جهونن جو جهان
خبر ملي آهي ته مرعاتن جي اصلي مسودي ۾ اسان جي ڪفن دفن جو ڪم سرڪار پنهنجي ذمي ڪيو هو. پر، هڪڙي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي مداخلت سبب سرڪار اسان جي ڪفن دفن مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. جوائنٽ سيڪريٽريءَ اهو چئي سرڪار کان اسان جي ڪفن دفن تان هٿ کڻايو ته سائنسدانن، انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن سان گڏ وڏي تعداد ۾ گورڪن مُلڪ مان لڏي ويا آهن. کين آمريڪا، ڪينيڊا، ۽ آسٽريليا ۾ قبرن کوٽڻ جو ڪم وڏي اجرت تي ملي ويو آهي. پاڪستان ۾ ماڻهن کي هڪ ٻئي لاءِ ( خاص ڪري سنڌ ۾ ) قبرون کوٽڻ کان فرصت ناهي. تنهنڪري پوڙهن جي ڪفن دفن ۾ هٿ نه وجهو. کين بي گورو ڪفن مرڻ ڏيو، ۽ باقي ڪم ڳجهن تي ڇڏي ڏيو. هونءَ به گورڪنن کي پگهارڏيڻ لاءِ سرڪار وٽ ٽڪو به ناهي.
قابل جوائنٽ سيڪريٽريءَ سرڪار کي صلاح ڏيندي اهو به چيو ته سرڪار جيڪڏهن پوڙهن جي ڪفن ۽ دفن ۾ هٿ وڌو ته سڀُ کان اڳ سرڪار کي پوڙهن جي پٽن ۽ پوٽن جي ڪفن جو بندوبست ڪرڻو پوندو، جيڪي بيروزگاريءَ ۽ بک سبب روزانو آپگهات ڪري رهيا آهن. سرڪار کين روزگار ته ڏيئي نه سگهي آهي، سندن ڪفن دفن جو بندوبست ڪٿان ڪندي! ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻڏل آهي. تنهنڪري، ڪفن دفن جي ڪم ۾ هٿ نه وجهو. انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جو فڪر ڪريو. ٽيڪنالاجيءَ کي روڪي نه ٿو سگهجي، ڇو ته ٽيڪنالاجي ٻين جي وس ۾ آهي. باقي انفرميشن اسان جي وس ۾ آهي، جنهن کي روڪي سگهجي ٿو. بلڪه انفرميشن جو ساهه نيپوڙي سگهجي ٿو.
اسان پوڙهن في الحال مرڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان وڏي تعداد ۾ هيءُ ملڪ ۽ هيءُ دنيا ڇڏي وڃي رهيا آهن. اسان به مري وينداسين ته پوءِ قطارن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي ووٽ ڪير ڏيندو! ۽ جمهوريت ڪيئن ايندي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته حاڪم ويچارا ڪنهن تي حڪومت ڪندا، ۽ ڪنهن تي حڪم هلائيندا! هر ملڪ لاءِ هڪ حڪومت هوندي آهي. حڪومت لاءِ ٻه عنصر لازمي آهن. هڪڙا حاڪم، ۽ ٻيا محڪوم. اسين پوڙها جيئرو رهنداسين، ۽ جمهوريت کي موٽائي وٺي اچڻ ۾ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪنداسين.
ٻن سالن ۾ ٻن حڪومتن پاران اسان جي جهونن لاءِ مرعاتن جا ٻه اعلان ٻڌي اسين پوڙها، ٺوڙها، ۽ ڪجهه ٻوڙا ڏاڍو خوش ٿياسين. هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملياسين. هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون سين. مٺائين جا دونا ورهاياسين. جان محمد جن مون کي کائڻ لاءِ لڏون ڏنو. لڏون وات تائين آڻي مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس. جان محمد جن چيو، “ ماستر، سوچين ڇا پيو، کائي ڇڏي لڏون آهي. بم ناهي.”
چيم، “ يار، مون کي مٺن پيشابن جو مرض آهي.”
هڪدم چيائين، “ تنهنجي وجود جي ڪنهن به شيءِ جي مٺي ٿيڻ جو امڪان ناهي. ياد اٿئي، هڪدفعي وڇونءَ توکي ڏنگ هنيو هو، پر توکي ڪجهه نه ٿيوهو، ۽ وڇون مري ويو هو! سوچ نه. لڏون کائي ڇڏ.” چيم، “ ڊپ ٿو ٿئي.”
