تنهنجو منهنجو مُلهه
اسين، يعني مان ۽ منهنجو ڀاءُ چينو اهڙيئي هڪ عبرتناڪ پاڙي ۾ رهندا آهيون. ۽، سال ۾ هڪ دفعو دهشتناڪ تجربي مان گذرندا آهيون.
ننڊ نه مونکي پئي آئي، ۽ نه چيني کي. ٻئي جاڳياسين پئي. پڌر ۾ ليٽيل هئاسين. مون اکيون اُڀ ۾ اٽڪائي ڇڏيون هيون، ۽ چيني طلسم هو شربا پڙهيو پئي، ۽ ذري گھٽ هوش مان نڪتو پئي ويو.
چيني چيو، “ادا، اڄڪلهه وارين اخبارن مان جيڪڏهن ڌاڙن، خونن، ۽ دهشتگردين ۽ دهشتگرديءَ جي واردات کان پوءِ ريوڙين ورهائڻ جون خبرون هڪ جاءِ ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪجن ته طلسم هوشربا کان وڌيڪ هوش گم ڪندڙ ڪتاب تيار ٿي پوي!”
وراڻيم، “توکي نوڪري ٻوڪري ته ملڻي ناهي. تون وڏو ٿي اِهوڪم ڪجانءِ.”
چيني پڇيو، “ادا، جيل ٻاهران بيٺل وَلو پوليس واري کي به ته دهشتگردن گولي هڻي ماريو هو نه؟”
آسمان جي وسعتن مان اکيون ڪڍي چيني ڏانهن ڏٺم. چيم، “ مون کي خبر آهي ته اِن کان پوءِ تون ڪهڙو سوال پڇندين.”
حيران ٿيندي پڇيائين، “توکي ڪيئن خبر پئي ته مان ڪهڙو سوال پڇندس؟”
وراڻيم، “تون ۽ مان ڪنڀر جي گاري ۾ وساريل مٽيءَ مان ٺاهيل ماڻهو آهيون. اسان ٻنهي جي ڪل ٿڙيل آهي.”
چيني کي ڄڻ منهنجي ڳالهه تي يقين نه آيو. چيائين، “چڱو ڀلا ٻڌاءِ ته منهنجو اڳيون سوال ڪهڙو آهي!”
چيم،“ڪا شرط ته رک. اڄ ڪلهه ماڻهو ثواب به انعام جي لالچ کان سواءِ نه ڪمائيندا آهن.”
پڇيائين، “ڏهين رپئي واري ريفل ٽڪيٽ ورتي اٿئي ڇا؟”
وراڻيم، “ هڪ ٽڪيٽ ورتي اٿم.”
پڇيائين، “ڪيتري انعام جي لالچ ۾؟”
چيم، “ويهه لک.”
چينو اُٿي ويهي رهيو. چيائين، “ريفل وارن جو حساب آهي جوئا وانگر چانس تي. تون هيئن ڪر- دهشتگردن هٿان گوليون کائي مري وڃ. توکي هڪدم سرڪار طرفان ويهه لک ملي ويندا.”
چيني چَوَڻ خاطر، جيڪي وات ۾ آيس چئي ڇڏيو؛ پر، جملو ڳالهائڻ کان پوءِ ڄڻ سراپجي ويو. پنڊ پهڻ ٿي ويو. ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ، اوچتو، ٽپ ڏيئي مونسان اچي چنبڙيو. مشڪل سان ڇهن ستن سالن جو آهي. منهنجو روح آهي. ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ پيارو آهي. مون کي منهن تي چميون ڏيئي روئي پيو.
“اڙي چرٻٽ!”چيم، “ ڇا ٿيو؟ روئين ڇو پيو؟”
مون کيس ڳراٽڙي پاتي.
چيائين، “مون ائين ڇو چيو، ڇو چيو.”
“پوءِ ڇا ٿيو جيڪڏهن کڻي چيئي به.” کيس پيار ڪندي چيم،“ مونکي پنهنجي ملهه جي خبر آهي چينا. جيڪڏهن دهشتگردن هٿان مارجي پيس ته سرڪار کان وڌ ۾ وڌ ڏهه رپيا لهڻيندس. اِهو معاشري ۾ منهنجو مُلهه آهي- معاوضو آهي.”
چيني پڇيو، “۽ جيل ٻاهران بيٺل وَلو پوليس واري جو مُلهه ڪيترو آهي جيڪو دهشتگردن هٿان مارجي ويو آهي؟”
“ڪجهه يقين سان چئي نٿو سگھجي چينا.” چيم، “اڄ ڪلهه ڀاڄين ۽ کاڄين جي قيمت وڃي ساڳي بيٺي آهي. وڻي وَڃيُنِ ته هڪ ڪروڙ رپيا ڏيئي ڇڏيندس- ور نه سندس بيوه کي هڪ ٻلو، هڪ سند ، پنج سئو رپين جو چيڪ ۽ سندس پنجن سالن جي پٽ کي ڪانسٽيبل ڪرڻ جو واعدو- رهي نام الله ڪا!”
اُن وقت درکڙڪيو-هيڪر، ٻيهر.
چيني ڊوڙ پائي کولڻ لاءِ در جي ڪَڙي ۾ وڃي هٿ وڌو.
وڏي واڪ چيم، “ڏسجانءِ چينا - متان دهشتگرد يا ڌاڙيل نه هجن.”
چيني وراڻيو، “ ڪو به دهشتگرد اسان تي پنهنجي قيمتي گولي ضايع نه ڪندو، ۽ ڪو به ڌاڙيل اسان کي ڀُنگ لاءِ نه کڻندو. غلطيءَ وچان جيڪڏهن کڻي ويو، ته پوءِ پيسا ڏئي موٽائيندو ۽ آئينده لاءِ توبه ڪندو.”
چيني در کولي ڇڏيو.
هڪ بدحواس شخص اندر هليو آيو، ۽ هٿ ٻڌي ليلائڻ لڳو، “خدا جي واسطي مون کي پناهه ڏيو- مون کي لڪايو. هو مونکي ماري ڇڏيندا.”
چيني در بند ڪري ڇڏيو.
هو احسانمند نظرن سان اسان ڏانهن ڏسڻ لڳو.■
1991