمام اخباري سرخين ۾ اها خبر آيل هئي، وڌيڪ تفصيل شايد ڪنهن اخبار ۾ ڪونه آيا. هر ڪنهن پڙهيو ۽ اخبار هڪ پاسي ڦٽي ڪئي. ڪنهن اخبار به ايتري ضرورت محسوس نه ڪئي ته وڌيڪ کوجنا ڪجي ته ڪهڙا عوامل آهن. ڪهڙا محرڪات آهن. مليشيا ايشيا ۾ هڪ اهم ملڪ آهي. اسان جو سابق وزيراعظم شوڪت عزيز توڙي صدر پاڪستان مليشيا جي ترقيءَ کي هڪ مثالي ترقي سڏيندا هئا. هڪ طرح هيو به صحيح. جي اعداد و شمار کي ڏسون يا ڪوالالمپور ڏسون، ريل جو نظام يا روڊ رستا، بيشڪ ترقي ڪئي اٿن. پاڪستان کان ڏهه سال پوءِ 1957ع ۾ برطانوي نو آبادي نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري 31هين آگسٽ تي مليشيا آزاد ٿيو. آزاديءَ کان پوءِ تيرهن سالن تائين ڏڦيڙ ۾ رهيو. برطانوي نو آبادي نظام ۾ ملايا، ملاڪا، پينانگ ۽ ڪجهه ٻيون ننڍڙيون بادشاهتون ”برطانوي ملايا“ جي نالي سان سڏبيون هيون ۽ آزادي کان پوءِ انهن علائقن ئي ”فيڊريشن آف ملايا“ جي نالي سان سڏائڻ شروع ڪيو.
    سينگاپور ۾ ساڳئي وقت آزادي جي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي. سنگاپور کي جديد دنيا جي بهترين ملڪن ۾ شامل ڪرائڻ وارو سينگاپور جوابو ”لي ڪوان يو“ ڪميونسٽن جي مدد سان 1959ع ۾ جنرل اليڪشن کٽي، برطانيه جي زير نگراني ٺهيل حڪومت ۾ وزيراعظم ٿي چڪو هيو. برطانوي ملايا جو هاڻ فيڊريشن آف ملايا ٿي چڪو آهي. تنهن جو وزيراعظم ”لي ڪوان“ جو ڪيمبرج يونيورسٽي جي شاگردي واري زماني جو دوست تنڪو عبدالرحمان هيو. ”لي ڪوان“ سمجهو ٿي ته سينگاپور هڪ ننڍڙو بندرگاهه ۽ شهر آهي تنهن ڪري برطانوي راڄ کين آزاد ڪونه ڪندو. پر نه صرف ”لي ڪوان“ کي ڪميونسٽن جي چنبي مان نڪرڻو پيو بلڪه برطانوي راڄ، سينگاپور ۾ ڪميونسٽن جي وڌندڙ اثر کان پريشان هئا. ”لي ڪوان“ تاج برطانيه کي قائل ڪيو ته سينگاپور ۽ فيڊريشن آف ملايا هڪ ملڪ ٿي سگهي ٿو. برطانوي حڪومت وري صلاح ڪئي ته برطانوي بورنيو مان صباح ۽ سرواڪ کي ڪڍي انهن کي به گڏ ڪجي. بورنيو جي سلطان به هيڪر ته رضامندي ڏني ته اسين به شامل ٿيون پر پوءِ شامل ڪونه ٿيو. ائين ٿي 16 سيپٽمبر 1963ع ۾ مليشيا جو وجود آيو، پر ٻن سالن ۾ ئي خود مليشيا حڪومت ۽ تنڪو عبدالرحمان سينگاپور کي عليحده ڪيو. اڄ مليشيا ترقي يافته ملڪن سان مقابلي ۾ آيل