وڻيس ته ماري، وڻيس ته جيئرو رهڻ ڏئي
سگريٽ مٺ ۾ جهلي، هڪ زور دار سوٽو هڻندي چيائين، “جيستائين ڀوتار کي وڻيو جيئرو رهڻ ڏنائينس.ڳچيءَ ۾ پئجي ويس ته مارائي ڇڏيائينس.”
محفل ۾ ڪجهه دير سان آيل هڪ شخص پڇيس، “محب شيديءَ جي ڳالهه پيو ڪرين ڇا؟”
وراڻيائين، “هائو، محب شيديءَ جي ڳالهه پيو ڪريان.”
پڇيائين، “اِهو سچ آهي ڇا، ته ڀوتار سان ڏيتي ليتيءَ تي اٽڪي پيو هو؟”
جواب ڏنائين، “پويَن، ڏينهن ۾ اک مان حياءُ نڪري ويو هوس.”
نئين آيل شخص چيو، “پنجويهه ٽيهه خون ڪرڻ کان پوءِ اک ۾ حياءُ بدران رت جي لالائي لهي ايندي آهي.”
“ان ڳالهه جو ذڪر تر جي سڀني ايس ايڇ او ڪيو هو.” ڪاري شخص چيو، “سڀني ڀوتار سان شڪايت ڪئي هئي ته بدبخت حد کان نڪري ويو آهي- شڪايتون اسلام آباد تائين وڃي پهتيون آهن. سڀني کي مارائي وجهندو.”
پڇيائين، “گھڻو انعام رکائي مارايو هئائينس.”
وراڻيائين، “ڳالهه ڏهن لکن تان شروع ٿي هئي. ۽ سودو وڃي پجٽيهن لکن کي پهتو. هفتو کن جيئدان ڏئيس ها ته معاملو پنجاهه لکن کان ٽپي وڃي ها. ”
چيائين، “۽ جي پڪڙجي پوي ها ته؟”
کلندي وراڻيائين، “ يار چريو ٿيو آهين ڇا! ڀوتار جي مرضيءَ کان سواءِ پڪڙجي پوي ها، ڄڻ مشڪري آهي!”
محفل مان ڪنهن وڏي واڪ چيو، “ڪو به ڌاڙيل ڀوتارن جي مرضيءَ کان سواءِ نه جيءَ سگهندو آهي، ۽ نه ئي مري سگهندو آهي.”
مان محفل مان اُٿي، ٻاهر وڃي بيٺس. رات جو پهريون پهر هو. اونده انڌوڪار هو. محفل مان پويون جملو منهنجي تعاقب ۾ ٻاهر هليو آيو. ڪو به ڌاڙيل ڀوتار جي مرضيءَ کان سواءِ نه جيءَ سگهندو آهي، ۽ نه مري سگهندو آهي!
سنڌ جي ڪجهه بدنام بلڪه مشهور ڌاڙيلن جا نالا دل تي تري آيا. عبدالرحمان ڌاڙيل، جنهن جي باري ۾ مشهور ڪيو ويو هو ته کيس گولي نه لڳندي هئي. ٿري ناٽ ٿري جي گولي کيس ڀڳڙي وانگر لڳندي هئي. رحيم هڱورو - جيڪو جيل جون ڀتيون ڀڃي هليو ويندو هو. پر ڌاڙي دوران نياڻي، يا قرآن پاڪ اڳيان آيس ته پٺئين پير موٽي ويندو هو. ۽ عيدو ڌاڙيل- پوليس جو جاني دشمن. ڌاڙو هڻڻ کان اڳ اوسي پاسي جي ٿاڻن تي حملو ڪري پوليس کي ماري ڀڄائي ڪڍندو هو، ۽ ٿڏي تي کيس ماري وجهندو هو. ۽ ويجهڙائيءَ واري دور جو پرو چانڊيو- جنهن جي باري ۾ طرحين طرحين قسم جون ڪهاڻيون مشهور ڪيون ويون هيون - ڏاڍو رحم دل ۽ سخي هوندو هو. اميرن جو دشمن، ۽ غريبن جو ساٿي هو، سنڌي رابن هُڊ هو. غريبن ۾ واچون، ڪپڙا، ۽ سيڌو سامان، ۽ روڪڙ ڏوڪڙ ورهائيندو وتندو هو. پرو چانڊيي جي باري ۾ ايتري قدر ته قصا مشهور ڪيا ويا جو هو ڌاڙيل مان ماڻهن لاءِ هيرو ٿي پيو- سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ جوڌو! مارجي ويو ته قبر تي هزارن جي تعداد ۾ اجرڪ ۽ ٽنن جي حساب ۾ گل نڇاور ڪيائونس. هڪڙي صاحب پرو چانڊيي نالي فلم ٺاهي ته لکها پتي ٿي ويو.
محب شيدي مارجي ويو آهي. محب شيدي جي جاءِ تي ٻيو ڪو دهشت چانڊيو يا گگلو گوپانگ نالي ڌاڙيل والاريندو. هن جي باري ۾ نه ڀوتار سڳورا قصا ڪهاڻيون مشهور ڪرائيندا ۽ اسان اٻوجهن کي ڪوڙڪي ۾ لاهيندا.
اسان جو هڪ وڏو مسئلو اِهو به آهي جو اسان وٽ ڪو به هيرو ناهي. الطاف حسين ٽائيپ جو ڪو به ليڊر ڪونهي جنهن جي باري ۾ اسين سڀئي يڪ راءِ هجئون.اِها خلا اسان شدت سان محسوس ڪئي آهي. اِن خلا کي پُر ڪرڻ لاءِ اسان ڪڏهن پرو چانڊيي کي ۽ ڪڏهن محب شيديءَ کي به قبول ڪيو آهي. محب شيدي مارجي ويو آهي. سندس جاءِ ڀوتار جو ٻيو ڪو ڀاڙيتو ڌاڙيل والاريندو. ڀوتار کيس پنهنجي پناهه ۾ رکندو ۽ سندس باري ۾ ڏند ڪٿائن جهڙا قصا مشهور ڪرائيندو. اسين چريا، ڌاڙيل ۾ هيرو واري خالي جاءِ پُر ڪرڻ وارا ٻيهر ڏسنداسين.■
1991