ڪھاڻيون

سنڌو بقا مان فنا آهيان

ڪتاب ”سنڌو بقا، مان فنا آهيان“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن، ڪهاڻين ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي.
امر جليل لکي ٿو :
”مون ڀڳل ڪشڪول ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه ڏانهن وڌائيندي چيو هو: سنڌو بقا، مان فنا آهيان. هوءَ عروج، مان زوال آهيان. هوءَ فلڪ، مان فرش آهيان. ڀٽ ڌڻيءَ، مون کي ڪجهه گھڙين جي ڀڪشا ڏي- مان لمحن جي لوڙاٽ ۾، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کان ٻاهر کيس ڏسان، ۽ يقين جي تجديد ڪريان ته هوءَ موسمن ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ مان يادن جو کنڊر آهيان۔“

  • 4.5/5.0
  • 4070
  • 1859
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindhu Baqa maan Fana Ahyan

جدا ٿيل راهن جو درد

هوٽل هاليڊي اِن اسلام آباد جي هال ۾ مشرقي پاڪستان جي جدا ٿيڻ، ۽ بنگلاديش ٿي پوڻ جي ياد ۾ جلسو ڪري رهيا هئا. ملڪ جا عالم، فاضل، ڏاها، ڏهڪائيندڙ، اديب، ۽ استاد ۽ سياستدان جلسي ۾ موجود هئا، ۽ مشرقي پاڪستان جي عليحدگي تي هنجون هاري رهيا هئا. ڳوڙها اگهندي، اکيون خشڪ ڪندي، ۽ نڪ صفا ڪندي، هُنن هوٽل جا سمورا ٽِشو پيپر ختم ڪري ڇڏيا، سندن ڏک جي انتها هئي، جو هڪ مهيني جو اسٽاڪ هڪ ڪلاڪ ۾ ختم ڪري ڇڏيائون! ان کان پوءِ بيرا ويچارا ڊائيننگ ٽيبلن کان نيپڪن کڻي آيا. هنجون هارڻ وارن ۾ هڪ هڪ ڪري نيپڪن ورهائي ڇڏيائون. اُن رات جي رپورٽ آهي ته هاليڊي ان ۾ رات جي ماني کائڻ وارن گراهڪن نيپڪن بدران هٿ ميزپوشن سان اُگهيا هئا. وڏين هوٽلن ۾ هٿ ڌوئڻ جو رواج نه هوندو آهي. ماني کائڻ کان پوءِ هرڪو گراهڪ هٿ نيپڪن سان اگهندو آهي، ۽ تيلي کڻي، وات اڳيان هٿ ڏيئي، ڏند ۾ ڦاٿل ٻوٽيءَ جي تند ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پريان ائين لڳندو آهي، ڄڻ چنگ وڄائي رهيا آهن.
منهنجو ڌيان ٻن حصن ۾ ورهايل هو. اَڌ ڌيان جلسي ۾ دردناڪ تقريرون ڪرڻ وارن ڏانهن هو، ۽ اڌ ڌيان پاسي واري ڊائيننگ هال ڏانهن هو، جتي کائڻ پيئڻ جون جام شيون ڏاڍي اهتمام سان سينگاري رکيون هئائون. دردناڪ جلسي کان پوءِ، اسان سڀني کي نصيب ۾ لکيل رزق ۽ داڻي پاڻيءَ جو حصو اتان حاصل ڪرڻو هو. تريل مڇيءَ تي ساس وجهي کائڻ جي مون کي پيرن پِٽَ ڏني آهي. هال مان رکي رکي تريل مڇي، ڪبابن، ۽ پيٽيسن، ۽ ڪڪڙ جي ٻوٽين جي هٻڪار پئي آئي. اُن وقت نهايت ذليل خيال منهنجي ذهن ۾ آيو. سوچيم، مشرقي پاڪستان شل هر سال اسان کان اهڙي نموني جدا ٿيندو رهي، هڪ دفعو، ٻه دفعا، ٽي دفعا، ڏهه دفعا، سئو دفعا- ۽ مشرقي پاڪستان جي ياد ۾ اِن قسم جا جلسا ٿيندا رهن، جن ۾ تريل مڇيءَ ۽ ڪڪڙ جي ٻوٽين جي هٻڪارايندي رهي! بنگالي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ياد تازي ٿيندي رهي! اسان کي ڏاڍا پيارا هئا. اسين به هنن کي پيارا هئاسين. هو اسان لاءِ مرندا هئا، ۽ اسين به هنن لاءِ مرندا هئاسين.
اسان جا بنگالي ڀائر ويچارا ڏاڍا سادڙا هوندا هئا. سياست، ۽ يڪجهتي وغيره کان بيخبر هوندا هئا. اسان مغربي پاڪستان وارن کين سمجهايو ته، بنگالي ڀائرو يڪجهتيءَ لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ فقط هڪ ٻولي ڳالهائجي، ۽ ٻيءَ ڪا به ٻولي نه ڳالهائجي. يڪجهتي لاءِ ضروري آهي ته هڪ ٻوليءَ ڇڏي، ٻين سمورين ٻولين کي نهوڙي ناس ڪجي تنهنڪري، اي بنگالي ڀائرو، توهين ٽيگور، نذرل، قاضي، سرت، چيٽرجي، ۽ بينرجيءَ جي جند ڇڏيو يڪجهتيءَ جي نالي ۾ پنهنجي بنگالي ٻولي تان هٿ کڻو- پاڪستان کي مضبوط ڪريو- پاڪستان کي “ اسلام ڪا ناقابل تسخير قلعه” بڻايو.
