دل جو معاملو
حڪومت هلائڻ وارن جي سموري توجهه عوام جي صحت ۽ تعليم طرف هوندي آهي. ڪو به حاڪم جاهل ۽ بيمار قوم تي حڪومت ڪرڻ پسند نه ڪندو آهي. اِن جو اهو مطلب ناهي ته اَڻ پڙهيل ۽ عليل قوم محڪوم ٿيڻ جي قابل نه هوندي آهي. اٽلندو، جاهل ۽ بيمار قوم حاڪمن لاءِ سٺي رعايا ثابت ٿيندي آهي. شڪراني جا نفل پڙهندي نظر ايندي آهي. پر، عقل ۾ اڪابر، مدبر، ۽ ڏاڍا پڙهيل حڪمران هميشه صحتمند ۽ تعليم يافته قوم تي حڪومت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. پڙهيل ۽ صحتمند قوم ڪنهن به ملڪ لاءِ زبردست طاقت ثابت ٿيندي آهي. اهڙي ملڪ کي پوءِ بمن تي ڀروسو ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. حاڪمن کي خبر آهي ته سگريٽ ڇڪڻ ۾ ڪا خرابي ڪونهي. هنن پاڻ سگريٽن جا سوٽا هڻي ڏٺا آهن. اِهو ئي سبب آهي جو هر دور جي حاڪمن سگريٽن جي اشتهارن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي.
اوهين دل ۾ وسوسن کي جاءِ نه ڏيو. حڪومت کي سگريٽ ڇڪڻ ۾ ڪنهن به قسم جي خرابي نظر اچي ها ته بيٺي پير سگريٽن جي اشتهارن تي بندش وجهي ڇڏي ها. يقين ڪريو، سگريٽ ڇڪڻ ۾ ڪا به خرابي ڪونهي. مولا جو نالو کڻي سوٽو هڻو، ۽ هڪدم صحتياب ٿيو. جيپن کي جبل تان ڪرڻ کان روڪيو. ٻڏي مرندڙن کي بچايو. چپن ۾ سگريٽ جهلڻ جي دير آهي، سهڻيون ڇوڪريون اچي اوهان کي پاسو ڏينديون. چپن ۾ جهليل اوهان جي سگريٽ لائيٽر سان دکائينديون. اڄ کان پنجاهه - سٺ سال اڳ اسان جي ابن ڏاڏن کي سگريٽ جي خوبين جي باري ۾ ڪا خبر نه هئي. اجايو سگريٽ جي مخالفت ڪندا هئا. اڄ، اسان جا ابا ڏاڏا جيئرا هجن ها ته پنهنجين اکين سان سگريٽ جا ڪمال ڏسن ها. ساڳي طرح موجوده دور جا ابا ڏاڏا هيروئن جي طلسماتي اثر کان اَڻ واقف آهن. اجايو هيروئن ۽ هشيش جي مخالفت ڪري رهيا آهن. اڄ کان ڪجهه عرصو پوءِ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ جڏهن هيروئن ۽ هشيش جا دلربا اشتهار ايندا تڏهن کين پنهنجي غلطي جو احساس ٿيندو. حڪومت جي رويي مان اوهان کي پڪ ٿي ويئي هوندي ته سگريٽ ڇڪڻ ۾ ڪا به خرابي ڪونهي. سگريٽ جو ٻيو ڏاڪو هيروئن آهي.
سگريٽ ڇڪڻ سان نه دل گڙٻڙ ڪندي آهي، ۽ نه جيرا ۽ بڪيون گڙٻڙ ڪندا آهن. ڦڦڙ به ٺيڪ رهندا آهن، اکين جو نور به باقي رهندو آهي. ڪجهه به نه ٿيندو آهي. منهنجيءَ ڳالهه تي يقين نه اچيو ته مون سان اچي ملو. مونکي ڏسو. تمام پراڻي يگ جو واسي آهيان. مون تير ڪمان کي راڪيٽ ۽ راڪيٽ لانچرن ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو آهي. روزانه سٺ-ستر سگريٽ ڇڪيندو آهيان. شراب پيئندو آهيان، سو به ديسي، ٺرو. ڪباب کائيندو آهيان، پر تنهن هوندي به ڏنڊو مشٽنڊو آهيان. ڏندين ڏاند آهيان. مون کي ته ڪجهه نه ٿيو آهي. نه دل دغا ڪئي آهي ۽ نه دماغ ڌڪ ڪڍيو آهي.
