پرائيويٽائيزيشن
پرائيويٽائيزيشن جو مطلب آهي گهوڙا وڪڻي ننڊ ڪرڻ. گهوڙا وڪڻي ننڊ ڪرڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اِهو آهي جو گهوڙن جي گاهه لاءِ اوهان کي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي نه پوندي. آصف زرداريءَ جا گهوڙا گاهه نه کائيندا. آصف جا گهوڙا کير پيئندا هئا، پستا، باداميون ۽ اکروٽ کائيندا هئا. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته آصف جا گهوڙا بروسٽ، چڪن تڪا، چڪن چائومين ۽ چپل ڪباب به کائيندا هئا، ۽ وسڪي پيئندا هئا. پر، انهن ڳالهين جي تصديق ٿي نه سگهي آهي. پهرين ڳالهه جي تصديق ٽيليويزن وارن ميان نواز شريف جي دور ۾ قسم کڻي ڪئي هئي. آصف جا گهوڙا سُر ۾ هڻنڪندا هئا، ۽ ڊوڙڻ مهل راڳ درٻاري ڳائيندا هئا. اَک ۾ شرم هونِ. مالڪ کي سڃاڻيندا هئا. مالڪ به کين سڃاڻيندو هو. گهوڙا جيئن ته فقط پستا، بادام ۽ اکروٽ کائيندا هئا، ۽ گاهه اصل نه کائيندا هئا تنهنڪري آصف ڪڏهن گهوڙن وڪڻڻ جو خيال دل ۾ نه آندو هو. هن پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو، پر گهوڙا نه وڪيائين. ٽيليويزن وارا سيف الرحمان جي ڀرپور مدد جي باوجود آخر تائين اِهو ٻڌائي نه سگهيا ته آصف زرداري جا گهوڙا ڪيڏانهن ويا. معاملو هٿ مان نڪري ويو ته مجبور ٿي جنرل مشرف کي معاملو پنهنجي هٿ ۾ کڻڻو پيو.
پر، جنرل مشرف گذريل چوڏهن مهينن ۾ عزيز هموطنن کي اِهو ٻڌائي نه سگهيو آهي ته آصف زرداريءَ جا بادام خور گهوڙا ڪيڏانهن ويا. موجوده دور ۾ ٽيليويزن وارا عزيز هموطنن کي فقط ايترو ٻڌائي سگهن ٿا ته رائيونڊ ۾ نواز شريف جو رڌڻو چئن ايڪڙن تي ٺهيل آهي. ياد رکو، اوهان جا گهوڙا، ۽ اوهان جو رڌڻو اوهان لاءِ برباديءَ جو سبب ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري گهوڙا وڪڻي ڇڏيو. ۽ رنڌڻي جي باهه وسائي ڇڏيو. اِن جو مطلب آهي گهوڙا ۽ راڌڻا پرائيويٽائيز ڪري ڇڏيو. گَهرُ هلائي نه سگهو ته گهر به پرائيويٽائيز ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن پاڻ به هلڻ کان محتاج آهيو، ته پوءِ پاڻ کي به پرائيويٽائيز ڪري ڇڏيو. اَوَڌ جا نواب انگريزن جو قرض لاهي نه سگهيا هئا ته هنن اَوَڌَ جو سڄو سمورو پرڳڻو، يعني رياست پرائيويٽائيزيشن ۾ انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏي. منهنجو خيال آهي، اجايو ڳالهه وڌي وڻ ٿي ويندي، تنهنڪري اِن ڳالهه کي اتيئي ڇڏيون ٿا. ڇوٽا موٽا مثال کڻي پرائيويٽائيزيشن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
مون وٽ هڪ سائيڪل هوندي هئي. هڪدفعي سائيڪل جي چين لهي ويئي. چين چاڙهي ٻيهر سائيڪل هلائڻ بدران مون سائيڪل وڪڻي ڇڏي، يعني مون سائيڪل پرائيويٽائيز ڪري ڇڏي. جنهن همراهه مون کان سائيڪل ورتي، تنهن سائيڪل تي چين چاڙهي ڇڏي. مُرڪيو، هٿ لوڏي وڃي ماڳ تي پهتو. مان اڄ تائين پيرين پنڌ ڌڪن ۾ آهيان.
