پوئتي رهجي ويل ماڻهوءَ جو حق
هر نئون ماڻهو قطار ۾ مون کان اڳ وڃي بيهندو آهي، مان ڪجهه ڪري نه سگهندو آهيان، ڪجهه ڪرڻ لاءِ مون ۾ ڪو وَڙ ڪونهي، نه مان پنهنجي حق لاءِ وڙهي سگهندس، ۽ نه ئي ٻاڏائي خيرات ۾ پنهنجو حق ڪنهن کان گهري سگهندس. ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، هميشه ائين ئي ٿيندو آيو آهي، تاريخ جي ڪنهن به دور ۾، آرين کان اڳ آڻ آرين تائين، مان پنهنجو حق حاصل ڪري نه سگهيو آهيان. ان ماڻهوءَ جي عذاب کي محسوس ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جيڪو پنهنجي حق لاءِ نه وڙهي سگهيو هجي، ۽ نه ئي ڪشڪول هٿ ۾ کڻي پنهنجو حق گهري سگهيو هجي. هر گذرندڙگهڙيءَ سان گڏ هو پنهنجي وجود ۾ فنا ٿيندو رهندو آهي.
اقوام متحده جي جيپ جهڙي چلڪندڙ گاڏيءَ قطار جي بنهه پاسي کان اچي بيٺي، پوئين سيٽ تان پڪي عمر جي هڪ دلڪش عورت ٻاهر لهي آئي، ڏاڍي بينيازي سان خدا جي سموري خلق کي نظرانداز ڪري هوءَ بينڪ ۾ داخل ٿي، سڀني کان اڳتي ڪيش ڪائونٽر وٽ وڃي بيٺي.
الاءِ ڇو هوءَ مون کي ڪجهه ڪجهه سڃاتل لڳي، سوچڻ جي باوجود مان اندازو لڳائي نه سگهيس ته هوءَ ڪير هئي، ۽ مون کي سڃاتل سڃاتل ڇو لڳي هئي. مون ڪنڌ ورائي اقوامِ متحده جي جيپ طرف ڏٺو، يو اين اکرن هيٺان لکيل هو، ٻارن ۽ عورتن جي فلاح ۽ بهبود جو ادارو، تڏهن مون کي ياد آيو ته هوءَ نوشابا رياض هئي. اقوام متحده ۾ ڪجهه عرصي تائين ڪم ڪرڻ جي باوجود مان ۽ مون جهڙا ٻيا وائڙا راز سلي نه سگهيا هئا ته رياض، نوشابا جو مڙس هو، يا پيءُ هو. پنهنجي سڄي نالي، نوشابا ريامن بدران هوءَ نوشيءَ جي نالي سان سڏبي هئي. هڪ ته بي انتها سهڻي هئي، مٿان وري انگريزيءَ تي عبور هوس. تمام ذهين ۽ گفتگوءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. اسين ديسي ازل کان سڪڻا هوندا آهيون، من موهڻي عورت ڏسي اسان جي واڇ گودو ٿي ويندي آهي، ۽ ڦاٽل وات مان گِگ ڳڙي پوندي آهي. اقوامِ متحده جي پاڪستاني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پرديسين، منهنجو مطلب آهي گورن کي به وائڙو ڪري ڇڏيو هئائين، جوان ته هونءَ به سر تريءَ تي کڻي گهمندا آهن، نوشيءَ پوڙهن جي به مت منجهائي وڌي هئي.پيرس ۽ نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي مختلف ادارن ۾ سندس هاڪ هئي، هر ٻئي ٽئين مهيني ڪڏهن ميٽنگ ۽ ڪڏهن صلاح مشوري لاءِ کيس گهرائي وٺندا هئا.
انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن مون اقوام متحده ڇڏي ريڊيو پاڪستان ۾ وڃي نوڪري ڪئي هئي، نوشيءَ اداري جي اجازت سان عورتن جي حقن لاءِ غيرسرڪاري تنظيم قائم ڪئي هئي. هر هفتي ڪڏهن لاهور، ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن اسلام آباد ۽ ڪڏهن ٻئي ڪنهن شهر ۾ سيمينار ڪوٺائي پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ تقريرون ڪري تحريڪ هلائي ايندي هئي. اسلام آباد ۾ ورلي مون سندس ڪو ليڪچر نه ٻڌو هو. اڳئين سيٽ والاري وڃي ويهي رهندو هوس، ۽ سندس ليڪچر ٻڌندو هوس، ۽ کيس حسرت سان ڏسندو هوس.
