ڪھاڻيون

سنڌو بقا مان فنا آهيان

ڪتاب ”سنڌو بقا، مان فنا آهيان“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن، ڪهاڻين ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي.
امر جليل لکي ٿو :
”مون ڀڳل ڪشڪول ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه ڏانهن وڌائيندي چيو هو: سنڌو بقا، مان فنا آهيان. هوءَ عروج، مان زوال آهيان. هوءَ فلڪ، مان فرش آهيان. ڀٽ ڌڻيءَ، مون کي ڪجهه گھڙين جي ڀڪشا ڏي- مان لمحن جي لوڙاٽ ۾، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کان ٻاهر کيس ڏسان، ۽ يقين جي تجديد ڪريان ته هوءَ موسمن ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ مان يادن جو کنڊر آهيان۔“

  • 4.5/5.0
  • 4070
  • 1859
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindhu Baqa maan Fana Ahyan

  همسفر

روهڙي ريلوي اسٽيشن تان مون سان گڏ، ساڳئي ڪمپارٽمينٽ ۾ نهايت طاقتور، جانٺو، ۽ قداور شخص سوار ٿيو. پنهنجي ڏيک ويک مان قانون نافذ ڪرڻ واري ڪنهن اداري جو عملدار پئي لڳو- رکُو، منهن ۾ گُنڊ، ۽ هَرَ شيءِ کي شڪ واري نظر سان ڏسڻ وارو. ميندي رنگ وارو ڊفلو، مٿي تي چترالي پٽيءَ مان ٺاهيل ضرورت کان وڌيڪ وڏي ٽوپي، ۽ مليشيا جهڙي وڳي تي خوفناڪ قسم جو بوٽ، جيڪو اصل ۾ عجيب نوعيت وارو بوٽ هو- نه بوٽ هو، ۽ نه لانگ بوٽ هو! مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو قانون نافذ ڪرڻ واري ڪهڙي قسم جي اداري جو عملدار هو. ڌرتيءَ تي ( ان وقت گاڏي جي فرش تي) زور سان پير ڦهڪائي هلڻ، ۽ کڙيءَ جي زور تي ڦيرو کائي بيهڻ واري سندس انداز مان سمجهيم ته ضرور ڪا آفت قسم جي ڇِپَ آهي، ۽ مضبوط مرڪز ۾، مضبوط ارادي سان، ڪنهن مضبوط ڪرتا ڌرتا کي سنڌ جي صورت حال بابت ڪا مخفي خبر پهچائڻ لاءِ روانو ٿيو آهي!
ڪمپارٽمينٽ ۾ ڪُل ٻه سيٽون هيون، هن کي هيٺين سيٽ ملي هئي، ۽ مون کي مٿئين. هن پنهنجو سامان، هڪ سوٽ ڪيس ۽ هڪ ڳوٿري، جنهن ۾ ڪا تمام وزني شي پيل هئي. پنهنجي سيٽ هيٺان حفاظت سان سنڀالي رکيا. سيٽ تي ڪجهه وڇائڻ کان سواءِ، ويهاڻو رکي، مٿان ميرانجهڙي رنگ وارو ڪمبل پائي ليٽي پيو. سيٽ ڀرسان لاٿل سندس عجيب بوٽ ڏسي مان ڏاڍو حيران ٿيس.
سوچيم، ٿي سگهي ٿو امن امان جي صورتحال جو ماهر هجي! ۽ خاص طور تي سنڌ تي سروي ڪرڻ لاءِ اسلام آباد مان موڪليو ويو هجي! ان قسم جي ماهرن جي اسان جي ملڪ ۾ ڪمي ڪانهي. ويجهڙائيءَ ۾ نفسيات جا ڊاڪٽر هڪ ڪانفرنس ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. ان ڪانفرنس ۾ ماهراڻيون تقريرون ڪرڻ، ۽ پيپر پڙهڻ لاءِ ڪجهه ديسي ۽ ڪجهه پرديسي ماهر گهرايا هئائون. ٽن ڏينهن جي ڪانفرنس کانپوءِ ديسي ۽ پرديسي ماهرن پنهنجي ماهراڻي راءِ ڏيندي انڪشاف ڪيو هو ته پاڪستان ۾ ذهني مريضن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي؛ ۽ ڏهن ماڻهن منجهان هڪ ماڻهو ذهني مريض يا نفسياتي مرض ۾ مبتلا آهن.
ماهرن جي ماهراڻي راءِ ٻڌي مان وائڙو ٿي ويو هوس. سندس ماهراڻي راءِ مطابق انگ اکر ويهي ڪڍيم ته عقل چرخ ٿي ويو. پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڏهن ماڻهن مان هڪ ماڻهو نفسياتي يا ذهني مريض آهي، ته ان جو مطلب ٿيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهو چريا آهن، يا عنقريب چريا ٿيڻ وارا آهن، يا چرمستين ۾ مبتلا آهن! ديسي ۽ پرديسي ماهرن جي ماهراڻي راءِ ٻڌڻ کان پوءِ مون کي بس ۾ ويٺل، قطار ۾ بيٺل، پنڌ ويندڙ، پيهه ۾ نظر ايندڙ هر ڏهون ماڻهو چريو لڳندو آهي. اڳ سمجهندو هوس، پاڪستان ۾ ڏهن منجهان پنج ماڻهو هڪ ويلو ماني کائي سگهندا آهن- سا به رُکي سڪي. ڏهن مان چار ماڻهو ٻه ويلا ماني کائي سگهندا آهن. ۽ باقي رهيو ڏهن مان هڪ ماڻهو، جيڪو ڍَوَ تي پيٽ ڀري ماني کائيندو آهي، سو به اڪثر بدهاضمي، هاءِ بلڊ پريشر ۽ مٺن پيشابن جي مرض ۾ گرفتار هوندو آهي، ۽ ڊاڪٽرن جي مشوري مطابق پرهيزي کاڌو کائي تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ زندگي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ته جيئن جيترو هِن ملڪ ۽ عوام جي بي لوث خدمت ڪري سگهي!
