ٽيڏي اک سان مشاهدو
اسلام آباد جا ڇهه صحافي سڳورا سنڌ سرڪار جي دعوت تي گهمي ڦري، دعوتون کائي، ۽ سنڌين جي مهمانوازيءَ جا جلوا ڏسي موٽي آيا، ۽ اڄ ڪلهه پنهنجين پنهنجين اخبارن ۾ تاثرات لکي رهيا آهن. سندن تاثرات جيئن ته اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿي رهيا آهن، تنهنڪري سنڌ سرڪار جي نظر مان ضرور نڪتا هوندا. سندن تاثرات ۽ مشاهدا مضبوط مرڪزي سرڪار جي نظر مان به نڪتا هوندا. قومي اخبارن ۾ لکڻ وڏي ڳالهه آهي! سموري پاڪستان جا ايوان لوڏي ۾ اچي ويندا آهن. غير قومي اخبارن، ( جن کي عرف عام ۾ علائقائي اخبارون سڏيو ويندو آهي ) ، ۾ جک مارڻ برابر آهي. نه پيڪن کي پرواهه، ۽ نه ساهرن کي سار! ڪير ٿو پڙهي، ۽ ڪير ٿو اهميت ڏئي سنڌي اخبارن کي، ۽ سنڌي صحافين ۽ سنڌي ليکڪن کي! قومي اخبارن ۾ سنڌ سرڪار مدعوصحافين جا تاثرات ۽ مشاهدا وڏي غور سان اسلام آباد ۽ لاهور ۾ پڙهيا ۽ غور هيٺ آندا پيا وڃن.
مسلم اخبار جي صحافيءَ پنهنجن مشاهدن ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته سنڌ ۾ مون ڪنهن به سنڌيءَ جي گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل نه ڏٺو.
مان مشاهدو پڙهي اچرج ۾ پئجي ويس. آفيس پهتس ته اِن ڳالهه تي سڙٻاٽن ۾ تبصرا هلي رهيا هئا. ان ڏينهن جتي به ويس، فقط هڪ ئي موضوع بحث هيٺ پئي آيو: سنڌين جي گهرن تي قومي جهنڊو نظر نه آيو!
مان اسلام آباد جي سيڪٽرن ۾ ڪاهي پيس. اقتدار وارن جي سيڪٽر اي (E) کان وٺي ڦٽيچرن جي سيڪٽر آئي (I) تائين هڪ هڪ گهر ٻاهران گهٽين ۾ رلندو رهيس. مون کي ڪٿي به ڪنهن جي گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل نظر نه آيو- ڪٿي به نه؛ ڪنهن هڪ گهر تي به نه! قومي اخبارن جي صحافين جي ڳالهه غلط ٿيڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هو جيڪي لکندا آهن، سچ لکندا آهن، ۽ سچ کانسواءِ ڪجهه نه لکندا آهن، تنهنڪري سوچيم، سموري اسلام آباد جي سمورن سيڪٽرن تي سنڌين قبضو ڪري ورتو آهي! هر طرف سنڌين جو راڄ آهي. اسلام آباد ۾ ڪٿي به، ڪنهن به گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل نه آهي.
مون لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ دوستن سان رابطو ڪيو، چيومانِ. ته بابلا، درين مان ڪنڌ ڪڍي ڏسو ته ڪٿي، ڪنهن گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل آهي؟ غور سان ڏسجو- مشاهدي جي ڳالهه آهي- ڪا ڪوتاهي نه ڪجو- سمجهو ته ان حيرت انگيز مشاهدي سان غدارن جي نشاندهي ٿي رهي آهي.
ڪجهه دير کانپوءِ خبر پيئي ته لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪنهن به گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل نه آهي! ٽنهي شهرن ۾ به مون دوستن کي چيو: خبردار ٿيو- توهان جي شهرن تي سنڌين قبضو ڪري ورتو آهي.
پڇيائون: ڪيئن؟
وراڻيم: گهرن تي پاڪستان جا جهنڊا لڳل جو نه آهن. قومن جي زندگي ۾ ويهن سالن جو عرصو ڪو ايڏو وڏو عرصو نه ٿيندو آهي، مشرقي پاڪستان جي باري ۾ قومي اخبارن بلڪل اهڙي نموني، ان ئي قسم جون خبرون، ۽ مشاهدا شايع ڪرڻ جو قسم کنيو هو. ڏاڍيءَ ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجو قسم پورو ڪيائون. بنگالين کي توائي ڪري ڇڏيائون ۽ نيٺ بنگلاديش ٺهرائي سک جو ساهه کنيائون ۽ شڪراني جا ٻه نفل پڙهيائون. ويهن سالن کان پوءِ، 1990 ۾ ڏاڍيءَ سچائي سان رپيٽ پرفارمنس ٿي رهيو آهي، ۽ سو به سلو موشن ۾!
اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ جي باري ۾ مضمون لکڻ وارن کي سنڌ جي جاڳرتا جي باري ۾ ايتري خبر ته هئڻ گهرجي، ته اِن جاڳرتا ۾ سنڌ جي سياستدانن جو ٽڪي جيترو به حصو ناهي. اِن جاڳرتا جا اڳواڻ ۽ سرواڻ سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور آهن، جن 1954 ۾ ون يونٽ خلاف جدوجهد سان ان جاڳرتا جو آغا ڪيو، ۽ 35 سال 1991 ۾ گذري وڃڻ کانپوءِ به ظلم، تشدد، ناانصافين ۽ ڪلاشنڪوف خلاف قلم سان جنگ جوٽي رهيا آهن.
وڏيرن جي ايئرڪنڊيشن اوطاقن ۾ وڏيرن جا طعام ۽ ڪڪڙ کائي سنڌ جي سياست مٿاڇرو تبصرو ڪرڻ سان اسلام آباد جي صحافين کي ايترو ئي هڙ حاصل ٿيڻو هو، جيترو هنن پنهنجن مشاهدن ۾ لکيو آهي!
سنڌ جي سياست ۽ جاڳرتا جي باري ۾ ڪا به گفتگو، ڪو به بحث مڪمل نه سمجهيو جيستائين توهان شيخ اياز، ابراهيم جويي، جمال، سراج، طارق اشرف، غلام نبي مغل، عبدالقادر جوڻيجي، نور الدين سرڪي، نورالهديٰ شاهه، آڪاش انصاري، امداد حسيني، مدد علي سنڌي، فقير، نجم عباسي، نياز، انور، فتاح، نديم، طارق عالم، قمر شهباز ۽ آتش فشان جهڙن نوجوان اديبن جي نئين نسل سان نه ڳالهايو آهي. انهن سان ڳالهايو سرڪار، جن سنڌ جي سوچ ۾ ساهه وڌو آهي.■
1991