آهي. في ڪس آمدني تيرنهن هزار ڊالر آهي. پيٽروناس ٽاور سندس شناخت بڻجي چڪو آهي. صرف واپار ئي سو به ايڪسپورٽ پاڪستان جي ڪل GDP کان به وڌيڪ آهي. 2006ع ۾ مليشيا جو بيروني واپار يعني برآمد (exports) 160 ارب آمريڪي ڊالرن کان مٿي هئي جتي اسان جا معاشيات جا مئنيجر 2006ع ۾ پاڪستان جي ڪل GDP 150 ارب ڊالر ٻڌائيندا هئا ۽ غير جانبدار معاشي ماهرن جي ڪاٿي موجب GDP وڌ ۾ وڌ 130 ارب ڊالر هئي. مليشيا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هڪ تمام اهم جاگرافيائي مڪان آهي. ٻن حصن ۾ ورهايل مليشيا سينگاپور، برما، ڪمبوڊيا، فلپائين، انڊونيشيا توڙي چيني سمونڊ ۽ سولو سمنڊ سان پنهنجيون جاگرافيائي حدون ونڊي ٿو. مليشيا هڪ عجيب ملڪ آهي، مختلف مذهب ۽ مختلف ٻوليون، هتي اسلام، ٻڌ ڌرم، هندو مت، ڪفيوشش ازم، عيسائيت ته ٺهيو پر شنتو ازم، تاوازم، بهائي، مختلف چيني مت تائين آهين. ٻيو ته ٺهيو پر مشرقي مليشيا جنهن کي مليشين بورنيو به چيو ويندو آهي اتي جي گهاٽن جهنگلن ۾ PAGANISM يا لامذهبيت بصورت بت پرستي به آهي. ٻوليون وري ڳوليو ته صرف چيني زبان جا مختلف لهجا يا DIALECT بصورت مينڊرين، هو ڪيئن، فويجين، ڪينٽونيز، هاڪا ۽ ٽيوچو صرف چند dialect آهن. مختلف قومن خاص ڪري ڌارين آيل حمله آورن جن ۾ هسپانوي، فلپيني، پورچگيزي، انگريز توڙي ويٽنامي ڪمبوڊين، هندستاني جن ۾ سک، تامل، هندو، مسلمان، عيسائي هر قوم شامل هئي ملي ڪري اهڙي ته نسل ٺاهي آهي جو خبر پئي ته پيءَ ملئي آهي ته ماءُ سکڻي ته وري نانو آسپيني ۽ ڏاڏي فلپائيني پر تنهن هوندي به ملئي مسلمان اڃان هيڪاندي اڪثريت ۾ آهن. پر اها اڪثريت ٻي آبادي جي مقابلي ۾ گهٽ هنرمند ۽ گهٽ پڙهيل آهي. توڙي جو مليشيا جي حڪومت هر طرح سان ملئي مسلمانن کي بومي پترا (يعني ڌرتي جو فرزند) قرار ڏيئي پوين چاليهن سالن کان مٿڀرو ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي پر حقيقت هيءَ آهي ته چيني توڙي هندوستاني آبادڪار مليشيا جي معيشت، انتطامي ڍانچي توڙي ترقي ۾ اصل ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ڪيترن ئي سالن کان مليشيا جي حڪومت جي انهي ملئي نواز پاليسي کان ڪافي رياستون ناراض آهن. خاص طور تي چيني هندوستاني ۽ يوروشين آبادي ۾ ڪافي بي چيني آهي.
