سڀ ٺيڪ آهي، سرڪار
عام ليکي، انفارمر ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪڙا انفارمر نهايت خوفناڪ قسم جا ٿيندا آهن، ۽ ڏاڍي بيدردي سان ماڻهن جو ٻيڙو ٻوڙائي ڇڏيندا آهن. اِن قسم جا انفارمر مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پگهار تي ڪم ڪندا آهن، يا وري انفرميشن جي عيوضي معاوضو وصول ڪندا آهن. ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اسلام آباد ۾ هڪ انفارمر گهنتري ٿي پيو. جنهن اداري لاءِ ڪم ڪندو هو تنهن اهڙو گم ڪري ڇڏيس جو نه رهيس نالو، نه نشان. الاءِ ڪنهن جا ڏند ڏيکاري مائٽن کي ماٺ ڪرايائون. مائٽن ڏند دفن ڪري قبر تي ڪتبو هٽائي ڇڏيو. اِهو رواج جنرل ضياالحق جي مرڻ کان پوءِ پيو آهي. هينئرسڃاڻپ کان ٻاهر مئل ماڻهوءَ جا ڏند ڏسي کيس سڃاڻي سگهبو آهي.
پهرين قسم جا انفارمر گهڻو ڪري غدارن، ۽ دشمن ملڪ جي ايجنٽن تي اک رکندا آهن. هو توهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ رهندا آهن. پاڻ کي واپاري، ڪاروباري، ۽ ڪنهن پرائيويٽ فرم جو ملازمن ثابت ڪندا آهن. وڏا پاور مليل هوندا اٿن. جيڪڏهن ڪجهه عرصي تائين ڪو غدار يا دشمن جو ايجنٽ کين نظر نه چڙهندو آهي، ته هو کڙي تڙي توهان کي ۽ اسان کي غدار ۽ دشمن جو ايجنٽ ڄاڻائي اسان جو ٻيڙو ٻوڙائي ڇڏيندا آهن. ڏاڍي مخفي نموني ڪم ڪندا آهن. پنهنجي اصليت ظاهر ٿيڻ نه ڏيندا آهن.
پوليس وارا به پنهنجا انفارمر رکندا آهن. اُهي پوليس کي چورن، ڌاڙيلن، ڪاٽڪن، ٽيپتائين، ڦورن ۽ عام ڏوهارين جي چرپر بابت ڄاڻ ڏيندا آهن. پوليس کي انفارمر رکڻ لاءِ جيئن ته کين ڪنهن به قسم جو معاوضو نه ملندو آهي، تنهنڪري پوليس جا انفارمر پنهنجو گذر بسر ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري، ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي روڪڙ ڏوڪڙ ڇڏائي ڪندا آهن. اوڙي پاڙي ۾ سندن دٻدٻو هوندو آهي.
مان ٻئي قسم جو انفارمر آهيان. مون جهڙا انفارمر حڪومت کي سياسي ۽ اقتصادي، معاشي ۽ سماجي خوش خبرون پهچائيندا آهن. حڪومت کي يقين ڏيندا آهن ته ماڻهو ڏاڍا خوش آهن، نوبنا آهن، کين ڪنهن قسم جي اڻتڻ نه آهي، رات جو آرام سان سمهندا آهن، ۽ صبح جو اٿڻ شرط اوهان کي هٿ کڻي دعائون ڏيندا آهن. حڪومت اهڙي انفرميشن تي ڏاڍي خوش ٿيندي آهي، پوءِ کڻي ٽيڪنالاجي ڪهڙي به استعمال ڪجي. حڪومتون جيئن ته ڪمپيوٽرن جون ماريل هونديون آهن، تنهنڪري مون جهڙا انفارمر ڪمپيوٽرن ۾ ترقيءَ جون ڪوڙيون سوڙيون خبرون وجهي، رنگين ٽرانسپيرنسيز ٺاهي حڪومتن جي مت ماري ڇڏيندا آهن. حڪومت کي “سڀ ٺيڪ آهي سرڪار” جهڙيون رپورٽون پيش ڪري خوش ڪندا آهن. اسان جي نسل جا انفارمر پاڻ کي مخفي نه رکندا آهن، ڇو جو سرڪار پاران اسان کي ايڊوائيزر، يعني صلاحڪار جو عهدو مليل هوندو آهي.
