ويٽنگ روم ۾ ٻه ڪلاڪ
پليٽ فارم تي سڀني کي ٻُٽ ٻڌل هئي. هيءَ ڊسمبر 1990 جي پوئين ڇنڇر جي ڳالهه آهي. ڪوئيٽا ۾ اَٺ، ڏهه فٽ برف پئي هئي. مٿان وري ڪنڌاري هوائون هلي پيون هيون. جڏهن به ان قسم جون سرد هوائون هلنديون آهن، اسين روهڙيءَ وارا سڀ کان اڳ ڪَنَ لڪائيندا آهيون، ۽ پوءِ نَڪ. ڪجهه دير لاءِ مون کي ائين محسوس ٿيو، هوائن ڄڻ سائبيريا کان موٽ کاڌي هئي. جسم سان گڏ روح کي به ڪنبڻي وٺي ويئي. ڪوليءَ سامان سميت ٽڪر تي بيٺل ويٽنگ روم ڏانهن ڪاهه ڪئي. وڌي وڃي ٻانهن ۾ هٿ وڌو مانس. رڙ ڪندي چيم، “ اڙي چريو ته نه ٿيو آهين! مون کي فون جهڙي ناياب شيءِ تي ڪنهن ٻڌايو آهي ته تيزگام وقت تي پهچي رهي آهي- اصل پنج منٽن ۾.”
ڪولي وڏو چرچائي هو. چيائين، “ سائين، اسان کان وڌيڪ ريلوائيءَ جو نبض شناس ڪير هوندو! گاڏي ٻه ڪلاڪ ليٽ آهي، ۽ راولپنڊيءَ تائين پهچندي پهچندي، انشاالله تعاليٰ ست ڪلاڪ ليٽ ٿي ويندي.”
هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيم، “ ترس. سامهون شرلاڪ هومز جهڙي روپ ۾ ريلوي جو ڪو صاحبلوڪ اچي رهيو آهي. هن کان پڪ ٿا ڪريون.”
ڪوليءَ کلندي چيو، “ ريلوائيءَ وارا سيٽن جي رزرويشن کان وٺي ٽرينن جي آمدرفت تائين، هر ڳالهه اسان کان پڇندا آهن. اهو گهوٻاٽو توکي ڪهڙي خبر ڏيندو!”
مون کي ڪاوڙ لڳي. چيم، “ اڙي تون روهڙيءَ جو افلاطون ته ناهين!”
وراڻيائين، “ روهڙيءَ جي افلاطون وڃي خواجه خضر جو آستانو وسايو آهي. مان خواجه خضر جي آستاني تي روزانو ڏيئو ٻارڻ ويندو آهيان.”
ان وچ ۾ شرلاڪ هومز جهڙو صاحبلوڪ ويجهو اچي پهتو. پڇيومانس، “ معاف ڪجو، تيزگام ته وقت سر پهچي رهي آهي نه؟”
ڪوليءَ ڏانهن ڏسندي پڇيائين، “ هن توکي نه ٻڌايو آهي ڇا؟”
چيم، “ هيءُ چوي ٿو ته گاڏي ٻه ڪلاڪ ليٽ آهي.”
وراڻيائين،“ ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته گاڏي ٻه ڪلاڪ ليٽ هوندي- بلڪه آهي.”
صاحبلوڪ سگريٽ جا سوٽا هڻندو، قديم دور جي انجڻ جهڙا دونهان ڇڏيندو، ذري گهٽ ڇُڪ ڇُڪ ڪندو هليو ويو.
ڪوليءَ فاتحاڻي انداز ۾ مون ڏانهن ڏٺو. مون ٽڪر تي ويٺل پراڻي، پراسرار ويٽنگ روم ڏانهن ڏٺو. اهو ويٽنگ روم انگريزن واري دور کان مون کي ڀوائتو لڳندو آهي. ڀانئيندو آهيان، ويٽنگ روم ۾ روحن جو واسو آهي! ڪاٺ جي فرش تي ڪنهن جي هلڻ جو آواز ايندو آهي! درن جا طاق پنهنجي ساءِ آهستي آهستي کُلندا، ۽ بند ٿيندا آهن! ڪو پاڇو ميڻ بتي کڻي ڏاڪڻ لهي، قبرستان طرف هليو ويندو آهي!
“ڇا پيو سوچين؟ ” ڪوليءَ چيو، “ سيءَ ۾ سڪي ويندين. ٻه ڪلاڪ هلي ويٽنگ روم ۾ انتظار ڪر.”
هو ويٽنگ روم ڏانهن وڌڻ لڳو. گهڙي کن لاءِ سيءَ جو احساس ختم ٿي ويو. عجيب قسم جو سيسڙاٽ سيءَ جي ڄڻ جاءِ والارڻ لڳو. ڪوليءَ جي ڪڍ مان ويٽنگ روم ڏانهن وڌڻ لڳس. سوچيم، ضروري ناهي ته، ويٽنگ روم ۾ مان اڪيلو هجان- مون کان سواءِ ٻيا ڪي مسافر به ته هوندا، جيڪي گاڏيءَ جي انتظار ۾ ويٽنگ روم ۾ وڃي ويٺا هوندا! سيسڙاٽ ختم ٿي ويو، ۽ ڪوئيٽا جون سرد هوائون تير وانگر جسم ۾ چڀڻ لڳيون.