    ڳالهه هلي پئي انور ابراهيم جي. خبر جي وڌيڪ جانچ ڪئيسين ته پتو پيو ته ڏهه سال اڳ به ادي انور ابراهيم تي مهاتير محمد جي حڪومت ۾ انهي ساڳئي فعل قوم لوط جو الزام لڳو هيو ۽ انور ابراهيم قريب ست سال جيل ۽ ڪيس به ڀوڳي آيو، هاڻ ڳالهه هي آهي ته انور ابراهيم ڏهه سال اڳ تائين مليشيا جو ڊپٽي پرائيم منسٽر هيو، انور ابراهيم اسي جي ڏهاڪي ۾ هڪ بهترين منتظم ۽ مالي امور جي ماهر طور اُڀريو، هو مهاتير محمد جو دماغ سمجهيو ويندو هيو. مليشيا جي معاشي ترقي لاءِ انور ابراهيم جون پاليسيون ڪافي اهم هيون، ابراهيم انهيءَ جٿي مان هيو جنهن مليشيا جي واپار، معيشت ۽ ترقي لاءِ اهڙو ته ڪم ڪيو جو 10-15 سالن ۾ ٻه ارب ڊالرن جي برآمد هڪ سئو ارب ڊالرن کان مٿي چڙهي ويئي. لکيل پڙهيل هئڻ جي شرح 30 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو ٿي ويئي. پاڙيسري ملڪن سان تعلق بهتر ٿي ويا. فلپائن ۽ انڊونيشيا سان سالن کان وٺي هلندڙ جهيڙا نبيرجي ويا. پر مرد آهن مهاتير محمد سان پاليسين تي اختلاف ٿيو ۽ انور ابراهيم لاءِ عذاب جي شروعات. مٿس بدعنواني جا ڪيس داخل ڪيا ويا. کيس معاشري ۾ ڪارو ڪرڻ ڪاڻ مٿس غير فطري فعل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو. نيٺ مهاتير محمد 2003ع ۾ ريٽائر ٿيو ته سال ڏيڍ ۾ انور ابراهيم تي ڪورٽن مهرباني ڪئي جيئن اسان وٽ ضياءَ الحق جي مرڻ کان پوءِ مارشل لا کي بلا جواز ڄاڻايو ويو.
    ڏهه سال پوءِ…… وري ساڳيو رينگٽ، انور ابراهيم جي جيل ۾ باندي هئڻ دوران سندس زال وان عزيزه سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، مخالف ڌرين کي به هڪ مضبوط ساٿاري مليو. مليشيا جي حڪومت جي بومي پترا ڏي وڌيڪ جهڪاءَ ٻين قوميتن ۾ بي چيني کي اُڀاريو. پترا جايا جو نئون گادي جي هند جو شهر ٺهي ويو پر صباح ۽ سرواڪ توڙي ٻين ڪافي رياستن ۾ ترقي ڪونه ٿي. صباح ۽ سرواڪ ۾ ته روڊ به نالي ماتر آهن. ڪي رياستون ته ائين جو ڄڻ 21 صدي ۾ هجن ته ڪٿي سهولتون نالي ماتر، وري جي وڻج واپار توڙي لائسنسي هجي يا وري يونيورسٽين ۾ داخلا ته بومي پترا ڀلي مقامي امتحان ڏيئي اچي ته سيٽ پڪي پر جي چيني نزاد يا ٻي قوم هجي ته ڀل جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي اي ليول يا ڇا به کڻي اچي ته به سندن لاءِ مخصوص ڪوٽا کان مٿي ڪي به نه هجي. مليشيا جي تيرهن صوبن مان نون ۾ بادشاهه آهن جن مان هر بادشاهه واري سان صدر ٿئي ٿو، شهزادن ۽ شهزادين جي فوج ته سرڪار نامدار پالي باقي جو پگهر پورهيو هڪ ڪري تنهنجي اولاد تعليمي امتياز هوندي به رهجي وڃي. معاشري جي انهي ڪشمڪش نيٺ ماڻهن کي حڪومت جي مظاهرا ڪرڻ تي مجبور ڪيو. مارچ 2008ع ۾ اليڪشن ٿي ته حڪمران نيشنلسٽ فرنٽ جي ٻه ڀاڱي ٽي واري اڪثريت ختم ٿي چڪي. مٿان وري انور ابراهيم به صدورو تنهن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ وڏي واڪ چيو ته حڪمران ڌر جا ٽيهه اسيمبلي ميمبر مون سان ملڻ لاءِ تيار آهن ۽ ستت ئي حڪمران پارٽي ڇڏي اسان سان شموليت ڪندا ۽ حڪمران ڌر ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي ڇو ته جي ائين ٿيو ته مخالف ڌر اڪثريت ۾ اچي ويندي ۽ حڪومت ڊهي پوندي. نيٺ ڇا ٿيو جو پوئين مهيني 23 سالن جي هڪ نوجوان جنهن اليڪشن ۾ نه صرف انور ابراهيم جي پارٽي لاءِ ڪم ڪيو هيو پر پوءِ ستت ئي انور ابراهيم جو معاون ٿي ويو تنهن انور ابراهيم تي الزام هنيو ته هن ساڻس بدفعلي ڪئي آهي. انور ابراهيم وڃي ترڪي جي سفارتخانه ۾ پناهه ورتي. سياسي ڌرين جي احتجاج ۽ ملڪي توڙي غير ملڪي اخبارن جي سرخين نيٺ وزيراعظم عبدالله بدوي کي مجبور ڪيو ته هو ذاتي طور اهو اعلان ڪري ۽ ضمانت ڏئي ته انور ابراهيم کي نه گرفتار ڪيو ويندو نه ئي کيس هيسايو ويندو.