مرڪزي سرڪار پاران سنڌ ۾ ڇڏيل جيڪي ٻه ٽي صلاحڪار آهن، مان انهن مان هڪ آهيان، مون کي پاڻ پڏائڻ جي علت نه آهي. اوهان کي مان فقط ايترو ٻڌائي ڇڏيان ته مرڪزي سرڪار منهنجين رپورٽن تي ويساهه ڪندي آهي. مان ڪڏهن به سرڪار کي وسوسن ۾ نه وجهندو آهيان. سندن اعتماد کي وڌيڪ پختو ڪندو آهيان. کين پڪ ڏياريندو آهيان ته اوهين اڳين حڪومتن کان وڌيڪ هردلعزيز آهيو. اوهان ملڪ ۽ ماڻهن لاءَ جيڪي ساراهه جوڳا ڪم ڪيا آهن، تهڙا ڪم اڳئين ڪا به حڪومت ڪري نه سگهي هئي. هر طرف اوهان جي هاڪ ۽ واهه واهه آهي. اهڙيون رپورٽون جيڪي مان پنهنجي ليپٽاپ کي هنج ۾ رکي تيار ڪندو آهيان، هڻي وڃي هنڌ ڪنديون آهن. حڪومتون آخري دم تائين منهنجين رپورٽن تي يقين ڪنديون آهن. ڇا ڪجي بابا! روزگار ۽ پيٽ جو معاملو آهي.
سنڌ بابت حال احوال مان جمعدار رحمدل جهڙن ڄاڻن کان هٿ ڪندو آهيان. وڏا اڪابر ٿيندا آهن. جمعدار رحمدل کان حال احوال وٺندي منهنجي نگاهه لاڪ اَپ ۾ بند هڪ ڏٻري بيحال شخص تي پئجي ويئي. پڇيومانس، “رحمدل، هيءُ ڪير آهي، ۽ ڇا ڪيو اٿائين؟”
وراڻيائين، “الاءِ ڪير آهي، پر مونکي پڪ آهي ته الله سائينءَ جو ماڻهو آهي. ”
تعجب ٿيو. پڇيومانس، “ ڪيئن ٿو چوين ته الله سائين جو ماڻهو آهي؟”
جواب ڏنائين، “ کيس ڇڏڻ لاءِ ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ سفارش نه ڪئي آهي. ”
پڇيومانس، “ ڇا ڪيو اٿائين؟”
چيائين، “ في الحال ته ڪجهه نه ڪيو اٿائين، پر روزو کولڻ کان پوءِ ۽ روزو رکڻ کان اڳ ڪجهه خونن ۽ ڪجهه ڌاڙن ۽ ڪجهه چورين جو اعتراف ڪندو. ”
پڇيومانس، “ ماريندينس؟”
وراڻيائين، “ ٿاڻي تي مار موچڙي کي تفتيش چئبو آهي.”
پڇيم، “ هينئر تفتيش ڇو نه ٿو ڪرين؟ ”
“مان ڪافر ناهيان.” جمعدار رحمدل چيو، “ بدبخت روزي سان آهي.”
پڇيم، “ پوءِ ڇا ڪندين؟”
جواب ڏنائين، “ روزو کولائيندومانس. پوءِ موچڙا هڻڻ شروع ڪندومانس. انشا الله، روزو رکڻ کان اڳ ڪجهه ڏوهن جو اعتراف ڪندو، ۽ روزو رکندو.”
ان رات مون اسلام آباد اي ميل موڪلي. لکيم: سرڪار، مبارڪ مهيني ۾ سنڌ جي ٿاڻن جو ڪلچر بدلجي ويو آهي.■