ڪھاڻيون

سنڌو بقا مان فنا آهيان

ڪتاب ”سنڌو بقا، مان فنا آهيان“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن، ڪهاڻين ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي.
امر جليل لکي ٿو :
”مون ڀڳل ڪشڪول ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه ڏانهن وڌائيندي چيو هو: سنڌو بقا، مان فنا آهيان. هوءَ عروج، مان زوال آهيان. هوءَ فلڪ، مان فرش آهيان. ڀٽ ڌڻيءَ، مون کي ڪجهه گھڙين جي ڀڪشا ڏي- مان لمحن جي لوڙاٽ ۾، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کان ٻاهر کيس ڏسان، ۽ يقين جي تجديد ڪريان ته هوءَ موسمن ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ مان يادن جو کنڊر آهيان۔“

  • 4.5/5.0
  • 4070
  • 1859
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindhu Baqa maan Fana Ahyan

نئين سال جو پراڻو سج

يارن دوستن پراڻي سال جي آخري رات ۽ نئين سال جي پهرين رات جاڳندي ۽ هُل هنگامه ڪندي گذاري ڇڏي هئي. نئين سال جي اچڻ تي ڏاڍا خوش هئا. خوب موج ماڻي هئائون. مون کي اڄ تائين خبر پئجي نه سگهي آهي ته نئون سال اڌ رات جو، ٻارهين وڳي کان پوءِ ڇو ايندو آهي! ڏينهن جو، صبح جي ڏهين لڳي، پوڻين يارهين لڳي، شام جو پنجين لڳي ڇو نه ايندو آهي! ساڍي ڇهين لڳي ڇو نه ايندو آهي! فقط اڌ رات جو چورن وانگر ڇو ايندو آهي! ڪٿي ائين ته ناهي، نئون سال زندگيءَ جون ساعتون چورائڻ ايندو آهي! ڪٿي ائين ته ناهي، هر نئون سال انسان جي انت ڏانهن سفر کي اڳتي ڌڪيندو آهي! مون کي ڪا خبر ڪونهي. مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته هر نئون سال ڪنهن چور وانگر اڌ رات ڌاري ايندو آهي، ۽ پوءِ ٽي سئو پنجهٺ راتين جا اوجاڳا ڏسي، ايندڙ سال جو کاڄ ٿي ويندو آهي.
دوستن جا هُل هنگامه ڏسي چيم، مان قنوطي آهيان، يا دقيا نوسي قسم جو ڪو مدي خارج، خرچ ٿيل هڪ شخص آهيان، ۽ ڍَڪَ لٿل ڪنهن گٽر ۾ ڪري پيو آهيان. مون گٽر مان ڪنڌ ڪڍي نئين سال لاءِ واجهايو آهي.
آسمان تي صدين کان ٻرندڙ سج پراڻو آهي. اونداهو روشن چنڊ پراڻو آهي. تارا، ڪتيون، ۽ ٽيڙو پراڻا آهن. پر، چون ٿا ته نئون سال آيو آهي!
نئين سال جو نئون سج ڪٿي آهي! نئين سال جوچنڊ ڪٿي آهي! نئين سال جا تارا ڪٿي آهن! آسمان تي اُڏامندڙ، رقص ڪندڙ ڪڪر ڪٿي آهن. هي ته پراڻي سال جا ڪڪر آهن - ٿڪل ٿڪل، ۽ ڪاٽيل لغڙ وانگر هوائن جا محتاج!
پر، دوست، سنگتي ساٿي چَوَن ٿا ته نئون سال آيو آهي. مون هميشه سنگتين ساٿين جي ڳالهه تي يقين ڪيو آهي. نئين بوٽ وانگر نئون سال به ذري گهٽ پوڻا ٻه مهينا پراڻو ٿي ويو آهي. پر، جنهن رات دوستن پراڻي سال کي الوداع ڪيو هو، ۽ نئين سال جو جوش سان آڌر ڀاءُ ڪيو هو، مون ٻاهر نڪري اوندهه ۾ اکيون کولي ڪجهه نئون ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر مون کي ڪجهه به نئون نظر نه آيو هو۔ ان ۾ سمورو ڏوهه منهنجي پراڻين نگاهن جو هو. پُراڻين اکين سان سڀ ڪجهه پراڻو نظر ايندو آهي- شايد.
وڻ پراڻا آهن- کاڄي ويا آهن. پراڻن وڻن جي کوکو ٿيل ٿُڙن ۾ طوطا ويهي رهيا آهن. موت جهڙي ڪنهن پراڻي وڻ جي کاڌل ٿُڙ ۾ هڪ چٻرو ويهي رهيو آهي. اڌ رات مهل، جڏهن يار پراڻي سال کي الوداع چوندا آهن، ۽ نئين سال کي ڀاڪر ۾ ڀريندا آهن، منهنجي پراڻي وجود جي ٿُڙ مان هڪ چٻرو ٻاهر نڪري سُڪل وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي رهندو آهي، ۽ اکيون ٻوٽي سوچ ۾ گم ٿي ويندو آهي.
ڪافي دير تائين سوچ ۾ گم رهڻ کانپوءِ، منهنجي وجود جي سُڪل ٿڙ مان ٻاهر نڪري ويل چٻرو ڪنڌ ڦيرائي پنهنجي ماحول جو جائزو وٺندو آهي. کيس سڀ ڪجهه پراڻو نظر ايندو آهي- عمارتون، رستا، وڻ، بجليءَ جي ٿنڀن سان ٻڌل هاءِ ٽينشن تارون، ٽريفڪ جو گوڙ ۽ گاڏين مان نڪرندڙ زهريلو دونهون! سڀ ڪجهه پراڻو آهي- چٻرو سوچيندو آهي.
هوائن ۾ پکڙجي ويل اکرن، علامتن ۽ لفظن جا معيوب ۽ معتوب جملا- سڀ پراڻا آهن.
رسمون ۽ رواج پراڻا آهن.
وڏيري جي چرچ تي بند ٿيل اسڪول پراڻا آهن.
پوليس مقابلي ۾ مري ويل هاري ۽ سندس ٻه جوان پٽ به پراڻا آهن.
پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيلن مدد علي جانوري، طارق اشرف چانڊيي ۽ امر جليل ماڇيءَ جي ڪهاڻي روزانو ورجائڻ جي باوجود پراڻي آهي.
مرڻ وارا، ۽ مارڻ وارا ساڳيا آهن.
ڦاهيون ڏيڻ وارا، ۽ ڦاهين تي چڙهڻ وارا ساڳيا آهن.
ڦٽڪا هڻڻ وارا، ۽ ڦٽڪا کائڻ وارا ساڳيا آهن.
انصاف ونڊڻ وارا، ۽ انصاف خاطر ڌڪا جهلڻ وارا ساڳيا.
منهنجي پراڻي وجود جي خالي ٿُڙ ۾ ويٺل چٻري کي، نئين سال جا پراڻا ٻه مهينا گذري وڃڻ باوجود ڪجهه به نئون نه لڳو آهي- ويندي عربستان جي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ بارود ۽ هٿيارن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي ڪهاڻي پراڻي آهي.■

1991