    انور ابراهيم هاڻي ترڪي جي سفارت خاني کان ٻاهر اچي ويو آهي. سندس گهر واري جا هاڻ مخالف ڌر جي اهم سياسي اڳواڻ آهي. تنهن جو چوڻ آهي ته حڪومت اسان کي هن طرح هيسائي نٿي سگهي. پر اصل مسئلو آهي بومي پترا يا ملئي دوست پاليسين جو جيڪا آئين جي رو سان 1990ع ۾ ختم ٿي چڪي آهي پر ننڍيون ننڍيون بادشاهتون اڃان پنهنجي تسلط مان هٿ ڪڍڻ کان انڪاري آهن. ڏسڻو هي آهي ته مٽيءَ ۽ گاري جي ترقي سان گڏوگڏ مليشيا ذهني اوسر جي ڪهڙي درجي تي پهتي آهي. ڇا ملڪ جي سٺ في صد آبادي (ملئي) ملڪ جي باقي چاليهه سيڪڙو آبادي کي برابر جا حق ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ڪي ته اهو به چون ٿا ته هي سٺ سيڪڙو آبادي جا انگ ڪوڙا آهن. ملئي آبادي سٺ سيڪڙو ڪونهي. سرڪار انگن اکرن سان اهڙي ئي راند کيڏي ٿي جهڙي اسان وٽ شوڪت عزيز صاحب ۽ سندس معاشي مئنيجر ڪندا رهيا آهن.

    (سوڀ 18 جولاءِ 2008ع)


    نيٺ ته ڊهندي …

    دوست، ساٿي ۽ ڀاءُ امداد سان وعدو ڪيو هئم ته ”سوڀ“ جي سفر ۾ سندس ساٿاري رهندس. هاڻ ته خير سان انهيءَ سفر کي سال به اچي پورو ٿيو.
    ٻه – ٽي ڪالم ئي لکي سگهيس. وري جو امداد رسالو ڪڍيو ته ”نيل ندي ڪناري“ جي عنوان سان جيون ڪٿا جي هڪ باب اورڻ جو ڪيم- ”نيل نديءَ ڪناري“ سفر نامو شايد گهٽ آهي پر تهذيبن، ماڻهئون، رويون، حسرتن، ڪاميابين ۽ ناڪاميابين جي ڪهاڻي وڌيڪ آهي. نثر نويسي جي صنفن ۾ شايد مختصر ڪهاڻي ئي هڪ صنف آهي جنهن جي حدبندي ٽيڪنيڪ جي محتاج آهي. يعنيٰ اسلوب ۽ طرز چاهي زاويا مٽائي پر مروج اصولن کڻي جي تجربا به هجن ته اهي به هڪ لاڙي جي عڪاسي جو مظهر هجن ته سهڻو لڳندو آهي. ”سفرنامو“ هڪ طرز يا اسلوب جو محتاج نه هئڻ کپي. عام طور تي جڏهن سفرنامي جو ذڪر ايندو آهي ته نقشا، رستن جي نشاندهي، بادشاهن، رعايا، رهڻي سهڻي ۽ ڪرت، ڌنڌن ڌاڙين جو ذڪر منسوب ڪيل سمجهيو ويندو هيو ته اڻ ڄاڻي ديش جي باري ۾ ڄاڻ کي مڪمل ڪيو وڃي. ابن بطوطه ۽ ٻين مشهور سفرنامن جي ڪٿا ڪارن ائين ئي ڪيو. هاڻ دور مٽجي چڪو آهي. سفرناما مختلف ماڻهن، تهذيبن ۽ اهڃاڻن کي وڌيڪ نروار ڪن ٿا. تاريخ، جاگرافي ۽ ڪيئن ڪٿي پهچجي ته هن انٽرنيٽ جي دور ۾ هر ٻار بٽڻ دٻائي معلوم ڪري سگهي ٿو. سفرنامو ”آپ بيتي ۽ جڳ بيتي“ جي وچ جو سفر آهي ته ناول جي اسلوب به پنهنجي مملڪت جون سرحدون ٽپائي ٿو. جا گذري ٿي پاڻ تي يا ٻين تي انهيءَ جو بيان وڌيڪ آهي. خير، اهو مطلب ڪونه هيو ته ناول ”آپ بيتي“ آکاڻي يا سفرنامي جي طرز ۽ اسلوب تي ڳالهه هجي. مقصد ته صرف اهو هيو ته پنهنجي وعدي کي نه نڀائي سگهڻ جو اعتراف ڪريان.
