منهنجو سُر ڀيروين
مان اَڍنگو ۽ سودائي. ڪڏهن پورن ۾ ته ڪڏهن پورن ماسيءَ ۾. شابس آهي منهنجي دلبر دوستن کي جو انيڪ اوڻائين ۽ اَوَگڻن جو مون وڳند کي قبول ڪيو اٿائون. شاهه سائينءَ جي سُر بلاول ۾ بيت وارو وڳند مون کي ڏاڍو وڻي ويو آهي. وڳند ۾ مونکي پنهنجو عڪس نظر آيو آهي.وڳند جي باري ۾ بيت پڙهي، مون محسوس ڪيو ته بيتن ۾ شاهه سائين منهنجو ذڪر ڪيو آهي- ڪارو، ڪوجهو، بدبودار، غليظ عيبن هاڻو، نڌڻڪو ۽ ندورو! پر، مان دوستن کي قبول آهيان.
مان ٽيهن سالن 1990-1960 کان ادب جي بارگاهه جو سوالي آهيان. اِن دوران فقط حميد آخوند مون کي ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي تي سڏايو آهي - فقط حميد آخوند. انهن ٽيهن سالن ۾ انيڪ منتظم آيا، شاهه لطيف جي ميلي جي ڪارروائي هلائي هليا ويا، پر مون وڳند کي ڀٽ شاهه ۾ پير پائڻ نه ڏنائون-“وڳوڙي آهي. ميلي کان پري رکوس، ڪم نه ڦٽائي وجهي!”
حميد آخوند مون کي جڏهن به ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي تي گھرايو آهي، جيءَ ۾ جاءِ ڏيئي گھرايو آهي. ايڏو خيال رکندو آهي جو ششدر ڪري وجهندو آهي. بي انتها مصروفيت جي باوجود ايندي ويندي پيو پڇندو، ڪيئن آهيو- ٺيڪ ته آهيو نه - ڪا تڪليف ته ناهي! تڏهن، دل چاهيندي آهي ته ٻانهن کان جھلي وٺانس، چوانس ايڏو پيار نه ڏي بابلا، ايڏو پيار نه ڏي - مان ڪيڪٽس آهيان، موسمن جي بيرحميءَ ۾ اُسرندو آهيان - پيار ملندو ته مري ويندس!
۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي تان موٽندي منجهند جي مانيءَ لاءِ عنايت بلوچ جي سڏ تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي چانئٺ وڃي ورتم. زندگيءَ جا ڪڏهن نه وسرندڙ چار سال مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ گذاريا آهن. ڪيس، انڪوائريون، ڪارروائون، وٺ پڪڙ! خوابن کي تعبير ملي، ۽ تعبيرن کي خواب. مرهم ڏسي دل زخمن لاءِ دل ٻڌي بيٺي. حاصل ۽ لاحاصل جي وچ ۾ مون کي چينو مليو - ننڍڙو، پتڪڙو، سهڻو ۽ سٻاجھڙو! هن منهنجين ڪهاڻين کي قيد ۽ پابندين کان آزاد ڪري ڇڏيو. هينئر وڏو ٿي ويو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو آهي. خوشبوءَ وانگر ساهن ۾ سانڍيل رهندو آهي. ريڊيو پاڪستان جون انيڪ يادگيريون آهن. پوڙهو ٿي ويو آهيان. ڪٿي وساري نه ويهان. سوچيان ٿو، دل پڪي ڪري قلم بند ڪري ڇڏيان.
عنايت بلوچ کي ڏسي مون کي رائيڊر هيگرڊ جي ناول “شي” واري ڇوڪري ياد ايندي آهي جيڪا گمنام عبادتگاهه ۾ ٽن هزار سالن کان هڪ شخص جو انتظار ڪري رهي آهي - ۽ ٽن هزار سالن کان جوان آهي. سهڻو، سمارٽ ۽ ٺاهوڪو عنايت الاءِ ڪنهن جي انتظار ۾ هميشه کان جوان آهي! قربائتو، کرو، دل کولي ٽهڪ ڏيئي کلڻ وارو. ايڏي سڪ سان مليو جو اُداس ڪري وڌائين. کلن پَلَ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪيائين جو کلائي وڌائين. چيائين. مانيءَ کان پوءِ تنهنجو انٽرويو رڪارڊ ڪبو! ڏاڍو عجيب لڳو. ساڳيا اسٽوڊيو جتي مون انيڪ پروگرام پروڊيوس ڪيا هئا، اُتي مان پاڻ انٽرويو ڏيندس! اسٽوڊيوز جي تعمير اهڙي نموني ڪئي ويندي آهي جيئن پڙاڏو پيدا نه ٿئي. پر، جڏهن به ڪنهن ڊرامي دوران يا موسيقيءَ جي پروگرام دوران پڙاڏي جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي تڏهن مشينن ذريعي ايڪو چيمبر مان پڙاڏو پيدا ڪري وٺبو آهي. تڏهن، مون کي خيال آيو ته ايڪو چيمبر پڙاڏو پيدا ته ڪندو آهي، پر پڙاڏو محفوظ ڪري نه سگھندو آهي. چئن سالن جا پڙاڏا منهنجي روح ۾محفوظ آهن- منهنجو سرمايو آهن.
عنايت بلوچ مانيءَ تي زيب سنڌي ۽ تاج جويي کي به گھرايو هو. مانيءَ دوران ڳالهين جو ذڪر ٻئي دفعي ڪبو. باقي هڪ ڳالهه جو ذڪر ضرور ڪندس ته سنڌي ادب کي وڏي سگھه ۽ ڏات واري نئين ٽهي ملي آهي - طارق عالم، انعام شيخ ۽ نصير مرزا سان ملي مون فخر وچان آسمان ڏانهن ڏٺو هو.
اسٽوڊيوز ۾ انٽرويو جو ذڪر في الحال نه ڪندس. پهرين سوال جي پيڙا اڄ تائين اندر ۾ موجود آهي. سوال جي ساخت ته مون کي ياد ناهي، پر سوال جو مفهوم مون کي ياد آهي. وڏين ۽ اُداس اکين واري سٻاجهڙي شبنم- گل مون کان پڇيو هو: اوهان ڪٿي لکيو آهي ته مان خزائن جو ليکڪ آهيان - بهارن ۾ روئي پوندو آهيان، اِئين ڇو آهي؟
ان کان اڳ جو مان رڪارڊنگ روڪائي ڇڏيان، شبنم گل پڇيو هو: سنڌو ڪير آهي؟
جواب مون کي ياد ناهي. پر، مون کي ڪٿي اِهو به لکيو آهي ته مان ٿوهر آهيان - بيابان ۽ ويرانين ۾ وڌندڙ ۽ اُسرندو آهيان. مئي پڄاڻان ماڻهو منهنجن کنڊرن مان انيڪ سوالن جا جواب ڳولي لهندا.
ڇَهَه سُرَ ٻين جا، منهنجو سُرڀيروين آهي.■