ماستر عبدالواحد جو موت
مونکي اچرج نه ٿيو. چيم، “مونکي خبر هئي ته ماستر عبدالواحد نه بچندو. مري ويندو.”
ڀليڏني ڀولڙي هڪدم پڇيو، “توکي ڪيئن خبر پئي؟”
چيم، “سلهه هيس نه!”
ڀليڏني کي ڪجهه ڪجهه بڇان لڳي. چيائين، “جنهن کي سلهه نه هوندي آهي سي به مري ويندا آهن.”
اِن کان اڳ جو مان ڳالهايان، ۽ ڀليڏني کي ڪو جواب ڏيان جيئند چيو، “سرڪاري اسپتال مان ماستر دوا وٺي پئي موٽيو. واٽ تي هڪ پجيرو کيس چيڀاٽي ماري ڇڏيو. سندس پوڙها هڏ گڏ ڀڄي پيا. مٿو ويل هيٺان اچي ڦسي پيس، ۽ سندس ميڄالو مٿي مان نڪري هر طرف پکيڙجي ويو.”
ڳالهه ڏک جهڙي هئي. چيم، “مونکي افسوس ٿيو آهي.”
ڀليڏني چيو، “افسوس نه ڪر ، ٻيو ڪجهه ڪر.”
مون تعجب وچان ڀليڏني ڏانهن ڏٺو. ڀليڏني چيو، “اخبارن ۾ وڏين سرخين سان خبر ڏيار ته ماستر عبدالواحد مري ويو آهي. ”
دوستن کي خبر آهي ته اخباري صنعت سان منهنجا اڻسڌا پر تمام گهرا تعلقات آهن. متان سمجهيو ته مان صحافي قسم جو ڪم ماڻهو آهيان، ۽ اخبارن لاءِ ڪاغذ ڪارا ڪندو آهيان. لکڻ پڙهڻ جهڙي ڪڌي ڪم سان منهنجو ڪو تعلق نه آهي. مان سرڪاري اشتهار جاري ڪرڻ وارن ادارن ۽ اخباري صنعت جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندو آهيان، ۽ ٻنهي طرفان ڪميشن وصول ڪندو آهيان. اِهو ئي منهنجي گذر سفر جو واحد وسيلو آهي، جنهن ۾ مونکي ٻارهوئي سفر ڪرڻو پوندو آهي. پنهنجي پنهنجي نصيب جي ڳالهه آهي. مان سمجهان ٿو اِن ۾ سمورو عمل دخل منهنجي نالي جو آهي. منهنجو نالو صفر آهي. ڪانوينٽ اسڪول ۾ پهرين ڏينهن منهنجو نالو ٻڌي اسان جي ماسترياڻي مس ميري حيران ٿي هئي. چيو هئائين، “تون ڏسڻ ۾ ته ڏاڍوکلمک ڇوڪرو آهين، پر تنهنجو نالو SUFFER (تڪليف، ڏک) ڇو آهي؟”
ڏاڍي سهڻي، من موهڻي هوندي هئي. مون خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجي زندگيءَ جو پهريون عشق پنهنجي ماسترياڻي مس ميري سان ڪيو هو. کيس چيو هيم، “ تنهنجو نالو مس ميري (MISS MERRY) آهي، پر تون گدلي ۽ ميري نه آهين. مان صفر آهيان، پر انگريزيءَ وارو SUFFER نه آهيان.”
پوءِ، اڳتي هلي زندگيءَ ۾ گذر لاءِ جڏهن مونکي سفر ڪرڻو پيو، تڏهن مون کي سمجهه ۾ آيو ته مائٽن منهنجو نالو صفر ڇو رکيو هو. مان فقط سرڪاري ادارن کان اشتهار وٺي اخباري صنعت کي نه ڏيندو آهيان. پرائيويٽ ادارن سان به منهنجي عليڪ سليڪ سٺي آهي. هڪدفعي هڪ ڪاسميٽڪ ڪمپنيءَ جو سيلز مينيجر پنهنجي پراڊڪٽ جو اشتهار کڻي آيو. اشتهار سندن تيار ڪيل ڪريم بابت هو. چيائين، “سنڌ ۾ ڪارن ۽ ڪارين جو تعداد وڌي ويو آهي. هيءَ ڪريم لڳائڻ سان ڪا ڪاري نه رهندي، ڪو ڪارو نه رهندو. هرڪو اڇو اُجرو ٿي پوندو.”
