ڏوهارين سان ٺاهه
ٿاڻي جي انچارج بيوگل وڄائي منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو. منهنجي شڪل شبيهه ڏسي سمجهي ويو ته وڏو ڪو دهشتگرد آهي. مٿان جو اردو ڳالهائيندس منهنجو سنڌي لهجو ٻڌائين ته هڪدم پڪ ٿي ويس ته سنڌي ڌاڙيل آهي - آمريڪا بدران سياسي پناهه وٺڻ لاءِ اسلام آباد هليو ويو آهي!
پنهنجي دلفريب رويي سان ٿاڻي جي انچارج منهنجي دل موهي وڌي. دل چاهيو ته اڳتي وڌي سندس منهندي هاڻا ڪارا بيڊولا هٿ چمي وٺان. پر، مان ائين نه ڪري سگهيس. سندس هڪ هٿ ۾ سگريٽ هئي، ۽ هو مُٺ ڀيڪوڙي سوٽا هڻي رهيو هو نڪ مان دونها ڪڍي رهيو هو. مان سگريٽ کان وَنوءُ ويندو آهيان.
مون دلفريب انسپيڪٽر کي چيو، “ڪاش، ڪجهه ڏينهن جي مهلت ملي وڃي ها، ۽ مان خطرناڪ، بنا لائسنس واري هٿيار جو استعمال ڪري وٺان ها.”
دلفريب انسپيڪٽر دلفريب لهجي ۾ چيو، “ تنهنجي اطلاع لاءِ عرض آهي ته سرڪار بهادر بنا لائسنس وارا هٿيار گڏ ڪرائڻ واري تاريخ ۾ پنڌرهن ڏينهن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. تون جيڪڏهن چاهين ته بنا لائسنس وارو خطرناڪ هٿيار وڌيڪ پنڌرهن ڏينهن لاءِ پاڻ وٽ رکي سگھين ٿو، ۽ بنا حجاب جي استعمال به ڪري سگهين ٿو.”
“اوه انسپيڪٽر!” مون سچ پچ سندس منهندي رتن ڪارن بيڊولن ۽ سگريٽ جي بدبوءَ سان ڀريل هٿن تي چمي ڏني. چيم، “انسپيڪٽر، تون گريٽ آهين - تون گريٽ آهين.”
انسپيڪٽر سان هٿ ملائي موٽڻ لڳس. انسپيڪٽر مون کي سڏ ڪري بيهاريو. پڇيائين، “ڀائو، تو وٽ راڪيٽ لانچر آهي؟”
“راڪيٽ لانچر!” مون کان ڇرڪ نڪري ويو. چيم، “نه يار، نه.”
“مشين گن؟”
“نه.”
“ برين گن؟”
“نه.”
“ڪلاشنڪوف؟”
“نه.”
“اڇا اڇا! مان سمجهي ويو آهيان.” انسپيڪٽر کلي پيو. چيائين، “تو وٽ توپ آهي.”
کيسي مان ڀڳل بال پين ڪڍي، کيس ڏيکاريندي چيم، “مون وٽ هيءُ، دنيا جو سڀ کان خطرناڪ هٿيار آهي.”
انسپيڪٽر، پريان غور سان بال پين ڏانهن ڏٺو. ويجهو اچي جائزو ورتائين. پوءِ جڏهن پڪ ٿي ويس ته منهنجي هٿ ۾ جهليل بال پين هئي، پوءِ ته هو هڪدم ڪاوڙجي پيو. سٽ ڏئي بال پين منهنجي هٿ مان کسي ورتائين.
بال پين مون ڏانهن سڌي ڪندي چيائين، “تون هن ٽڪي جي بال پين کي دنيا جو خطرناڪ هٿيار ٿو سڏين - سرڪاري مهم جو مذاق ٿو اُڏائين!”
فرش تي اُڇلائي، بال پين انسپيڪٽر پنهنجي لانگ بوٽ سان چچري ڇڏي. سخت نفرت وچان چيائين، “اڙي بيوقوف، اُهو وقت ورهيه ٿيا جو گذري ويو، جڏهن قلم کي تلوار کان وڌيڪ طاقتور سمجهيو ويندو هو. هاڻي هڪدم گم ٿي وڃ منهنجي نظرن آڏو، نه ته هڻانءِ نه ڪاٺ ۾.”
ٿاڻي تان نڪري هڪ رپئي واري بال پين ورتم دل ۾ خوش ٿيس ته جهالت وارو اُهو قديم دور گذري ويو، جڏهن قلم کي تلوار کان به وڌيڪ طاقتور سمجهيو ويندو هو. اڄ ڪلهه پڙهيل ڪڙهيل ۽ عقل ۾ اڪابر صاحبن جو بلڪه صاحبلوڪن جو دور آهي، تنهنڪري اڄوڪي دور ۾ قلم ڦاهيءَ جي فرمانن، ڦٽڪن، قيدن ۽ سزا جي فرمانن تي صحيحي ڪرڻ جو ڪم ايندو آهي.هوءَ نه ته اڄڪلهه تلوار جو نعم البدل ڪلاشنڪوف، قلم کان هر حال ۾ طاقتور آهي، قلم اڳٺ وجهڻ جي ڪم ايندو آهي.• ■
______
• 1990 ۾ حڪومت پاران دهشتگردن کي آڇ ڏني ويئي هئي ته هو پنهنجا غير قانوني خطرناڪ هٿيار ٿاڻن تي اچي جمع ڪرائين- سندن ڏوهه به معاف ڪيا ويندا.