روح رهاڻ
اڄوڪو دور ڏکيو آهي- برابر ڏکيو آهي. پر، وَن يونٽ وارو دور تمام ڏکيو هو- ايتري قدر ڏکيو، جو جِن ون يونٽ وارو دور اکين سان نه ڏٺو ۽ ڀوڳيو، سي تصور به نٿا ڪري سگهن ته اصلي مارشل لا ڇا ٿيندي آهي، گُهٽ ۽ ٻوسٽ ڪيئن هوندي آهي! اونداهي سُرنگ مان ڪيئن لنگهبو آهي! سِرُ تريءَ تي رکي ڪيئن جيئبو آهي! ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏيئي، نينهن جو نعرو ڪيئن هڻبو آهي!
اڄوڪي دور ۾ جلسا جلوس ٿي رهيا آهن. ڪتاب ۽ پمفليٽ ڇپجي رهيا آهن. سخت کان سخت تقريرون ٿي رهيون آهن. اخبارن جا ڪالم ڪارا ٿي رهيا آهن. اسٽرائيڪون ۽ بائيڪاٽ هلي رهيا آهن! پر، ون يونٽ واري دور ۾ ائين نه هو.
ايوب خان واري مارشل لا اصل ۾ ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ لڳائي ويئي هئي.اسان جي جنگ، سنڌ جي جنگ سڌو سنئون ون يونٽ سان جوٽيل هئي، ۽ اڻ سڌي طرح ايوب خان جي مارشل لا سان. اُن زماني ۾، 1956 کان 1968 تائين، نه تقرير جي اجازت هئي، ۽ تحريڪ جي. ٻڪر ٻوساٽ هئي. چپ چپات! خاموشي، سا به قبرستان جهڙي! سياستدان، سنڌ جا، جيئن ته جاگيردار ۽ وڏا وڏا زميندار هئا، تنهنڪري تاريخ جي هر دور وانگر حاڪمِ وقت، ايوب خان سان مِلي ويا، ۽ وڏيون وڏيون وزارتون، ۽ مرتبا وٺي ويهي رهيا. سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيائون- ۽ لکرايائون، سابق صوبه سنڌ.
جواب ۾ سنڌ جي هڪ هڪ اسڪول، ڪاليج، ۽ يونيورسٽي مان آواز آيو- جيئي سنڌ.
اهڙي وقت ۾ حميد سنڌيءَ 1960 ۾ پابنديءَ سان روح رهاڻ جاري ڪئي- ماهوار رسالو. سنڌ ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڪات ڪهاڙا اُڀا ٿي ويا. اقبال الاءِ ڪنهن جي لاءِ چيو آهي، تیغوں کے سائے میں ہم پل کر جواں ہوئے. حقيقت ۾ روح رهاڻ تيغن ۽ تلوارن جي ڇانوَ ۾ وڌي وڻ ٿي- بيرحم سياسي اُس ۾ ڇپر ۽ ڇانوَ ٿي پيئي. ڪجهه نالا دل تي تري آيا آهن- اسين سڀئي روح رهاڻ جي پاور هائوس جي پيدوار آهيون. نالا لکندي لکندي ڇڏي ڏنا اٿم.
روح رهاڻ جو مواد مزاحمتي ادب جو مستند حوالو آهي. حميد سنڌيءَ ڪمال پابنديءَ سان رسالو هر مهيني اسٽالن تي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو هو. پهرين تاريخ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ رسالو مارڪيٽ ۾ پهچي ويندو هو. ايڏي پابندي، ان کان پوءِ اسان “سهڻيءَ” جي اوائلي دور ۾ ڏٺي.
حميد سنڌيءَ ٻين ليکڪن سان گڏ مون کي به لکڻ جي مڪمل آزادي ڏيئي ڇڏي. جيڪي وڻندو هو، جيئن وڻندو هو، ۽ جهڙي فارميٽ ۾ وڻندو هو، لکندو هوس، ۽ حميد سنڌي ڇپي ڏيندو هو. هن منهنجيون اهڙيون اهڙيون ڪهاڻيون شايع ڪيون جو طارق اشرف کانسواءِ ٻيو ڪير به ايڊيٽر جيڪر هر گز قبول نه ڪري ها. ان جو نتيجو اِهو نڪتو جو منهنجي هڪ ڪهاڻي، “هڪ لاش ۽ راتين جا رولاڪ” سبب روح رهاڻ تي 1968 ۾ بندش پئجي ويئي.
ڀٽ ڌڻيءَ جي عرس تي حميد سنڌيءَ کي ادبي ڪانفرنس هلائيندي ڏٺم ته بسنت هال ۾ منعقد ٿيل روح رهاڻ جا ساليانه جشن ياد آيا. “پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ ”، واري ڳالهه هوندي هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ليکڪ اچي گڏ ٿيندا هئا. مون کي اُهو جشن به ياد آهي، جنهن ۾ مشاعري جي محفل ۾ شيخ اياز کي صدارت ڪرڻي هئي، عين انهيءَ وقت شيخ اياز لاءِ سرڪار طرفان حيدرآباد ڇڏي وڃڻ، يعني نيڪاليءَ جا احڪام پهتا هئا. اهو جشن، 1968 وارو، روح رهاڻ جو آخري جشن هو.■