وڏيرو بچايو، سنڌ جو ڪلچرل بچايو
هر طاقتور اڇو اُجرو هوندو آهي. هر ڪمزور ڪارو يا ڪاري هوندو آهي. تنهن ڪري اڇن اُجرن کي ته ڪارن ڪوجهن کي ماريندا رهن، کين قتل ڪندا رهن. مرڻ ۽ مارڻ جي رسم کي ڪو روڪي نه سگهندو. سِرُ ڏيڻ، ۽ سِرُ وٺڻ جو رواج قيامت تائين جاري رهندو. نه دنيا مُڙندي، ۽ نه دل وارا مڙندا.
باقي وڏيرن واري معاملي سان منهنجي دلچسپي آهي، بلڪه ضرورت کان وڌيڪ دلچسپي آهي. مان پاڻ ڇوٽو موٽو وڏيرو آهيان. بابا، ڏاها ٿيو. وات ڳاڙها نه ٿيو. ويرين جي وَرِ نه چڙهو. عقل کان ڪم وٺو. جيڪڏهن بي عقل آهيو، ته پوءِ مُٺ ڀڳڙن جي ڏيئي بازار مان عقل ذرو وٺي اچو، ۽ پنهنجي مٿي ۾ وجهي ڇڏيو. ياد رکو ته خالي مٿي ۾ چٻ آکيرو ٺاهي ويهي رهندي آهي، ۽ آنا لاهيندي آهي،
اسين وڏيرا سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت آهيون. هڪ انسٽيٽيوٽ آهيون. اسان جي وجود کان سواءِ سنڌ اڻپوري آهي. سنڌ صدين کان سکي ستابي آهي، سا اسان جي ڪري آهي. سنڌ جي ساک اسان جي ڪري آهي. اسان تن، من، ۽ ڌن سان سنڌ جي خدمت ڪئي آهي، ۽ ڪندا رهنداسين. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اسان اسڪول کولايا، اسپتالون اڏايون، پوسٽ آفيسون قائم ڪرايون، ٽيليفون، روڊن ۽ رستن ذريعي سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ ڇا نه ڪيو آهي!
مان مڃان ٿو، انڪار نه ٿو ڪريان ته اسان ۾ ڪجهه وڏيرا ڏاڍا ڏنگا آهن جن اسان جي ساک کي نقصان پهچايو آهي. پر، هيڏي ساري سنڌ ۾ ڏنگا وڏيرا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آهن. اُهي اڻپڙهيل، ۽ اَڻ گھڙيل آهن. اسان وڏيرن جي واضح اڪثريت سنڌ سان ساهه قربان ڪرڻ واري جي آهي. اِهوئي سبب آهي جو اسان ٻهراڙين ۾ حيرت انگيز سڌارا آندا آهن. ڳوٺاڻن کي ڇپر آهي، ڇانوَ آهي. تن تي لٽو ڪپڙو، ۽ پيٽ ۾ ماني آهي. سندن قيمتي زندگيءَ جا من گھريا پوليس انسپيڪٽر ، ايس پي، ڊپٽي ڪمشنر، ۽ تپيدار بدلي ڪرائي رکايا آهن. قسم کڻي ڳالهه ڪريو، ته ورهين کان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙن ۽ خونن ۾ ڪا خبر ٻڌي اَٿوَ؟ امن امان لڳو پيو آهي. اسان ڌاڙيلن جو نالو نشان گم ڪرائي ڇڏيو آهي. هر طرف خدا جي فضل سان خير لڳو پيو آهي. اسان تي آڱر کڻڻ کان اڳ ٻهراڙيون ۽ ڳوٺ گھمي ڏسو. اوهان کي الغوزي تي لوڪ ڌن ٻڌڻ ۾ ايندي- مور ٿو ٽلي، راڻا مور ٿو ٽلي.
