سنڌو بقا، مان فنا آهيان
ڀڳل ڪِشتو هٿ ۾، ۽ سِينَ چپن تي:
مان گدلو، مان ميرو،
مون کي اَڇو اُجرو ڪر.
مان بدبوءَ جو ڀنڊار،
مون کي خوشبوءِ هاڻو ڪر.
مان ناستڪ ۽ نرڳي،
مون کي سُرڳ سوايو ڪر.
مان ڀُليل ۽ ڀٽڪيل،
مون کي ماڳ برابر ڪر.
مان انڌو ۽ آڻ ڄاڻ،
مونکي ديد دلارو ڪر.
مان آندر جو ابليس،
منهنجي پاڪ پليدي ڪر.
مان ٻيائيءَ جو ٻٻر،
مون کي ڇانوَ ڇانورو ڪر.
مان برپٽ بيابان،
مون کي سائو ستابو ڪر.
مون کي انڊلٺ جو ارمان،
مون کي بوند بره جي ڪر.
منهنجو حال حبيبان هيڻو،
مون کي پيش پريان جي ڪر.
ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي ٽي راتيون اهڙي نموني گذريون جو رات جو ٽين لڳي جڏهن هنڌ تي وڃي ليٽندو هوس، تڏهن دُعائن جو ڪشتو ڀاڪر ۾ ڀري سمهي پوندو هوس. ننڊ نيڻن کي ايندي هئي، اندر کي نه. وجود جاڳندو رهندو هو. ساهه سان سودائن جو سلسلو هلندو رهندو هو.
هڪ دفعي اسر ويل اُٿي ويهي رهيس. روح اُتاولو هو. مان سمجهان ٿو، مون وڏي واڪ ڀٽ ڌڻيءَ سان ڳالهايو هو:
تنهنجي گيان کي مون ڌيان سان ساهن ۾ سانڍيو آهي. مان تنهنجي هڪ بيت جي تشريح ٿي پيو آهيان- ڳوليان ڳوليان، مَ لهان، شال مَ ملان هوت. دَزَ وانگر گم ٿي وياسين- جدا ٿي وياسين. فڪر جي فرحيءَ تي تقدير جي ڪاتب کان نه لکرايوسين، پاڻ پنهنجي هٿن سان لکيوسين - شال مَ ملان هوت، شال مَ ملان هوت.
عبادتگاهن جي در تي تالا ڏٺاسين- ۽ پوءِ توکان ٻڌوسين: اندر آئينو ڪري پرين سو پسِج- اندر آئينو ڪري پرين سو پسِج.
۽ پوءِ، اندر جي آئيني ۾ پرينءَ کي پسيوسين، ۽ ٻيا عڪس ٽوڙي ڇڏياسين. هينئر مان پوڙهو ٿي ويو آهيان. هڪ دفعي مون سنڌوءَ کي چيو هو: شال مَ ملان هوت پل صراط آهي، ۽ اندر جي آئيني ۾ پرينءَ کي ڏسي زندگي گذاري ڇڏڻ محبت جي معراج آهي. مان مرڻ کان اڳ هڪ دفعو توسان ضرور ملندس- ڀٽ ڌڻيءَ جي گيان جو ڪجهه دير لاءِ لا حاصل گهڙيءَ ۾ منڪر ٿيندس ۽ پوءِ هميشه لاءِ هليو ويندس. توکي پنهنجي وجود کان ٻاهر ڏسان؛ هو چَوَن، مان نه چوان، پر دل جي ڳالهه ڪريان.
مون ڀڳل ڪشڪول ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه ڏانهن وڌائيندي چيو هو: سنڌو بقا، مان فنا آهيان. هوءَ عروج، مان زوال آهيان. هوءَ فلڪ، مان فرش آهيان. ڀٽ ڌڻيءَ، مون کي ڪجهه گھڙين جي ڀڪشا ڏي- مان لمحن جي لوڙاٽ ۾، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کان ٻاهر کيس ڏسان، ۽ يقين جي تجديد ڪريان ته هوءَ موسمن ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ مان يادن جو کنڊر آهيان۔■