ياد اياز جي آئي
هڪ دوست وٽ رسالي جا صفحا ويٺي اٿلايم. رسالي جي پوين صفحن مان، هڪ صفحي جي اڌ ڪالم تي شيخ اياز جي ڪجهه شعرن جو ترجمو ڏنو اٿائون. مان ڏاڍي غور سان شيخ اياز کي پڙهندو آهيان. ترجمو ڪيل سندس شَعِرَ مون سنڌيءَ ۾ نه پڙهيا آهن. مون شعر پنهنجي دوست کي پڙهي ٻڌايا. دوست کان سواءِ اتي ويٺل ڪجهه ٻيا ڄاتل سڃاتل همراهه وائڙا ٿي ويا. معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ايتري قدر اونهي خيال جي اُپٽار جي اميد هنن ڪنهن سنڌي شاعر کان نه رکي هئي. شيخ اياز جي باري ۾ کين اِن کان وڌيڪ ڪا ڄاڻ نه هئي ته شيخ اياز راڄ دروهي، باغي، ڪافر ۽ نوجوانن جي سوچ کي خراب ڪرڻ وارو شاعر آهي، ان کان وڌيڪ شيخ اياز جي باري ۾ کين ڪا خبر نه هئي، بنگالي ليکڪن ۽ شاعرن وانگر اسين سنڌي ليکڪ ۽ شاعر اردو پڙهڻ وارن لاءِ گمنام ۽ بينام آهيون. اسان جي اِن کان وڌيڪ ڪا سڃاڻپ نه آهي ته اسين سڀئي هندستان جا ايجنٽ آهيون، ملحد آهيون، ۽ نظريه پاڪستان تي يقين نه ڪندا آهيون.
اعتراف ڪري چڪو آهيان ته تمام غور سان پڙهڻ جي باوجود مون شيخ اياز جا ترجمو ڪيل شعر سنڌيءَ ۾ نه پڙهيا آهن. تنهنڪري، ٻي ڪا واٽ نه ڏسي، مان شيخ اياز جي سنڌي شعر جي اردو ۾ ڪيل ترجمي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏئي رهيو آهيان.
مسافر،
مونکي پنهنجا پير اُڌارا ڏيندين،
مون کي منزل تائين پهچڻو آهي،
مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.
دل ڀرجي آئي. ڪجهه ڏينهن اڳ شيخ اياز جي باري ۾ قمر شهباز جو هلال پاڪستان ۾ مضمون پڙهيو هيم. اسلام آباد منهنجي لاءِ پرديس ٿي پيو آهي. قمر شهباز جو مضمون پڙهي پنهنجي جلاوطني جو احساس دل ۾ بڙڇيءَ وانگر لهي ويو. شيخ اياز کي ٻيو دفعو دل جو دورو پيو آهي، ۽ مون بيخبر کي ڪا خبر ڪونهي! ڏاڍو بيوس ٿي پيو آهيان.
اڄ صبح جو سب رنگ ڊائجيسٽ ۾ اياز جي ڪجهه شعرن جا ترجما پڙهيم ته دل کي جهوٻو آيو. قمر جو اياز جي باري ۾ تاثر ياد آيو.
مسافر،
مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان!
اياز ٿڪجي پيو آهي! اسان جو ڪاليداس ٿڪجي پيو آهي! ڪڏهن اهو شعر چيو هئائين؟ ڇو چيو هئائين اهو شعر؟ ڪنهن ٿڪائي وڌو آهي اياز کي؟ ڪنهن ٿڪائي وڌو آهي اياز کي؟
دل چاهيو فون ڪري اياز کي چوان: نه نه. منهنجا ڀاءُ نه. تون ٿڪجي پئين ته قافلي جي پانڌيئڙن جو ڇا ٿيندو! هن رڻ ۾ اسين هڪ سيئن جي سڏ تي هلي رهيا آهيون. هيءَ سيئن اسان کي چين وٺڻ نه ڏيندي. تو اڳ به ڀونءَ جو ذڪر ڪيو هو! تو اڳ به اڏري وڃڻ جو ذڪر ڪيو هو. ڀونءِ کان سواءِ هڪ دل جي ڀونءِ به ٿيندي آهي. جڏهن جڳ وارن جي ڀونءِ ڀانءِ نه ايندي آهي، تڏهن ڪنهن جي دل جي ڀونءِ ڀانءِ اچي ويندي آهي. توکي منهنجي دل جي ڀونءِ ڀانءِ ڇو نه آئي آهي؟
مان ڪيئن ڪيان اياز سان ايتريون ڳالهيون! منهنجو عشق به عجيب آهي. جنهن جنهن کي چاهيو، تنهن کان دوريءَ کي قبول ڪيو. ورلي سکر وڃڻ ٿيندو هو. فتاح ملڪ ۽ رشيد ڀٽيءَ سان ملبو هو. اياز جي در ٻاهران بيهي اڳتي وڌي وڃبو هو. مون درياهه جي ٻيءَ ڀرِ تان بيهي ايازکي چاهيو آهي، اياز کي پڙهيو آهي، اياز جي سٽ سٽ ۾ مفهوم ۽ معنيٰ کي ڳوليو آهي.