    ڪالم مستقل ۽ مسلسل نه لکي سگهيس تنهن لاءِ جواز آهي به ته ڪونهي- سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪالم نگار ته ڪافي معتبر شخص رهيا آهن پر اردو ۾ ڪالم نويسي هڪ باقاعده حيثيت اختيار ڪيل آهي. شوڪت ٿانوي طنز و مزاح جي طرح تي ڪالم نويسي ڪئي ته رئيس امروهي وري روحانيت، روشني ۽ رنگن سان علاج ڪندي ڪندي ٻولي جي مسئلي تي ڏنل باهه تي گاسليٽ هارڻ جي به ڪئي ته جميل الدين عالي، ارشاد حقاني وري واءِ سواءِ ۽ حالات حاضر تي لکندي لکندي رويا ٺاهڻ جي سعي ڪئي. اتي عطا الحق قاسمي وري شوڪت ٿانوي ۽ امر جليل جي روش اختيار ڪئي. جاويد چوڌري هڪ نئون اسلوب پيدا ڪيو آهي جتي معيشت، اخلاقيات، سياست هر موضوع تي انگن اکرن وسيلي هڪ زوردار فڪر ۽ سوچ پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. اردو ٻوليءَ ۾ لکندڙن ڪالم نويسي کي هڪ بهترين ۽ موثر هٿيار بڻايو آهي. سنڌي اخبار نويسي ۾ اهڙي فڪر انگيز رجحان جو تسلسل اڃان تائين پيدا ڪونه ٿيو آهي.
    انهيءَ جو ڪارڻ؟ هڪ ته اردو اخبارون هڪ باقاعده صنعت جو درجو رکڻ سان گڏ بهترين انتظامي ادارا به آهن. لکندڙ مستقل طور سندن پينل تي آهن. سائنسي انداز ۾ مربوط نظام ۾ جڙيل آهن. اسان وٽ اهو رجحان اڃان پيدا ئي شايد ڪونه ٿيو آهي. سراج ميمڻ صاحب شايد واحد سنڌي اخباري ايڊيٽر هيو جنهن اخبار نويسي ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ توڙي ادبي ذوق وڌائڻ لاءِ معاشري ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين ۽ مضبوط نظام ٺاهيو هيو. انهيءَ ذهني اورچائي کي شايد هن وقت جي سنڌي اخبار نويسي جي دنيا پهچي ڪانه ٿي سگهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ڪن وڏين اخبارن جي مالڪن کي ته سنڌي لکڻ به شايد ڪونه ٿي اچي.
    ٻيو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته اردو اخبار نويسن، اديبن ۽ دانشورن کي ملڪ جي اقتدار ۽ اختيار رکندڙن جي پٺڀرائي حاصل آهي. اردو اديب، صحافي، ڪالم نويس، اخبارن جا مالڪ توڙي ايڊيٽر واڳ ڌڻين کي ويجها آهن. ڪڏهن به ڏسو ڪنهن به مسئلي کي ڏسو، مختلف دورن ۾ ترجيحات ۽ پاليسي مختلف اختيار ڪندا آهن.