چيائين، “ ماستر، ورهين کان تو پينشن لاءِ ڌڪا کاڌا آهن، ٿاٻا کاڌا آهن. تعليم کاتي جي ڪلارڪن ۽ پٽيوالن کان وٺي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن تائين سڀني جا دڙڪا کاڌا آهن، پر تڏهن به تون جيئرو آهين. لڏون کائي ڇڏ. نه مرندين.”
مون لڏون کائي ڇڏيو.
جيئند درزيءَ اڌ ڊزن لڏون کائي ڇڏيا. سُٿڻ سان هٿ اگهي اٿي بيٺو. چيائين، “ داخلا في اسان تان معاف ڪري ڇڏي اٿائون. مان وڃان ٿو سرڪاري باغيچن ۾ ڀولا ڏسڻ.”
جان محمد جن چيو، “ ڪمزور آهين. اجايو پنڌ ڇو ٿو ڪرين. اسان سڀني کي ڏسي ڇڏ. اسين ڀولن کان گهٽ آهيون ڇا!”
مون جان محمد جن کي چيو، “ تون نه سڌرندين.”
هڪدم وراڻيايائين، “ سڌرڻ لاءِ باقي ڇا وڃي بچيو آهي؟”
جان محمد جن جهڙو ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ هو، تهڙو ٻڍاپي ۾ آهي. اصل نه سڌريو آهي. اهڙي جو اهڙو آهي. جوانيءَ ۾ دوستن کي لکي در وٽ ملڻ جو سڏ ڏيئيءَ پاڻ وڃي هاٿي در وٽ بيهندو هو. رٽائر ٿيو ته اسٽاف کان فيئر ويل پارٽي نه ورتائين. پينشن ملڻ ۾ پنج سال لڳس، پر اعليٰ عملدارن کي منٿ ميڙ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن آفيس نه ويو. فقط اخبارن ۾ خط لکندو هو. پنجن سالن کان پوءِ پينشن مليس ته اسٽاف کي پاڻ فيئر ويل پارٽي ڏنائين. پنهنجي تقرير ۾ چيائين، اڄ اوهان سڀني کان مون پنهنجي جند ڇڏائي آهي.
چاريئي پٽ پڙهي ڪڙهي وڏا ٿيس. نوڪرين سان لڳا. شاديون ڪيائون. وڃي پنهنجو پنهنجو گهر وسايائون. جان محمد جن کي اڪيلو ڇڏي ڏنائون. جان محمد جن اوڙي پاڙي ۾ مٺائي ورهائي. ايندي ويندي کي چيائين: مون پنهنجو فرض پورو ڪيو. هنن پنهنجو فرض پورو ڪيو.
جان محمد جن اڪيلو رهندو آهي. بيمار ٿيندو آهي ته خيراتي اسپتال جي وارڊ وڃي داخل ٿيندو آهي. چپ چپ رهندو آهي. پر، اسان دوستن سان ملندو آهي ته ڏاڍي بڪ ڪندو آهي. مان سمجهان ٿو. بيرحم حالتن خلاف اِهو جان محمد جن جو احتجاج آهي. پوڙهن لاءِ حيرت انگيز مرعاتن جي خبر ٻڌي جان محمد جن چيو، “ يار، سرڪار سڳوريءَ اسان جهونن لاءِ ڀاڙا اڌ ڪري ڇڏيا آهن. مريد علي مسافر ڪٿي آهي؟ کيس مدهو بالا سان ملڻ جو جنون هو. هلو ته کيس اڌ ٽڪيٽ ۾ بمبئي روانو ڪري اچون. جوانيءَ ۾ مدهو بالا سان ملي نه سگهيو، گهٽ ۾ گهٽ سندس قبر تي گلن جي چادر ته چاڙهي اچي. ڪا هڪ حسرت ته پوري ٿئيس.”
اسين سڀئي جهوني شاعر مريد علي مسافر جي ڀڳل ٽٽل گهر ۾ داخل ٿياسين. خبر پيئي ته بيمار هو. واڻ جي ڇڳل کٽ تي پيو هو. جان محمد جن کيس چيو، “ مسافر، مدهو بالا جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهڻ لاءِ اسان توکي اڌ ڀاڙي ۾ بمبئي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اٿي، سفر جي تياري ڪر.”
مسافر اڌ کليل اکين سان اسان ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، “ مون بنا ٽڪيٽ سفر جي تياري ڪري ڇڏي آهي. هليو ويندس. اتي پهچي پنهنجين اکين سان مدهو بالا کي ڏسندس.” مسافر اکيون بند ڪري ڇڏيون.■