ڪھاڻيون

سنڌو بقا مان فنا آهيان

ڪتاب ”سنڌو بقا، مان فنا آهيان“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن، ڪهاڻين ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي.
امر جليل لکي ٿو :
”مون ڀڳل ڪشڪول ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه ڏانهن وڌائيندي چيو هو: سنڌو بقا، مان فنا آهيان. هوءَ عروج، مان زوال آهيان. هوءَ فلڪ، مان فرش آهيان. ڀٽ ڌڻيءَ، مون کي ڪجهه گھڙين جي ڀڪشا ڏي- مان لمحن جي لوڙاٽ ۾، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کان ٻاهر کيس ڏسان، ۽ يقين جي تجديد ڪريان ته هوءَ موسمن ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ مان يادن جو کنڊر آهيان۔“

  • 4.5/5.0
  • 4070
  • 1859
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindhu Baqa maan Fana Ahyan

  موڳو مٽر

هو ٺهڪي ٺڪي اوچتو سڀني جي سامهون اچي بيٺو. ڪنهنجو ڏٺل نه هو. پر، الاءِ ڇو هو مون کي ڏٺل ڏٺل لڳو. مون پنهنجي وائڙي مغز سان سوچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر مون کي ياد نه آيو ته اڳ مون کيس ڪٿي ڏٺوهو. الاءِ ڪٿان آيو هو. اچڻ شرط هو ڪنگال ڪالونيءَ ۾ هڪ دڙي تي چڙهي بيٺو. پنهنجي شڪل شبيهه ۽ ويس وڳي سان اسان ڪنگلن کي وائڙو ڪري ڇڏيائين. عورتن، مردن، ۽ ٻارن جي انبوهه ڏانهن ڏٺائين. چيائين، “ مان اوهان جي زندگي بدلي ڇڏيندس. مان ڪنگال ڪالونيءَ ۾ کوهه کوٽائيندس، وڻ پوکائيندس. اسڪول ۽ اسپتالون کولائيندس، بجلي ۽ گيس آڻيندس. ڪنگال ڪالونيءَ جا رستا، ۽ گهٽيون پڪيون ڪرائيندس. مان اوهان جي زندگي بدلائي ڇڏيندس.”
اسين کيس چپ چاپ ٻڌندا رهياسين. چيائين، “ وڏا ڪي مجهول آهيو. تاڙيون وڄايو.”
اسان سڀني، عورتن، مردن ۽ ٻارن زور زور سان تاڙيون وڄايون. ابراهيم پوڙهي مون کي ڪن ۾ چيو، “ مون انيڪ همراهن کي دڙيءَ تي چڙهي ڳالهائيندي ٻڌو آهي. هو هليا ويا آهن. اسين رهجي ويا آهيون.”
ابراهيم پوڙهي کان پڇيم، “ ڏاڏا، تون سڃاڻينس.”
وراڻيائين، “نه.”
چيم، “ مون کي الاءِ ڇو ڏٺل ڏٺل ٿو لڳي.”
ابراهيم پوڙهي چيو، “ دڙي تي چڙهي ڳالهائيندڙ هڪ جهڙا لڳندا آهن.”
مون کي ابراهيم پوڙهي جي ڳالهه دل سان لڳي. وائڙي مغز منهنجو ساٿ نه پئي ڏنو، پر هو مون کي ڏٺل ڏٺل پئي لڳو. مون کي پڪ ٿيندي پئي ويئي ته مون کيس ڏٺو آهي. ضرور ڪٿي نه ڪٿي ڏٺو آهي. دڙي تي چڙهي بيهڻ کان پوءِ هو ڏاڍو قداور پئي لڳو. هن انبوهه ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، “ مان اوهان جي زندگي ۾ انقلاب آڻيندس. اوهان کي روزگار ۽ گهر ڏيندس. اوهان فقط رات ۾ تارا ڏٺا آهن. مان اوهان کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاريندس.”
عورتون، مرد ۽ ٻار خاموشيءَ سان ڄاڙي لٽڪائي ڏانهس ڏسندا رهيا. هن انبوهه تي نظر وڌي، ۽ چيو، تاڙيون وڄايو.“
ماڻهن تاڙيون وڄايون. هن انبوهه کان پڇيو، “ اوهان ڪڏهن راڳ ڳايو آهي؟”
انبوهه انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هن چيو، “ مان اوهان کي راڳ درٻاري ڳائڻ سيکاريندس.”
ماڻهن پنهنجي ساءِ زور زور سان تاڙيون وڄايون. هن هٿ مٿي ڪندي چيو، “مان اوهان لاءِ سڀ ڪجهه ڪندس اوهان جا ڏک سور دور ڪندس”.