اُهو اشتهار ڪنهن به سنڌي اخبار هلائڻ لاءِ مون کان نه ورتو. منهنجي ڪميشن مارجي ويئي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته منهنجن سنگتين ساٿين کي خبر آهي ته اخباري صنعت وارن سان منهنجي دعا سلام آهي. مان خبرون ڇپرائي سگهندو آهيان، خبرون ڪڍرائي سگهندو آهيان. ماستر عبدالواحد مري ويو ته دوست اچي منهنجي در تي بيٺا. ضد ٻڌائون ته ماستر عبدالواحد جي موت جي خبر سندس تصويرن سميت اخبارن جي پهرين صفحي تي اچڻ گھرجي. سالن جا سال اخباري صنعت سان لهه وچڙ ۾ رهڻ سبب مان اخبارن جي پاليسيءَ کان واقف آهيان. هڪدم حامي نه ڀريم. ڀليڏني ڀولڙي کان پڇيم، “ماستر عبدالواحد ڪهڙا ڦاڙها ماريا هئا جو سندس موت جي خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي اچي؟”
سڀئي وائڙا ٿي ويا. جيئند اچرج وچان پڇيو، “توکي سچ پچ خبر ڪونهي ته ماستر عبدالواحد ڪير هو!”
چيم، “ مون کي فقط ايتري خبر آهي ته وڏيرن ۽ سردارن جي سخت مخالفت جي باوجود هو ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول کولرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. ڀڃ ڊڪ ڪري اسڪول لاءِ بجلي ڇڪرائي آيو هو. فرنيچر وٺي آيو هو. صبح جو ڳوٺ جي ٻارن کي تعليم ڏيندو هو. شام جو هارين نارين کي پڙهائيندو هو. پر، اهي ڳالهيون اهڙيون ناهن جو سندن موت جي خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي اچي سگهي. اوهين پسند ڪريو ته سندس مرڻ جي خبر اخبارن جي اندرين صفحن تي ڪنڊ پاسي ڇپرائي ڇڏيان.”
ڏاڍو مايوس ٿيا. جيئند چيو، “ تون چاهين ته سڀ ڪجهه ڪري سگهين ٿو. ايڊيٽر تنهنجو چيو نه موٽائيندا.”
سوچيم. پوءِ سوچيم، “ اوهين جيڪڏهن اِهو ثابت ڪري سگهو ته پجيرو هلائڻ واري بااثر شخص جي ماستر عبدالواحد سان دشمني هئي، ۽ هن کيس رستي تان هٽائڻ لاءِ پجيرو سان چيڀاٽي ماري ڇڏيو هو، ته پوءِ اِها خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي اچڻ جهڙي ٿي پوندي. ورنه، هرگز نه.”
جيئند چيو، “ اسان کي ته فقط ايتري خبر آهي ته پجيرو ڪو بااثر شخص هلائي رهيو هو. ماستر عبدالواحد کي چيڀاٽي ماري هليو ويو. اسان سندس گاڏيءَ نمبر نوٽ ڪيو، پر پوليس ايف آءِ آر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.”
کانئن پڇيم، “ چڱو ڀلا، ماستر عبدالواحد جي بااثر شخص سان ڪا دشمني هئي ڇا؟”
وراڻيائون،“ ماستر عبدالواحد درويش انسان هو. هن جي ڪنهن سان دشمني نه هئي.”
چيم، “پوءِ ته سندس موت جي خبر پهرين صفحي تي بنهه اچي نه سگهندي. ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ ڇرڪائيندڙ خبرون گهرجن.”
ايلاز ڪندي چيائون، “ ائين نه ڪر، صفر. ٻيلي ڏاهو ٿيءُ.”
پڇيومانِ، “هيءُ جو گاهه واري سطح، منهنجو مطلب آهي! GRASS ROOTS LEVEL تي چونڊون ٿيڻيون آهن، انهن چونڊن ۾ ماستر بيهڻ جو ارادو ڏيکاريو هو ڇا؟”
جيئند چيو، “ ايندڙ چونڊن ۾ هميشه وانگر سردار پاڻ بيهندا، يا پنهنجا ماڻهو بيهاريندا. ماستر ويچاري جي ته ضمانت به ضبط ٿي وڃي ها.”
چيم، “ يار، ته پوءِ اوهين پاڻ ئي ٻڌايو ته ڇاجي ڪري ماستر عبدالواحد جي موت جي خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي اچڻ گهرجي!”
ڀليڏني چيو، “ ماستر عبدالواحد جا ڪجهه شاگرد اڳتي هلي ڊاڪٽر ٿيا، انجنيئر ٿيا. سائنسدان ٿيا، پروفيسر ٿيا. اِها ڪا معمولي ڳالهه آهي.”
“اِها تمام معمولي ڳالهه آهي، ڀائرو. اخبار پڙهڻ وارن لاءِ اِها دلچسپيءَ جي خبر ناهي. ” چيم، “ ها، جيڪڏهن ماستر عبدالواحد جو ڪو مامو يا ماسات وزير، ايم اين اي يا ايم پي اي رهي چڪو آهي ته پوءِ سندس مرڻ جي خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي شايع ٿي سگهندي، ۽ غور ۽ دلچسپيءَ سان پڙهي ويندي.”
چيائون، “ ماستر عبدالواحد الله سائين جو ماڻهو هو.”
چيم، “ الله سائين جي ماڻهوءَ جي موت جي خبر پهرين صفحي تي شايع نه ٿيندي آهي.”■