هڪ قديم ڪهاڻيءَ جو اختصار
“بک ۾ پاهه ٿي فقط ذهين انسان ٽهڪ ڏيئي سگهندو آهي.” مون چيو، “مهدي آهي ته موڳي مٽر جو پٽ، پر وڏو ٿي افلاطون جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو.”
مهديءَ ٻيهر ٽهڪ ڏنو.
منهنجي گهر واريءَ روئڻهارڪي آواز ۾ چيو، “مان سمجهان ٿي بک ۾ پاهه ٿي اسان جي مهديءَ کي ڪجهه ٿي رهيو آهي.”
“اسان جي مهديءَ کي ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي.” چيم، “هن کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي. ٽهڪ ڏيئي، هُن منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي.”
مهديءَ ٽيهر ٽهڪ ڏنو. منهنجي گهرواري ڊڄي ويئي. چيائين، “چرچي ۾ ڳالهه نه ٽاريو. ڪو بلو ڪريو. ڪٿان ڪو مانيءَ ڳڀو آڻيو. مهديءَ کي ڪجهه ٿي رهيو آهي.”
“پنهنجي نصيب جي داڻي پاڻيءَ جو انتظار ڪندي توکي ۽ مون کي ڪجهه ٿيو آهي، جو مهديءَ کي ڪجهه ٿيندو؟” مون پنهنجي گهر واري سفوران کي چيو، “مهدي پنهنجي نصيب جي داڻي پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهي. هن کي ڪجهه به نه ٿيندو.”
“ايڏا بيدرد نه ٿيو.” سفوران روئي پيئي. چيائين، “خدا جي واسطي ڪجهه ڪريو.”
مون سال کن جي مهديءَ ڏانهن ڏٺو. اکيون ڏرا ڏئي ويون هئس. پر، سڪل چپن تي ڏاڍي پُراسرار مرڪ هئس. ٿڃ پيتي کي ڏهاڙا ٿي ويا هئا. فيڪٽريءَ مان ڊائون سائيز ٿي نڪرڻ کان پوءِ بيروزگاري ۽ بک اسان کي ورائي ويئي هئي. گھر جا ٿانو ٿپا ۽ هنڌ کٽولا وڪڻي پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي خريد ڪري آيا هئاسين پوءِ، وڪڻڻ لاءِ اسان وٽ ڪجهه به نه بچيو هو. بک ۾ پاهه ٿي سفوران جي ٿڃ پاهه ٿي ويئي هئي.
سفوران مون کي ڌونڌاڙيو، ۽ چيو، “ڇا پيا سوچيو؟”
“گهر ۾ وڪڻڻ لاءِ ڪجهه باقي نه بچيو آهي جو وڪڻي پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي خريد ڪري اچان.” ڪروڌ وچان چيم، “مون کي ته ڪو خريد نه ڪندو. سوچيان پيو، توکي وڪڻي ڇڏيان.”
سفوران کان دانهن نڪري ويئي. روئيندي چيائين، “بُک ۾ پاهه ٿي اوهين هوش ۾ نه رهيا آهيو.”
“بُک ۾ پاهه ٿيڻ کان پوءِ ته هوش ۾ آيو آهيان. ”چيم، “اڳ هوش ۾ ڪٿي هوس، سفوران.”
مهديءَ ٽهڪ ڏنو. سفوران مهديءَ کي هنج ۾ کڻي ورتو. کيس مٺيون ڏيندي چيائين، “خدا جي واسطي ماني ڳڀي جو بلو ڪريو. مهديءَ کي ڪجهه ٿي رهيو آهي.”
مون مهديءَ ڏانهن ڏٺو. هو وسامي رهيو هو، پر چپن تي اُهائي پُراسرار مُرڪ هيس.اُن وقت در کڙڪيو. سفوران ۽ مون حيرت وچان در ڏانهن ڏٺو. ٻيهر در کڙڪيو. مون وڏي واڪ چيو، “اسان جي نصيب جا داڻا پاڻي هليو آءُ. در کليل آهي.”