اُن وچ ۾ ڪوليءَ ويٽنگ روم جي در وٽ وڃي پهتو. ويٽنگ روم جو در گهٽ ۾ گهٽ اَٺ فٽ ڊگهو، ۽ چار فٽ ويڪرو هو. ڪوليءَ در کي ڌڪو ڏنو. در چيچاٽ ڪري کلي پيو. ويٽنگ روم ۾ ڪو به نه هو. هڪ طرف پراڻي دور جو نيٽ وارو تختو پيو هو. ٻئي طرف ڊگهين ٻانهن واري ڪرسي، ۽ وچ ۾ ڪاٺ جي بيحد مضبوط ميز ۽ چار ڪرسيون. ويٽنگ روم جي ڇت غير معمولي مٿي هئي- مان سمجهان ٿو. گهٽ ۾ گهٽ ويهه، پنجويهه فٽ مٿي هئي. ٽام چينيءَ جي گلوب هيٺان هڪ بيحد ميرانجهڙو بلب زرد روشنيءَ سان ٻري رهيو هو. ڏاڍو اداس ڪندڙ ماحول هو. مون ڪوليءَ کان پڇيو، “ ٻيا مسافر ڪٿي آهن؟ هتان تيز گام ۾ اڪيلو سوار ٿي رهيو آهيان ڇا؟ ”
وراڻيائين، “ ٻيا مسافر پليٽ فارم واري ويٽنگ روم ۾ ويٺا آهن.”
مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. پڇيم، “ مونکي هتي ڇو وٺي آيو آهي؟ ”
پُراسرار مرڪ سان وراڻيائين، “ هيءُ ويٽنگ روم توکي وڻندو آهي نه، انڪري.”
“ مونکي هيءُ ڀوائتو ويٽنگ روم وڻندو آهي!” تعجب وچان پڇيم، “يار، تون چريو ته ناهين! هيءُ هيبتناڪ ويٽنگ روم به ڀلا ڪا وڻڻ جي شيءِ آهي!”
ڪولي کلي پيو. سامان جائيتو ڪندي چيائين، “ مان وڃان ٿو. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ توکي وٺڻ ايندس. في الحال تون آرام ڪر.”
آرام! ۽ هن جِناتي، ويٽنگ روم ۾! ڇت مان ڄارا لٽڪي رهيا هئا. روشندانن ۾ جهرڪين جا آکيرا هئا. ميرانجهڙي بلب جي روشنيءَ ڏاڍو اداس ڪندڙ هئي. اکيون بند ڪري مون ماحول کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر، بيسود. سرد ۽ تيز هوائن ۾ ويٽنگ روم جون دريون ۽ درين جا شيشا کڙڪي رهيا هئا. هوا جو آواز اهڙو، ڄڻ رِڻ ۾ پئي هلي.
تڏهن اوچتو، باٿ روم وارو در کليو. اوور ڪوٽ ۽ اوني ٽوپ سان هڪ ڪراڙو شخص ٻاهر آيو. هٿ ۾ چانهه جو مَگ هوس. پهرين ڏيک ۾ هو مونکي عام رواجي انسان محسوس نه ٿيو. ڏاڙهي، ۽ اوني ٽوپ سان ڍڪيل چهرو، جتان ٿورو گهڻو ظاهر هو، زرد رنگ جو هو. هوريان هوريان هو، مون ڏانهن وڌندو آيو. منهنجي اڳيان اچي بيٺو. چانهه جو مگ وڌائيندي چيائين، “ورهين کان پوءِ آيو آهين- سوچيم، تنهنجي لاءِ چانهه جو ڪوپ ٺاهي وٺان.”
“ چانهه لاءِ مهرباني ٺري يخ ٿي ويو آهيان.” چانهه جو مگ وٺندي چيم، “ پر، توکي غلط فهمي ٿي آهي، مان هتي پهريون دفعو آيو آهيان.”
“نه، تون هتي ٻيو دفعو آيو آهين.” هن نهايت يقين سان چيو، “ مان هن ويٽنگ روم جو پهريون ۽ آخري چوڪيدار آهيان. هينئر چوڪيدارن جو رواج ختم ڪري ڇڏيو اٿائون. پهرين دفعي به مون توکي چانهه ٺاهي ڏني هئي. پر اها سياري جي سرد رات نه هئي. اُها اونهاري جي هڪ بيحد گرم رات هئي- مئي جو مهينو هو.”
“ ڀليو آهين ڀائو.” چانهه جي سپ ڀريم. سوادي ۽ گرم هئي. چيم، “مان زندگي ۾ پهريون دفعو هن ويٽنگ روم ۾ آيو آهيان.”
هو باٿ روم ڏانهن کلندڙ در طرف وڌڻ لڳو. در وٽ ترسي، منهن ورائيندي چيائين، “ ان رات ڪوئيٽا ۾ زلزلو آيو هو- ۽ زلزلي جي شدت روهڙيءَ کي به لوڏي ڇڏيو هو. اُن رات هن ويٽنگ روم جو اڌ حصو ڪري پيو هو.”
مونکي ڏاڍو تعجب ٿيو. پڇيم، “ 1935 واري زلزلي جي ڳالهه پيو ڪرين ڇا؟ ”
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين، ۽ در کولي باٿ روم طرف غائب ٿي ويو.
منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. بدن ۾ سيسڙاٽ محسوس ڪيم. ڪوئيٽا وارو زلزلو 1935 ۾ آيو هو. مان 1936 ۾ ڄائو هوس.
تڏهن اوچتو ٻاهريون در کليو. ڪولي اندر آيو. چيائين، “ ٻه ڪلاڪ گذري ويا آهن. تيز گام سگنل وٽ بيٺي آهي. هَلُ.”
تڏهن، ڏٺم ته منهنجي هٿ ۾ چانهه جو مگ نه هو.■
1991