راتيون جاڳن جي
وضاحت گهري هئي مانس، ته چيو هئائين، “ ڏس نه، سج لٿي کان پوءِ هرڪو ساهه وارو، چٻري ۽ چمڙي کان سوا پنهنجي پنهنجي وٿاڻ تي وڃي ٿانئيڪو ٿيندو آهي. پر، تو وارو ڀاءُ سج لٿي کان پوءِ ڄڻ هوش ۾ ايندو آهي، ۽ ڪم کي لڳي ويندو آهي.”
ستارن، ۽ ابجد جي حسابن ۽ ياقوت، زمرد، نيلم، ۽ پکراج جهڙن پٿرن سان مون کي ڪا خاص دلچسي نه رهي آهي. هڪ دفعي مون ابجد ۽ ستارن سان دلچسپي رکڻ، بلڪه اڀياس ڪرڻ واري ماهر سان چيني جي باري ۾ ڳالهايو هو. هن ڏاڍي حيرت انگيز ۽ وائڙو ڪري ڇڏڻ واري سمجهاڻي ڏني هئي.
رات جي وضاحت ڪندي هن چيو هو ته، رات جون انيڪ معنائون آهن- رات جي معنيٰ آهي موت، پُراسرار، مخفي،مبهم،الوپ،عدم موجود، اوجهل، اٿاهه، پناهه ۽ سقوط. راتيون جاڳي ڪم ڪرڻ وارا غير معمولي قوت جا مالڪ هوندا آهن. هو نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجھڻ وارا، ۽ موت سان اک ملائڻ وارا ٿيندا آهن. هو ايب شاعر، صحافي، اخبار نويس، محقق، فلمون ٺاهڻ وارا، ۽ موسيقار ٿيندا آهن.
مون ڊڄندي ڊڄندي کائنس پڇيو ته، “ چور ۽ ڌاڙيل به ته رات جو واردات ڪندا آهن.”
هڪدم وراڻيو هئائين، “ڳالهه واردات جي آهي هڪ واردات سرخرو ڪندي آهي، ۽ ٻي واردات بدنام .”
وري به هٻڪندي کانئس پڇيو هيم، “سج لٿي کان پوءِ سجاڳ ٿيڻ واري ڪيفيت جو چيني جي ذهني صحت سان ته ڪو واسطو ناهي نه؟”
“هر ذهين شخص، گھٽ ذهين ۽ بيوقوف ماڻهن کي ڪجهه ڪجهه چريو لڳندو آهي.” ابجد ۽ فلڪيات جي ماهر چيو، “تنهنجو ننڍو ڀاءُ بيحد ذهين ، ۽ غير معمولي قسم جو ٻار آهي- مون کي حيرت آهي ته هو تو جهڙي هڪ ڏڏ، ڇسي، ۽ موڳي مٽر جو ڀاءُ ڪيئن آهي!”
مان پاڻ ڪنهن ڪنهن وقت چيني جون ڳالهيون ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويندو آهيان ته هو مون ڏڏ ۽ وائڙي جو ڀاءُ ڪيئن آهي!
هيءَ ڪالهه رات، اربع 31 جولاءِ جي ڳالهه آهي. مان ذري گھٽ ننڊ ۾ هوس، پر ٿورو ٿورو سجاڳ هوس جو پنهنجن کونگهرن جو آواز ٻڌم پئي.
مون در کلڻ جو آواز ٻڌو. اکيون مهٽيندي اُٿي ويٺس. ڏٺم ته چيني ٻاهريون در کولي ڇڏيو هو. تعجب وچان کانئس پڇيم، “اڙي چينا، هٿوڙا گروپ، يا ڪات گروپ لاءِ ڪم سولو ڪيو اٿئي ڇا!”
“اڄ جولاءِ جي 31 تاريخ آهي، ادا. ” چيني چيو هو، “اڄ کان پوءِ نه ڌاڙا لڳندا، نه قتل ٿيندا، ۽ نه چورين جون وارداتون ٿينديون.”
“ڇو چوريون نه ٿينديون ۽ ڌاڙا نه لڳندا!” پڇيم، “چورن ۽ ڌاڙيلن خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ڇا.”
“هٿيارن موٽائڻ جي آخري تاريخ گذري وئي آهي.” چيني چيو، “چورن، ڌاڙيلن، قاتلن پنهنجن ٻارن جي صدقي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن.”
پڇيم، “ڌاڙيل ۽ قتل هينئر پڪوڙا وڪڻندا ڇا؟”
وراڻيائين،“سياستدانن لاءِ ورڪر ٿي ڪم ڪندا.” ان کان پوءِ چيني جي نرڙ تي گنڊ پئجي ويو. هو سوچ ۾ گم ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڳالهايائين. چيائين، “ڌاڙا ۽ قاتل بندوق پاڻ ته نه ڪندي آهي! ڌاڙي ۽ خون لاءِ بندوق نفرت، انتقام، ۽ لالچ جي محتاج هوندي آهي. تون ڇا ٿو سمجهين هينئر ڌاڙا نه لڳندا ۽ خون نه ٿيندا!”
“هٿيارن موٽائڻ لاءِ سرڪار ڪروڙين رپين جا اشتهار اخبارن، رسالن، ريڊيو ٽيليويزن ۽ فلمن ذريعي هلايا آهن.” چيم، “جن ڪامورن سرڪار کان اشتهارن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرايا آهن، تن کي پڪ هوندي ته ايتري خرچ کان پوءِ ڌاڙيل ۽ خوني شرمندگيءَ وچان ڌاڙا هڻڻ ۽ خون ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. ”
چيني منهنجي ڳالهه ٻڌي، اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. آسمان هيٺان اوندهه ۾ وڃي بيٺو. اُتان، پريان ڳالهايائين چيائين، “جيستائين انسان نفرت ، حسد، اقتدار ۽ لالچ جي دوزخ ۾ کامندو، تيستائين هو ڌاڙا هڻندو ۽ خون ڪندو. ڌاڙا هڻڻ ۽ خون ڪرڻ لاءِ هٿيارن جو هئڻ ضروري ناهي. جڏهن هٿيار ايجاد نه ٿيا هئا، تڏهن به انسان ڌاڙا هڻندو هو، ۽ خون ڪندو هو! ”
چيم، “ان جو مطلب آهي ڪروڙين رپين جا اشتهار بي اثر آهن؟ ”
“اشتهارن ۾ هٿيار واپس ڪرڻ جو چيو ويو آهي.” چيني چيو، “اشتهار ۾ اهو نه چيو ويو آهي ته ڌاڙا نه هڻو، يا خون نه ڪريو.”
مون اچرج وچان چيني ڏانهن ڏٺو.
چيني چيو، “رات جو پهر ڏوهن، گناهن، ۽ ثوابن ڪمائڻ جو پهر آهي. جيستائين رات رهندي ماڻهو ۽ مرون ڏوهه ڪندا، گناهه ڪندا، ثواب ڪندا، طاقتور ڪمزور تي حمله آور ٿيندو، ۽ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ سرخرو ٿي سامهون ايندو. شب خون هڻڻ وارن کي تمغن سان نوازيو ويندو. جيستائين رات رهندي، ائين ئي ٿيندو رهندو. ”
چينو مون کي ماحول کان وڌيڪ پراسرار محسوس ٿيو.■
1991