فيڪٽريءَ مان ڊائون سائيز ٿي نڪتل اسان جو ساٿي جُڙيل ٿڙندو ٿاٻڙندو اندر آيو. بيٺي پير چيائين، “سرڪار سيڌي سامان جي ٽرڪ ڀرائي موڪلي آهي. مفت ۾ پيا ورهائين.”
جڙيل ٿڙندي ٿاٻڙندي هليو ويو.سفوران چيو، “جلدي ڪريو. اُٿو. ڪو اَنَ ڪڻو وٺي اچو.”
اُٿندي چيم، “مونکي خبر نه هئي ته نصيب جو داڻو پاڻي ٽرڪ تي چڙهي بندي جي گھر تائين ايندو آهي.”
پاڙي جي ميدان ۾ سيڌي سامان سان ڀريل ٽرڪ سچ پچ بيٺي هئي. بک ۾ پاهه ٿيل غريب غربا قطارن ۾ بيٺا هئا، مرد الڳ، ۽ عورتون ۽ ٻار الڳ. ڪنهن به بدنظميءَ کي ٿڏي تي منهن ڏيڻ لاءِ جادوگر پنهنجن سازن سامانن سان موجود هئا. سرڪاري سخي بابا غريب غُربن ۾ سيڌو سامان ورهائي رهيا هئا. ۽ اخباري فوٽوگرافرن کان تصويرون ڪڍرائي رهيا هئا. ماڻهو پنهنجي پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي وٺي سرڪاري سخي بابائن کي ٻئي هٿ کڻي، ۽ چيو، “تون وڏو ڪارساز آهين، موليٰ.”
جنهن مهل منهنجو وارو آيو عين انهي وقت ٽيليويزن وارا ڪيميرائون کڻي پهچي ويا، هنن غريب غربن کان اَٽي جون ڳوٿريون ۽ دالين جا پُڙا اڳيان رکرائي سندن دردناڪ تاثرات رڪارڊ ڪيا. مختلف زاوين کان سخي بابائن کي غريبن ۾ سيڌو سامان ورهائيندي شوٽ ڪيو، هڪڙي سخي بابا پروڊيوسر کان پڇيو ته “ ڪڏهن ڏيکاريندؤ؟”
پروڊيوسر باادب جواب ڏنو “سر، رات نوين لڳي وارين خبرن ۾ پي ٽي وي ورلڊ تان چاليهن ملڪن ۾ ڏيکارينداسين ۽ سڀاڻي صبح کان رات تائين هر خبرنامي ۾ هلائينداسين.”
هڪ سخي بابا کان سيڌو سامان وٺندي پڇيم “ڀلا وري ڪڏهن ٽرڪ ڀرائي ايندو ڇا؟”
هن تعجب وچان پڇيو“ڇو؟”
چيم، “ جيڪي ڏيو پيا، سو ٽن چئن ڏينهن جو سيڌو آهي.”
ڇڙٻ ڪڍندي چيائين، “دماغ ته نه خراب ٿيو اٿئي؟”
مان سيڌو سامان کڻي گهر آيس، مون مهديءَ ڏانهن ڏٺو، ڏاڍو نٻل ۽ اجهاميل نظر آيو، مون سفوران کي چيو، “هڪدم اٽو ڳوهي ماني پچائي وٺ، دير نه ڪر، مهديءَ کي گرهه وات ۾ وجهنداسين ته نوبنو ٿي پوندو.”
مهديءَ ٽهڪ ڏنو، سفوران تڙتڪڙ ۾ اٽو ڳوهي ماني پچائي کڻي آئي، مون مانيءَ جو ننڍڙو گرهه ڀڃي مهديءَ ڏانهن وڌايو ۽ چيو “وات کول، مهدي.”
مهديءَ جي چپن تي پراسرار مرڪ تري آئي، هن وات نه کوليو، مون گرهه سندس وات ويجهو آندو ۽ چيو “مهدي منهنجا پٽ،. وات کول، پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي کاؤ، سرڪار معرفت پهتو اٿئي.”
مهديءَ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڳالهايو، چيائين “مان تنهنجو آئيندو آهيان بابا، مون کي خيرات جي ماني نه کاراءِ.”■