الا، مان اڏري ويندو سانءِ
نيرو ڪجهه ڪجهه ناراض ٿيندي وراڻيو: مان ڪنهن به شريف سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندو آهيان- ۽ بابرا جيئن ته شريف آهي، بلڪه بابرا شريف آهي، تنهنڪري مان سندس ڏاڍي عزت ڪندو آهيان. مان بابرا شريف تي ڇاپو هڻي نه سگهندس- ۽ هونءَ به پاڪستان ۾ ڇاپو ڪامياب نه ٿيندو آهي- پنجن ڪروڙ رپين جي ماليت جيتري هيروئن سان ڀريل ٽرڪ تي ڇاپو هڻبو آهي، ته موٽ ۾ فقط ڪارو ڪلينر هٿ چڙهندو آهي- ڪٿي ائين نه ٿئي ته ڇاپي کان پوءِ بابرا شريف بدران ڀواني جنڪشن جهڙي ڪا ايڪسٽرا مٿي ۾ لڳي!
هندستان ۾ ترسڻ، ۽ ريکا جون فلمون ڏسڻ واري عرصي ۾ نيروءَ هندستان جي رنگين تاريخ جي ورق گرداني ڪري ورتي. کيس اهو پڙهي ڏاڍو تعجب ٿيو، ته خيبر پاس کان حملو ڪندڙ بنا روڪ ٽوڪ جي سڌو وڃي دهليءَ جي آگره بازار ۾ بيهندا هئا- غزنوي، لوڌي، مغل ۽ پٺاڻ ڪيناٽ پيليس مان وڃي شاپنگ ڪندا هئا. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا حمله آور جڏهن دهليءَ جي گھٽين ۾ جينز پائي، بنا سائيلنسرن جي موٽرون ۽ موٽر سائيڪلون هلائيندا هئا، ڪلاشنڪوفن مان برسٽ هڻندا هئا، تڏهن هندستان جا جوڌا جوان ڪٿي هوندا هئا! اِن معمي ۽ معاملي نيروءَ کي منجهائي وڌو. سوچيندي سوچيندي مٿي ۾ گُهٻَ پئجي ويس. تڏهن ، گرنار جي ڪنهن جوڳيءَ ٻڌايس ته اهڙي وقت ۾، جڏهن مُلڪ غير مُلڪين جي ڌوڌڪن ۾ ڌوڙ ٿي ويندو آهي- تڏهن راجا، توڙي پرجا بانسري وڄائيندي آهي- بلڪه چين جي بانسري وڄائيندي آهي، تڏهن نيروءَ کي بانسريءَ جي تاريخي اهميت جي خبر پيئي هئي.هن پنهنجي چونڊ جاسوسن کي رنبو جهڙي مهم تي روانو ڪري ڇڏيو. کين تلقين ڪيائين ته ڪيئن به ڪري، بانسريءَ نالي ان عجيب ۽ غريب ساز کي هٿ ڪن، جنهن کي اهڙي وقت وڄائبو آهي، جڏهن قومن تي هر طرف کان مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي.
مبارڪ عليءَ کان سواءِ سڀني تاريخدانن، محققن تصديق ڪئي آهي ته نيرو بانسري هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. ان کان اڳ جو هو ريکا کي راضي ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿئي ها، هن کي روم شهر کي لڳل باهه جي خبر پهتي. هو هندستاني بانسريءَ سميت پنهنجي وطن روانو ٿي ويو. هن مٿاهين هنڌ تان روم کي لڳل باهه ۽ سڙڻ جو منظر ڏٺو. منظر ڏسندي کيس بانسريءَ جو خيال آيو. هو بانسري ڪڍي وڄائڻ لڳو، ۽ روم جي سڙڻ جو نظارو ڏسندو رهيو. اُن ڏينهن کان پوءِ دنيا ۾ “چين جي بانسريءَ” جو محاورو مشهور ٿي ويو.
مان روم جو نيرو نه آهيان. پر، تنهن هوندي به بانسري ڳولي رهيو آهيان ڪٿي ائين ته ناهي، ته منهنجي روم کي باهه وڪوڙي ويئي آهي!
ڪٿي ائين ته ناهي، ته منهنجو روم سڙي رهيو آهي، ۽ مان وڄائڻ لاءِ چين جي بانسري ڳولي رهيو آهيان!
پر، مان نيرو نه آهيان. مان ڦوٽو ڀيل آهيان. هتان جو اصلوڪو رهاڪو آهيان. مان ڀينڍ ڪولهي آهيان. مان گهگهو مليڇ آهيان. مان وياڪل اڇوت آهيان. مان نيرو نه آهيان. منهنجو ڪو به روم نه آهي- منهنجي ڪا به شهنشاهت نه آهي. پوءِ به مان بانسري ڳولي رهيو آهيان! ڪٿي ائين ته ناهي، ته ڀنڀور کي باهه لڳي آهي؟
منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾! مون کي ته چين جي بانسري وڄائڻي آهي. مون کي ته نيروءَ کي شڪست ڏيڻي آهي. اکين مان نير نه وهائڻو آهي. فقط بانسري وڄائڻي آهي. بُري هن ڀنڀور جي، “ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اُڏري ويندو سانءِ”■
1990