اوهان ڪڏهن سنڌ اسٽارز جو نالو ٻڌو آهي؟
سودائي کي الله دوربين جهڙي اک ڏني هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گمنام، پر ڏات سان ٽمٽار ننڍڙا نوجوان چونڊي، هٿ ڪري ڪراچيءَ وٺي آيو. ڏينهن رات سندن تربيت ۾ هڪ ڪري ڇڏيائين. ڳوٺن ۽ ننڍڙن شهرن جا گمنام نوجوان نامور رانديگر ٿي پيا. قاسم، جمعو، ابو، مامد ڀائي، پريم، ڊبو، چارلي، موسيٰ، ۽ ان قسم جا انيڪ رانديگر هيرن وانگر جرڪڻ لڳا. ٻين ٽيمن جا مينيجر اندر خاني کين لالچون ڏيئي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوششن ۾ لڳل هوندا هئا. پر، سودائيءِ جي نظرداريءَ ۾ تيار ٿيل رانديگر ڪٿان ٿا ڪنهن جي ور چڙهن.
هندستان جي ڪا اهڙي ٽيم نه هئي، جنهن جو مقابلو سنڌ اسٽارز سان ٿيو هجي، ۽ اُن ٽيم اڌ ڊزن گولن تان نه هارايو هجي! ڍاڪا محمڊنز، موهن بگن، بمبئي اسٽارز جهڙيون ٽيمون سنڌ اسٽارز آڏو ڌڪ جهلي نه سگهنديون هيون. هڪ دور اهڙو به آيو هو جڏهن هندستان جي ڪند ڪڙڇ مان سنڌ اسٽارز ٽرافيون کٽي، ٽرافين جو مينار کڙو ڪري ڇڏيو هو.
هاڪيءَ وانگر فٽ بال راند به ڏاڍي عجيب راند آهي. ٽيم ۾ نالي کان سواءِ فرد جي ڪا به حيثيت نه ٿيندي آهي. ميراڊونا اڪيلي سر ڪجهه به ناهي. کيس ليفٽ ان، ليفٽ آئوٽ ۽ سينٽر هاف تي کيڏندڙ رانديگرن جي مدد ۽ امداد جي ضرورت رهندي آهي. هڪ رانديگر ٻئي رانديگر کي پاس ڏيندو آهي، ٻيو ٽئين رانديگر کي، ۽ ٽيون چوٿين رانديگر کي پاس ڏيندو آهي، ۽ ائين، مدمقابل جي گول تي حملو ٿيندو آهي. برازيل جو جڳ مشهور رانديگر پيلي سميت اڄ تائين ڪو رانديگر اهڙو پيدا نه ٿيو آهي، جنهن ميدان جي پنهنجي حصي مان اڪيلي سر بال کنيو هجي، ۽ مخالف ٽيم جي يارهن رانديگرن کي ڊاج ڏيئي گول ڪري ڏيکاريو هجي.
سنڌ اسٽارز جي ڪاميابيءَ جو سڀ کان وڏا راز ٽيم جي اجتماعيت ۾ هو. رانديگر هڪٻئي کي ننڍا ننڍا پاس ڏيئي اک ڇنڀ ۾ وڃي مخالف ٽيم جو گول تي ڪڙڪندا هئا.
پوءِ الاءِ ڇا ٿيو. ڪنهن کي ڪا خبر نه پيئي. ڪنهن چيو، سنڌ اسٽارز کي نظر لڳي ويئي. اُها ٽيم، جنهن بمبئي، مدراس، پونا، دهلي، ڪلڪته، ڪوئيٽا ۽ ڪابل ۾ هڪ به ميچ نه هارائي هئي، سنڌ ۾ ميچون هارائڻ لڳي. شڪستن جو سلسلو شروع ٿي ويو. سنڌ اسٽارز اول فائينل ميچن ۾ هارائڻ شروع ڪيو، پوءِ سيمي فائينل ميچن ۾، ۽ ڪوارٽر فائينل ميچن ۾، ۽ آخر ۾ اهڙو وقت آيو جو سنڌ اسٽارز ٽورنامينٽ جي پهرين رائونڊ ۾ هارائڻ شروع ڪيو. سنڌ اسٽارز جو عروج ۽ زوال اسان اکين سان ڏٺو.
ٽيم ساڳي ، رانديگر ساڳيا، سندن مينيجر سودائي ساڳيو، پر راند دوران سندن حڪمت عملي بدلجي ويئي. هر رانديگر اجتماعيت جي ايڪي مان ٻاهر نڪري فرد ٿي پيو. هو ٽيم لاءِ نه، بلڪه پنهنجي ناموس، نامياچار، شهرت ۽ نالي لاءِ کيڏڻ لڳو. هر رانديگر مخالف ٽيم جي رانديگرن کي گوهي ڏيئي اڪيلي سر گول ڪرڻ جي بيسود ڪوششن جو شڪار ٿي ويو.
زوال واري دور ۾ سنڌ اسٽارز جي ٽيم جڏهن ميدان ۾ لهندي هئي، تڏهن ٽيم بدران يارهن رُٺل رانديگرن جو ٽولو لڳندي هئي جنهن ۾ هر رانديگر جو منهن هڪ ٻئي کان ابتڙ رخ ۾ هوندو هو. ڪو رانديگر ٻئي رانديگر کي پاس نه ڏيندو هو. پاس ڏيڻ بدران پاڻ بال ڪاهي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ۽ نتيجي طور مخالف ٽيم يارهن رانديگرن جي اجتماعي، گڏيل حڪمتِ عمليءَ آڏو بيوس ٿي ٿاٻا کائيندو هو.
ٻين ٽيمن سنڌ اسٽارز جي بد نظمي، انتشار، انفراديت ۽ خودسنائيءَ جو پورو پورو فائدو کنيو. ٻين ٽيمن جا رانديگر سنڌ اسٽارز جي رانديگرن جي مقابلي ۾ سُپر اسٽارز نه هئا. پر، هنن ۾ ڊسيپلين هو. سنڌ اسٽارز لاءِ ڊسيپلين جو لفظ بيمعنيٰ ٿي پيو هو.
تاريخ گواهه آهي ته بد نظمي ۽ اندروني انتشار سبب سنڌ اسٽارز جي ٽيم شڪستن جي ذلت ۾ گم ٿي ويئي؛ اهڙي نموني گم ٿي ويئي جو وري ڪنهن سنڌ اسٽارز جو نالو نه ٻڌو.
اوهان ڪڏهن سنڌ اسٽارز جو نالو ٻڌو آهي؟ ■