دُرل ۽ ڦتن ڦٽاڪو
جيڪو ننڍو وڏو آيو پي، نئين ڪٿا کڻي پي آيو. سوچيم، دُرل کي پوليس وارن پڪ چريو ڌاتورو ڏيئي ڇڏيوآهي. دُرل پنهنجي مَتِ وڃائي ويٺو آهي. ٻڌايائون ته مائٽ مِٽَ جڏهن پيئڻ لاءِ پاڻي ٿا ڏينس ته نڪ سان گيسيون ڪندي ٻاڏائي ٿو: نالو اَٿَوَ الله جو، مون کي پيشاب نه پيئاريو. ڪرفتي منهنجي وات ۾ نه وجهو.
دل کي جهوٻو آيو. دُرل منهنجو پراڻو سنگتي آهي. اسان گڏ لغڙ اڏايا آهن، ۽ ڀوريون ڦاسايون آهن. کيس ڏسڻ لاءِ مان گهران نڪتس. ماڻهن جي ڳالهين تي افواهن جو گمان پئي ٿيو. سوچيم، اهڙي دور ۾ جنهن ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهي رهيون آهن، ۽ اَمن امان عروج تي آهي، ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي جو هوڪرو آهي، تنهن دور ۾ دُرل جو لاڪ اپ مان موٽڻ کان پوءِ هوش وڃائي ويهڻ امڪان کان ظاهرآهي. ٽيڪنالاجي پنهنجي جاءِ تي، انفرميشن ۾ جڏهن ٿاڻن ۽ لاڪپن ۾ ماڻهن سان ٿيندڙ عقوبتن جو تحريري ۽ تصويري عڪس اچي ويو ته پوءِ ويچاري ٽيڪنالاجي ڇا ڪندي. ٽيڪنالاجي ڪاري کي اڇو، ۽ اڇي کي ڪارو ڪري نه سگهندي. ٽيڪنالاجي ظلم ۽ ناانصافيءَ کي عدل سان لائون لنوائي نه سگهندي. جيڪا ٽيڪنالاجي ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، سا ٽيڪنالاجي پنهنجا نَٽَ بولٽ ڍرا ڪرائي کٽاري ٿي پوندي آهي، جيئن تيئن دُرل جو گهر ويجهو ايندو پي ويو مون کي پڪ ٿيندي پئي ويئي ته دُرل خير خوبي سان گهر پهچڻ جي خوشي ۾ چريو ٿي پيو آهي. سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي ويندو، ۽ جمهريون پائيندو.
دُرل جي گهر پهتس. مائٽ مٽن جو انبوهه هو. مونتي نظر پيس ته نڪ سان گيسيون پائيندي ٻاڏائيندي، “او ايس ايڇ آ، خدا جا نيڪ بندا، مون کي پيشاب نه پيئار.”
اڳتي وڌي سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌم. چيم، “ دُرل، مون ڏانهن ڏس. مان ڦتن ڦٽاڪو آهيان، تنهنجو سنگتي. ياد اٿئي، اسين گڏجي لغڙ اڏائيندا هئاسين، ۽ ڀوريون ڦاسائيندا هئاسين!”
هٿ ٻڌي ليلائيندي چيائين، “ او ايس ايڇ آ سائين، مان قبول ٿو ڪريان ته اڻويهه سئو ستيتاليهن کان اڄ تائين سنڌ ۾ جيڪي به ڏوهه ٿيا آهن سي مون اڪيلي سر ڪيا آهن. مون کي عدالت ۾ پيش ڪر مان پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪريان.”
مون کيس ڌانڌاڙيندي چيو، “ دُرل، تون ته اڻويهه سئو ستونجاهه ۾ ڄائو هئين، پوءِ تو اڻويهه سئو ستيتاليهن کان وٺي ڏوهه ڪيئن ڪيا آهن!”
روئيندي چيائين، “ سائين، ارڙهن سئو ستونجاهه ۾ جيڪي ڏوهه ٿيا هئا سي به مون ڪيا هئا. حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان اڳ به جيڪي ڏوهه ٿيا هئا، سي مون ڪيا هئا. مون کي عدالت ۾ پيش ڪيو. مان سڀ ڏوهه قبول ڪريان ٿو.”
منهن تي چماٽون ۽ ٺونشا لڳڻ ڪري سندس کاٻي اک ڪاري ٿي بند ٿي ويئي هئي. ٻٽي ڏند ڀڳل، ۽ چپ ڦاٽل هئس، ۽ نڪ مان وهي نڪتل رت جو تلاءُ کاڏيءَ کان ٿيندو سندس سيني تي ڄمي ويو هو. مون دُرل کي ڀاڪر پائي ورتو. تڏهن، محسوس ڪيم ته دُرل جا ٻئي هٿ ڀڳل ۽ چچريل هئا. سندس مائٽن ٻڌايو ته دُرل جا ٻئي هٿ کٽ جي پاوَن هيٺان ڏيئي، کٽ تي ڇهه ڏنڊا مشٽنڊا سپاهي ويهي رهيا هئا.