نيڪو، اسان سڀني مردودن ۾ سچ پچ نيڪ آهي. بلڪه ڏاڍو نيڪ آهي. اسين دوست اڪثر سوچيندا آهيون نيڪو فرشتي بدران ماڻهو ڪيئن ٿي پيو آهي. شراب ۽ ڪباب ته پري جي ڳالهه آهي. نيڪو سگريٽ به نه ڇڪيندو آهي. پان به نه کائيندو آهي آهي. پر، نيڪو تڏهن به دل جو مريض آهي. نه کير مکڻ واپرائيندو آهي، ۽ نه ئي مال مٺائيون کائيندو آهي. اوٻاريل ڀاڄين تي گذارو ڪندو آهي. روزانو پنج ميل پنڌ ڪندو آهي. عمر مطابق ورزش ڪندو آهي. پر، ڪجهه ڪم نه آيو اٿس. دل جي پِڙُ ڪڍي بيهي رهي اٿس. هڪ ڌڪ هڻي ٻه ڌڪ ڇڏي ويندي اٿس. هر ويلي سان گڏ مُٺ گورين جي ڦڪي ڇڏيندو آهي.
هڪڙي ڏينهن نيڪوءَ جي ڊاڪٽر اسان مردودن کي سڏائي چيو هو، “ اوهان جو دوست اوچتو مري ويندو آهي. دل ڌڪ ڪڍندس، بيهي رهندس. سندس ذهن تي زبردست دٻاءُ آهي. اوهين کيس خوش رکڻ جي ڪوشش ڪريو.”
اسان نيڪوءَ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي پر پنهنجي هر ڪوشش ۾ ناڪام رهيا آهيون. مان سمجهان ٿو نيڪوءَ مان خوش رهڻ جي خواهش ختم ٿي ويئي آهي. معمولي قسم جا واقعا ۽ نظرانداز ڪري ڇڏڻ جهڙيون ڳالهيون کيس بيچين ڪري وجهنديون آهن. ننڊ آرام ڦٽي پوندو اٿس. پري نه ٿا وڃون. ويجهڙائيءَ جو معمولي واقعو آهي. اسان کلي، ٽهڪ ڏيئي ٽاري ڇڏيو هو. پر، نيڪو ائين ڪري نه سگهيو هو. اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته هڪڙي ملان هجري ۾ هڪ ٻار جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي هئي. ان ڳالهه کي ڏهه ٻارهن ڏينهن گذري ويا آهن. نيڪو اڄ تائين منهن مونن ۾ وجهي روئيندو رهندو آهي. ڪجهه مهينا اڳ مالي پريشانين کان مجبور ٿي هڪ رٽائرڊ پرائمري ماستر ريل گاڏي آڏو ليٽي آپگهات ڪري ڇڏيو هو. نيڪو اڄ تائين ريل جي پٽن تي اُن هنڌ، جتي ماستر آپگهار ڪيو هو، ڪجهه گل رکي، ڏيئو ٻاري ايندو آهي.
نيڪو ۽ نيڪوءَ جهڙن دل جي مريضن کي خوش رکڻ ڏاڍو ڏکيو بلڪه ناممڪن آهي. جنهن رات اغوا ٿيل جهاز مان لهڻ شرط جنرل پرويز مشرف ملڪ جون واڳون سنڀالي حاڪم ٿي پيو هو، تنهن رات نيڪوءَ پنهنجي منهن مٿي ۾ مٽي وجهي پاڻ کي ڀونڊا ڏنا هئا. پاڻ کي لپاٽون هنيون هئائين. آسمان ڏانهن هٿ کڻي چيو هئائين، “ پنجاهه سالن کان ساڳيو ڊارمو ڏسي ڏسي مان چريو ٿي پيو آهيان. مون کي اَڻ آرين جي ملڪ ۾ پيدا ڪرين ها ته تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿي پوي ها!”
هاڻي نيڪوءَ کي ڪير سمجهائي. اسين به پنجاهه سالن کان ساڳيو ڊرامو ۽ ڊرامي جو ڊراپ سين ڏسي رهيا آهيون. هري ويا آهيون. سگريٽون ڇڪيندا آهيون. شراب پيئندا آهيون. ڪباب کائيندا آهيون، ۽ اهڙن ڊرامن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندا آهيون. نيڪو نه ڇڪيندو آهي سگريٽ، نه پيئندو آهي شراب، ۽ نه کائيندو آهي ڪباب. تنهن هوندي به دل جو مريض آهي.■