ڪھاڻيون

سنڌو بقا مان فنا آهيان

ڪتاب ”سنڌو بقا، مان فنا آهيان“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن، ڪهاڻين ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي.
امر جليل لکي ٿو :
”مون ڀڳل ڪشڪول ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه ڏانهن وڌائيندي چيو هو: سنڌو بقا، مان فنا آهيان. هوءَ عروج، مان زوال آهيان. هوءَ فلڪ، مان فرش آهيان. ڀٽ ڌڻيءَ، مون کي ڪجهه گھڙين جي ڀڪشا ڏي- مان لمحن جي لوڙاٽ ۾، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کان ٻاهر کيس ڏسان، ۽ يقين جي تجديد ڪريان ته هوءَ موسمن ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ مان يادن جو کنڊر آهيان۔“

  • 4.5/5.0
  • 4070
  • 1859
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindhu Baqa maan Fana Ahyan

  ادا، نفعي بخش ڪاروبار شروع ڪريو

اوهين جيڪڏهن ڪو ڪاروبار ڪري رهيا آهيو، ۽ خوب ڪمائي رهيا آهيو، تڏهن به هيءُ ڪالم اوهان کي غور سان پڙهڻ گهرجي. جيڪي سڄڻ ڪو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، سي به هيءُ ڪالم غور سان پڙهن. اُهي سڄڻ ساٿي جن کي ڪنهن به قسم جي ڪاروبار ۾ هٿ اٽڪائڻ جي خواهش ناهي، سي به خاص طرح سان هيءُ ڪالم غور سان پڙهن، ۽ هئين سان هندائن، ۽ مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏين. هن ڪاروبار ۾، جنهن جا تفصيل مان اڳتي هلي اوهان کي ٻڌائيندس، نفعو ئي نفعو آهي. تِرَ جيتري نقصان جو به انديشو ناهي.
اوهين جيڪڏهن کير وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندا آهيو، ته پوءِ اوهان کي اِن ڪاروبار مان هڪدم هٿ ڪڍڻ گهرجي. کير ۾ پاڻي ملائڻ کان سواءِ کير وڪڻڻ جو ڪاروبار نه هلندو آهي. پاڻيءَ وڃي پاتال ۾ پناهه ورتي آهي. اک جو پاڻي سڪي وڃڻ کانپوءِ درياهن جو پاڻي سڪي ويو آهي. سنڌ ۾ هينئر ايترو پاڻي به باقي وڃي بچيو آهي جو اوهين کير ۾ پاڻي مِلائي پنهنجو ڪاروبار هلائي سگهو.
اوهين جيڪڏهن ڀاڄيون وڪڻندا آهيو، ته پوءِ اوهان کي هڪدم ڀاڄي وڪڻڻ جو ڪاروبار بند ڪرڻ گهرجي. مان يقين سان چئي نه ٿو سگهان ته ڀاڄين سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي. پر، مان هڪ ڳالهه پوري پڪ سان چئي سگهان ٿو ته ڀاڄين سان، يا ڀاڄين جي ڪاروبار سان ويڌن ضرور ٿي آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اصل ۾ ويڌن ڀاڄين وٺڻ ۽ واپرائڻ وارن سان ٿي آهي، يا وري ڀاڄيون وڪڻڻ وارن جي مت مارجي ويئي آهي! ڀاڄين واري وٽ هڪ گراهڪ اچي بيٺو. چيائينس، “ مونکي اڌ ڪلو ڪدو ڏي.”
