تاريخ جو خاموش شاهد
ويهه سال اڳ 1970 ۾ بنگلاديش جو نالو زبان تي آڻڻ وڏي ۾ وڏو ڏوهه هو - گناهه هو غداريءَ جي مترادف هو. ۽، غداريءَ جي سزا موت هئي! پر تڏهن، مرڻ مهڻو نه هو. موت منهندي ٿي پيو هو - هر گھوٽ اڻموٽ سوريءَ جو سينگار ٿي پيو هو. ۽ اهو سڀ ڪجهه اوچتو نه ٿيو. تاريخ جو خوني ۽ دردناڪ باب اوچتو کلي نه پيو هو. تاريخ ۾ آخري معرڪي کان گھڻو اڳ حالتون تبديل ٿينديون آهن. هڪ غلطي ٻئي غلطيءَ کي جنم ڏيندي آهي. ميدان هموار ٿيندو آهي. هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ جو سمو ويجهو ايندو آهي. رُڪ وهندي راند ۾ سِرُ ڏيئي سرهو ٿيڻ جو وقت سِرَ تي اچي بيهندو آهي. تڏهن، آخري معرڪي کان پوءِ سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي. جن کي باغي ۽ غدار جو فرمان ٻڌائي ڦاهين تي چاڙهيو ويندو آهي، سي اڳواڻ ٿي پوندا آهن - انقلاب جا هيرو سڏجڻ ۾ ايندا آهن.
تاريخ جي خاموش شاهد کي 1955 ۽ 1956 وارو دور ياد آيو. پنجٽيهه ڇٽيهه ورهيه اڳ وارو زمانو!
ڀڳل ٽٽل ۽ مضحڪه خيز اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي پنجن صوبن، سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان، ۽ مشرقي پاڪستان جي ميمبرن جي ورڇ اهڙي نموني هئي جو فقط هڪ صوبي ، مشرقي پاڪستان جا ميمبر آباديءَ جي آڌار تي اسيمبليءَ ۾ ڪُل ميمبرن کان اڌو اڌ هئا. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان جي گڏيل ميمبرن جو تعداد مشڪل سان مشرقي پاڪستان جي ميمبرن جي برابر ٿي پئي سگھيو. اِها ڳالهه اقتدار جي بکين، مغربي پاڪستان جي جاهل، اڻپڙهيل، ۽ عقل جي اَنڌن سياستدانن کي دل ۾ ڪنڊي وانگر پئي چڀي.
تعداد کان سواءِ، مغربي پاڪستان جي چئن صوبن ۽ مشرقي پاڪستان جي ميمبرن جي وچ ۾ تعليم، سماجي ۽ سياسي شعور ۽ اقتصادي حالتن جو وڏو ويڇو هو. مغربي پاڪستان جي چئن صوبن جا ميمبرجاگيردار، سردار، گڙنگ زميندار، چوڌري ۽ خان هئا. سندن تعليم ناقص، ذري گھٽ جاهل، سياسي ۽ سماجي، ۽ معاشرتي سوچ کان بنهه وانجهيل هئا. سندن چال چلت، اُٿڻي ويهڻي جاگيرداري نظام جي نمائنده هئي. پنهنجي مرضيءَ جا انسپيڪٽر، تپيدار، ۽ مختيارڪار پنهنجي تڪ ۾ رکائڻ ۽ عياشيءَ کانسواءِ کين ڪنهن قسم جي سماجي ۽ سياسي تبديليءَ سان دلچسپي نه هئي.
ان جي برعڪس مشرقي پاڪستان جا ميمبر، ذري گھٽ سڀئي، هيٺين، ۽ هيٺين وچولي طبقي جا عام انسان هئا - اعليٰ تعليم يافته، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ انقلابي سوچ رکندڙ. مخلص، ۽ اخلاقي طرح نيڪ هئا.
ان کان اڳ جو پاڪستان ۾ سياسي سماجي ۽ اقتصادي تبديلي، يا ڪو انقلاب اچي، مغربي پاڪستان جي سياستدانن، ڪامورن ۽ جرنيلن سان ملي ڀڳت ڪري اسيمبليءَ ۾ بنگالين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مغربي پاڪستان جي ماڻهن تي ون يونٽ مڙهي ڇڏيو. خبرن ۾ جڏهن به سنڌ جي نالي سان گڏ لفظ سابقه استعمال ٿيندو هو، يعني سنڌ کي سابقه صوبه سنڌ سڏيو ويندو هو، تڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان موٽ ۾ آواز ايندو هو – جيئي سنڌ. اِن آواز سموري مغربي پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو. لڏندڙ، لمندڙ ٿوڻين ۽ ٿنڀن تي بيٺل ون يونٽ کي تقويت ڏيڻ لاءِ 1958 ۾ ملڪ سان پهرين مارشل لا لاڳو ڪئي وئي- ايوب خان جي مارشل لا جنهن 1963 ۾ هڪ ڪراڙي، ضعيف ۽ اڪيلي عورت فاطمه جناح کي رڪارڊ ٽوڙ ڌانڌلين واري چونڊ ۾ شڪست ڏيئي، پاڻ کي فيلڊ مارشل جو لقب ڏنو هو.
باقي سڀ ڪجهه تاريخ جو اَڻ لکيل آهي، جنهن کي پاڪستان جي مستند تاريخ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي - نوجوان نسل کان لڪايو ويو آهي. نوجوانن کي غلط تاثر ڏيئي، پنهنجيون فاش سياسي غلطيون ۽ نا قابلِ معافي ڏوهه لڪائڻ لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته بنگالي، اسان مغربي پاڪستان جي پاڪ مسلمانن جي مقابلي ۾ گھٽ درجي جا مسلمان، گھٽ درجي جا محب وطن هئا. هو هندستان جا ايجنٽ هئا. سندن ثقافت هندواڻي هئي، تنهنڪري اسان کان ڌار ٿي ويا!
تاريخ جو خاموش شاهد ماٺ ۾ غلطان هو، ۽ شميم آرا نيپا ۽ شبيلي محمد جو ڪٿڪ رقص ڏسي رهيو هو، جيڪو رابيندر ناٿ ٽيگور جي ڪويتائن تي مبني هو. اُداس اکين سان تصور ۾ هو اُنهن کي ڏسي رهيو هو جيڪي اسان کان وڌيڪ ذهين، وڌيڪ پڙهيل ڪڙهيل ۽ وڌيڪ سياسي ۽ سماجي سوچ ۽ شعور رکندڙ هئا. هنن سياست جي نالي ۾ مغربي پاڪستان جي غنڊه گرديءَ کي قبول نه ڪيو هو. رت ۽ باهه جي درياه مان لنگهي وڃڻ جي باوجود هو اسان جي سياسي داداگيري ۽ غنده گردي ختم ڪرائي نه سگهيا، ۽ اسان کان جدا ٿي ويا هئا.
فردوسي رحمان جي بنگالي گيتن کان پوءِ، آخر ۾فنڪارن جڏهن بنگلاديش جو قومي نغمو آلاپيو، تڏهن تاريخ جي خاموش شاهد سان گڏ احترام وچان پاڪستان جي اعليٰ عملدار ۽ عهديدار به اُٿي بيهي رهيا. ■