مان الله کي حاضر ناظر ڄاڻيندي اعتراف ٿو ڪريان ته اسان جا بنگالي ڀائرڏاڍا محب وطن هئا. قومن جي زندگي ۾ ٻوليءَ کي ڪهڙي حيثيت آهي! هو پاڪستان لاءِ بنگالي ٻولي قربان ڪرڻ کان ويرم نه ڪن ها. پر، خدا شل خانو خراب نامراد دشمن جو، جنهن مڪاريءَ سان اسان جي بنگالي ڀائرن جي دل ۾ شڪ جو ٻج پوکيو، جيڪو اڳتي هلي جدائيءَ جو سبب ٿي پيو. بنگالين، دشمن جي ناپاڪ چال ۾ اچي، ٻوليءَ خاطر هزارين جوان مارائي وڌا. اها 1951 جي ڳالهه آهي. اسان مغربي پاڪستان وارن کين مارڻ نه پئي چاهيو، پر ڇا ڪجي! اسان جا بنگالي ڀائر قدبت جا بندرا ۽ ڪمزور هئا. ڊسيپلين مان نڪري ويا. قومن جي زندگيءَ ۾ ڊسيپلين کي وڏي اهميت هوندي آهي! بنگالي ڀائرن کي يڪجهتيءَ جي نالي ۾ ڊسيپلين سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي سين. ان ڪوشش ۾ خوامخواهه رخنو وجهڻ خاطر، سو به بدبخت دشمن جي چرچ تي، مرندا رهيا. بنگالي ڀائرن چيو، مرنداسين پر ڊسيپلين نه سکنداسين.
ڀلا ڪيترا ڀائر ماري ڪيترا ماريون ها! اسان کين چيو، وڃي ڌوڙ پايو- کڻو پنهنجي بنگالي ٻولي! نابڪار دشمن اسان سان وڏي چال چلي ويو هو. پر سائين، قومن جي زندگيءَ ۾ يڪجهتي به ڪا شيءِ آهي- مشڪري ناهي- اسان محسوس ڪيو ته، يڪجهتيءَ خاطر اسان مغربي پاڪستان جي محب وطن، ۽ حب الوطن قسم جي ماڻهن کي ڪرڻو پوندو! يڪجهتيءَ، ۽ پاڪستان جي سلامتيءَ ڪو اتحاد ٺاهڻو پوندو! دشمن جي سازشن ۾ ڦاٿل بنگالي ڀائرن جي سياسي قوت ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي وَن يونٽ ٺاهڻو پيو. اسيمبليءَ ۾ هڪ مشرقي پاڪستان کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان مغربي پاڪستان جي چئن صوبن کي ختم ڪري ون يونٽ ٺاهيو ۽ يڪجهتيءَ کي بچائي ورتو. پر، دشمن جا ناپاڪ عزائم پنهنجي جاءِ تي موجود هئا. هن مغربي پاڪستان ۾ ون يونٽ خلاف اول سنڌ، پوءِ بلوچستان ۽ سرحد صوبن کي ورغلايو. ماڻهن کي باغي ڪيو. ون يونٽ لوڏي ۾ اچي ويو.
ون يونٽ يڪجهتيءَ جي علامت هو. يڪجهتيءَ کي بچائڻو هو. اسيمبليءَ ۾ مشرقي پاڪستان، يعني بنگالين کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ سياسي توازن رکڻ لاءِ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان حڪومت جي ذميداري پاڻ سنڀالي ورتي، ۽ مارشل لا کي لاڳو ڪري دشمن جي ناپاڪ عزائم کي شڪست ڏيئي، سندس حوصلا پست ڪري ڇڏيا. پر افسوس! دشمن جي چرچ تي ماڻهو مارشل لا خلاف باغي ٿي بيهي رهيا. پهيا جام کان ايپل جام ۽ راڌي شام واريون تحريڪون هلايائون. دشمن جي چال ڪامياب ٿي ويئي. ون يونٽ ۽ يڪجهتيءَ کي بچائڻ واري مارشل لا هٽائي ويئي. مارشل لا جي هٽڻ جي دير هئي! يڪجهتيءَ جو جنازو نڪري ويو. ڏسنديئي ڏسندي مشرقي پاڪستان مغربي پاڪستان کان جدا ٿي ويو، ۽ بنگلاديش ٿي پيو. بنگالي ڀائر اسان کان الڳ ٿي ويا. ون يونٽ ٽوڙڻ، ۽ مارشل لا هٽائڻ جو نتيجو سڀني ڏسي ورتو. افسوس، صد افسوس- هاءِ هاءِ، اُف!
اي دشمن! توتي خدا جي لعنت، تو ڀاءُ کي ڀاءُ کان جدا ڪري ڇڏيو. پر ڏس! اي نابڪار دشمن ڏس! اسان پنهنجن بنگالي ڀائرن کي وساريو نه آهي. اسين پنهنجن بنگالي ڀائرن جي شامِ غريبان ملهائي رهيا آهيون. کين ياد ڪري هنجون هاري رهيا آهيون. دشمن جي چرچ تي هنن نادانن يڪجهتيءَ جو قدر نه ڪيو.
تريل مڇيءَ جي خوشبوءِ ۾ مون سوچيو، اسين هر سال بنگالي ڀائرن جي شام غريبان ملهائيندا رهنداسين، ۽ تريل مڇي تي ساس وجهي کائيندا رهنداسين.■
1990