جڏهن رات ڏينهن کي اڳري ويندي
پُراڻين شين کي اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ جو هونءَ وقت نه ملندو آهي، پر جڏهن به مسواڙي جاءِ مان ٻئي مسواڙي جاءِ ڏانهن منتقل ٿيندو آهيان، تڏهن اهڙين شين کي ڏسي وٺندو آهيان، ۽ ٻيهر سنڀالي رکڻ، اڳ ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي ويندو آهيان. پهرن جا پهر خاموش رهندو آهيان. عرش جي وسعتن تي گم ٿي ويل مڪالما ۽ عڪس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. مونکي محسوس ٿيندو آهي ته عرش اسان جي آوازن ۽ عڪس جو لامحدود اسٽور آهي.
اسلام آباد جي ارڙهين سالن جي جلاوطنيءَ دوران اٺون دفعو جاءِ مٽائڻ کان پوءِ پراڻيون شيون ويٺي سانڍيم. پُراڻين فائيلن مان هڪ پُراڻو ڪالم الاهي ڪيئن ٻاهر نڪري آيو. ڪالم هلال پاڪستان اخبار لاءِ هو. فيئر ڪيل هو، پر الاءِ ڇو اشاعت لاءِ نه موڪليو هو! مون کي چڱي طرح ياد نه پئي آيو ته ڪالم ڪهڙي ايڊيٽر جي دور ۾ لکيل هو. ايترو ياد پئي آيم ته سراج جي دور جو هو. ڪالم ۾ ڪالم بند ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر شروع ڪرڻ جو ذڪر هو.
دل چاهي ٿي، اڄوڪي ڪالم ۾ ورهيه اڳ لکيل اُن ڪالم کي شامل ڪريان، جيڪو اَڻ ڄاتل سبب ڪري اشاعت لاءِ ايڊيٽر کي نه موڪليو هو.
ڪالم، جيڪو شايع ڪرڻ لاءِ نه موڪليو هو:
صدين کان پوءِ هلال پاڪستان لاءِ ٻيهر ڪالم لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو اٿم. ڪالم کي نئون نالو ڏنو اٿم. پر مان ساڳيو ئي آهيان. مان اُهو ئي راتين جو رولاڪ، ۽ تصور جي صحرائن جو مسافر آهيان منهنجن پيرن هيٺان رجيل لوهه جهڙي کامندڙ واري، ۽ منهنجي مٿان سج جو ٻرندڙ گولو سوا نيزي تي لهي آيو آهي. ريگستان جي سڃ ۾ مان رڃ پٺيان ڊوڙي رهيو آهيان.
اڳ دل جي دنيا تي موهن جي دڙي جو گمان ٿيندو هو. هينئر محسوس پيو ڪريان ته موهن جي دڙي هيٺان هڪ ٻيو شهر به آهي، ۽ جنهن کي يونيسڪو جي ڪا به عالمي امداد سِم ۽ ڪلر جي تباهيءَ کان نه بچائي سگهي آهي. هن دفعي ڪالمن جي سلسلي کي نالو ڏنو اٿم، دل جي دنيا. انهن ڪالمن ۾ اوهان سان دل جي دنيا جون ڳالهيون ڪندس. اوهان سان اندر جو حال اوريندس. موهن جي دڙي هيٺان دفن ٿيل وڌيڪ پُراڻي ۽ قديم شهر جي کنڊرن ۾ رلندس، ۽ شهر جي وحشتن ۽ ويرانين بابت ڪهاڻيون لکندس. پنهنجيون ڪهاڻيون لکندس، توهان جون ڪهاڻيون لکندس؛ ايندڙ نسل جون ڪهاڻيون لکندس. گذري ويل وقت جون ڪهاڻيون لکندس. حال جون ڪهاڻيون لکندس، ۽ ايندڙ وقت جون ڪهاڻيون لکندس.
هيءَ گذريل وقت جي ڪهاڻي آهي.
يونيورسٽيءَ جي هڪ تعليمي ٽيليويزن پروگرام لاءِ ڪاغذي تياري ويٺي ڪيم. الاءِ ڇو ۽ ڪيئن، يادن جي ڪليسائن ۽ مندرن جا گِھنڊ وڄڻ لڳا. صدين جي گنبذ مان مون کي پنهنجو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
ڌرتي منهنجي ماءُ
جيجل منهنجي ماءُ
سنڌڙي منهنجي ماءُ،
جڏهن به توتي اوندهه ايندي
ظلم جي نگري ٿيندي،
رات ڏينهن کي اُڳري ويندي
کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
مان اهڙي وقت ۾ ايندو رهندس
سر جو صدقو ڏيندس-
مان سر جو صدقو ڏيندس!
ٻئي ٻانهون اُڀيون ڪري، سج جي گولي ڏانهن ڏسندي مون چيو هو، “سنڌو، مان موٽي آيو آهيان- مان موٽي آيو آهيان. ذلت آميز شڪستن جو درد کڻي مان موٽي آيو آهيان. ”
سنڌوءَ چيو، “تون ويو ئي ڪٿي آهين، جو موٽي آيو آهين!”
مون تعجب وچان سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو. سنڌوءَ چيو، “موٽي اچڻ لاءِ هليو وڃڻ ضروري آهي.”
سنڌوءَ جي جملي جو مفهوم بڙڇيءَ وانگر دل کي لڳو.
عارضي دنيا ۾ اَبدي ٺڪاڻا ڳولڻ وارو مان سودائي هتان ويو ئي ڪٿي آهيان جو موٽي اچان! موٽي اچڻ لاءِ مون کي اول هتان وَڃڻو آهي. مان هليو ويندس- مان هليو ويندس! ۽ پوءِ، جڏهن رات ڏينهن کي اُڳري ويندي ۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي؛ اهڙي وقت ۾ مان موٽي ايندس، ۽ سر جو صدقو ڏيندس.■
1991