دڪاندار کيس اڌ ڪلو واڱڻ توري ڏنا. گراهڪ وائڙو ٿي ويو. چيائين،“ يار، تون ٻوڙو ته ناهين! مون تو کان اڌ ڪلو ڪدو گهريا آهن.”
دڪاندارچيو، “ مون تو کي اڌ ڪلو ڪدو ئي ته ڏنا آهن.”
گراهڪ غور سان واڱڻن ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، “ اڙي يار، تون ڪدوءَ بدران مونکي واڱڻ ڏنا آهن.”
دڪاندار چيو، “ چتائي ڏِسُ. تون جنهن ڀاڄيءَ کي واڱڻ سمجهين ٿو، سا ڀاڄي اصل ۾ ڪدو آهي”
گراهڪ پڇيس، “ ته پوءِ، تو وٽ واڱڻ ڪهڙا آهن؟”
دڪاندار کيس ڪدو هٿ ۾ کڻي ڏيکاريندي چيو، “ هيءُ واڱڻ آهي.”
گراهڪ چيو، “ ادا، پوءِ تون مون کي اڌ ڪلو واڱڻ ڏي.”
گهر ورندي واٽ تي گراهڪ سوچيندو رهيو ته هن دڪاندار کان هڪ ڪلو ڪدو ورتا آهن، هڪ ڪلو واڱڻ ورتا آهن! هو بار بار هٿ لاهي ڀاڄي ڏسندو، ۽ سڃاڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر، ڪنهن به نه نتيجي تي پهچي نه سگهيو. گهر پهتو. زال کي ڇلي ڏيندي چيائين، “ هن ڇلي ۾ هڪ ڪلو واڱڻ آهن.”
زال کان رڙ نڪري ويئي. چيائين، “ مراد جا پيءُ، هي ڇا ڪيو اٿئي؟ مون ته توکي هڪ ڪلو ڪدو آڻڻ لاءِ چيو هو.”
وائڙي مڙس وراڻيو، “ سڀ کان اڳ ته مان مراد جو پيءُ نه آهيان. مان نامراد جو پيءُ آهيان. ٻيو ته معاشري ۾ زبردست سڌارا آيا آهن. ڪدو نالو مٽائي واڱڻ ٿي پيا آهن، ۽ واڱڻ نالو مٽائي ڪدو ٿي پيا آهن. ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪريلو ڪير آهي، واڱڻ ڪير آهي، ۽ ڪدو ڪير آهي. تون ڏسي ٻڌاءِ ته مان ڪدو وٺي آيو آهيان، يا واڱڻ؟ ”
نالن جي مٽا سٽا ۽ هيرا ڦيريءَ واري دور ۾ ڀاڄين وڪڻڻ جو ڪارو بار اوهان کي خاطر خواهه نفعو ڏيئي نه سگهندو. بلڪه اوهان لاءِ ڏچي جو سبب ٿي پوندو. اوهين جيڪڏهن درد دور ڪرڻ لاءِ دوا وڪڻندا آهيو، ته پوءِ اهو ڪاروبار به اوهان کي هڪدم بند ڪرڻ گهرجي. ائين ناهي ته ماڻهن جا ڏک سور غائب ٿي ويا آهن، يا گهٽ ٿي ويا آهن. اُٽلندو، ماڻهن جا ڏک سور وڌي وڻ ٿي ويا آهن. پر، ماڻهن کي پنهنجو درد گهٽ ڪرڻ لاءِ دوا جي ضرورت نه رهي آهي. ماڻهن پنهنجي لاعلاج درد جو علاج پاڻ ڳولي ورتو آهي- روالور جي هڪ گولي، فنائل جي هڪ بوتل، ڪنڌ سان ويڙهيل رسي، ۽ زهر جا ڪجهه ڦڙا ماڻهن کي هر درد کان نجات ڏيئي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ درد جي دوا بدران بهتر آهي ته اونهاري ۾ اوهين ڳنڍيريون، ۽ سياري ۾ ڇوهارا وڪڻو. جيڪڏهن عقلمند آهيو، ته پوءِ، پراڻي قيادت کي نوان چهرا ڏيڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو.