    بينظير ڀٽو صاحبه ۽ پ پ جي حڪومت ۾ IPPs (آءِ پي پي) يا بجلي پيدا ڪرڻ وارن خودمختيار پرائيويٽ ادارن سان جي ڇهه سينٽ في يونٽ تي خريد جو سودو ٿيو ته سڀ اخبارن، خاص طور تي اردو اخبارن ۽ اردو اخبارن جي ادارن جي زير نگراني هلندڙ انگريزي اخبارن ۾ مهينن جا مهينا ڪردار ڪشي جي مهم هلندي رهي. هاڻي جي چار يا ڇهه سينٽ في يونٽ تي سودا هئا انهن کي نه صرف برقرار رکيو ويو پر اٺ سينٽ في يونٽ جي سودن تي هلندڙن تي ڪو اعتراض ڪونهي. چند ڪروڙن تي ٿيندڙ چانورن جي سودي تي ڪامران خان لکي لکي داستان ٺاهي ڇڏي. مهينن جا مهينا اردو اخبارون ۽ سندن حاشيه بردار ”ظلم ڪي داستان“ بيان ڪندا رهيا. پر پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي اسٽيل مل جڏهين صرف زمين جي قيمت جي اڌ ۾ وڪامجڻ جو الزام آهي ته مجال آهي جو ڪير ٻاڦ به ٻاهر ڪڍي. ڪڻڪ، کنڊ، اٽو سڀ مهانگو ٿيو، ”ڳاٽي ڀڳ“ حد تائين مهانگو ٿيو، ملڪ جو وزيراعظم، فرانس جي ملڪه جي روايات ورجائيندي چوي ٿو ته ”کنڊ مهانگي ڪونهي، ماڻهن جي قوت خريد وڌي ويئي آهي.“ افسوس صد افسوس. ڪنهنجي ڪن تي جونئن به ڪونه سُري. هي سرڪار جا پروردهه دانشور ڇو ماٺ آهن؟ ته سائين، ڪڏهين ڪڏهين هلندي هلندي ڪا ننڍڙي ڳالهه ڪيو وري سرڪار جي ڪُڌن ڪرتوتن کي لڪائيندا ۽ ڪوڙن انگن اکرن جي تعريف ڪندا ۽ ائين سرڪار به چشم پوشي ڪري ٿي. اردو اديبن ۽ دانشورن کي مارڪيٽ ۾ ”ان“ (IN) رکڻو به آهي ۽ ائين اردو اخبارون هڪ صنعت طور سرڪار جي پٺڀرائي تي وڌنديون رهن ٿيون. اردو ٻولي جا دانشور مضمون نگاري ۽ ڪالم نويسي جي صنف کي بهترين اسلوب ۾ هڪ خاص طور تي مختلف روپ ڏيندا اچن ٿا ۽ لکندڙ به ته نالي وارا آهن. سندن علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي رتبي کان هرڪو واقف آهي. هرڪو چاهيندو ته سندن خيالن کان واقف ٿئي پر جي سنڌي اخبار يا سنڌي ليکڪ ساڳي چُهنڊڙي پائڻ جي ڪري ته سندس خير ڪونهي.

    (سوڀ، 12 مئي 2006ع)


    ذلتوں کے مارے لوگ

    ”جيسين تهذيب ۽ تمدن جي سڀيتا ۾ اهڙي قائدن ۽ رسم رواج جي بنياد هوندي جا هن ڌرتي تي هٿرادو نرگ پيدا ڪري ۽ ماڻهو جي قسمت کي، جا هونئن ته آفاقي آهي پر منجهائي ۽ انت آڻي. جيسين هن عهد جا ٽي مسئلا، غربت جي ڪارڻ ماڻهو جي ذلت ۽ اپمان، ٻاروتڻي جو نفسياتي توڙي روحاني ڪاري رات جي ڪارڻ پتڪڙو ٿيڻ ۽ بُک وگهي عورت جو تباهه ٿيڻ- حل نه ٿيندا يا ٻين لفظن ۾ جيسين ڪنهن هند به سماجي ٻوساٽ ۽ ساهه مَنجهه رهي ٿي يا ٻي طرح ائين چئجي ته جيسين جاهليت ۽ مفلسي هن ڌرتي جي پيشانيءَ تي بدنما داغ جيان رهندا …… ههڙيون ڪتابون بيڪار ۽ بي مصرف نٿيون رهي سگهن … وڪٽر هيوگو 1862