دُرل جي هڪ ٽنگ ڀڳل هئي. ٻڌايائون ته ٿاڻي جي اڱڻ ۾ بيٺل بڙ جي ٽاريءَ سان دُرل جي هڪ ٽنگ ۾ رسو وجهي لٽڪائي ڇڏيو هئائون. کيس اگهاڙو ڪري ڇڏيو هئائون. کيس هر سوراخ ۾ مرچ وڌا هئائون. دُرل ايڏو ڦتڪيو جو ٽنگ ڀڄي پيس.
مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. مون کي جڏهن ڪاوڙ ايندي آهي، تڏهن مان آپي مان نڪري ويندو آهيان. ۽، جڏهن مان آپي مان نڪري ويندو آهيان، تڏهن مان ڏاڍو پاپي ٿي ويندو آهيان. پاڻ کي اميتاڀ بچن سمجهڻ لڳندو آهيان. مون تڙتڪڙ ۾ سربستو احوال لکي لفافي ۾ وڌو ۽ سڌو وڃي ايس پي جي آفيس تي پهتس. اندر ميٽنگ پئي هلي. خبر پيئي ته سندس ماتحت ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي گهرايو هئائين، ۽ کانئن امن اَمان جي باري ۾ احوال پئي ورتائين. مون کي سندس آفيس جي ٻاهران ويهاري ڇڏيائون.
ڪلاڪ ٻن کان پوءِ ميٽنگ ختم ٿي. مون کان سواءِ اَٺ ڏهه ٻيا به سوالي لائين ۾ لڳل هئا. وارو اچڻ تي مان ايس پي صاحب بهادر جي آفيس ۾ داخل ٿيس. مون کي ويهڻ لاءِ نه چيائين. پڇيائين، “ڪير آهين؟ ”
وراڻيم، “ مان ڦتن ڦٽاڪو آهيان.”
پڇيائين، “ڇا ڪندو آهين؟”
چيم، “پڇتائيندو آهيان.”
پڇيائين، “ڪو ڏوهه ڪيو اٿئي؟”
وراڻيم، “ها.”
پڇيائين، “ڪهڙو؟”
چيم، “هِنَ دنيا ۾ اچڻ جو.”
ڏاڍي رکي نموني پڇيائين، “ڇو آيو آهين؟”
لفافي مان ڪاغذ ڪڍي ايس پي جي آڏو رکيم. سربستو احوال پڙهي منهن ڳاڙهو ٿي ويس. ڪرڙي اک سان مون ڏانهن ڏٺائين. مون کي ڊيڄاري ڇڏيائين. پوءِ، انٽر ڪام تي پنهنجي پي اي سان ڳالهائين. چيائين، “ڀنڀٽ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او هيبت علي کي هڪدم اندر موڪل. اتي ئي آفيس ۾ هوندو اڃا.”
ڪجهه گهڙين ۾ ايس ايڇ او هيبت علي اندر آيو. ڌرتيءَ تي لَتَ سان واڄٽ ڪندي ايس پيءَ کي سيليوٽ هنيائين. ايس پيءَ سندس سلام جو جواب نه ڏنو، ۽ چيو، “مان توکي سسپينڊ ڪيان ٿو.”
هيبت علي وائڙو ٿي ويو. پڇيائين، “سر، ڇاجي ڪري؟”
ايس پيءَ پڇيو، “تو دُرل نالي ڪنهن شخص کي شڪ ۾ ٻڌو هو؟”
ايس ايڇ او هيبت عليءَ چيو، “کيس ڇڏي به ڏنم.”
ايس پي پڇيو، “تفتيش دوران تو سندس هڪ اک ڪڍي ڇڏي، هڪ تنگ ڀڃي ڇڏي، ۽ چار ڏند ڀڃي ڇڏيا.”
هيبت ڪجهه ڪجهه گھٻرائجي ويو. مان خوش ٿيس. هيبت عليءَ چيو، “سر، هن ٿاڻي ۾ آپگهات ڪرڻ جي ڪو شش ڪئي هئي.”
“تون نهايت بيڪار، ۽ اِن ايفيشنٽ آفيسر آهين.” ايس پي سخت لهجي ۾ چيو، “مان جڏهن تو وانگر ٿاڻي جو ايس ايڇ او هوندو هوس، تڏهن تفتيش دوران شڪي ۽ ملزم جون ٻئي اکيون ڪڍي ڇڏيندو هوس. سندن ٻئي ٻانهون ۽ ٻئي ٽنگون ڀڃي ڇڏيندو هوس. سندن ٻٽيهي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو هوس.”
مون آسمان ڏانهن ڏٺو. مون کي ڏينهن ۾ تارا نظر آيا ايس پيءَ چيو، “تون تفتيش دوران شڪيءَ جي جيئن ته فقط هڪ اک ڪڍي فقط هڪ ٽنگ ڀڳي، ۽ فقط چار ڏند ڀڳا، تنهن ڪري اِن ايفيشنسيءَ جي ڪري مان توکي سسپينڊ ڪريان ٿو.”■