اسان وڏيرن سنڌ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي! اوهين پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي اسان کي چونڊيندا آهيو. اوهين ڇا ٿا سمجهو، اسيمبلين م اسين جھوٽا کائيندا آهيون! يا، وات تي پٽي ٻڌي ويهي رهندا آهيون! اوهان پاڻ پنڌ ڪري اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ اچي اسيمبلين ۾ اسان جا ڪارناما ڏسو. اسان جي ڪارڪردگي ڏسي حيران ٿيو. اوهين ڇا ٿا سمجهو، ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد ۾ اسين اسيمبلي اجلاسن دوران سمورو وقت موج مستي، ۽ سير سپاٽن ۾ گذاريندا آهيون! هي جو اوهان کي سمورا حق نصيب ٿيا آهن، سي مفت ۾ ٿيا آهن؟ ڏاها ٿيو. ويرين جي ور نه چڙهو. اسان جي بحث مباحثن کان پوءِ حڪومت سنڌي ٻوليءَ جو پاڪستان تي حق تسليم ڪيو آهي. ميڊيا پاليسيءَ ۾ سرڪار سڳوريءَ سنڌي ٻولي، علم، ادب، راڳ راهاڻ ۽ ثقافت جي وسعت کي قبول ڪندي سنڌ لاءِ هڪ الڳ ٽيليويزن چينل هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن لاءِ نيٽ ورڪنگ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي. آڱر کڻڻ کان اڳ اسان جي ڪارنامن جي فهرست ڏسو.
اسان جي بي مثل مهمانوازيءَ سبب سنڌ ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهور آهي. اسلام آباد کان حاڪم اڪثر سنڌ گھمڻ ايندا آهن. سندن مهمانوازي ماستر موليٰ بخش مولو نه ڪندو آهي، اسين ڪندا آهيون. حاڪمن جي مهمانوازي اسان کي ورثي ۾ مليل آهي. اسان جي طعامن جي هڳاءَ سبب سر چارلس نيپئر جو روح اڄ تائين سنڌ ۾ ڀٽڪندي ڏٺو ويو آهي. ماستر موليٰ بخش مولوءَ جي دل کائي ڪو به حاڪم ٻيهر سنڌ -ڏسڻ جي سَڌَ نه ڪندو.
حاڪمن کي جيرا، بڪين، ۽ مغز کارائڻ کان پوءِ سندن دل وندرائڻ لاءِ اسين شيل شڪار جو زبردست بندوبست ڪندا آهيون. رِڇَ ۽ مِرونءَ تي ڪتن جي بڇ ڏسي مهمان ڏاڍو لطف اندوز ٿيندا آهن. هڪ دفعي فيلڊ مارشل ايوب خان مون کي مهمانوازيءَ جو شرف بخشيو هو. مون وٽ اچي رهيو هو. مون کيس جيرا، بڪيون ۽ مغز کارايو هو. شام جو مون کيس هڪ رڇ تي ڪتن جي بڇ ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو هو. مهمان کي مايوس ڪرڻو به نه هو. مان رڇ جي کل پائي ميدان ۾ لٿو هوس. خونخوار ڪتن جو مقابلو ڪندي زخمي ٿي پيوس. ڊاڪٽر مون کي پيٽ ۾ چوڏهن سيون هنيون هيون.
هڪ دفعي نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت جنرل ضياالحق به مون کي مهمانوازيءَ جو شرف بخشيو هو. اُن دفعي به اتفاق سان ڪو بدبخت رڇ هٿ نه آيو هو. مان رڇ جي کل پائي ميدان ۾ لٿو هوس، پر، مون ڪتن بدران پاڻ تي گدڙن جي بڇ ڪرائي هئي. مهمانن جو مرتبو ڏسي سندن دل وندرائڻ لاءِ اسين ڇا ڇا نه ڪندا آهيون! تنهن ڪري مٺا، ڏاها ٿيو. آڱر کڻڻ کان اڳ اسان جا ڪارناما ڏسو. مُٺ جيترن ڏنگن وڏيرن جي ڪري سنڌ جي سمورن وڏيرن جي ڪارڪردگيءَ جو ٻيڙو نه ٻوڙيو. ويرين جي ور نه چڙهو. سنڌ جي عظيم ثقافتي انسٽيٽيوٽ جي حفاظت ڪريو.■