در تي ٺڪ ٺڪ
اوهين حيران ٿيندا هوندؤ ته انهن ڳالهين جي، بلڪه اهم ۽ حڪومتي ڳالهين جي خبر مونکي ڪيئن پيئي آهي؟ ڇا مان حاڪمن جي ٽولي ۾ ڪنهن جو پڳ مٽ يار آهيان؟ ڀيدي آهيان؟ يا وري ديسي قسم جو شرلاڪ هومز آهيان، يعني جاسوس آهيان؟ اوهين اِن ڳالهه کي اتي ئي ڇڏي ڏيو. ان مامري ۾ نه پئو ته اصل ۾ مان ڪير آهيان، ۽ اَڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب ڪري رهيو آهيان، ۽ سو به نامرادن جي شهر اسلام آباد ۾!
اسلام آباد طلسماتي شهر ته ناهي، پر ڪم هتي طلسماتي ٿيندا آهن، ۽ عقل چرخ ڪري ڇڏيندا آهن. عشق هڪ ماڻهو ڪندو آهي، ۽ بدنام ٻيو ڪو ٿيندو آهي. محنت ڪو ڪندو آهي، محنت جو ڦل ٻيو ڪو کائيندو آهي. جيڪو زهر جو ڍڪ ڀريندو سو نه مرندو. جيڪو زهر جو ڍڪ نه ڀريندو سو مري ويندو. ڏاڍو عجيب شهر آهي اسلام آباد! هتي تاڙي فقط هڪ هٿ سان وڄندي آهي. جبل آهن. ترايون آهن، پوءِ سڏ جو پڙاڏو نه ايندو آهي. ضياالحق تختو اونڌو ڪرڻ کان اڳ ٽوپي لاهي ذوالفقار علي ڀٽي کي سلام ڪيو هو، ۽ ويهي رهيو هو. هُن ادب وچان ذوالفقار علي ڀٽي آڏو ساسر ۾ چانهه وجهي پيتي هئي، ۽ ڪلاڪ کان پوءِ سندس ترو ڪڍي ڇڏيو هو. ٻاهرين ڪنهن ملڪ ۾ دورو پورو ڪرڻ کان پوءِ واپس ورندي محمد خان جو ڻيجو اڃا هوائي جهاز ۾ ئي هو جو ڊسمس ٿي ويو هو. هوائي اڏي تي لٿو. نه نوڪر، نه چاڪر! نه ڌرتيءَ کي لت هڻي سليوٽ ڪرڻ وارا! هٿن ۾ جهنڊيون جهلي بيهندڙ ٻارڙا ۽ ٻارڙيون به غائب هيون. ڪاريون، چمڪندڙ بُليٽ پروف موٽرون به اوجهل هيون. محمد خان جوڻيجو ماٺڙي ڪري گھر هليو ويو. ويندي ويندي بد دعا ڏيئي ويو هو، ته ٻيهر جڏهن به ڪو ڪنهن کي هوائي جهاز ۾ ڊسمس ڪندو، سو عبرتناڪ نتيجو ڏسندو.
منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته اسلام آباد ۾ رهڻ جا پنهنجا مزا آهن. هتي هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه شو ڏسي سگهبا آهن. هتي رازن تي ململ جا پڙدا پيل هوندا آهن. هتي هر ڪم لاءِ ميٽنگ سڏائي ويندي آهي. آفيس فائيل جي ڪَوَر تي حڪومت جو مونوگرام ساڄي پاسي هجي، يا کاٻي پاسي هجي، ان لاءِ زبردست ميٽنگ سڏائي ويندي آهي، جنهن ۾ کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر جي سياست بحث هيٺ ايندي آهي، ۽ مونوگرام جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويندي آهي. ان کان پوءِ بحث مباحثا اخبارن ۾ هلندا آهن.
اهڙيئي هڪ ميٽنگ م جمهوريت جي ناڪاميءَ تي ڏاڍو زبردست بحث هليو هو جنهن ۾ ملڪ جي چونڊ سياڻن جي عقل ۾ اڪابرن ڀرپور حصو ورتو هو. ميٽنگ هڪ متفقه فيصلي تي وڃي دنگ ڪيو. اِن فيصلي کان ملڪ جي ڪنهن ماڻهوءَ ۽ مرونءَ انڪار نه ڪيو. بحث ۾ ثابت ٿيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي ناڪاميءَ جا ذميوار وڏيرا، چوڌري، خان، سردار ۽ مَلِڪَ آهن، جن هميشه کان اسيمبلين جا ايوان آباد ڪيا آهن. فيصلو ٿيو ته هن دفعي ملڪ تي حڪومت جو موقعو اميرن بدران غريبن کي ڏبو. غريب جيئن ته مفلسيءَ ۾ زندگي گذاريندا آهن، ۽ هيٺين سطح تي رهندا آهن، تنهن ڪري چونڊون هيٺين سطح تي ٿينديون. اهڙيءَ ريت جمهوريت کي غريب جي جهڳيءَ تائين پهچائي اچبو. وڏو انقلابي فيصلو هو. اقتصادي ۽ سياسي علمن جو پروفيسر جيڪڏهن هن ملڪ جو سربراهه ٿي پوي ها، سو به برادري ۽ قبائلي ۽ ذات پات ۾ ورهايل معاشري ۾ هيٺين سطح تي چونڊون ڪرائڻ جو سوچي نه سگهي ها.
پر، همٿ ڀريئي فيصلي جا نتيجا پهرين مرحلي جي چونڊن کان پوءِ سامهون آيا آهن. بنون، ڊيره غازي خان ۽ راجنپور کان وٺي ليا، سرگوڌا، خوشاب، گوادر، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ جيڪب آباد تائين ارڙهين ڊسٽرڪٽس ۾ ڪنهن به هنڌ ڪو وڏيرو، چوڌري، خان، سردار، ۽ مَلِڪُ ڪامياب ٿي نه سگھيو آهي. اِن حقيقت جي مون تصديق ڪري ڇڏي آهي. هن دفعي چونڊن ۾ توهان ۽ اسان جهڙا الله بخش ۽ الله رکيون بيٺا ۽ بيٺيون. ڪاميابي سندن قدمن تي اچي ڪري. غريب غربن جن کي چونڊيو آهي، تن مان ڪي هاري ناري آهن، درزي آهن، رازا آهن، ڌنار آهن، لوهر آهن، واڍا آهن، وڏو انقلاب آيو آهي. سُکين جو دور ختم، ۽ ڏکين جو دور شروع ٿيو آهي. جمهوريت جي مالدارن کان جند ڇٽي آهي. جمهوريت جو بول بالا ٿيو آهي.
هڪ ڳالهه ياد رکجو. اسلام آباد ۾ واعدو هڪ سان ڪبو آهي، پر نڀائبو ٻئي ڪنهن محبوبه سان آهي.■