سنڌ واسينگن جي وس ۾ آهي
ساڳي طرح، مُلڪ ۾ ڪجهه سياسي، اقتصادي، سماجي، ۽ معاشرتي ڳالهيون، بلڪه حقيقتون مون کي سمجهه ۾ اينديون آهن، ۽ ڪجهه بنهه سمجهه ۾ نه اينديون آهن. اڄ فقط انهن ڳالهين بابت ڳالهائبو جيڪي ڳالهيون منهنجي ناقص سمجهه ۾ نه اينديو آهن.
موجوده سرڪار سڳوريءَ فٽافٽ فيصلا ڪرڻ لاءِ انيڪ عدالتون قائم ڪيون آهن. مقدمن جا فيصلا ڏينهن اندر ٿي رهيا آهن. جن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچڻو آهي سي ڪيفر ڪردار تائين پهچي رهيا آهن. قوم خوش آهي. اسين سڀئي خوش آهيون. پر، منهنجي ڌيءَ جهڙي ڊاڪٽر فوزيه ڀٽو جو ڪيس اِن قسم جي ڪنهن عدالت ۾ ڇو نه پيش ڪيو ويو آهي؟ ڇا ڊاڪٽر فوزيه ڀٽو جو خون دهشتگردي نه آهي؟ اڃا ته ڪيس هيٺين عدالتن ۾ هلي رهيو آهي؛ ان کان پوءِ مٿي عدالتن ۾ هلندو! جيئن ته ڪيس عدالت ۾ آهي، تنهن ڪري مان ملزم جي باري ۾ ڪجهه نه چوندس. مان فقط ايترو چوندس ته اسان وٽ ڪيس ورهين جا ورهيه هلندا آهن - ڏهه سال، ويهه سال، ٽيهه سال! مون کي لڳي ٿو مان موجوده جنم ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيس جو فيصلو ٻڌي نه سگهندس. مان هڪ دفعو ٻيهر جنم وٺندس. مان موٽي ايندس، ۽ ٻئي جنم ۾ فوزيه ڀٽو جي مقدمي جو فيصلو ٻڌندس. پر، في الحال مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڊاڪٽر فوزيه ڀٽو جو ڪيس دهشت گردين وارا ڪيس هلائڻ واري ڪنهن عدالت ۾ ڇو نه پيش ڪيو ويو آهي!
هن ئي هفتي 1991-10-22 مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل تي رات جي پوئين پهر ۾ چاليهارو کن هٿيار بندن جي حملي ۽ ٻن نوجوانن جي مرڻ جي خبر اوهان به پڙهي هوندي؛ مون به پڙهي آهي. آچر واري هلال پاڪستان دل جي درد مان اُٿل کائي اثرائتو ايڊيٽوريل به ڏنو آهي. سموري سنڌي پريس يڪ راءِ اِن سانحي تي زبردست ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اِن واقعي ۾، ۽ اِن کان اڳ ساڳئي نوعيت وارن واقعن ۾ هڪڙي ڳالهه مون کي بنهه سمجهه ۾ نه آئي آهي. ٻه ٽي سال اڳ حيدرآباد ۾ نقاب پوش دهشتگرد پيدا ٿيا هئا. واردات ڪندا هئا ۽ غيبات وانگر موقعي تان گم ٿي ويندا هئا. حيدرآباد جي گراٺ جيترين گھٽين ۾ موٽر سائيڪلن ۽ موٽرن تي چڙهي قتل ۽ غارتگري ڪرڻ کان پوءِ ڏوهارين جو الوپ ٿي وڃڻ، گم ٿي وڃڻ منهنجي سمجهه ۾ نه آيو آهي. چاليهارو کن هٿيار بندن ڇاپه مار رات جي پوئين پهر هاسٽل ۾ داخل ٿيا ۽ ڪلاشنڪوفن مان برسٽن جي بارش ڪري گم ٿي ويا! آهي نه حيرت جي ڳالهه! سموري سنڌ، خاص ڪري شهر ۽ شهرن جا تعليمي ادارا قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اک ۾ آهن. اسان جون يونيورسٽيون سندن گھيري ۾ آهن، پوءِ، ڪيئن ممڪن آهي ته چاليهارو کن هٿيار بند مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ داخل ٿيا، ۽ واردات ڪري گم ٿي ويا! بابا سائين، ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪير ڪنهن جي پشت پناهي ڪري رهيو آهي؛ ڪير ڪنهن جو روپ ڌاري، واردات کان پوءِ گم ٿي رهيو آهي! مون کي فقط هڪ ڳالهه جي پڪ آهي ته پيشه ورانه مهارت سان واردات ڪرڻ اسان جي مولائي شاگردن جي وس کان ٻاهر آهي. ڪلهن تي اجرڪ ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي ڪلاشنڪوفن جا برسٽ هلائڻ وارا سڀئي سنڌي نه آهن. ڪيموفلاج جو لفظ ٻڌو اَٿَوَ نه ؟ جنگ دوران وڻ ٽڻ، ٽاريون ۽ ڪک پن ٻڌي سپاهي پاڻ کي جهنگ ۾ لڪائي جنگ جوٽيندا آهن. هنن ڪلهن تي اجرڪ ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي ڇڏي آهي. کين سڃاڻڻ، سندن شناخت ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي، بلڪه ناممڪن آهي. سنڌ واسينگن جي ورچڙهي وئي آهي.■
1991