هيٺين سيٽ تي ڪمانڊو اسٽائيل ۾ خبرداري سان سُتل شخص بابت سوچيم- ڪير آهي؟ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ سنڌ ۾ امن امان جي صورت حال بابت آخري رايو ڏيندڙ ماهر؟ هفتو کن سنڌ ۾ گذاري، سو به اعلي! هوٽلن ۽ ريسٽ هائوسن جي سينگاريل ڪمرن ۾. دعوتون کائيندي، هن سنڌ جي صورت حال بابت ماهراڻي رپورٽ تيار ڪري ورتي هوندي- ۽ هينئر اها اعليٰ رپورٽ اعليٰ عملدارن کي پهچائڻ لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو آهي! ڇا هوندو ان رپورٽ ۾! سنڌ ۾ ڏهن منجهان نَوَ ماڻهو ڌاڙيل آهن- قانون شڪن آهن- باغي آهن- بدمعاش آهن! باقي، ڏهن مان هڪ ڄڻو جج آهي، جيلر آهي، قانون نافذ ڪرڻ وارو آهي، ملڪ سان سچو آهي، ايم پي آهي، ايم اين اي آهي!
الاءِ ڪهڙي وقت مون کي ننڊ کڻي ويئي. ريل جي لوڏي ۾ مونکي تمام گهري ننڊ ايندي آهي. مان خواب تمام گهٽ ڏسندو آهيان. جيڪڏهن ڏسندو آهيان، ته فقط هڪ ئي خواب ڏسندو آهيان- ته روهڙيءَ واري پل تي بيٺو آهيان، ۽ آپگهات جو ارادو ڪري رهيو آهيان. پر، ان رات مون ڪو خواب نه ڏٺو.
اک کلي ته گاڏي ملتان اسٽيشن تي بيٺي هئي. صبح ٿي ويو هو. هيٺ لهي، منهن هٿ ڌوئي، ٽيڏي اک سان جانٺي ڏانهن ڏٺم. هن جي هٿ ۾ ريوڙين جو لفافو هو، ۽ هڪ هڪ ريوڙي وات ۾ وجهي چٻاڙي رهيو هو، ۽ منهنجو جائزو به وٺي رهيو هو.
مون ٿيلهي مان مگ ڪڍيو. پليٽ فارم جي هڪ اسٽال تان چانهه وٺي موٽي آيس. جانٺو ڏاڍي خبرداريءَ واري انداز ۾ دريءَ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو، ۽ ريوڙيون کائي رهيو هو. هن مون ڏانهن، رکي رکي ڪرڙي اک سان ڏسي ٿي ورتو.
موروثي ۽ تاريخي حجاب ۽ ڪم همتيءَ سبب مان هن جي ڀرسان ويهي نه سگهيس. ڏينهن ۾ اُها سيٽ چئن ڄڻن جي ويهڻ لاءِ هئي. مان در کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس ۽ سپ سپ ڪري چانهه پيئڻ لڳس.
ڪجهه دير کان پوءِ هن ڳوري آواز ۾ پڇيو، “ويهندين؟”
هن ڪمبل پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. منهنجي لاءِ ويهڻ جيتري جاءِ ڇڏي ڏنائين.
“مهرباني.” مان سيٽ تي ويهي رهيس. هن جي موجودگيءَ ۾ الاءِ ڇو مان پاڻ کي ڪمزور، ۽ ڏوهاري محسوس ڪرڻ لڳس. مان اکيون هيٺ ڪري چانهه پيئڻ لڳس. هو ريوڙيون کائيندو رهيو.
ڪجهه دير کان پوءِ چيائين، “ گاڏي ملتان تي چار ڪلاڪ ليٽ پهتي آهي”
“اڇا!”
“راولپنڊيءَ تائين اَٺ ڪلاڪ ليٽ ٿي ويندي”
“هان! ”
“ تيز گام پاڪستان جي نمبر وَن گاڏي آهي. تيز گام جو هيءُ حال آهي. ته ٻين گاڏين جو الاءِ ڪهڙو حال هوندو!”
“ برابر. ”
وري خاموشي.
ڪجهه دير کان پوءِ وري ڳالهايائين، “ تو ڏاڍا کونگهرا پئي هنيا.”
“ريل ۾ مون کي ڏاڍي گهري ننڊ ايندي آهي. ”
“ڄڻ ريل سان مقابلو پئي ڪيئه. ”
مون پهريون دفعو غور سان هن ڏانهن ڏٺو.گهاٽين مُڇن هيٺان، هن جي چپن تي مرڪ هئي. پڇيائين، “ ڇا ڪندو آهين؟”
“مان اسلام آباد ۾ پڙهائيندو آهيان. ”
“ ماستر آهين؟”
“ ها ”
هو اوچتو وڏو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. چيائين،“مون توکي ڌاڙيل سمجهيو هو- انڪري سموري رات جاڳندي ۽ تنهنجا کونگهرا ٻڌندي گذاري ڇڏيم. ”
ويهاڻو ۽ ڪمبل کڻندي چيائين، “مان وڃي ٿو مٿئين سيٽ تي سمهان- تون دريءَ کان ٻاهر جا نظارا ڪر. ”
ڪجهه ريوڙيون منهنجي هٿ تي رکيائين، ۽ مون واري سيٽ تي وڃي سمهي پيو.■

1991