اوهين منهنجي دوست جان محمد جُمڙائو وانگر چهرن لاءِ نقاب وڪڻڻ شروع ڪريو. ڏاڍو نفعي بخش ڪاروبار آهي. ڪاروبار کي هلندي مون اکين سان ڏٺو آهي. رڳو هڪ ڏينهن جي وڪري جو احوال ٻڌو، ۽ ڏندين آڱريون ڏيو.
مان جمڙائو جي دڪان تي ويٺو هوس. هڪ رهزنن جهڙو شخص دڪان ۾ آيو. جمڙائوءَ کي چيائين، “ مون کي اهڙو نقاب ڏي جيڪو منهن تي چاڙهڻ کان پوءِ ماڻهن کي رهبر نظر اچان.”
جمڙائوءَ کيس رهبرن جهڙو ماسڪ يعني نقاب ڏيئي ڇڏيو. رهزنن جهڙو شخص چهري تي رهبرن جهڙو نقاب پائي، وڏي رقم جمڙائو جي هٿ ۾ ڏيئي هليو ويو.
مون جمڙائو کان پڇيو، “ ڪير هو، ۽ پنهنجي چهري لاءِ رهبرن جهڙو نقاب ڇو وٺڻ آيو هو؟”
جمڙائو وراڻيو، “ ايندڙ چونڊن ۾ اميدوار آهي.”
ايتري ۾ هڪ ڏٺل وائٺل شخص دڪان جي در ٻاهران پجيرو بيهاري اندر آيو. هو هر اليڪشن ۾ بيهندو آهي. کٽندو آهي، ماڻهن لاءِ رِڻ ٻاري ڏيندو آهي. ڏٽا ڏيڻ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. جمڙائوءَ کي چيائين، “ اهڙو نقاب ڏي جو ووٽر ته ووٽر ، اليڪشن ڪرائڻ وارا به مون کي سڃاڻي نه سگهن. منهنجي زال به مون کي سڃاڻي نه سگهي.”
جمڙائوءَ نهايت مناسب نقاب ڏٺل وائٺل ۽ آزمايل شخص کي چهرو لڪائڻ لاءِ ڏنو. ڏٺل وائٺل شخص خوش ٿيو. نوٽن جي ٿهي جمڙائوءَ کي ڏيئي، نقاب پائي هليو ويو.
ڪجهه دير کان پوءِ هڪ جهور زميندار دڪان ۾ آيو. سندس چهري تي گهنج هئا، مٿي جا مختصر وار ۽ ڀوائتيون مڇون خضاب سان ڪاريون ڪري ڇڏيون هئائين. ڏاڍو توائي پئي ڏٺو. جمڙائو کي چيائين، “ اهڙو نقاب ڏي جو پائڻ کان پوءِ مان نوجوان نظر اچان.”
الاءِ ڪيئن مون کان گستاخي ٿي ويئي. پڇيومانس، “ سورهن سالن جي نينگريءَ سان نڪاح جو پروگرام ٺاهيو اٿئي ڇا؟” ڪاوڙ لڳس. چيائين، “ اڙي بدبخت، مون قوم جي قسمت بدلائي ڇڏڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي.”
جمڙائوءَ کيس اهڙو نقاب ڏنو جنهن کي پائڻ کان پوءِ هو سچ پچ نوجوان نظر اچي آيو. ڏاڍو گُد گُد ٿيو. جمڙائوءَ جي کيسي ۾ سوين هزارين نوٽ وجهي هليو ويو.
اهو سلسلو رات دير تائين هلندو رهيو. شيطان پنهنجي لاءِ فرشتن جي چهرن جهڙا نوراني نقاب وٺي ويا. ملزمن جهڙا ماڻهو، منصفن جا نقاب پائي هليا ويا. بينقاب چهرن کي چهرا ملندا رهيا، ۽ جمڙائوءَ کي مالامال ڪندا رهيا. اِن کان وڌيڪ نفعي بخش ڪاروبار جي باري ۾ اوهين سوچي به نه ٿا سگهو. ■