سائينداد جي ڍڳي گاڏيءَ جو هڪ ڍڳو پير پيران ڪندي مري ويو. سائينداد ٻيو ڍڳو خريد ڪرڻ لاءِ هڪ بينڪ کان قرض ورتو، ۽ پيرس مان گهمي ڦري موٽي آيو. اچڻ شرط بيٺل ڍڳي گاڏي وڪڻي ڇڏيائين. ٻئي بينڪ مان قرض کڻي، پهرين بينڪ جي وياج جي پهرين قسط ڀري ڏنائين. سائينداد جو نوان کڻي، پراڻن قرضن جي وياج جي هڪ قسط لاهڻ وارو سلسلو جاري آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سائينداد ٻنيون ٻارا، ۽ گهر ٻار پرائيويٽائيز ڪري قرض مان جند ڇڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. باقي رهيل زندگي مُرلي وڄائي گذاري ڇڏيندو.
ڪراچيءَ ۾ سعيد منزل وٽ اسان جي فليٽ جي ڀرسان هڪ درزيءَ جو دڪان هو. ڏاڍو ڪاريگر درزي هو. پر جوا جي علت هئس. ڪڏهن هارائيندو هو. ڪڏهن کٽندو هو. دڪان جون مشينون گروي رکي قرض ورتائين. کٽي نه سگهيو. گراهڪن جا ڪپڙا گروي رکي قرض کنيائين. پر، کٽي نه سگهيو. سڄو سمورو دڪان گروي رکيائين. هارايائين. مغز چرخ ٿي ويس. پنهنجو فليٽ گروي رکي وڏو قرض هٿ ڪيائين. ڪجهه نه وريو. هارائيندو رهيو. ڏيوالو نڪري ويس. جِن جِن کان قرض ورتو هئائين انهن کي سئي ڌاڳي کان وٺي پنهنجي گهرگهاٽ ۽ ٻارن ٻچن سميت سڀ ڪجهه پرائيويٽائيزيشن ۾ ڏيئي ڇڏيائين. پاڻ وڃي گدو بندر وسايائين.
ابراهيم ٺوڙهو روزانو آفيس مان موٽڻ کان پوءِ پنهنجي زال سفوران کي مار ڪڍندو هو. سندس وار پٽيندو هو. سفوران عورتن جي ملڪي، غير ملڪي ۽ عالمي تنظيمن جو در کڙڪايو. عورتن جي تنظيمن پاڪستان سرڪار جو در کڙڪايو. پاڪستان سرڪار عدالت جو در کڙڪايو. فيصلو ٿي ويو. ابراهيم ٽوڙهو پرائيويٽائيز ٿي ويو. سفوران سک جو ساهه کنيو.
پر، هر ڪا عورت سفوران نه هوندي آهي. ڪانڊيري کي شڪ هو ته سندس زال ڪرڙ ماڇيءَ سان کريل هئي. هن مجبور ٿي پنهنجي زال کي پرائيويٽائيز ڪري ڇڏيو. يعني مٿس ڪاريءَ جو الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو.
پرائيويٽائيزيشن جي هڪ ماهر انڪشاف ڪندي چيو، “پرائيويٽائيزيشن آرٽ آهي، سائنس آهي، ۽ انجنيئرنگ آهي. تنهنڪري، پرائيويٽائيزيشن ۾ فقط اهڙو ماڻهو هٿ وجهندو آهي جيڪو هڪئي وقت آرٽسٽ، سائنسدان، ۽ انجنيئر هوندو آهي.”
پڇيومانس، “پر، اهو ڪم ته ڪاروباري قسم جا ماڻهو ڪندا آهن نه؟
وراڻيائين، “ ڪاروباري ماڻهو به بنيادي طرح آرٽسٽ، بلڪه فنڪار، سائنسدان، ۽ انجنيئر هوندا آهن. ڪاروباري ماڻهو جيڪڏهن آدمجي، باواني، سهگل، دائود، ۽ داداڀائي آهي ته پوءِ خير آهي. ملڪي ماڻهو مُلڪ پرائيويٽائيز ڪرائي وٺندو. پر، ڪاروباري شخص جيڪڏهن سهگل بدران نيويارڪ وارو مائيڪل سيگل آهي ته پوءِ پرائيويٽائيزيشن ۾ اُهو ئي ڪم ٿيندو، جيڪو ڪم انگريزن اَوَڌ جي نوابن سان ڪيو هو.”
مان سمجهان ٿو، پرائيويٽائيزيشن جو فلسفو اوهان کي سمجهه ۾ اچي ويو هوندو.■