گهڻو اڳ، شيخ اياز جو هڪ شعر پڙهي منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي هئي. منهنجو روح ڪنبي ويو هو. مرڻ کان پوءِ موٽي اچڻ ۾ منهنجو ايمان آهي. اُن رات مون محسوس ڪيو هو ته مان ڀڳت سنگهه جو ٻيو جنم آهيان، يا ڀڳت سنگهه جو ڪو گمنام ساٿي آهيان.
مون، ڀڳت سنگهه جو اهو گيت ٻڌو هو، جيڪو هن ڦاهي تي ڳاتو هو! مان ان گيت جو تسلسل آهيان.
“اي ڪاش اهو تون ڳائين ها
ڪلهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسي تي
جو گيت اڌورو ڳاتو هو!”
لکندي لکندي مان محسوس ڪندو آهيان ته ڦاسيءَ تي ڀڳت سنگهه جو اڌورو ڇڏيل گيت مان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. مان اياز جو آواز ٻڌندو آهيان:
“تاريخ جي خوني گلين مان
هر وقت صدا ڪا ايندي آ
هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي
ڪا توکي ڇڪ ڇڪيندي آ.”
لهوءَ جي لاڙن ڏانهن ڪا ڇڪ مون کي ڇڪيندي آهي. مون ادب کي ڪڏهن به تفريح جو سبب نه سمجهيو آهي. ادب مسلسل جنگ آهي. ادب ۾ مسلسل جنگ جو درس اسان کي اياز کان مليو آهي. اسان جي جنگ جاري آهي.
سب رنگ ڊائجيسٽ ۾ اياز جي آخري شعر جو ترجمو ٻڌي محفل ۾ ويٺل پروفيسر، صحافي ۽ اديب بي خود ٿي اٿي بيٺا. ڪنڌ ڌوڻيندي، شعر جي فلسفي ۾ گم ٿي ويا:
اياڻا،
تون مون سان سودو ڪرڻ چاهين ٿو؟
ڪڏهن ڪنهن وڻ کي،
ڇانَوَ وڪڻندي ڏٺو اٿئي!
اياز سان ڪڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ نه ويٺو آهيان. هڪ ٻه دفعا سرسري نموني ساڻس اوچتو مليو آهيان. آخري دفعو ست اٺ سال اڳ 1984ع ۾ کيس سچل جي سيمينار خيرپور ۾ ڏٺو هئم. بنا ڳالهائڻ جي عقيدت مان سندس هٿ جهلي بيهي رهيو هيم. لفظ ۽ جملا مون کي بي معنيٰ محسوس ٿيا هئا. مان کيس ڪار تائين ڇڏڻ ويو هوس، چپ چپ، ماٺ ماٺ. هو ڪار ۾ ويهي رهيو هو، پوءِ، الاءِ ڇا سوچي، ڪار جي دريءَ مان ٽالسٽاءِ جو حوالو ڏيندي چيائين: تون ۽ مان جنهن ڏار کي جهلي کوهه ۾ لڙڪي رهيا آهيون، تنهن ڏار تي ماکيءَ جي مکين جو مانارو لڳل آهي.
هو سکر ڏانهن روانو ٿي ويو هو ۽ منهنجيون اکيون آليون ٿي پيون هيون.
ڪجهه ڏينهن اڳ قمر شهباز جي تاثر ۾ پڙهيو هيم ته شيخ اياز کي ٻيو دفعو دل جو دورو پيو آهي. ۽ اڄ، سب رنگ ڊائجيسٽ ۾ سندس شعر پڙهيم ته دل ڀرجي آئي: مسافر، مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان: مونکي پنهنجا پير اُڌارا ڏيندين! ■
1991