    مٿيان لفظ وڪٽر هيوگو جي جڳ مشهور ناول ”Les Miserables“ جي مهاڳ جو ڪچو ڦڪو ترجمو آهن. وڪٽر هيوگو 1802 کان 1862 تائين رهيو. فرانسيسي ادب ۾ ئي نه پر دنيا جي تمام وڏن ناول نگارن مان شمار ڪيو ويندو آهي. سندس ڪتاب ”لي مزريبول“ هر استاد پنهنجي شاگرد کي پڙهڻ لاءِ چوندو آهي. هتي وڪٽر هيوگو جو ذڪر ڪيئن آيو اهو ته ٻڌايانوَن ٿو. پهرين هڪ دلچسپ ڳالهه ڪريان. پهريون دفعو جڏهن اهو ڪتاب پڙهيم ته ور ور ڏيئي پڙهيم، سوچيم ته اهڙو شاندار ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪجي. ڪجهه صفحا ترجمو به ڪيم ته هڪ ڏينهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان ملاقات ٿي. چيم، ”سائين“، ”لي مزريبول“ جو ترجمو پيو ڪيان، توهان کان درستگي ڪرائيندم. ”مشڪي چيائين“، ”1932 (شايد سن صحيح ياد نه هجيم) ۾ اڳي ئي ”دُکيءَ“ جي نالي سان ترجمو ٿيل آهي. ”حيرت ٿيم- وري پڇيم“، ”۽ سائين، اردو ۾ ٿيل آهي؟“ چيائين ”ها- الاهي پوءِ.“ جي ڀلجان نٿو ته شايد اهو چيائون ته پهرين پهرين ڪرشن چندر يا منٽو مان ڪنهن هڪ ڪيو هيو پوءِ وري ٻي ڪنهن به ڪيو- مون کي Les Miserables جي ترجمي لاءِ ”ذلتوں کے مارے لوگ“ کان وڌيڪ موزون ٻيو لفظ ڪونه ٿو ملي، ڇو …؟
    ”مون زندگي ۾ اهو سوچيو به ڪونه هيو ته عمر جي آخري حصي ۾ آئون ههڙن حالن ۾ هونديس.“ 57 سالن جي رشيده انيس چوي ٿي، ”منهنجي والدين جي وفات کانپوءِ منهنجي ٻن ڀائرن مونکي توڙي منهنجي 55 سالن جي ننڍي ڀيڻ شاڪرهه کي رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اسان کي گهران لوڌي ڪڍيائون.“ رشيده انيس ڪير آهي؟ رشيده انيس ڪراچي جي مشهور ماما پارسي ۽ حبيب اسڪول ۾ استاد هئي. پر هاڻ … نارٿ ناظم آباد جي ايڌي هوم ۾ لاوارث عورتن سان گڏ رهي ٿي.
    1986ع ۾ عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي نارٿ ناظم آباد ۾ ڏهن ايڪڙن تي لاوارث ۽ ذهني مريض عورتن لاءِ سينٽر ٺاهيو جتي 50-60 کن عورتون پناهه ۾ آيون. هن وقت 1540 عورتون اتي رهن ٿيون. جن مان اڌ کان مٿي چاليهه سالن کان مٿي جي عمر جون آهن. هتي رهندڙ سڀ عورتون ذهني مريض ڪونهين- صرف پوين پنجن مهينن ۾ هن سينٽر ۾ 370 عورتون داخل ڪرايون ويون هيون جن مان چاليهه کن جوان ۽ صحتمند عورتون هيون ۽ انهن کي پوءِ سهراب ڳوٺ جي لاوارث عورتن جي سينٽر تي منتقل ڪيو ويو. گهڻي ڀاڱي هي عورتون لاوارث ڪونه آهن. سندن پيارا ۽ عزيز ئي کين اِتي ڇڏي ويا آهن. سندن اکيون هر وقت انتطار ڪنديون آهن ته متان انهن مان ڪير کين وٺڻ اچي.
