موٽڻ مون مهڻو
مان سوچ ۾ پئجي ويس. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته جواب ۾ ڇا چوان، ۽ ڇا نه چوان. مان جڏهن به سوچ ۾ پوندو آهيان، تڏهن گم ٿي ويندو آهيان ۽ جڏهن گم ٿي ويندو آهيان، تڏهن ڪنهن کي به هٿ نه ايندو آهيان. پوليس کي اطلاع ڏيندا آهن. مون کي مئل يا جيئرو هٿ ڪرڻ لاءِ انعام ۾ وڏي رقم رکندا آهن. مان جڏهن کين هٿ ايندو آهيان، تڏهن مئل هوندو آهيان، ۽ نه جيئرو هوندو آهيان.
هڪ دفعي سونڍن جي قبرستان وٽ هڪ اي ايس آءِ جي جيپ پِڙُ ڪڍي بيهي رهي. اي ايس آءِ جو مطلب سمجهو ٿا نه- اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر آف پوليس. اهي صاحب ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن جا بي تاج بادشاهه هوندا آهن. بليڊ سان اسان جي زبان ڪپي سگهندا آهن. نڪ، ڪَنَ ۽ چپ ڪپي سگهندا آهن. اسان جون اکيون ڪڍائي سگهندا آهن. اسان جي جسم جي هر سوراخ ۾ مرچ وجهي سگهندا آهن. اسان کي ابتو لٽڪائي ڏنڊن ۽ موچڙن سان مار ڪڍي يا ڪڍرائي سگهندا آهن. اسان کي ڌاڙن ۽ خونن جي ڪيسن ۾ قابو ڪري سگهندا آهن. مطلب ته اسان کي ذلت جي زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ تي مجبور ڪندا آهن.
اوپري مهل ۾ مون هڪ سوئر کان پڇيو هو: تون مون کي اُگهاڙو ڪري جسم تي ٻريل سگريٽ سان ڏنڀ ڏيئي سگهندين؟
سوئر وراڻيو: مان ڪنهن ماڻهوءَ جو پٽ ٿوروئي آهيان جو اهڙو ڪم ڪري سگهان.
جنهن اي ايس آءِ جي جيپ سونڍن جي قبرستان وٽ بيهي رهي هئي، سو اصل ٽُٻ هو. جيپ مان لٿو ته ٿاٻڙيو. جيپ کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو. اوچتو سندس نگاهه قبرن جي وچ ۾ پيل هڪ ڍانچي تي پئجي ويئي. روالور ڪڍي ڍانچي تي سموريون گوليون هلائي ڇڏيائين. پوءِ، هڪ پِڪ اَپ ۾ ڍانچو کڻائي ٿاڻي تي پهتو. روزنامچي ۾ لکيائين: سونڍن جي قبرستان وٽ بدنام رهزن ڌاڙيل امر جليل سان دوبدو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ملزم زبردست پوليس مقابلي کانپوءِ مارجي ويو. وزيراعليٰ سنڌ سندس سر تي ڏهه لک رپيا انعام رکيو آهي، پر لهي ٽڪو به نه. تنهن هوندي به مان اي ايس آءِ فلاڻو، پٽ فلاڻي جو، ٿاڻو هيبت آباد، انعام جو واحد حقدار آهيان.
ڍانچي جي پوسٽ مارٽم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اسلام آباد مان قديم آثارن جي ماهر ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ کي گهرايو ويو. ڊاڪٽر دانيءَ پنهنجيءَ رپورٽ ۾ لکيو ته، ڍانچو ست هزار سال پراڻو آهي، ۽ هڪ اهڙي شخص جو آهي، جيڪو شهر موهن آباد، ( هينئر دڙو )، جي هڪ اي ايس آءِ هٿان عذاب سهندي سهندي مري ويو هو. سونڍن جي قبرستان وٽان سندس ڍانچي جو ملڻ وڏو معمو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ شرلاڪ هومز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.
شرلاڪ هومز جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار، برطانيه جي حڪومت کي باقاعدي درخواست موڪلي ڇڏي آهي. اُن کان پوءِ هِن وقت تائين سنڌ ۾ اٺ- ڏهه سرڪارون بدلجي چڪيون آهن، پر برطانيه جي حڪومت پاران شرلاڪ هومز جون خدمتون اڃا تائين موجوده سنڌ حڪومت جي حوالي نه ڪيون ويون آهن. اِن وچ ۾ سونڍن جي قبرستان وٽ پوليس مقابلي ۾ ست هزار سال پراڻي ڍانچي کي مارڻ وارو اي ايس آءِ هن وقت هيبتناڪ ڊي ايس پي ٿي چڪو آهي.
اِن سلسلي ۾ مان سنڌ سرڪار کي صلاح ڏيندس ته شرلاڪ هومز جو وڌيڪ انتظار ڪرڻ اجايو آهي. مرڪزي سرڪار کي عرض ڪري سڌو سنئون سيف الرحمان جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ۽ سونڍن جي قبرستان وٽ مارجي ويل ست هزار سال پراڻي ڍانچي جي راز تان پردو کنيو وڃي. اِن ڪم ۾ جيڪڏهن دير ڪئي ويئي ته پوءِ امڪان آهي ته اُهو اي ايس آءِ جنهن ڍانچي کي زبردست پوليس مقابلي کانپوءِ ماري وڌو هو، ۽ اڄ ڪلهه ڊي ايس پي لڳل آهي، ڪٿي سنڌ جو آءِ جي پوليس ٿي نه پوي!
باقي سوال رهيو منهنجي سنڌ موٽي اچڻ جو! ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته دوستن کي ڪهڙو جواب ڏيان. ان کان اڳ جو سوچ ۾ گم ٿي وڃان، ۽ ڪنهن اي ايس آءِ هٿان پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃان، ۽ خدمت ڪاميٽيءَ جي خدمت کان محروم رهجي وڃان، مون ڀلي ڏني ڀوتار جو آواز ٻڌو.
ڀلي ڏنو ۽ مان ننڍي هوندي واڻين جي ٻنين مان گجرون چورائيندا هئاسين.
ڀلي ڏني چيو، “ ڀلا مان اسلام آباد اچان ته پاڻ وٽ رهائيندين. ”
هڪدم چيم “ اڙي چريا، تون اچي ڏس. توکي پنهنجي دل ۾ رهائيندس.”
“ تنهنجيءَ دل ۾ رهڻ تي مون کي ڪو خاص اعتراض ڪونهي.” ڀلي ڏني چيو، “ پر، مان تنهنجيءَ دل ۾ رهي نه سگهندس.”
پڇيم، “ ڇو؟”
چيائين، “ دل ۾ باٿ روم نه ٿيندو آهي.”■
1998