جيئي ڪوڙ، سچ جي منهن ۾ ڌوڙ
غائب ٿيڻ لاءِ ضروري ناهي ته انسان آسمان ڏانهن اُڏامي وڃي، يا ڌرتيءَ جي تهن ۾ دفن ٿي وڃي، يا سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهندو، پاتال ۾ پيهي وڃي! زندگي ۾ اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن انسان موجود هئڻ جي باوجود غائب ٿي ويندو آهي- سندس هئڻ تي نه هئڻ جو، ۽ نه هئڻ تي سندس هئڻ جو گمان ٿيندو آهي. اهڙي دور ۾ خاموشيءَ تي گوڙ جو، ۽ گوڙ تي خاموشيءَ جو شڪ ٿيڻ لڳندو آهي. جيڪي ڪجهه نظر ايندو آهي، اصل ۾ نظر جو فريب هوندو آهي؛ ۽ جيڪي ڪجهه پوشيده هوندو آهي، سو سڀ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تڏهن انسان ، فهم جي وحشتن کان گهٻرائجي بَنُ وڃي وسائيندو آهي.
مون کي هميشه کان پنهنجي فهم ۽ فراست تي شڪ رهيو آهي. ڪجهه دوستن منهنجي شڪ کي يقين ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. هڪ دفعي هنن چيو هو، “ گدڙ، تون ايتريقدر ته ڏِڏُ آهين، جو اسين، ايندڙ چونڊن ۾ توکي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا آهيون.”
تڏهن، هڪ دوست سڀني جو ڌيان ڇڪائيندي چيو هو، “ گدڙ پيدائشي ڪنگلو آهي. روڪڙ ۽ ڏوڪڙ کانسواءِ چونڊن ۾ ڪيئن بيهي سگهندو!”
هڪ دوست چيو هو، “ ان جو مطلب آهي، ته پنهنجين خدا داد، موليٰ داد ۽ قادر داد صلاحيتن جي باوجود گدڙ چونڊن ۾ بيهي نه سگهندو! افسوس!
فهم ۽ فراست کان موليٰ مون کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ڏاڍي مزي ۾ آهيان. رامجيءَ کان ٻڪر ڦري وڃڻ وارن کي مان ٺڳ نه سمجهندو آهيان. مان کين عقلمند سمجهندو آهيان.
مان ڏاڍي کي گابو نه سمجهندو آهيان. مان گابي کي ڏاڍو، ۽ ڏاڍي کي وقت جي واڳ جو ڌڻي سمجهندو آهيان.
ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا نه ٿيندا آهن. ڏاڍي جي لٺ کي ٻن کان وڌيڪ مٿا ٿيندا آهن. هڪدفعي هڪ مورک، ڏاڍي جي لٺ ڀڃي وڌي هئي. تڏهن، ڏاڍي جي لٺ کي ٻن بدران چار مٿا ٿي پيا هئا. اعتبار نه اچيو، ته ڪا لٺ ٻه اڌ ڪري ڏسو!
اڄوڪي دور ۾ پاڻيءَ مٿان جهوپڙا هڻي، مورک اُڃ نه مرندا آهن. مورکن، جهوپڙن ۾ واٽر ڪولر رکي ڇڏيا آهن.
فهم، فراست جي وحشتن کان گهٻرائجي مون بن وڃي نه وسايو هو. مان فهم فراست کان وانجهيل آهيان، تنهنڪري ماڻهن جي بن ۾ گم ٿي ويو هوس. ماڻهن جي بن ۾ مونکي ٻيا شخص به مليا، جيڪي گم ٿي ويا هئا. جيڏانهن پورب پنڌ، تيڏانهن هو نه ويا. هنن وڃي هنگلاج وسايو.
مان نه پورب پنڌ ويس. ۽ نه وڃي هنگلاج وسايم. مان خاموش تماشائين جي وچ ۾ گهمندو رهيس. خاموشي! خاموشي به اهڙي جنهن جي گوڙ ۾ ڪنن جا پڙدا جيڪر ڦاٽي پون ! مون هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو، جنهن جي ڪنن جا پڙدا خاموشيءَ جي گوڙ ۽ شور ۾ ڦاٽي پيا هئا. ٻوڙو ٿي پوڻ کان پوءِ هن ڪائناتن جي گفتگو ٻڌي ورتي هئي، جيڪا هن اڳ ڪڏهن به نه ٻڌي هئي. اُها گفتگو ٻڌڻ کانپوءِ هو گونگو ٿي پيو هو. ڪجهه ماڻهو جو خيال هو ته هُو گونگو نه هو. هُن فقط ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. بهرحال، هو ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندو هو. اِها ٻي ڳالهه آهي، ته خاموشيءَ جي گوڙ ۾ ڪو به سندس آواز ٻڌي نه سگهندو هو.
مان ڪيڏانهن به گم ٿي نه سگهيو هوس. مان توهان جي اوسي پاسي هوس. مان اوهان سان ساڳئي سينيما ۾ ويٺو هوس، ۽ اُها فلم ڏسي رهيو هوس، جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه اوهان ٽڪيٽ ورتي هئي، ۽ نه مون ورتي هئي. بيزار ٿي توهان ۽ مون سينيما هال مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر سينيما جا در بند هئا. گيٽ ڪيپر درن کي تالا هڻي، ڪيڏانهن هليا ويا هئا.
گَٺَل فلم جو شو ختم ٿي چڪو آهي. منظر نامي جا نه مڪالما سمجهه ۾ آيا، ۽ نه ڏاڙهين، مُڇن ۽ ميڪ اَپَ جي تهن هيٺان لڪل چهرا چڱي طرح نظر آيا. مغربي سازن تي ديسي ڌُن ماڻهن جا عقل چرخ ڪري ڇڏيا. بهرحال رَبَ سائينءَ جا لک ٿورا، جو اسان جي فلمي تاريخ ۾ گٺل فلم جو شو ڪاميابيءَ ۽ خيرخوبي سان پورو ٿيو. گيٽ ڪيپرن در کولي ڇڏيا آهن، ۽ هڪ دفعو ٻيهر اسين سينيما کان ٻاهر نڪري آيا آهيون، ۽ فٽ پاٿ تي بيهي گول گپا کائي خوش ٿي رهيا آهيون.
انشا الله تعاليٰ، خدا کي حاظر ناظر ڄاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکبو- ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه نه ڳالهائبو؛ ۽ توهان جي مدد، دعائن، ۽ سهڪار سان سچ جو جنازو ڪڍي ڇڏبو. في الحال، موڪلايون ٿا- جيئي ڪوڙ، سچ جي منهن ۾ ڌوڙ.■
1990