    زينب شفيق 35 سالن جي صحتمند، هوشمند ۽ قبول صورت عورت آهي. نفسيات ۾ ايم اي ڪيل اٿس. هوءِ عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي جي ٿورائتي آهي جن کيس پناهه ڏني نه ته مڙس گهران ڪڍيس، ڀائر کيس قبول نٿا ڪن جو سندن زالون کيس برداشت نٿيون ڪن. اڪيلي عورت … هر طرف بکيا بگهڙ… جيئڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مهانگو… ايڌي سينٽر ۾ ماني ۽ رهائش مفت ۾، عام ضرورتون يعني ڪپڙو لٽو، صابڻ، تيل وغيره به ڏنو ويندو آهي.
    52 سالن جي بلقيس بانو ايڌي سينٽر ۾ 21 سالن کان رهي ٿي. سندس مڙس کيس طلاق ڏيئي ڇڏي. ٽي جوان شادي ٿيل پٽ اٿس پر رهي ايڌيءَ ۾ ٿي. پٽن وٽ جاءِ ڪونهي ماءَ لاءِ- سندس ڀاءَ کيس هتي ڇڏي ويو. آخري دفعو سندس هڪ پٽ کيس پوئين عيد تي ملڻ آيو هيو.
    اسي سالن جي پوڙهي خاتون هن ايڌي گهر ۾ گذريل 22 سالن کان آهي. خاتون بيگم جي مڙس جي گذاري وڃڻ کانپوءِ خاتون بيگم انهي گهر ۾ ئي رهندي هئي جو سندس مڙس جي نالي هيو ۽ سندس مڙس ئي ٺهرايو هيو. سندس مڙس سرڪاري ملازم هيو تنهن جي پينشن ۽ بينوولنٽ فنڊ کيس ملندو هيو. سندس ٻه پٽ به ساڻس گڏ رهندا هيا. مڙس جي پينشن جي ڪري کيس سندس خرچ پکي جي پرواهه ڪونه هئي، پر سندس ننهون کيس هر وقت مارڪٽ ڪنديون هيون. سڄي گهر جو ڪم وٺنديون هيون، ڊپ وچان يا شايد هنن سندن دل موهڻ لاءِ پينشن ملندي ئي سندن هٿ تي رکڻ شروع ڪئي. اهو هڪ ڏينهن خير سان مس گذرندو هيو، ٻي ڏينهن ۽ سڄو مهينو مارڪٽ، گارگند. ويندي ڏوئي هٿ ۾ آئي ته اها ٺڪا مٿي جي- لٺ هٿ ۾ ته اُها- هر وقت هيسيل ۽ ڊنل خاتون بيگم نيٺ ٻن ڪپڙن ۾ اسپنج جي چپل ۾ گهران ڀڄي نڪتي. وائڙن وانگيان شهر ۾ ڌڪا پئي کاڌائين ته ڪنهن خدا جي بندي ترس کائي کيس ايڌي سينٽر پهچايو- نه ڪير هن سان ملڻ ايندو آهي نه هو ڪنهن سان ملڻ چاهي ٿي. پنهنجي پٽن سان به نه- سندس ڪُل ڪائنات هاڻ ايڌي هوم آهي.
    هي ته آهي شهر ڪراچي جي داستان- جتي عبدالستار ايڌي آهي. هي ذلت، غربت ۽ پريشاني جو حال ماڻهن تائين پهچي ٿو. پر معاشرو ڪٿي پهتو آهي. عمر جي جنهن حصي ۾ انسان کي اميد هوندي آهي ته جن تي سڄي عمر گهورئين اُهي سندس بي وسي وارن ڏينهن ۾ سارسنڀال لهندا يا معاشرو اهڙو نظام قائم ڪندو جتي سندن سارسنڀال ٿيندي پر … عالمي بئنڪ ۽ بين لاقوامي مالياتي اداري جي مُرلين تي نچڻ وارن کي في ڪس آمدني هڪ هزار ڊالر کان سواءِ ٻيو ڪجهه سوچڻ لاءِ به ته وقت ملي …
    عمر ابن خطاب رضه جو چيو هيو ته ”خدا جو قسم، جي فرات دريا جي ڪناري هڪ ڪُتو به بُک وگهي مري ويو ته عمر رضه پنهنجي مالڪ کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندو“.

    (سوڀ، 15 مئي 2007ع)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 814
    ڪتابن جو مشاهدو: 1755724
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 485077
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