جنگ
پر، ائين نه ٿيو. سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو. زميني جنگ شروع ٿيڻ جي ٻن ٽن ڏينهن اندر عراق وڙهڻ کان نابري واري ويٺو، ۽ ڪويت خالي ڪرڻ جو اعلان ڪري، سڄي دنيا پنهنجي حمايتن، دوستن ۽ گهڻ گهرن کي ششدر ڪري ڇڏيو. ماڻهن ڏاڍي اچرج وچان عراق طرفان جنگ بنديءَ جو اعلان ٻڌو. عراق جا مشهور ريپبلڪن گارڊ ڪيڏانهن ويا! اصل ۾ هئا به، يا ڊرامو هو! چاليهن ڏينهن تائين دنيا جي تاريخ ۾ ڪهڙي باب جو اضافو ٿيندو رهيو آهي! صلاح الدين ايوبيءَ جي تصويرن سان گڏ جنهن شخص جون تصويرون شايع ٿيون هيون، تنهن شڪست قبول ڪرڻ بدران، عزت جو موت ڇو نه قبول ڪيو! پنهنجي بنڪر مان ٻاهر اچي، وڙهندي موت ڇو نه ماڻيائين!
سپر پاور ٽئين دنيا سان ڪهڙي ويسا گهاتي ڪئي آهي؟
مون مختلف زاوين سان نار جي جنگ ڏانهن ڏٺو آهي. هتي، جيڪي لکيو رهيو آهيان، منهنجو انومان آهي- سوچ جي ڇڙواڳ پرواز آهي، جنهن جو سائنسي تجزيي سان ڪو به واسطو نه آهي.
جنگي ڊارمي جوهڪ رخ:
ايران خلاف جنگ ۾ آمريڪا ڀرپور نموني عراق جي مدد ڪئي هئي. جيڪي به ڪيميائي هٿيار عراق ڏاڍي بيدرديءَ سان ايران جي عوام خلاف استعمال ڪيا هئا، سي عراق کي آمريڪا ڏنا هئا. اٺن نَوَن سالن جي جنگ ۾ آمريڪا دل کولي عراق جي مدد ڪئي هئي. کيس هٿيار، بارود، ٽينڪون، هوائي جهاز، پاڻيءَ جا جهاز، ۽ جنگي حڪمت عمليءَ جي سکيا ڏني هئي. ٻين لفظن ۾، عراق هر لحاظ کان پاڻ کي آمريڪا جو اعتبار جوڳو پوئلڳ ثابت ڪيو هو.
آمريڪا جي طويل عرصي کان عربن جي تيل تي اک هئي، ۽ اک آهي. اتفاق سان سمورا عرب ملڪ آمريڪا جا حمايتي آهن. اهڙي صورتِ حال ۾ ڪنهن دوست ملڪ ۾ ڪاهي پوڻ ۽ سندس اقتصادي وسيلن تي قبضو ڪرڻ آمريڪا لاءِ ڏکيو ڪم ٿي پيو هو. سموري دنيا جو اوتار ٿيڻ جا خواب ڏسڻ وارو آمريڪا ڪنهن دوست ملڪ تي حملو ڪري پنهنجي نام نهاد ساک کي ڌڪ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هو. عربن تي ڪاهي اچڻ لاءِ کيس ڪنهن سبب يا بهاني جي گهرج هئي.
سبب پيدا ڪرڻ لاءِ عراق، ڊرامي جي پهرين ڪڙيءَ ۾ پنهنجو ڪردار پورو ڪرڻ لاءِ ڪويت تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي نموني عراق نهايت سچائيءَ سان نَوَن سالن تائين آمريڪي امداد قبول ڪرڻ جو حق ادا ڪيو. دنيا ۾ واءُ ويلا مچي ويئي. آمريڪا، اقوام متحده تي زور وڌو، ۽ عراق کي ڪويت مان فوجون ڪڍڻ لاءِ چيو. ڊرامي جي سينيريو (منظر نامي ) مطابق عراق انڪار ڪيو. آمريڪا، بنا وقت وڃائڻ جي عربستان ۾ فوجون ڪاهي آيو- بظاهر دوست ۽ نجات ڏياريندڙ جي حيثيت ۾. ورهين جي سندس سَڌَ پوري ٿي. فوجن سان گڏ جديد ترين هٿيار، هوائي ۽ بحري جهاز، ٽينڪون، توپون، ميزائيلون کڻي آيا. سندن جنگ ڄڻ عراق سان نه بلڪه روس سان هئي. پوءِ، ڏسندي ئي ڏسندي پاڻ سان اڻٽيهه يورپي ملڪ ملائي ورتائين. اتحادي فوجن جي طاقت ڏسي ائين لڳو، اتحادي ڄڻ روس کان ڏهوڻي طاقت واري ڪنهن ملڪ خلاف جنگ جوٽڻ جا جتن ڪري آيا هئا.
سڄي دنيا منٿ ميڙ تي، ته بابلا ايڏي وڏي فوجي طاقت سان وچڙڻ بدران ماٺڙي ڪري ڪويت خالي ڪر- اجايو ضد نه ڪر!
پر، ڊرامي جي منظر نامي مطابق عراق کي ڪويت مان پنهنجيون فوجون نه ڪڍڻيون هيون. ڊرامي جي منظر نامي مطابق وڏي پيماني تي تباهي مچائي، ۽ پوءِ ٺاهه ٺوهه، ۽ اقتصادي ۽ سياسي بحاليءَ جي بهاني آمريڪا لاءِ عربستان ۾ رهي پوڻ جو ميدان هموار ڪرڻو هو. تنهنڪري، عين منظرنامي مطابق جنگ لڳي، ۽ ختم ٿي ويئي. هينئر، سياسي ۽ اقتصادي بحاليءَ لاءِ آمريڪا کي عربستان ۾ رهڻو آهي. اهڙي طرح عربن جي تيل تي قبضو ڪرڻ واري خواب جي تعبير، پهرين مرحلي ۾ آمريڪا کي اهڙي نموني ملي آهي.
هينئر، آمريڪا جو عربستان مان نڪرڻ محال آهي- ناممڪن آهي.
ايندڙ هفتي، انشا الله، اِن باري ۾، يعني نار واري جنگ جي ڊرامي بابت ٻئي منظر نامي تي ڳالهائبو. ڪٿي ائين ته ناهي، عربن جي اقتصادي وسيلن تي قبضو ڪرڻ کانسواءِ آمريڪا جا وچ مشرق ۾ ٻيا به ڪي مفاد آهن؟ ان باري ۾، ايندڙ هفتي خوب دل کولي ڪوڙ ڳالهائبو.■
1991