هڪدفعي نوشيءَ ڪاروڪاري جي موضوع تي ليڪچرن جو سلسلو شروع ڪيو هو. ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا کيس ايڏي پبلسٽيءَ ڏني جو گهر گهر ۾ ڪاروڪاريءَ بحث جو سبب ٿي پيو. ڪجهه ماڻهن ڏاڍي يقين سان محسوس ڪيو ته سنڌ ڪارن ۽ ڪارين جو ديس آهي، باقي سڄو ملڪ اڇن ۽ اڇين، چِٽن ۽ چَٽين جو ديس آهي.
اسلام آباد ۾ هڪ دفعي ليڪچر کان پوءِ جڏهن سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو، مون نوشيءَ کي چيو، “مرد هٿان عورت فقط عزت ۽ ناموس جي نالي ۾ نه مُئي آهي. تاريخ جي هر دور ۾ مرد ڏاڍي سنگدليءَ سان عورت کي بيوفائيءَ جي الزام ۾ ماريو آهي.”
نوشيءَ هڪدم چيو،“ ڀڪشو، هيءُ سوالن جوابن جو سيشن آهي. تون مون کان سوال پڇُ.”
مون ساهه کڻڻ ۾ مونجهه محسوس ڪئي. اوپري آواز ۾ چيم، “سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ روزانو انيڪ عورتون عزت ۽ ناموس جي نالي ۾ ماريون وينديون آهن”.
نوشيءَ جي منهن تي مُرڪ اچي ويئي. چيائين، “تو وري اسٽيٽمينٽ ڏني آهي، ڀڪشو تو سوال نه پڇيو آهي.”
ڪجهه ماڻهو ٽهڪ ڏيئي کلي پيا. ايئرڪنڊيشن هال ۾ مون نرڙ تي پگهر محسوس ڪيو، چُپ ڪري ويهي رهيس.
سال ڏيڍ کان پوءِ نوشيءَ جي پوسٽنگ پيرس ۾ ٿي. هوءَ عورتن جي حقن لاءِ پنهنجي غير سرڪاري تنظيم انگريزي ڳالهائيندڙ، منزل واٽر پيئندڙ، ڊسٽ ايلرجيءَ کان، ۽ اُس ۽ گرميءَ کان بچندڙ، ۽ چپس ۽ برگر کائيندڙ ڪجهه عورتن جي حوالي ڪري هلي ويئي. اُنهن عورتن وسان ڪين گهٽايو. پاڪستاني عورتن جي حقن لاءِ هُنن پاڪستان ۾ گهٽ ۽ يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڌيڪ ليڪچر ڏنا، ۽ ڪاروڪاريءَ جي رسم کي سنڌ جي سڃاڻپ طور جڳ جهان آڏو پڌرو ڪيو، ۽ پنهنجي لاءِ نالو، ۽ غير ملڪي ناڻو ڪمايو. جيستائين ڪارو ڪاريءَ جي رسم رهندي، انگريزي ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ ذهين عورتن جي ٻيگهي متل رهندي.
قطار مان نڪرڻ جي غلطي ڪڏهن به ڪرڻ نه گهرجي. پر، اوهين به مون وانگر جيڪڏهن قطار جي آخر ۾ بيٺا آهيو، ته پوءِ ڪو ڀولو ڪونهي. قطار ۾ آخري جاءِ والارڻ ڪو به پسند نه ڪندو آهي. مان قطار ڇڏي ڪيش ڪائونٽر وٽ نوشيءَ جي ڀرسان وڃي بيٺس چيم، “هڪ دفعي تو مونکي سوال پڇڻ لاءِ چيو ويو، پر مان سوال پڇي نه سگهيو هوس. اڄ پڇان ٿو.”
نوشيءَ تعجب وچان مون ڏانهن وات مان فقط هڪ لفظ نڪتس “ڀڪشو!”.
چيم، “تون عورتن ۽ مردن لاءِ هڪ جهڙن حقن تي ليڪچر ڏيندي رهي آهين. اڄ تون وانگر قطار جي آخر ۾ بيهڻ بدران، قطار ۾ سڀني کان اڳ وڃي ڇوبيٺي آهين”.■