انبوهه وري پنهنجي ساءِ زور زور سان تاڙيون وڄايون. هو ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين، “ اوهان مون کي خوش ڪيو آهي. مان اوهان کي خوش ڪندس.”
هڪ عورت پنهنجي پٽ کي وٺي دڙي وٽ آئي. ٻاڏائيندي چيائين، “منهنجو پٽ اڳ ڳالهائيندو هو. مان سمجهان ٿي ته هي ڊڄي ويو آهي. ڳالهائڻ بند ٿي ويو اٿس.”
هن عورت ۽ عورت جي پنجن سالن جي پٽ ڏانهن غور سان ڏسندي پڇيو، “ اڳ ڇا ڳالهائيندو هو؟”
عورت وراڻيو، “ جيڪي وڻندو هوس، ويٺو ڳالهائيندو هو.”
دڙي تان ٻار ۽ ٻار جي ماءُ ڏانهن ڏسندي هن چيو، “ اظهار جي آزاديءَ جو مطلب اهو ناهي ته تنهنجي پٽ کي جيڪو وڻي ڳالهائيندو وتي. کيس لغام جي ضرورت هئي. کيس لغام ڏنو ويو آهي.”
تاڙين جي آواز ۾ هو دڙي تان هيٺ لهي آيو. مان واٽ ڪندو وٽس پهتس. کيس ويجهڙائيءَ کان ڏٺم ته هو مون کي وڌيڪ ڏٺل ڏٺل لڳو. پر، مون کي ياد نه پئي آيو ته هو ڪير هو، ۽ مون کيس ڪٿي ڏٺو هو. عرض ڪندي کانئس پڇيم، “ سائين، اوهين سڀ ڪجهه ڪري سگهندا آهيو؟”
هن غور سان مون ڏانهن ڏٺو، ۽ وراڻيو، “ ها، مان سڀ ڪجهه ڪري سگهندو آهيان. وڻ پوکائڻ ۽ کوهه کوٽائڻ کان وٺي، غريبن کي امير، ۽ بيمارن کي شفا ڏيڻ جهڙا ڪم ڪري سگهندو آهيان. تنهنجو ڪهڙو مسئلو آهي.”
چيم، “ مون کي لڳي ٿو، مون اوهان کي اڳ به ڏٺو آهي: پر ڪٿي، مون کي ياد نه ٿو اچي.”
هن مون ڏانهن اهڙي نموني ڏٺو ڄڻ منهنجي ڳالهه نه وڻي هجيس. پڇيائين، “ تون ڇا ڪندو آهين؟”
وراڻيم، “ اهو ئي ڪم ڪندو آهيان، جيڪو ڪم ڪنگال ڪالوني جا ٻيا ماڻهو ڪندا آهن.”
ڪجهه تعجب ٿيس. پڇيائين، “ ڪنگال ڪالونيءَ جا ٻيا ماڻهو ڇا ڪندا آهن؟”
چيم، “ انتظار ڪندا آهن.”
پڇيائين، “ ڇا جو انتظار؟”
وراڻيم، “ خوابن جي تعبير جو انتظار.”
چيائين، “ مان اچي ويو آهيان نه! مان اوهان جي خوابن کي تعبير ڏيندس.”
چيم، “ خبر اٿئي ته اسان جا خواب ڪهڙا آهن؟”
هڪدم وراڻيائين، “ مون کي خبر آهي ته تو جهڙن جي مٿي ۾ ڪهڙي قسم جا خواب هوندا آهن.”
حيران ٿيم. چيم، “ تون ماڻهو آهين، يا جادوگر آهين؟”
مون کي چتائي ڏٺائين. چيائين، “ مان چاهيان ته توکي ماڻهوءَ مان سيهڙ ڪري ڇڏيان.”
ابراهيم پوڙهو وچ ۾ پيو. هٿ ٻڌندي چيائين، “ سائين، ائين نه ڪجو. هيءُ هونءَ ئي ويٺي ويٺي ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پوندو آهي. هن کي سيهڙ نه ڪجو.”
هو مون ڏانهن وڌي آيو. ماڻهو ڊڄي، پري ٿي بيٺا. مون پنهنجي وجود ۾ فنا ڪندڙ ڊپ محسوس ڪيو. مون کي لڳو، مان بيٺي بيٺي ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پوندس. مان معاشري، ۽ معاشري جي مالڪن کان ڏاڍو ڊنل آهيان. هو منهنجي سامهون اچي بيٺو. مان کانئس پري ٿي بيٺس. پڇيائين، “ تون ڪير آهين؟”
وراڻيم، “ مان مٽر آهيان.”
پڇيائين، “ رڳو مٽر، يا موڳو مٽر؟”
چيم، “ مان مٽر آهيان. منهنجي پيءُ جو نالو موڳو آهي.”
هو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. ويندي ويندي چيائين، “ مان به چوان ته تون مون کي سڃاتل سڃاتل ڇو ٿو لڳين! ته تون ئي موڳي جو پٽ مٽر آهين!” هن مون کي سڃاتو. مون هن کي نه سڃاتو.■